سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

 

صفحو :8

رابعه ڀٽو (سائيڪالاجي)

(1) منھنجي خيال ۾ مطالعي جو تعلق شوق سان آھي ۽ ڳالھ اھا آھي ته شوق ڪيئن پيدا ٿئي. ھن ۾ وڏو ھٿ ماحول جو آھي. ٻارن کي يا اڄ جي شآگرد کي اھڙو ماحول مھيا ڪيو وڃي جنھن سان انھن ۾ وڌ ۾ وڌ مطالعي جو شوق پيدا ٿئي ۽ انھن ۾ Motivation پيدا ڪجي ۽ اھو سڀ ڪجھ ھڪ استاد ڪري سگھي ٿو. استاد ڪورس جي ڪتابن کان سواءِ ٻي معلومات به مھيا ڪن، ته جيئن انھن ۾ دلچسپي پيدا ٿئي ۽ ٻارن کي فنون لطيفه، تاريخ، ادب جا ڪتاب به پڙھائجن ۽ انھن ۾ تخليقي سگھ پيدا ڪجي. ٻار جي ذھني نشونما ھڪ استاد ئي ڪري سگھي ٿو ۽ انتظاميا جي لاءِ به چوندس ته نصاب ۾ به اھڙيون شيون شامل ڪن، جنھن ۾ انھن جي دلچسپي پيدا ٿئي ۽ آخر ۾ ميڊيا کي ذميوار سمجھان ٿي. ٻار سڄو ڏينھن T.V يا Internet تي گذارين ٿا، ٻارن ۾ صلاحيتون موجود آھن، بس انھن کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آھي.

(2) سٺو شاگرد اڄ به ائين پڙھي ٿو، جيئن اڳ ۾ پڙھندو ھو. ان ۾ سڄو ذميوار انتظاميا کي به سمجھان ٿي. اھي سينٽر ۾، اسڪول يا ڪاليج ۾ سختي ڪن ته ٻار ضرور پڙھندو ۽ تعليم جي نظام کي به اھڙو دلچسپ ۽ آسان بڻائجي جنھن سان ڪاپي ڪرڻ جي ضرورت نه پوي.

سيما پٺاڻ (ليڪچرر اسلامڪ ڪلچر)

(1) اڄڪلھ شاگردن ۾ مطالعي جو رجحان ان ڪري گھٽ آھي جو ميڊيا ايتري ته تيز ٿي وئي آھي، جو اڄڪلھ شاگرد گھڻو ڪري پنھنجو وقت T.V يا Computer جي سامھون ويھي ڪري گذاري ٿو. مان ائين نه چوندس ته ھو ميڊيا مان ڪجھ نه ٿو حاصل ڪري، ھُو انھن جي سامھون ويھي ان کي ٽائيم گذرڻ جو احساس ئي نه ٿو رھي، جنھن ڪري به ھُو مطالعي کان پري ٿي رھيو آھي. ڇو جو انھن کي ڏسي ھُن جو ذھن ايترو ته ٿڪجي پوي ٿو جو پوءِ ان ۾ مطالعي جي طاقت ئي نه ٿي رھي، ڇو ته مطالعي ڪرڻ ۽ ڪتاب کي سمجھڻ لاءِ ھڪ فريش ذھن جو ھجڻ ضروري آھي.

تبسم شاھ (ليڪچرار انگلش)

(1) (i) مائٽن طرفان گھربل ماحول مھيا نه ڪرڻ (ii) ٽائيم جي گھٽتائي، ڇاڪاڻ ته اسڪول کان پوءِ جو ٽائيم ٽيبل ۾ ٽيوشن ۽ ٻين سرگرمين کان پوءِ ايتري ٽائيم جي گنجائش ئي نه ڇڏي ويندي آھي ته مطالعي لاءِ ٽائيم بچي. (ii) مائٽن جو ٽي وي ڏانھن لاڙو، ٻار جو ان طرف رجحان پيدا ڪري ٿو.

(vi) ڪمپيوٽر جي وڌندڙ رجحان، ڪتاب جي مطالعي تي برو اثر وڌو آھي.

(2) ڪاپي ڪلچر ختم ڪرڻ لاءِ انقلابي قدم کڻڻو پوندو. آءٌ نه ٿي سمجھان ته اڄ جو استاد پريڪٽيڪلي ھن ناسور کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، بھتر آھي ته امتحان ڪرائڻ وقت استاد پنھنجو سچائي ۽ ايمانداريءَ سان فرض نڀائڻ ۽ ڪنھن جي داٻي ۾ نه اچن.

زھره شيخ (ليڪچرر زولاجي)

(1) اڄڪلھ جي شاگردن ۾ مطالعي جو رجحان گھٽ انھيءَ ڪري آھي آھي، جو اڄڪلھ ميڊيا جو دور آھي، ٻار انھن شين کي وڌيڪ اھميت ڏين ٿا، جيڪڏھن ڪنھن شاگرد ۾ مطالعي جو شوق آھي ته وري گھرن جا مسئلا ۽ انھن مسئلن جي ڪري ٻار تعليم ڏانھن گھٽ ڌيان ڏئي ٿو. اصل ۾ شاگرد تي گھر جي ماحول جو اثر وڌيڪ آھي. گھر ۾ تعليم جو ماحول ٻار کي ملندو ته شاگردن جو مطالعي ڏانھن رجحان ٿيندو.

(2) ڪاپي ڪلچر کي ختم ڪرڻ تمام مشڪل آھي. ان کي ختم ڪرڻ لاءِ پوري تعليمي ماحول کي تبديل ڪرڻو پوندو، جيڪو اسان جي سنڌ ۾ ٿيڻ ناممڪن آھي. اسان جي سماج مان اھو مرض ختم ٿيڻ تمام مشڪل آھي.

نعمت النساءِ (اسلامڪ ڪلچر)

(1) ٻار مطالعو ڪن ٿا پر ڪورس کي نٿا پڙھن، بلڪه ڪورس کان ھٽي ٻيا شيطاني ڪتاب پڙھن ٿا، ان ڪري مطالعي جو رجحان صحيح ٿئي ئي ڪونه ٿو. شاگردن کي به سرپرستي ڪندڙ صحيح گائيڊ نه ٿا ڪن. انڪري صحيح ڄاڻ شاگردن تائين پھچي ئي ڪانه ٿي.

(2) ڪاپي ڪلچر کي ختم ڪرڻ جو ھڪ سولو ۽ آسان طريقو اھو به آھي ته جيڪو به پڙھائيءَ جو سسٽم آھي، سو ان ئي طريقي سان ھلي، پر امتحان ۾ System بدلائجي. يعني پيپرن ۾ سوالن کي پرنٽ نه ڪرائجي. بلڪه امتحان ھال ۾ ھر شاگرد کي اھو چئجي ته ”اوھان پنھنجي مڪمل ڪورس مان ڪن به پنجن سوالن کي چونڊي، انھن کي چڱيءَ طرح واضح ڪري لکو؟ ان طرح سان ڪاپي جو رجحان بلڪل ختم ٿي ويندو ۽ شاگردن جي Study جو Level به سامھون اچي ويندو ته ڪھڙو شاگرد پڙھي، امتحان ڏيڻ لاءِ امتحان ۾ پھتو آھي.

فوزيه ابڙو (ليڪچرر پوليٽيڪل سائنس)

(1) اڄڪلھ جي شاگردن ۾ مطالعي جو رجحان انڪري گھٽ آھي، جو، شاگرد ميڊيا جي طرف ڌيان ڏيئي رھيو آھي ۽ ٻي اھا ڳالھ آھي ته اڄ جو شاگرد ڪمپيوٽر ۽ ٻيو انٽرٽينمينٽ جي طرف وڌيڪ راغب اچي رھيو آھي. پھرين اھو ھوندو ھو ته شاگردن کي ڪٽنب جو سھارو ھوندو ھو ته شاگردن کي ڪٽنگ جو سھارو ھوندو ھو، ۽ ھر مائٽ جي نظر پنھنجي ٻار طرف ھوندي ھئي، پر ھاڻي اھو ٿيو آھي جو ايترو ٽائيم اڄ جي دور ۾ گھر وارن کي به نه آھي جو اھي پنھنجي ٻار جي طرف نظر رکن ۽ ٻار کي ان طرف ڌيان ڏيارين. ان کان علاوه اسان جي سوسائٽيءَ ۾ اھڙو ته پارٽي سسٽم ٿي ويو آھي جو، اڄ جي شاگردن جو رجحان ان طرف وڌي رھيو آھي. اھو سبب آھي جو اڄ جو شاگرد مطالعي جي طرف ڌيان گھٽ ڏيئي رھيو آھي، ان کان علاوه ھڪ ٽيچر جي حيثيت سان اسان جو به اھو فرض آھي جو اسان پنھنجي شاگردن جو رجحان مطالعي جي طرف ڪريون ۽ انھن ۾ اھا ڄاڻ ڏيون ته اھي مطالعو ڪن.. اسان جڏھن ڪلاسن دوران وڃون ته انھن کي ڪجھ پنھنجي ادب جي باري ۾ ٻڌايون ته انھن جي معلومات ۾ اضافو ٿيندو.

مسز افروز ستار قاضي (ايسوسيئيٽ پروفيسر)

1. منھنجي خيال ۾ اڄڪلھ شاگردن ۾ مطالعي جو رجحان ان ڪري گھٽ آھي جو شروع کان وٺي يعني ننڍپڻ کان وٺي ٻارن جون مصروفيون T.V ۽ ڪمپيوٽر تائين محدود رھجي ويون اھن. اسڪول ۽ ڪاليج کان پوءِ جو ٽائيم ٻار، T.V ڏسڻ ۽ ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي ويھڻ پسند ڪن ٿا. ان ڪري شاگردن ۾ مطالعي جو رجحان بلڪل ختم ٿيندو پيو وڃي. جيڪڏھن ٻارن جي وقت کي اسڪول ۽ ڪاليج جي ٽائيم کان پوءِ مائٽ سندن ٽائم ورھائي کين پڙھڻ ۽ مطالعي ڪرڻ جي عادت پيدا ڪن، ٻارن کي سٺا ڪتاب پڙھڻ لاءِ ميسر ڪن ته يقيناً ٻارن ۾ پڙھڻ ۽ مطالعي جو شوق پيدا ڪري سگھجي ٿو. پر افسوس ته اڄڪلھ ڪنھن به گھر ۾ ڪا لائبريري موجود نه آھي ۽ مائٽ ڪتاب خريد ڪرڻ بجاءِ ڪيسٽ ۽ C.D وٺڻ پسند ڪن ٿا. اھو ئي سبب آھي ته شاگردن مان مطالعي جو رجحان تقريباً ختم ٿيندو پيو وڃي.

(2) اڄڪلھ ڪاپيءَ جو رجحان تمام گھڻو وڌندو ٿو وڃي. اھو ڪير به سمجھڻ لاءِ تيار نه آھي ته اسان پنھنجي قوم جا پاڻ دشمن آھيون، جيڪي ٻار ڪاپي ڪري صرف امتحان ته پاس ڪري ڇڏين ٿا، پر اُھي پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪامياب نه ٿا ٿي سگھن.

ڪاپيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ سڀ کان پھريون فرض اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ کي ادا ڪرڻو آھي. انھن ادارن کي بنان ڪنھن امتياز جي سختي ڪرڻي پوندي. ڪنھن به اثر رسوخ ھيٺ ناھي اچڻو.

ٻيو قدم استادن کي کڻڻو آھي، ته اُھي شاگردن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو ايترو شوق پيدا ڪن، جو ھو پنھنجي تعليم کي بارنه سمجھن ۽ پوري دلچسپيءَ سان پڙھن ته کين ڪاپي ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ٿئي.

ان سان گڏ سندن مائٽن کي قدم کڻڻو آھي ته پنھنجي ٻارن کي اھو محسوس ڪرائن ته محنت ۾ ئي عظمت آھي. پنھنجي محنت ڪرڻ ۾ ئي ڪاميابي آھي. ٻيو مائٽ سفارش ڪرڻ کان پاسو ڪن.

منھنجي خيال ۾ جڏھن اسان پنھنجي ٻارن جي تعليم ۾ سفارش نه ڪنداسين، يقيناً اھي محنت ڪرڻ ۽ پڙھڻ تي مجبور ٿيندا. اسڪولن، ڪاليجن ۾ سڀني سان ھڪ جھڙو سلوڪ رکيو ويندو ۽ شاگرد محنت ڪندا. استاد، مائٽ ۽ معاشرو گڏجي ڪاپي ڪلچر کي ڪنٽرول ڪري سگھن ٿا.

 

ڊاڪٽر بختاور ڄام

ٽُڪا سَتن موتمار بيمارين کان محفوظ رکن ٿا

 

اسان جي ماڻھن جا طور طريقا به عجيب آھن، ريتون، رسمون ۽ روايتون به عجيب آھن، جتي پنھنجي محنت جي ضرورت ھوندي، اُتي ٻه قدم پوئتي ھونداسين، جتي ٿوري اھڙي ڳالھ ھوندي جنھن ۾ ذاتي فائدو نظر نه ايندو ته ان کي روايتن جي ابتڙ سمجھي ڇڏي ڏينداسين.

ٻار خدا جي نعمت آھن، مستقبل جا ابا ۽ ھن ڌرتيءَ جي ايندڙ وقت جا وارث آھن. ۽ انھن ڏانھن اسان جو رويو ڇا ھوندو آھي، حيران ڪندڙ آھن جيئن جھنڊ لھڻ تائين ٻار گھران نه نڪرندو، يعني ٻار کي ٽي بي کان بچاءَ جو ٽُڪو نه لڳي؟ جھِنڊ لھڻ کان پوءِ، ٻار جي ماءُ کي چلي تائين گھران نڪرڻو ناھي، تنھن ڪري ٻار کي ٽڪو نه لڳندو. ان کان پوءِ بھانن مٿان بھانو. ڪمن کان واندڪائي ناھي جو وڃجي ۽ معصوم ٻار کي بيمارين کان بچاءَ جو ٽڪو ھڻائجي، شابس آھي، اھڙن مائٽن تي، جيڪڏھن ڀت جي دعوت اچي ويئي ته ساگھرو وڃي لھبو، اَٺ ڏينھن ٽڪبو به سھي پر ٽڪو ھڻائڻ لاءِ نه وقت نه شھر وڃڻ لاءِ پئسو آھي.

پر وري به حڪومت جي مھرباني آھي جو ٻارن جي سُنتن مخلتف بيمارين کان بچاءُ جو پروگرام ايڪئينيفيڊيڊ پروگرام آف ايمبو فانائيزيشن ھلندڙ آھي، جنھن تحت ھو سرڪاري اسپتال ۾ ٽُڪا لڳايا وڃن ٿا. پوليو جي خلاف مھم ھلائي وڃي ٿي پر ان جي باوجود ڳوٺ ته ٺھيو پر ڪٿي ڪٿي شھرن م به ٻارن کي ٽُڪا نٿا لڳايا وڃن. عطائي ڊاڪٽرن رڻ ٻاري ڏنو آھي. ھر مريض کي سُئي ھڻي (ساڳي سرنج سان) بيماريون پکيڙي رھيا آھن. اھڙي صورتحال ۾ نه ٽُڪا ھڻائڻ وڌيڪ ضروري آھن. ٻارن سان گڏ ھر نوجوان عورت جنھن جي عمر 15 کان 45 سال آھي ڪنواري آھي يا شادي شده آھي ان کي ٽينسسِ ٽاڪسائيڊ جو ٽڪو لڳرائڻ گھرجي جيڪو پڻ سرڪاري اسپتال يا LHW ھٿان ڪميونٽي ۾ لڳرايو ويندو آهي. جن ست مختلف بيمارين جا ٽڪا لڳايا وڃن ٿا اُهي هي آهن، ٽي. بي، سائي، اُرڙي، ڪاري کنگهه، جهٽڪن جي بيماري ۽ پوليو شامل آهن.

 

چمڙيءَ جي حفاظت

دعا ممتاز

 

ڪيترا ماڻهو اهڙا آهن، جن کي خبر ڪانهي ته سندن چمڙي ڪهڙي قسم جي آهي ۽ انهن کي اها به خبر ڪانه هوندي آهي ته هو پنهنجي چمڙيءَ تي ڇا استعمال ڪن، گهٽ ڄاڻ ۽ اشتهارن کي ڏسي هو اهڙا لوشن ۽ ڪريمون استعمال ڪن ٿا، جيڪي نقصانڪار ثابت ٿين ٿا. هتي اسين توهان کي ڪجهه اهڙا سستا ۽ آسان نسخا ٻڌايون ٿا جن کي استعمال ڪري توهين لاڀ پرائي سگهو ٿيون.

چمڙيءَ جا سڀ پروڊڪٽس اکيون بند ڪري نه خريد ڪريو پر سوچي سمجهي ۽ پنهنجي چمڙيءَ جي مناسب سان خريد ڪريو ۽ استعمال ڪريو______________ (ادارو).

توھان جا وار خشڪ  آھن ۽ مٿي جي چمڙي به خشڪ آھي ته توھان ”بنانا پيڪ“ استعمال ڪريو. ٻه عدد ڪيلا ۽ ٻه چمچا ماکي گرائينڊر ڪريو، جيئن پيسٽ ٺھي وڃي. ھاڻ پيسٽ کي اڌ ڪلاڪ پنھنجي وارن ۾ لڳايو. ان کان پوءِ ڪنھن سٺي شيمپو سان وار ڌوئي صاف ڪريو.

هڪ پِتائي گجر پيهي ان ۾ نم جي پنن جو ٻه چمچا عرق ۽ ٿورو عرق گلاب ملايو. ان کي فيس ماسڪ طور استعمال ڪريو.

ٻه چمچا چانور پيٺل، ٻه چمچا پپيتو ۽ کير ملائي گرائينڊ ڪريو ۽ مُنهن تي اڇا داغ يا ڌاٻ هجن ته هڻو ته مُنهن صاف ٿي ويندو.

پائين ايپل جو جوس، ٻه چمچا ماکي هڪ ليمي جو رس پاڻ ۾ ملائي. اُهو پيسٽ سياري ۾ چمڙيءَ تي هڻو، خشڪيءَ لاءِ بهترين آهي.

ڏندن کي موتين جيان چمڪائڻ جي لاءِ هڪ چمچو ليمن پيل پائوڊر، ٻه چمچا اورنج پيل پائوڊر ملائي ڏندن تي هڻو، ڏند صاف ٿي ويندا.

اڌ پٽاٽي جو جوس، هڪ چمچو ماکي، هڪ عدد بيضي جي اڇاڻ ملايو، هاڻ مُنهن تي اهڙي جڳهه تي هڻو جتي رنڪلز پئجي ويا هجن، ائين ڪرڻ سان منهن جا گهنج لهي ويندا.

مُنهن جي نرمي

مُنهن جي نرميءَ کي برقرار رکڻ جي لاءِ ٻه عدد ڪيلا ۽ هڪ بيضو ملائي چهري تي هڻو. پندرهن منٽن کان پوءِ پاڻيءَ سان مُنهن ڌوئي ڇڏيو.

هٿن جي چمڙيءَ کي نرم رکڻ لاءِ ٻه ڪيلا ليمي جي رس ۾ چڱيءَ طرح ملائي هٿن تي هڻو، جڏهن ڪيلا هٿن تي سڪي وڃن ته هٿ ڌوئي صاف ڪريو.

هڪ پٽاٽي جو جوس ڪڍي ان ۾ ليمي جو جوس ملايو. هاڻ سُڄي منهن تي هڻي ڪپهه سان مالش ڪريو. ان سان توهان جي مُنهن جي چمڙي نرم ۽ تازي ٿي ويندي ۽ مُنهن جي سختي ختم ٿي ويندي.

اکين جي هيٺان ڪارا داغ ٿي پوندا آهن، انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ پٽاٽي جو جوس، ليمي جو جوس، تازي ڪريم ۽ ميٽ ملائي پيسٽ ٺاهيو. هاڻ ان پيسٽ کي اکين جي هيٺان هڻو.

سڻڀي چمڙي

جيڪڏهن توهان جي چمڙي سڻڀي آهي ته توهان جو پيسٽ چهري تي هڻو. خشڪ ٿيڻ کان پوءِ مُنهن ڌوئي ڇڏيو.

هڪجهڙي چمڙيءَ جي لاءِ ٻه چمچا ميٽ، هڪ ليمي جو رس ۽ هڪ ٽماٽي جو پيسٽ ملايو ۽ منهن تي هڻو، سڪي وڃڻ کان پوءِ منهن ڌوئي ڇڏيو، ان سان مُنهن تي جيڪو سڻڀ نظر ايندو آهي، اهو ختم ٿي ويندو.

مُنهن جي خشڪي کان پريشان نه ٿيو، پنج باداميون پيهي وٺو، ان ۾ تازي ڪريم ۽ ليمي جو رس ملائي منهن تي پندرهن منٽ هڻو.

سو گرام گوبي اٻاريو، ان پاڻيءَ سان مُنهن ڌوئي صاف ڪريو. توهان جي چمڙي هڪجهڙي نظر ايندي.

هٿن جي چمڙيءَ جي رنگ صاف ڪرڻ لاءِ ڏهن بادامين جو پيسٽ ڪريو، ان ۾ کوپري جو تيل ۽ اڌ ليمي جو رس ملايو. هاڻ پنهنجي ٻنهي هٿن تي هڻو ۽ ڪجهه دير ائين هٿن جي مالش ڪريو. هٿ صاف ٿي ويندا.

پٽاٽي جو جوس

مُنهن تي ماسڪ لڳائڻ سان به چمڙي سٺي ۽ نرم ٿئي ٿي. اڌ گجر کڻو، ٻه چمچا ماکي ملائي پيسٽ ٺاهيو. ان ماسڪ کي اڌ ڪلاڪ مُنهن تي هڻو.

هڪ صوف ان ۾ ٽي چمچا کير ملايو، ان کي گرائينڊ ڪري پيسٽ ٺاهيو، ان جو چهري تي ماسڪ لڳايو.

نَنهن کي جيوڙن کان محفوظ ڪرڻ لاءِ ليمي جي جوس ۾ ٻوڙي رکو. ننهن اندران به صاف ٿي ويندا.

توهان وٽ ميني ڪيور لاءِ وقت ڪونهي ته توهان هڪ چمچو کنڊ کڻو ۽ ليمي جي رس سان هٿن کي مهٽيو، هي عمل ميني ڪيور جو بهترين حل آهي.

 

مارئي صالح

رڌ پچاءُ

ڪريمي فيش ڪٽلس Creamy Fish Cutlus

گهربل شيون:

1 مڇي                    ٻه ڀيرا

2 بصر ڪٽيل            هڪ عدد

3 پٽاٽا اُٻريل             هڪ پيالي

4 فريش ڪريم          هڪ پيالي

5 ڊبل روٽيءَ جو چُورو      اڌ پيالي

6 ساوا مرچ             ٻه عدد

7 لوڻ                    اڌ چانهه جو چمچو

8 ساوا ڌاڻا            ضرورت آهر

9 تيل                   ترڻ لاءِ ضرورت آهر

10 ٽماٽا                 هڪ عدد

11 سلاد پتا             هڪ عدد

12 شملا مرچ          هڪ عدد

ترڪيب: مڇي جي ٻيرن کي ڌوئي، گرم پاڻي ڪري اوٻاريو ۽ انهن مان ڪنڊا ڪڍي ڇڏيو ۽ پوءِ انهيءَ ۾ فريش ڪريم، اٻاريل پٽاٽا، ڪٽيل بصر، ساوا ڌاڻا، ساوا مرچ وجهي گرائينڊ ڪريو ۽ لوڻ ۽ ڊبل روٽي جو چُورو پڻ ملائي ڇڏيو.

هاڻي ويهن منٽن تائين رکي ڇڏيو. ۽ پوءِ ڪٽلس جي شڪل ۾ تڪيون ٺاهيو ۽ فرج ۾ هڪ ڪلاڪ لاءِ رکي ڇڏيو. فرائي پين ۾ تيل وجهي هلڪي باهه تي تري وٺو ۽ ٽماٽا، سلاد پتا ۽ شملا مرچ پليٽ ۾ پاسن کان سجائڻ لاءِ رکو ۽ مهمانن کي پيش ڪريو.

اسٽيم چڪن      Steam Chicken

گهربل شيون:

چڪن جا ننڍا پيسز                 هڪ ڪلو گرام

ڪچو پپيتو پيٺيل                 ٻه چانهه جا چمچا

لوڻ                                   هڪ چانهه جو چمچو

ڳاڙها مرچ                          هڪ چانهه جو چمچو

گرم مصالحو پيٺل               اڌ چانهه جو چمچو

ٿوم ۽ ادرڪ پيٺل                اڌ چانهه جو چمچو

پٽاٽا                                ٽي چار عدد

ڏهي                              هڪ پيالي

ليمي جي رس                  اڌ پيالي

ترڪيب: چڪن جي ٽُڪرن کي ڌوئي وٺو. پٽاٽن کي ڇلي چوڪور شڪل ۾ ڪٽي وٺو. ڏهي ۾ ادرڪ، ٿوم، ليمي جي رس، ڪچو پپيتو ملايو ۽ پوءِ سڀني شين کي چڱيءَ طرح مڪس ڪيو. هاڻي انهيءَ کي ڏهيءَ کي چڪن ۽ پٽاٽن جي ٽڪرن کي سٺي نموني لڳايو ۽ اهڙي طرح لڳايو جيئن سڀ مصالحا انهن ۾ جذب ٿي وڃن. هاڻي چڪن ۽ پٽاٽن کي فوائل جي چوڪور ٽُڪرن ۾ بندا ڪندا وڃو. پوءِ پريشر ڪڪر ۾ هڪ گلاس پاڻي وجھو ۽ ڪُڪُر جي ڄاريءَ ۾ فوائل بند ٿيل چڪن ۽ پٽاٽن جا پيسز رکو. پريشرڪُڪُر کي بند ڪري باهه تي رکو. سيٽي وڄڻ جي پندرهن منٽن کان پوءِ باهه بند ڪريو ڇڏيو. چڪن ۽ پٽاٽن جا ٽُڪرا اسٽيم ۾ ئي ڳري چڪا هوندا. اسٽيم چڪن تيار آهي، کائڻ لاءِ پيش ڪريو.

 رس ملائي

گهربل شيون:

1 کير                     هڪ پاءُ

2 کنڊ                     اڌ پاءُ

3 تيل                    اڌ ڪپ

4 ڏونگهي پستا        ضرورت آهر

5 بادام ڪشمش ضرورت آهر

6 زردي جو رنگ ضرورت آهر

ترڪيب: ٻه پياليون پاڻي ۽ کنڊ ديڳڙيءَ ۾ وجهي، انهيءَ جي چاش ٺاهيو ۽ ٿورڙو زردي جو رنگ به ملايو. ٻيءَ ديڳڙيءَ ۾ تيل گرم ڪري ننڍا ڦوٽا وجهي، انهيءَ ۾ سَيُون ڀڃي وٺو. ۽ چاش جيڪا ٺاهي هئي، اُها وجهي ٿورو ڀڃي وٺو، جڏهن پاڻيءَ صفا خشڪ ٿي وجهي بادام، پستا، ڏونگهي، ڪشمش ڪٽي مٿان وجهو.

 ذائقيدار مٺي ڊبل روٽي

گهربل شيون:

1 ڊبل روٽي                اٺ ٽوش

2 کير                       هڪ ڪوپ

3 بيدا                       چار عدد

4 کنڊ                       پاءُ

5 تيل                     ضرورت آهر

ترڪيب: ڊبل روٽي جي ڪنارن کي ڇُريءَ سان ڪَٽي وٺو، هڪ پياليءَ ۾ بيدن کي ڦيٽي ان ۾ کنڊ ۽ کير به مڪس ڪريو ۽ چڱي طرح ڦيٽيو. هاڻي انهيءَ ۾ ڊبل روٽي پندرهن منٽن تائين ڀڄائي رکو. فرائي پين ۾ تيل گرم ڪري واري واري سان اهي سلائيس وجهندا وڃو ۽ سنهري ٿيڻ تي لاهي وٺو. لذيذ مٺي ڊبل روٽي کائڻ لاءِ پيش ڪريو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com