سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1992ع

مضمون --

صفحو :12

سيد النساء شاهه بخاري

سرتيون ڏيوم صلاح

گهرو خواتين کي ڪيترائي مسئلا آڏو هوندا آهن؛ هتي جيڪو مسئلو پيش ڪري رهيا آهيون، اُهو سنڌ جي ٻهراڙين ۾ عام جام آهي. ان ڏس ۾ سرتيون جي پڙهندڙ ڀينرن کي گذارش آهي ته: اُهي اهڙن مسئلن کي پني تي آڻين ۽ سرتيون لاءِ موڪلين.

-ادارو

هتي جون عورتون، خاص ڪري اسان جي آسپاس جي ڳوٺن جون عورتون پنهنجي ٻارن کي شراب جهڙي نشي ۾ مبتلا ڪري رهيون آهن. توهين سوچينديون ته هڪ ماءُ پنهنجي ٻار کي شراب جهڙي لعنت ۾ ڪيئن ٿي مبتلا ڪري سگهي؟ پر اهو سچ آهي. ڪجهه ڳوٺاڻيون مايون ٻارڙن کي نشي جي دوا جي هير وجهي رهيون آهن ۽ ورندي اها ڏينديون ته ٿڌ زڪام لاءِ مناسب آهي ۽ ٻار رات جو سڪون جي ننڊ ڪندو آهي- اها آهي شراب جي باري ۾ راءِ! ۽ ٻيون ننڊ آڻيندڙ دوائون پڻ ڏينديون آهن ۽ چونديون وري اهو آهن، ته: ”اَئي اَدي، سڄي رات ٿو ننڊ ڦٽائي، سمهي ئي نٿو، پر ادي ڪٿي اها دوا نقصان ته ڪانه پهچائيندي؟ جيڪا ڇهن مهينن کان پئي کيس ڏيان؟ هاڻي ”سرتيون“ ئي ڪا صلاح ڏين، ته ان ڏس ۾ ڪهڙا اُپاءَ وٺڻ کپن!

*

 

فرزانه شاهين مڱڻيجو

خوابن جو موت

هُن جو جوڀن هُن جي اڙٻنگ ڦوهه جواني، هُن جي سُندر سونهن ڪنهن گلاب جيان ٽاريءَ ۾ سجيل هئي، هُن جا ريشم جهڙا سنهري وار جڏهن هوائن جي لهرن تي رقص ڪندا هئا، ته سڄي ڪائنات مست قلندر جي ڌمال تي جهومڻ لڳندي هئي. هوءَ پنهنجي سکين سان گڏ جڏهن پينگهي ۾ لڏندي هئي ته ڪنهن پرستان جي شهزادي جو خواب لڳندي هئي. سندس دلفريب ٽهڪ سريليءَ موسيقيءَ جيان جڏهن دل جي تارن کي ڇهندا هئا ته دل جي اُداس وادي. مسڪرائڻ لڳندي هئي. هُن جا خماريل نيڻ جن ۾ صدين جا اوجاڳا سمايل هئا، نيڻن جي ڊگهي جهالر تي ڪيئي سپنا، ڪيئي سندر روپ صدين کان ڪنهن جي انتظار ۾ جاڳي رهيا هئا......

ڪڏهن ڪڏهن هُن کي لڳندو هو هُن جو هي جوڀن واريءَ جي ڍير جيان ڪنهن تيز واچوڙي ۾ وکري ويندو ۽ هوءَ ڪنهن اڻ ڇُهيل خواب جيان اڌوري رهجي ويندي ۽ هن جي من ۾ پلجندڙ جوان امنگون، خواهشون، اوسيئڙي جي آڳ ۾ جلي ڀسم ٿي وينديون ۽ هن جو پوڙهو روح حويليءَ جي ڊگهين ديوارن ۾ دفن ٿي ويندو......

هوءَ اڪثر پنهنجي خالي بستري تي پاسا ورائي بي جان ويهاڻي کي ڇاتيءَ سان لائي سڏڪي پوندي هئي ۽ سندس سوچ پڙاڏو بڻجي هِن جي وڍيل روح کي رولي ڇڏيندي هئي. تڏهن ڪاري رات هن کي ڪاريهر کان وڌيڪ ڀوائتي لڳندي هئي. خاموشيءَ جا ڏنگ هن جي جسم ۾ وڍ وجهڻ لڳندا هئا ۽ هن جي سمورن لڙڪن جي ڳنڍ کلي پوندي هئي ۽ درد ڪنهن ڀنور جيان هن جي دکيل من جي چوڌاري ڦيرا ڏيڻ لڳندا هئا......!!

هوءَ پنهنجن ڊگهن سنهري وارن ۾ آڱريون ڦيري سوچيندي هئي؛ ڇا ڪوبه اهڙو مسافر ڪونهي جيڪو پل لاءِ ئي سهي هن جي وارن جي ڇانو هيٺان پنهنجي سموري وجود جو ٿڪ لاهي! ۽ هن جي ڀنڀن وارن کي پنهنجي چهري تي ڦهلائي ڇڏي! ڇا ڪوبه اهڙو شخص ڪونهي جيڪو هن جي جوان خواهشن جي پڪل وجود تي پيار جو ريج ڏئي سگهي...... ڇا ڪوبه اهڙو شخص ڪونهي جيڪو هن جي انگ انگ تي ڪيئي روپ تخليق ڪري. اهڙا روپ جيڪي ڪنهن مصور جي شاهڪار کان به وڌيڪ سندر هوندا آهن...... اهو سوچي هن جو جوڀن ڪنهن پاڻي بنان مڇيءَ وانگر تڙپڻ لڳندو هو.

۽ هن جي چچريل وجود مان سرد آهه نڪري ويندي هئي. آڌيءَ رات تائين پنهنجو پاڻ سان جنگ ڪرڻ کانپوءِ هُن جو تڙپندڙ جسم ساڻو ٿي ننڊ جي گمنام وادين ۾ گم ٿي ويندو هو.

صبح جو اٿي هوءَ مُصلي تي ويهي خدا جي اڳيان توبهه تائب ٿيندي هئي. ڏوهه ۽ ثواب جي وچ ۾ هن جي جنگ اڪثر جاري رهندي هئي. هوءَ اڪثر خدا کان سوال ڪندي هئي ته:

مان ته پاڪ بيبي آهيان منهنجي من ۾ ڪنهن غير محرم جا خيال ڇو ٿا اچن......ڪنهن غير محرم لاءِ منهنجي دل ۾ تڙپ ڇو ٿي پيدا ٿئي......

هن کي هاڻي شدت سان احساس ٿي رهيو هو ته هوءَ ڏوهن جي ڌٻڻ ۾ گهرندي پئي وڃي، هر وقت ڏوهه جي عذاب هن کي اڌ مئو ڪري ڇڏيو هو. ......

هوءَ پنهنجن پوڙهين پُڦين ماسين کي ڏسندي هئي جيڪي هاڻي جوانيءَ جي سرحد عبور ڪري جُهور ٿي چڪيون هيون. هو غير محرم جي نالي ۽ پاڇي کان ائين ڊڄنديون هيون جيئن ڪو جَن ڀُوت کان ڊڄندو آهي...... هوءَ هنن کي ڏسي سوچيندي هئي هي به ته مون وانگر ڪڏهن جوان ۽ خوبصورت هونديون! هنن جي دلين ۾ به جوان خواهشن ۽ ڀاونائن جنم ورتو هوندو! هنن جي من ۾ به ته ڪنهن غير محرم جو تصور اڀريو هوندو...... هُنن به ته مون وانگر ڪيئي ڏوهه ڪيا هوندا پوءِ زبردستيءَ هنن جي مٿان پاڪائيءَ جو ليبل جو لڳايو ويو آهي......

هوءَ جڏهن به هار سينگار ڪندي هئي ته سندس اهي پوڙهيون پُڦيون ماسيون ورائي وينديون هيس:

”ڪنهن لاءِ ٿي هار سينگار ڪرين هتي ڪير به نه ايندو، جيڪو تنهنجي جوانيءَ تي موهجي سگهي!  تنهنجي سونهن جي ساراهه ڪري سگهي، تون به اسان وانگر پوڙهي ٿي ويندينءَ......۽ اسان وانگر بد روح بڻجي ويندينءَ ...... توکي خبر ناهي ته حويليءَ اندر ڪير به غير محرم نه ايندو آ......پوءِ ڪنهن لاءِ هي هار سينگار......“ ۽ پوءِ هسٽريائي ٽهڪ......ها ها ها......

اهي لفظ هن جي هنياءَ ۾ ڪنڊا بڻجي چڀي ويندا هئا ۽ هن جي اندر مان سيراٽيون نڪري وينديون هيون. ٽهڪن تي هوءَ ٽهڪي پوندي هئي.

هن جي وجود ۾ جڏهن جوانيءَ ڪَر کنيو ته هن جو وجود ڄڻ ڪنهن خواهشن جي تتل کوري ۾ پچڻ لڳو...... صبح کان شام تائين ساڳيو ئي ڦهليل منظر صرف فرق هو ته صبح جو سج نڪرندو هو ۽ رات جو تارا ٽمڪندا هئا. ...... نه ته ساڳي بدصورت زندگيءَ جا اهڃاڻ هر طرف پکڙيل هئا...... صبح شام ساڳي ڪرت. نه ڪم نه ڪار، نه لکڻ نه پڙهڻ، نه ڪيڏانهن اچڻ نه وڃڻ...... ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ته نه هو! سواءِ مڇريل سوچن هٿان پنهنجو پاڻ کي چٿڻ چيڀاٽڻ ۽ رتوڇاڻ ڪرڻ......!

حويلي هن لاءِ وحشتن جو سمنڊ بڻجي وئي هئي. اهي وحشتون هن جي نس نس ۾ زهر بڻجي هن جي جوانيءَ جو رت چوسي رهيون هيون......

هڪ ڏينهن صبح جو جيئن ئي نيڻ مهٽي خوابن کي ڪوري ڪڍڻ لڳي ته سامهون ڌنڌلو منظر هن جي اکين آڏو چٽو ٿيندو ويو. هُن جو وجود هڪ دفعو ٻيهر ڪنهن ڪُن ۾ ڦيراٽيون کائڻ لڳو.

سامهون دالان ۾ کٽ تي بابا ويٺو هو ۽ ان سان گوڏو گوڏي ۾  ملائي هن جي ئي عمر جي جوان ڇوڪري ڳهن ڳٽن سان سينگاريل نون ڪپڙن ۾ ڄڻ ڪنوار لڳي رهي هئي، هُن هڪ نظر پيءُ کي ڏٺو، جيڪو پنهنجي پٽڪي جو طُرو ٺاهي رهيو هو. جيئن ئي هن تي نظر پيس رڙ ڪيائين......

”زينت هيڏانهن اچ......“

هوءَ بُت بڻي بيٺي رهي.

”ٻڌئي ڪونه هيڏانهن اچ!“ پڻس ٻيهر رڙ ڪئي. هن جون ڄنگهون خوف وچان ٿڙ ٿڙ ڏڪڻ لڳيون.

”هن سان مل هيءَ تنهنجي نئين ماءُ آهي“

”ماءُ......“؟

هن کان رڙ نڪري وئي، پر منهنجي ماءُ ته اندر ويٺي آهي......

پر هن جي رڙ نڙيءَ ۾ ئي اٽڪي پئي......هن هڪ نظر نئين ماءُ تي وڌي هن جي دل چاهيو ان نئين ماءُ کي لتون، مڪون ۽ چماٽون هڻي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڦٽو ڪري ۽ پنهنجي پيءُ جي پوڙهي جسم جون ٻوٽيون ٻوٽيون ڪري ڇڏي.

هوءَ ڊڪ ڀري اندر ماءُ وٽ وئي ۽ ماءُ جي ڇاتيءَ سان لڳي خوب رُني. پر ماءُ جي اکين ۾ ڪوبه لڙڪ ڪونه هو. ڄڻ سندس ماءُ پٿر جي ٺهيل هئي. شايد حويلين اندر رهندڙ سڀ عورتون پٿر جون هونديون آهن. ساهه چرندو ئي ڪونهي. سندس پيءُ جي هيءَ چوٿين شادي هئي ۽ سڀئي شاديون مختلف ذاتين مان هيس. اها ڳالهه ڪا نئين ته ڪانه هئي. هتي هر ڪنهن وٽ ٽي ٽي چار چار زالون موجود هيون، بلڪه اها روايت ته صدين کان ابن ڏاڏن کان هلندي پئي اچي. پنهنجون ڌيئر ڀينر ويهاري پوڙهيون ڪري ڇڏين، پر غير ذات ۾ نه ڏين ۽ پاڻ ڪهڙي به ذات مان شاديون ڪري اچن......

سوچي سوچي هن جو مٿو ڦاٽڻ لڳو، هوءَ وري ڏوهه ۽ ثواب جي وچ ۾ لٽڪي پئي. هن جو بيچينيون ان وقت وڌي وينديون هيون. جڏهن هوءَ پاسي واري ڪمري مان پيءُ ۽ نئين ماءُ جا سُرٻاٽ ۽ ٽهڪ ٻڌندي هئي ۽ پوءِ اڌ رات جو ڪمري جي بتي وسامندي هئي. هن جي ذهن ۾ نئين جنگ ڇڙندي هئي ۽ هن جو وجود ٽٽڻ لڳندو هو.

هُن جي عمر هاڻي ٽيهه ورهين جي حد اورانگهي چڪي هئي. هوءَ جوانيءَ جي سرحد ٽپي رهي هئي. تڏهن هن گهر ۾ شور ٻڌو ته سندس شادي ٿي رهي آهي. هن جي ٺوٺ سڪل من ۾ ڪيئي گلاب ٽري پيا. مُرڪن ۽ ٽهڪن جون شرنايون وڄڻ لڳيون ۽ هن جي نيڻن ۾ انڊلٺي رنگ رچجي ويا. هن جي پلڪن جي جهالر تي سجيل ڪيئي سندر روپ تخليق جو آخري روپ وٺي رهيا هئا. هن جو انگ انگ بي قابو ڇڙواڳ لهرن جيان جهومڻ لڳو ۽ هن جي جواني ڪنهن خوبصورت احساس جي ڇهاءُ کان تڙپڻ لڳي......

پر هُن کي اها خبر نه هئي ته هن جي خوابن جو شهزادو دنيا جهان جو رليل ۽ آواره شخص آهي، جنهن ۾ سڀئي برائيون سمايل آهن. شاديءَ جو ڪو هن کي خاص شوق ڪونه هو، پر گهڻائي مرد پنهنجو پاڻ کي شريف زادو ظاهر ڪرڻ لاءِ شاديءَ جو ڍَڪُ ڍڪيندا آهن......

هوءَ پنهنجي خواهشن جي سيج سجائي ڪنهن جي اوسيئڙي  ‎۾ نيڻ وڇائي ائين معصوم بڻي ويٺي هئي ڄڻ هوءَ حويليءَ جي پهرين خوشقسمت ترين ڇوڪري هجي جنهن جي شادي ٿي رهي هئي. هوءَ پنهنجي پوڙهين پُڦين ۽ ماسين کي غرور وچان تڪي رهي هئي.

پر هُن جا سڀئي گلاب رُت جا سندر سپنا ان وقت ڀور ڀور ٿي ويا، جڏهن شاديءَ جي پهرين رات ئي اڌ رات تائين ان اڻ ڏٺل شهزادي جو اوسيئڙو ڪري سندس اکين ۾ صدين جو ٿڪ سمائجي ويو، پر هو نه آيو تان جو اسُر جو بانگون اچڻ لڳيون ۽ هو شراب جي نشي ۾ چُور لڏندو لمندو ڦهڪو ڏئي صوفي تي ڪري پيو ۽ ٻئي ڏينهن جي منجهند تائين سندس کونگهرا هن جي ڪنن ۾ جنگ جي سائرن جيان وڄڻ لڳا.

هن جي سڙيل سپنن جي رک اڏامڻ لڳي.هن جو تصور ڀور ڀور ٿي چڪو هو. هن جو وڍيل روح وري ريهون ڪري روئڻ لڳو. هن جا ريشمي وار ڪنهن نرم ڇهاءَ بنا ڪومائجي ويا. هُن جي ٻانهن ۾ سجيل چوڙيون ڪنهن اڻ ڄاتل ايذاءَ کان ٽٽي رهيون هيون ۽ انهن چوڙين جا ذرڙا هن جي وجود ۾ ٽنبجي رهيا هئا.

هن صبح جو پاڻ کي آئيني ۾ ڏٺو. هن جي چهري تي ڪوبه خوبصورت رنگ ڪونه هو. سندس منهن مان هيڊاڻ جو ٻور ڇڻي رهيو هو  ۽ سندس جسم- ڪورو ڪاڳر- جنهن تي ڪابه خوبصورت تحرير لکيل ڪانه هئي. هن جي هٿن جي ميندي پاروٿي ٿي چڪي هئي، جنهن ۾ سهاڳ نالي جي ڪابه خوشبوءِ ڪونه هئي.

هوءَ سوچڻ لڳي هيڏي ساري ڀوڳنا کان پوءِ به هٿ جون لڪيرون ٽٽل ئي رهيون، ڇا لکئي جا ليک مٽجي نه ٿا سگهجن؟ هيءَ ڪهڙي آزادي آ......؟ ڇا مون هن آزادي لاءِ هيڏو ڀوڳيو! هڪ کوليءَ مان ٻي کوليءَ تائين! ساڳيو رُڃ جو سفر طيءَ ڪرڻ- پوءِ به ساڳيو انڌيرو......

هن جي شاديءَ کي مهينو ٿيڻ وارو هو هڪ ئي مهيني ۾ هن جو وجود اجڙيل کنڊر جيان ويران ٿي چڪو هو.

سندس مڙس گهر ۾ ٻه ٽي ڪلاڪ مَس ايندو هو نه ته ڏينهن رات اوطاق تي هوندو هو......

”سائين توهان سڄو ڏينهن گهر کان ٻاهر ڇو رهندا آهيو......؟“

”منهنجي مرضي......“

”پر مان اوهان جي زال آهيان آخر منهنجو به ته حق آهي......“

”حق......ڪهڙي حق جي ڳالهه ٿي ڪرين؟ اسان وٽ عورتن جا ڪي به حق نه هوندا آهن شڪر ڪر جو مان توسان شادي ڪئي آهي، نه ته تون به پوڙهو روح ٿي وڃين ها......مان آزاد پکي آهيان ۽ آزاد ئي رهڻ چاهيان ٿو، ان ڪري آئيندي منهنجي آزاديءَ ۾ مداخلت نه ڪجانءِ.“

”پوءِ...... پوءِ توهان مون سان شادي ڇو ڪئي هئي......؟“

هن روئندي چيو......

”بس ڪا مجبوري هئي جيڪا ٻڌائڻ ضروري ناهي سمجهيئه......“

هو تڪڙو تڪڙو حويليءَ مان نڪري ويو ۽ هوءَ پنهنجي اَنا جا وکريل ڪنڊا وري سوئڻ لڳي......

هن ٻانهيءَ حضوريءَ کي سڏ ڪيو ۽ رازداريءَ واري انداز ۾ پڇيائين......“

”تنهنجو سائين سڄو ڏينهن ڪٿي هوندو آهي تون ته هن حويلي جي پراڻي ٻانهي آهين توکي ته ضرور خبر هوندي......“

”سائنڻ باهر اوطاق تي دوستن سان هوندو آهي اتي روز محفل لڳندي آهي.“

”تنهنجي سائينءَ جو ان محفل مان جيءُ نه ٿو ڀرجي.“
”سائنڻ مون کي ڪهڙي خبر......“

”چڱو توکي اها خبر آهي ته اوطاق حويليءَ جي ڪهڙي پاسي آهي.“

”سائنڻ اها ته حويليءَ جي بلڪل سامهون آهي وڏو در ٽپي وڃ ته سامهون اوطاق جو در آهي......؟“

هن دل ۾ سوچيو رات حويليءَ جو دَر ٽپي ضرور اوطق تي ويندس پوءِ چاهي ڪجهه به ڀوڳڻو پوي......هاڻي به ته ڀوڳيان ئي پئي- پر اهو راز ضرور لهندس ته اوطاق ۾ ڪهڙي سريت رهايون ويٺو آهي، جنهن ڪري زال به سٺي نه ٿي لڳيس!

رات ٿيندي ئي خوف وچان هن جي وجود ۾  ڏڪڻي ڊوڙي رهي هئي، اڌ رات تائين پاسا ورائيندي رهي. جڏهن سڄي ڪائنات ننڊ جي جهُولي ۾ جهُلڻ لڳي ۽ ڪتن جو ڀونڪڻ بند ٿي ويو، تڏهن هوءَ چادر ويڙهي پير پير ۾ ڏئي ڇرڪندي حويلي لتاڙي ٻاهر نڪري آئي، سامهون ئي هن کي اوطاق جو وڏو دَر نظر آيو، دَر پٽڻ هن کي ڏاڍو مشڪل لڳو، اوطاق جي چوڌاري ننڍي ڀت اڏيل هئي هَن اها ٽپڻ جي ڪوشش ڪئي ڀت ننڍي هئي ان ڪري ٽپ ڏئي وڃي اوطاق جي اڱڻ ۾ ڪري...... هن جي ڪرڻ سان دٻڪو ٿيو هوءَ ڊڄي وئي پر هڪدم پاڻ کي سنڀالي ورتائين ڪجهه دير سامت اچڻ کانپوءِ هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين ٻه وڏا ڪمرا ٺهيل هيا هڪ اوندهه ۾ ٻڏل هو ۽ هڪ ۾ بلب ٻري رهيو هو. دَر بند ٿيل هو پر وٿين ۽ سوراخن مان روشني ٻاهر اچي رهي هئي. هن ڪمري طرف وک وڌائي جنهن مان روشني اچي رهي هئي در کي ڏٺائين جنهن ۾ ڪافي وٿيون ۽ سوراخ هئا هن هڪ سوراخ تي پنهنجي اک اٽڪائي اندر جو منظر ڏسڻ لڳي، هڪ ٻئي جي ٻانهن ۾ جڪڙيل ٻه جسم......ساڻا ٿي مدهوش هاڻي سمهي چڪا هئا...... هن جو ذهن ڦيراٽيون کائڻ لڳو ساڳيو منظر هن جي اکين اڳيان چٽو ٿيندو ويو...... هڪڙو چهرو ته هن جي مڙس جو هو ۽ ٻيو ڪو چهرو عورت به نه پر مرد جوئي هو......

***

 

شهناز خالد

لکڻ نٿو اچي

مون کي لکڻ نٿو اچي

ڪجهه به لکڻ نٿو اچي

 

هن ۽ تنهنجي باري ۾

پاڻ پنهنجي باري ۾

جاءِ ۽ گهر جي باري ۾

ڌرتي امبر جي باري ۾

وفار جي نالي تي قرباني ڏيڻ جي باري ۾

سَتي ٿيڻ جي باري ۾

 

مون کي لکڻ نٿو اچي

ڪجهه به لکڻ نٿو اچي

 

مان ڌيءَ هان مشرق جي

مان نُنهن هان جنت جي

مان ڇانءَ هان ٻارن جي

مان ئي عزت گهر جي

۽ سونهن ڪائنات جي

مان ئي مومل راڻي جي ۽ انارڪلي سليم جي

 

مون کي لکڻ نٿو اچي

ڪجهه به لکڻ نٿو اچي

 

هيءَ ڌرتي آهه مردن جي

نوڪرياڻين جي مالڪن جي

راڻين جي شهزادن جي

ڀينرن جي ڀائرن جي

وريتن جي وَرن جي

مائرن جي پُٽڙن جي

مون کي لکڻ نٿو اچي

ڪجهه به لکڻ نٿو اچي

 

مان ئي تخلقيڪارن جي تخليق جو ڪارڻ

مان ئي سُڳنڌ گُلن جي مان ئي بهار جيون جي

مان ئي بُوند رحمت جي مان روشني اکين جي

مان جا اڻ پڙهيل، جاهل، ڄٽ هان.

سا به توهان جي ڪارڻ هان

پوءِ به پڙهيل ڳڙهيل جو مدرسو هان

 

مون کي لکڻ نٿو اچي

ڪجهه به لکڻ نٿو اچي

 

جيڪڏهن مون کي لکڻ اچي ها ته......

مان لکا ها انسان تي، انسان ۾ لڪل شيطان تي

تنزليءَ وانگر ترقيءَ تي، بمن تي ميزائلن تي

بُک، اُگهاڙ، بيماريءَ تي، هيروئن، چرس، ڀنگ تي

حق ۽ باطل تي ۽ امن جي خاطر جنگ تي

پر افسوس!

مون کي لکڻ نٿو اچي

ڪجهه به لکڻ نٿو اچي.

*

هڪڙو ماڻهو

هڪڙو ماڻهو

موتيءَ داڻو

سڀني جو دوست

سڀني جي خدمت ڪرڻ وارو

مشڪل ۾ پئجي ويو

جڏهن هُن چيو

مان پڙهائيندس پنهنجي نياڻين کي

پنهنجي پُٽن کي

تڏهن سڀ مخالف گڏ ٿي ويا

علم جي روشنيءَ کي روڪڻ لاءِ ديوار بڻجي ويا

ڪجهه دوستيءَ ۾

ڪجهه دشمنيءَ ۾

۽ هُن کي سمجهايائون ته:

هروڀرو پئسا نه وڃانءِ

بچاءِ رک ڪجهه نياڻين جي وهانءُ لاءِ!

پر هن نه مڃيو- ۽ چيو

”علم ته سورج آهي

جنهن جي روشنيءَ کي روڪڻ لاءِ

ڪانه ٺهي آهي

اڄ تائين ڪا ديوار!“

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com