سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

 

صفحو :3

 شھزادي انجم ڪيريو

شعر

 

توســـــــــان گــــــــــــــڏ ھـــــڪ گھــــڙي ڇــــــــــــا گــــــــــذري

زنــــــــــــدگي ڄــــــــــــــــــــــــــــــــڻ ســــــــــــــاري گـــــــــــذري

مـــــنھنــــجو اکـــــــــيون ڪـــــئيــــن ڀــــلا تــــوکي ڏســن،

گھـــــــايل گھــــــايل ٿـــــيون خـــــود تنھنجو نظرون لڳن.

تـــــو پــــيار ڪــــيو ڪنھن سان اھو ڪيئن مان توکان پڇان،

تـــــنھنجا نــــــــــــــــيڻ پـــــــــرين ٿــــــا ڏاڍا گھايل لڳن.

تــــنھنجـــــــــــي نـــــــــــــــــيڻ ننــــــــڊ ڦــــٽــائي ڇــڏي مگر،

تــــــنـــــــھنـــجي مــــــــــــحبت جـــــــــانٿا اٿـــــــــــار مــــــــلن.

چـــــــوري ڪيان مان پــــيـــــــــار جي ڪــــھڙي ڀـــــــــلا،

لـــــــٽــــيــــل ٿــــــــــــــا ھــــــــــــن جـــــــــــا ســــــڀ نشان لڳن.

نــــــــــانءُ ڪـــــنھـــن تـــــــــــي لــــکان مان پنھنجو انجم،

ســــڀئــــي دل جــــــا خانا فُل آھن، نٿا ڪي خالي ملن.  

 

 قربان توتان مٺا

منھنجي من کي مست ڪيو تنھنجي گيتن مٺا،

تون ئي ٻڌاءِ ڀلا مان ڇا ڪريان،

نٿي تو سواءِ گذري گھڙي ھاڻي مٺا.

دل کي دلاسو ڪيئن مان ڏيان،

تنھنجي وفا جو ڀروسو ڪيئن مان ڪيان،

ناھي دل کي يقين ڪو منھنجي مٺا.

راھون تولاءِ اکيون ھر پل ڏسن،

چاھت تنھنجي جا سپنا ڏسن،

اجازت ملي سپنن سبائڻ جي اکين کي مٺا.

نند نيڻن وئي جڏھن کان توکي ڏٺو،

ھڪ ئي نظرن ڪيو قتل مون کي مٺا.

ساگر جي ساک ڪير ڏيئي،

ساٿي منزل جو ڪوئي ٿئي،

انجم ساھ ڪري قربان توتان مٺا.

 

فرزانه ”ڪنول“ بلوچ

ھائيڪا

 

لو ميرج

پڄاڻي پيار جي

جدائي جو فالج

***

کلي ڪري کيڪار

ٻار ڪڇ تي مانيءَ لاءِ اسرار

 

 

ريٽا شھاڻي

صورت

جڏھن ھڪُ شخص ڪنھن ٻئي شخص سان ملندو آھي، جڏھن ھڪ زال ٻي زال سان گڏجندي آھي يا جڏھن ھڪ مردُ جي، ھڪ عورت سان ملاقات ٿيندي آھي ته سڀ کان پھرين پھرين ھڪ ماڻھو ھڪٻئي جي صورت شڪل کان ئي متاثر ٿيندو آھي، ان سبب ٻاھريون روپ، انسان جي زندگيءَ ۾ اھم رول ادا ڪري ٿو.

ڇا ”صورت“ شبد، ماڻھوءَ جي صرف چھري تائين محدود آھي؟ ڇا ان جي سيما رڳو اکين، نڪ، چپن ۽ چھري جي رنگ تائين آھي؟ منھنجي خيال ۾ صورت شڪل ۾ ماڻھوءَ جي سموري شخصيت سمايل آھي. ھن جي ڳالھائڻ ٻولھائڻ جو نمونو. ھن جي آواز جو لھجو، ھن جي اکين ۽ چھري جا ڀاوَ ھن جو وھنوار، ھن جي ھلن چلڻ جو انداز، سڀ ڪجھ شامل ٿي ٿو وڃي.ڪن جي سموري شخصيت ڪجھ اھڙي آھي جو پھرينءَ ملاقات ۾ ئي ٻئي شخص تي پنھنجي ڇاپ ڇڏيندي آھي. ڪي رفته رفته پِنھنجي شخصيت سان ھڪ ٻئي کي متاثر ڪندا آھن ته ڪي وري پنھنجي تاثير ڇڏن ۾ ھروڀرو ڪامياب ڪونه ويندا آھن.

تاريخ گواھ آھي ته اِستريءَ جي جسم جي سندرتا، ھميشه کان مردن کي چقمق وانگر پاڻ ڏانھن ڇڪيو آھي. اسانجن پراڻن مَندرن ۽ اجنتا ايلورا جي غفائن جي شلپڪاريءَ ۾، استرين جي جسمن جا بڻايل بت ان ڳالھ جا ساکي آھن. موھن جي دڙي مان نڪتل زالن جا زيور ان ڳالھ کي ثابت ڪن ٿا ته عورتن ھر يُگ ۾، پنھنجي شڪل صورت کي وڌيڪ خوبصورت بنائڻ خاطر بناوَ سينگار جا مصنوعي ھٿيار استعمال ڪنديون ھيون.

انساني من به ڪجھ اھڙو رھيو آھي جو جسماني حسن جي مقناطيسي اثر ھيٺ ھو ڇڪجي وڃي ٿو.

مون ڪنھن وقت پنھنجي ھڪ نظم ۾ لکيو ھو:

انسان آھي ڇو حسن پرست؟

حسن ڏسي ڇو ٿئي ٿو مست؟

حسن ملي ٿو ڀاڳ وارن کي

ٿيون فدا ٿا ڪارن وارن تي

حسن ملڻ نه ملڻ نه ڪنھن جي وس

آھي قدرت جو کيل ھيءُ بس!

 اھو سچ آھي ته شڪل صورت ۽ حسين جسم قدرت جي نعمت آھي. گوري چمڙي، سھڻا دلڪش روش وغيره حاصل ڪرڻ اسان جي پنھنجن ھٿن ۾ آھي ئي ڪونه .. مگر پنھنجي شرير کي صاف سٿرو رکڻ، قدرت طرفان مليل سوغات جي سٺي سنڀال ڪرڻ، سھڻي، شانائتي انداز سان ھلڻ چلڻ، چھري تي مٺڙي مرڪ آڻڻ، پنھنجي خوراڪ ۽ پوشاڪ ڏانھن ڌيان ڏيئي، پنھنجي شخصيت کي پرڪشش بنائڻ ته انسان جي ئي ھٿ ۾ آھي!

چوندا آھن ته مُرڪ، عورت جو بھترين مڻيو آھي ۽ اِھا ڳالھ به عالم آشڪار آھي ته اندرين سونھن، چھري مان بکندي آھي.

انڪري جيڪڏھن قدرت ڪنھن عورت تي اھڙي مھربان نه رھي آھي ته به ھن کي دلگير ٿيڻ نه جُڳائي ... ڇو جو ھن وٽ پاڻ کي دلڪش بنائڻ جا رستا کليل آھن Good grooming جا طور طريقا اختيار ڪري ھوءَ پنھنجي شڪل شبيه کي سندر بڻائي سگھي ٿي. اڄ ڪالھ ته سونھن وڌائڻ جون ڪيتريون ئي شيون بازار ۾ اچي ويون آھن. بيشمار ڪريمون، شئمپو، ھيئر ڪنڊيشنرس، Face masks وغيره مُھيا آھن. شھرن ۾ ته جتي ڪٿي بيوٽي پارلرس کُلي ويا آھن، جتي ننھن کان چوٽيءَ تائين، عورت کي سھڻو بڻايو ويندو آھي. مئنيڪيور ۽ پيڊيڪيور جا طريقا عام فھم آڳي جتي ھٿن ۽ پيرن جي نَھن کي صاف سٺو ڪري ڍؤلائتي ڍنگ سان ڪپيو ۽ تراشيو ويندو آھي. انھن پارلرس مان رواجي صورت واريون، خوبصورت دوشيزائون بڻجي نڪرنديون آھن.

ان ڳالھ کان ڪير انڪار ڪري سگھندو ته اڳئين پيڙھيءَ جي زالن ۽ ھن پيڙھيءَ جي زالن ۾ گھڻو فرق اچي ويو آھي. زالن ۾ ھڪ صحتمند تبديلي اچي ويئي آھي. اڄ جون زالون اڄ کان ٽيھ ورھيه اڳ وارين زالن کان ڪيڏو نه ڦريل آھن! ان وقت جون عورتون پنھنجي عمر جا ٽيھ سال لتاڙڻ کان پوءِ، سفيد ساڙھيون پائڻ شروع ڪري ڇڏينديون ھيون ۽ اڄ....؟ شھري زالون حقيقت ۾ چاليھن پنجيتاليھين جي ڄمار کان پوءِ ئي زندگيءَ جو مزو، صحيح معنيٰ ۾ ماڻڻ شروع ڪنديون آھن. اھا عورتن جي صورتحال جي جسماني ۽ ذھني سجاڳي نه رڳو ڀارت ۾ پر سموري سنسار ۾ ڏٺي ويئي آھي.

پدما جي عمر پنجيتاليھ ورھيه آھي. ھن جو جنم ان وقت ٿيو ھو جڏھن سندس. اتان 25 ورھين جي ھئي ۽ سندس ڌيءَ به کيس ان وقت ڄائي جڏھن ھوءَ پاڻ پنجويھن ورھين جي ھئي ... يعني پدما جي ماتا، پدما ۽ سندس ڌيءَ ۾ پنجويھن پنجويھن ورھين جو فرق آھي. پدما ۽ ڌيڻس کي ماڻھو ڀُل ۾ ٻه ڀينر ڪري ليکيندا آھن. جڏھن پدما جي ماءُ 45 ورھين جي ھئي ۽ پاڻ ويھن ورھين جي، ان وقت سندس ماتا سندس ماتا ئي لڳندي ھئي، نه سندس وڏي ڀيڻ! ان مان اھو ثابت ٿو ٿئي ته ھاڻوڪي زماني جون عورتون اڳئين پيڙھيءَ جي عورتن کان گھٽ عمر واريون، يعني جوان لڳڻ لڳيون آھن.

پدما جي ماءُ جي ماءُ (نانيءَ) واري زماني ۾ وري ورلي ڪا زال عمر جا چاليھ سال لتاڙيندي ھوندي. اھو ئي سبب ھو جو گھڻو ڪري مرد ٻه، ٽي يا ٽن کان وڌيڪ شاديون ڪندا ھئا. اھو ھو ماٽيلين مائرن، ماٽيلن ڀائرن ۽ ڀينرن وارو زمانو. ھن وقت نه آھن ماٽيليون مائون، نه ماٽيجا ڀائر ۽ ڀينر، ائين ڇو ٿيو آھي؟

ان جو سبب پڌرو پيو آھي. اڄ جون زالون وڏيءَ عمر ۾ اھڙيون تندرست ۽ چڱيون چوکيون بيٺيون آھن جو ويچارن مردن کي ٻي شادي ڪرڻ جو وجھ ئي نٿيون ڏين.

ڪڏھن ائين ڀاسجندو آھي ته جسماني طور، مرد زالن کان پٺتي پئجي ويا آھن. ڪن حالتن ۾ ھو پنھنجي زالن اڳيان ٻُڍا پيا لڳن. شايد اھو وقت دُور ناھي جڏھن زالن ۾ ٻين، ٽين، شادي ڪرڻ جي نؤبت اچي ويندي.

زالن جي جسماني تندرستيءَ جي ترقيءَ ۾ ان سھڻي انقلاب جا ھيٺيان سبب ٿي سگھن ٿا:

عورتن ۾ تعليم جو ڦھلاءُ

ڊاڪٽري سھوليتن سبب، ويمن ۾ ٿيندڙ موتن جو نه برابر ھئڻ.

ننڍن ڪٽنبن سبب، زالن جو پنھنجو پاڻ تي پنھنجي شخصي صحت تي وڌيڪ ۽ وڌين ڌيان ڏيڻ.

وچولي ۽ مٿئين طبقي جون ڇوڪريون تعليم پائين ٿيون. مھانگائيءَ ۽ شھر جيون جي مسئلن جو مقابلو ڪندي، وڏن شھرن جون عورتون نوڪريون ڪن ٿيون، مردن سان ڪُلھي ۾ ڪُلھو ملائي، گرھست جيون ۾ سندن ڀاڱي ڀائيوار ٿين ٿيون ۽ مالي خودمختياري حاصل ڪن ٿيون. حيرت ناھي ته اھڙي ڪارگر زندگيءَ ۾ ھو پاڻ به مردن جھڙيون ڦڙت، چست ۽ کڙيون تڙيون ٿي ٿيون پون.

اڄ جي ماڊرن استري پنھنجي وزن، پنھنجي فگر طرف سجاڳ آھي. کاڌي ۾ صحيح انداز ۾ ڪئلريز جو ھئڻ، جسم تي صحيح مقدار ۾ چرٻيءَ جو ھئڻ يا نه ھئڻ، ھن لاءِ اھميت واريون ڳالھيون آھن، جن تي ھوءَ عمل ڪري ٿي. اھو ئي سبب آھي جو شھرن ۾ يوگ_ آسن_ ڪلاسن ۾ ھيلٿ ڪلبس ۾، Work out exercises اسٽيم ۽ سائونا ڀاٿس لاءِ زالن جي پيھ لڳي پيئي آھي.

مان انھن سڀني ڳالھين جي مرحبا ڪريان ٿي ۽ اميد ٿي ڪريان ته آئيندي جون عورتون ان صحتمند سجاڳيءَ کي برقرار رکنديون، بشرطيڪ اھڙي سجاڳيءَ سندن گھريلو فرضن ڏانھن ڪنھن طرح جي به غفلت نه آڻيندي.

 

(ھندو واسيءَ ۾ شايع ٿيل).

مائي ڀنڀي

 

شاعريءَ ۾ ڪردارن جي ھڪ خاص اھميت آھي. ڪردار جيڪي حال ۾ اسان جي آسپاس آھن، ڪردار جيڪي ماضيءَ ۾ ٿي گذريا آھن، سورميون، سورما، سنڌ جا، ننڍي کنڊ جا، عالمي سطح جا ڪردار_ خاص ۽ عام ڪردار_ ڏتڙيل، ڌاڙيل، ڦورو، سرويچ، سورھيه، ڪانئر، غدار، غريب، مسڪين، راجا، راڻيون، پريون، جن، مافوق الفطرت ڪردار، سچا پچا، تصوراتي ڪردار، ”ڪردار نگاري“ شاعريءَ ۾ ھڪ الڳ موضوع رھيو آھي. سنڌي شاعريءَ ۾ ”ڪردار نگاريءَ“ تي ھڪ دلچسپ اڀياس ٿي سگھي ٿو.

ھي نظم ھڪ عام ڪردار جي حوالي سان آھي. ان نظم کي نثر ۾ کولي، ان جو مزو وڃائڻ نٿا چاھيون، پر ايترو ضرور چونداسين ته ھي نظم ان دور جي ياد ڏياري ٿو ته انھيءَ دور ۾ مھاڻيون/ساٽياڻون پڻ مڇي/ پلي/گانگٽ جو ڌنڌو ڪنديون ھيون. انھن کي اھو به سھنج ھو ته ھو نه رڳو مارڪيٽ/بازار ۾ مڇيون/پلا وڪڻي سگھنديون ھيون، پر گھرن ۾ به وڃي کپائينديون ھيون، پر گھرن ۾ به وڃي کپائينديون ھيون. پر ان نظم جي بنيادي ڳالھ اھا به آھي ته ان دور ۾ سنڌوءَ، واھن، ڍنڍن ڍورن ۾ ته پاڻي ھو، پر ماڻھن جي اک ۾ پاڻي به ھوندو ھو.

 

 

ڀَنڀي!

ھوءَ

جنھن جو نانءُ ھو ”ڀنڀي“

مُھاڻي ھئي اُھا

ڳوٺ جي بازار ۾،

مڇيون پلا وڪڻي ڪندي گذران ھئي

ھاڻي ماضيءَ جي ڪھاڻي ھئي اُھا

ھن ته

مون به ڄاتو ڪونه ھو

آءٌ ھن تي ھي سٽون لکندس ڪڏھن!

 

ثمينه ميمڻ

جو پَسان سو ڀائيان

 

وري ھڪ دفعو ھيءُ ماڳ منھنجي اڳيان ھو ۽ اڄ پنجٽيھن سالن کا پوءِ ھُن سان ملاقات ٿي رھي ھئي. سڀ ڪجھ ساڳيو ھو. ھيءُ ماڳ مون کان ڄڻ وسريون ئي نه ھو. مون کي ياد آھي بابا ھن شھر ۾ ھيءَ جڳھ خريد ڪئي ھئي. منھنجو ننڍپڻ اتي ئي گذريو. جڳھ جي اڳيان ٻه وڏا ڦاٽڪ ھئا، جيڪي ڏينھن ۾ کوڙ دفعا کُلندا ۽ بند ٿيندا ھئا ۽ وري ھڪ ٻيو پيلي رنگ جو ڦاٽڪ وري اسان جي جڳھ جي پٺئين پاسي ھو. اڄ به ھُن جي رنگ روپ ۾ ڪو فرق نه آيو ھو. ھُن جي مٿان بانس جي وڻن جي گھاٽي ڇانوَ ھئي، اُس جو ته سوال ئي نه ھو. مينھن جڏھن پوندو ھو ته ھن ڦاٽڪ تي ڄڻ بوند ئي نه ڪرندي ھئي. اھو ڦاٽڪ اڄ به انھيءَ حالت ۾ ھو. يا شايد ھن جڳھ جي ھر مالڪ ھن کي اھو ئي رنگ ٿي ڪرايو. بابا جي، ڪنھن ٻئي شھر، بدلي ٿي ۽ اسان کي ھيءَ جاءِ ڇڏڻي پئي ھئي ۽ مون کي وري وڌيڪ پڙھائيءَ جي سلسلي ۾ ٻاھر وڃڻو پيو ۽ وري اُتي ئي شادي ڪئي. ٻارن ۾ ڌيءَ، پٽ آھن. پُٽ اتي ئي شادي ڪئي ۽ ٻارن ٻچن جو پيءُ ٿي ويو ۽ ڌيءَ جي به اتي ئي شادي ڪرائي زال جي زندگيءَ وفا نه ڪئي ۽ پوءِ پاڻ کي ڏاڍو اڪيلو ڀانيم، دل چيو ته وري پنھنجي وطن وڃجي. ھونئن به وطن جي مِٽي وسري ته ڪنھن کان ڪڏھن سگھندي نه آھي ۽ اڄ وري ھن ساڳي جھ وٽ اچي پھتو آھيان، جتي منھنجو ننڍپڻ گذريو. ھن جاءِ جا مالڪ ته کوڙ بدلجي به چڪا ھوندا ۽ ھينئر ھن جڳھ جي مالڪ ھيءَ جاءِ وڪڻڻ ٿي چاھي. مون وٽ پئسن جي ته ڪا ڪمي نه ھئي ۽ اُھو گھر جيڪو منھنجي ننڍپڻ جي يادن جو ثمر ھئو. جھٽ ۾ اھا جاءِ مون خريد ڪئي، ھن جڳھ کي ڏسي مون کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ منھنجو ننڍپڻ واري واپس اچي ويو آھي لڳو ٿي ته ھيءَ جاءِ ھاڻ مون سان اِجھو ڳالھائڻ لڳندي. اندر ۾ عجيب سرھائي محسوس ٿيڻ لڳي.

پنجٽيھ سال پھرئين مان چوڏھن سالن جو سادو سودو نوجوان ھئس. مون کي ھڪ ڇوڪريءَ جو نالو ۽ چھرو ياد آيو. نالو وينگس ھئس. اسان گڏجي رانديون ڪندا ھئاسين. ھوءَ مون کان ٻه ٽي سال ننڍي ھئي. مان ستين ڪلاس ۾ پڙھندو ھئس. ھوءَ چوٿين ڪلاس ۾ پڙھندي ھئي. اسان جا گھر ھڪٻئي جي گھرن پٺيان ھئا. پر اسان جو ھڪ ٻئي سان ايترو لڳاءُ ھو، جتي ڪٿي گڏ گھمندا ھئاسين ۽ ھيءُ پيلي رنگ جو ڦاٽڪ ته اسان جي راند جو ميدان ھوندو ھو. اڄڪلھ جي ڇوڪرن جي باري ۾ مان ڪجھ نٿو چئي سگھان، پر ھن عمر ۾ مان صفا سادو ھئس. ڪنھن به ڳالھ جي خبر نه ھوندي ۽ نه ئي اھو احساس ھو ته وينگس ڇوڪري آھي ۽ مان ڇوڪرو ۽ نه وري انھيءَ جي گھر وارا يا منھنجي گھر وارا اعتراض ڪندا ھئا. اسان پنھنجي ڌَن ۾ گم ھوندا ھئاسين، اسڪول مان ايندا ھئاسين، وري شام جو ضرور گڏبا ھئاسين ۽ ھن ڦاٽڪ وٽ ئي اچي راند ڪندا ھئاسين. ۽ وري اھڙو وقت آيو جو اسان ھڪ ٻئي کان جدا ٿي وياسين. جنھن جو ڏک ان مھل اسان ٻنڳي کي محسوس ٿيو ھو، پر مون ته صفا وساري ڇڏيو يا ننڍپڻ جون يادون وقت سان گڏ مِٽجي ٿيون وڃن.

پر ..... ھن ڦاٽڪ کي ججڏھن اڄ ڏسان ٿو ته لڳي ٿو ته مان ھتان ويو ئي ناھيان ۽ محسوس ائين ٿو ٿئي، وينگس اجھا ٿي ھن ڦاٽڪ وٽ گھَرن وڻن جي اوٽ مان نڪري اچي ۽ وَري ھڪ دفعو وينگس ڪٿي ھوندي، مون سوچيو. ھتي اچي منھنجو ننڍ پڻ مون کي ياد اچي رھيو آھي. ڪجھ ڏينھن کان پوءِ منھنجي اوسي پاسي وارن ماڻھن سان ڏيٺ ويٺ ٿي، ۽ ائين سال کن گذري ويو. اسان جي جڳھ جي پُٺ ۾ ٻه ڪٽنب رھن پيا. ھڪ پڙھيل لکيل عورت جيڪا ھڪ اڌڙوٽ عورت سان گڏ رھندي ھئي، ڪاليج ۾ پڙھائيندي ھئي. مون اُن کي ڪاليج جي ڪنھن فنڪشن ۾ ڏٺو ھو. اتي مون کي ليڪچر ڏيڻو ھو ٻئي ڏينھن اھائي عورت منھنجي گھر اچي نڪتي ۽ نھايت سادي سودي لھجي ۾ ٻڌايائين: ”مان توھان جي گھر پٺيان رھان ٿي.“

مون ھن کي ڪُرسيءَ تي ويھڻ لاءِ چيو.

”مون ڪاليج ۾ توھان کي ڏٺو ھو.“

مون چيو.

”ھا مون توھان جو ليڪچر ٻڌو ھو، ھن چيو.“

توھان منھنجي اچڻ تي ...... ھُن ھٻڪندي چيو. ”نه نه .... اھڙي ڪا به ڳالھ نه آھي. توھان اھو ٻڌايو ته توھان جي ڪھڙي خدمت ڪجي؟“ اھو چوندي مون پٽيوالي کي چانھ جو آرڊر ڏنو.

ڳالھ ھيءَ آھي ته مان اِنھيءَ ڪاليج ۾ ئي ليڪچرار آھيان ۽ فلسفي جو موضوع پڙھيايان ٿي ۽ ھينئر پي. ايڇ ڊي جي تياري ڪري رھي آھيان. توھان ڪلھ فلسفي جي موضوع تي تفصيلي ڳالھايو، توھان جو مطالعو ڏاڍو وسيع آھي. ان لاءِ مان توھان کان ڪجھ مدد وٺڻ چاھيان ٿي، جيڪڏھن توھان ......“ ھن جي جملي کي مون ڪٽيندي چيو. ”ھا بلڪل توھان جيڪا مدد مون کان وٺو، مان اُھا ڪرڻ لاءِ تيار آھيان.“ مون چيو ۽ ھوءَ اھو ٻڌي مطمئن ٿي وئي ۽ چانھ پيئندي پڙھائي جي باري ۾ ڳالھائڻ لڳي.

اھا ھئي منھنجي پھرين ملاقات ۽ ان کان پوءِ اسان جو ھڪ ٻئي سان ھڪ نه ٻئي ڏينھن ملڻ ضرور ٿيندو ھو.

ھن عورت جي عمر لڳ ڀڳ ڇٽيھ سال ٿي لڳي، پر ھُن مون کي ٻڌايو ته ھن جي عمر ٽيتاليھ سال آھي. عورتون عمر جي باري ۾ ڪڏھن سچ نه ڳالھائينديون آھن. پر ھوءَ ڏاڍي سادي ھئي. جڏھن ته ھن جي صحت ايتري سٺي ھئي، جو جيڪڏھن ھو ڏھ سال گھٽ به ٻڌائي ھا ته مان يقين ڪري وڃان ھا. ھن ٻڌايو ته ھن جو ھن جھان ۾ ڪير به نه آھي، ھُن پنھنجي مرحوم ڀيڻ جي ڌيءَ کي پاليو ھو. ان جي به ھاڻ شادي ڪرائي ڇڏي آھي ۽ اھا به ڪنھن ٻئي شھر ۾ رھندي آھي. ھوءَ پنھنجي ڪم واري ماسيءَ سان گڏ رھندي آھي.

آھستي آھستي اسان جو روز ھڪ ٻئي وٽ اچڻ وڃڻ ٿيندو رھندو ھو. ۽ جنھن ڏينھن ھوءَ ڪنھن مجبوريءَ سبب نه اچي سگھندي ھئي ته مان فون ڪري ھن سان ڳالھائي ضرور وٺندو ھئس ۽ جڏھن ھوءَ وڃڻ لڳندي ھئي ته الائي ڇو مون کي پنھنجو ننڍپڻ ياد اچڻ لڳندو ھو. ڪٿي اھا عورت وينگس ته نه آھي. منھنجو اندر ٻوليندو ھو. ائين لڳو ھو ڄڻ ڪنھن ڪنڊ ۾ وينگس جو واسو آھي. ڪڏھن ڪڏھن اِھو سوچي ھن ڏانھن تکي نھار وجھندو ھئس ته ھوءَ مون کي ائين نھاريندي اکيون ھيٺ به ڪري ڇڏيندي ھئي ۽ مون کي لڳندو ھو ته ھوءَ به ڪجھ پڇڻ چاھيندي ھجي. اھا ڳالھ ڪيئن ٿي معلوم ٿي سگھي. ۽ مان وري اڄ تائين ھن کان نالو به نه پڇي سگھيو ھئس. پھرئين ھمت ڪئي به ھئم، پر وري الائي ڪھڙي احساس مون کي جھلي ڇڏيو ۽ ائين لڳو ھو، جيڪڏھن ڪنھن مھل ھوءَ ٻڌائي ته ھن جو نالو وينگس نه آھي نه منھنجو اندر اھا ڳالھ قبول ڪري سگھندو، بس انھيءَ ڊپ ۾ ھن کان نالي پڇڻ جي سگھ ئي نه ساري. ۽ وري اھو به سوچيم پئي جيڪڏھن نه ھوندي ته پا ھاڻ ھن کان سواءِ رھي به سگھندو. عجيب سوچ ٿي وئي منھنجي. ھن جي سھاري جي ضرورت مون کي ڇو ٿي رھي ھئي. جڏھن ته ڪجھ ڏينھن جو ملڻ ته ھو ۽ وري خبر نه آھي، ڪڏھن وري ملون يا نه منھنجي اندر اھو سڀ ڪجھ ٿي ڪرايو. انھيءَ جذبي تحت ڪڏھن ڪڏھن مان ھُن جي ھٿ کي ڇھي به وٺندو ھئس ۽ ھوءَ ڪجھ به نه ڪُڇندي ھئي. پر اکيون ھيٺ ڪري اتان جلدي وڃڻ چاھيندي ھئي.

آخر ھڪ ڏينھن مون ھمت ڪري ھن کان نالي پڇڻ جو سوچيو، ائين کوڙ ڀيرا مان ھُن کي اھو ٻڌائي چڪو ھئس ته مون کي ھڪ ڳالھ توھان کي چوڻي آھي، ۽ اڄ سڀ ھمتون گڏ ڪري آخر پڇي ورتم ته ڇا! ننڍپڻ ۾ توھان ڪڏھن ھتي رھيا آھيو! اھو پڇندي ڪيفيت عجيب ٿي وئي ھئي منھنجي.

”نه مان ڪڏھن به ننڍپڻ ۾ ھتي نه آئي آھيان، ھتي جاب جي سلسلي ۾ چئن سالن کان رھان ٿي. اصل ۾ منھنجو ننڍپڻ ڪراچي شھر ۾ گذريو آھي.“ اھو ٻڌي منھنجو ته ننڍپڻ الائي ڪٿي گُم ٿي ويو ۽ مان وڌيڪ اداس ٿي ويس.

ھوءَ ڪجھ ھٻڪي ۽ پوءِ چوڻ لڳي، ”ته اھو سوال پڇڻ لاءِ توھان ايترا بي چين ھئا.“ ھن جي لھجي ۾ تکاڻ اچي وئي.

مون ڪوبه جواب نه ڏنو.

ھن ڦاٽڪ تان پنھنجا ھٿ ھٽائي ڇڏيا ۽ اداس چھرو کڻي منھنجو ڪو جواب نه ٻڌي ڪجھ نه ڳالھائيندي پنھنجي گھر ڏانھن رواني ٿي ۽ مون ھن جي چھري ۾ ڏٺو ته ھُن جي اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويا ھئا.

مون محسوس ڪيو، ھن جي وڃڻ سان مان اڪيلو ٿي ويو ھئس، ۽ ڪجھ کسجي وڃڻ جو احساس ٿيڻ لڳو ۽ مون به خوديءَ ۾ ھن کي سڏڻ شروع ڪيو ۽ منھنجي وات مان وينـ ... جو لفظ نڪتو ۽ ھُن بي خودي مان مون کي نھاريو ۽ مون ڏانھن وڌي آئي ۽ مان حيران ڏسندو رھيس، جڏھن ته ھوءَ وينگس به نه ھئي.

”مون سمجھيو ٿي ته توھان مون کي ڪجھ ٻيو چوڻ وارا آھيو.“ ھوءَ روئڻھارڪي ٿي وئي.

ھينئر مون کي پنھنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو ۽ مون چيو حقيقت ھيءَ آھي ته مون توھان کان معلوم ڪرڻ ٿي چاھيو ته ڇا توھان ھميشه لاءِ منھنجا ٿيڻ پسند ڪندو“.

اھو ٻڌي ھن جي چھري تي لالاڻ اچي وئي ۽ ھوءَ شرمائجي ڪجھ به چوڻ بنان گھر ڏانھن وڃڻ لڳي.

مون کي لڳو پنجٽيھ سال پھرئين وانگر منھنجو خواھشون اڄ به ھن ڦاٽڪ جي چوڌاري ڦري رھيون ھيون. ڦاٽڪ منھنجي دل جي ڪيفيت کي ڄاڻي ورتو آھي ۽ ھو پري کان ڏسي مون ڏانھن مرڪي رھيو آھي. 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com