سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

 

صفحو :4

  منھنجي پريم ڪھاڻي

(حصو پھريون)

راڻي سِدرا

 

منھنجو تعلق سنڌ جي ھڪ سفيد پوش گھراڻي سان آھي. مان ھينئر ڇا ٿي ڪريان؟ ڪٿي رھان ٿي؟ اھي سڀ ڳالھيون مون لاءِ ڪا معنيٰ نٿيون رکن. پر اڄ تائين زندگيءَ جيڪو ڪجھ جھول ۾ وڌو اٿم. خاص ڪري پريم جي راھن تي ھلندي جيڪي روح کي راحتون ۽ رھنڊون مليون آھن، انھن دُکي توڙي سکي احساسن کي پني تي لاھڻ جي جرئت ڪئي اٿم. ڇو ته ھينئر انھن دُکي توڙ سکي احساسن کي پني تي لاھڻ جي جرئت ڪئي اٿم. ڇو ته ھينئر انھن زخميل احساسن ۽ جذبن کي اندر ۾ سموھڻ جي به جڳھ اٿم نه شڪتي!

ھونئن ته زندگيءَ ۾ نه گھڻا سک مليا نه گھڻا ڏک. مڙئي وھنوار برابر رھيو. پر اڄ عمر جي خاص حصي گذارڻ کان پوءِ به جيڪا ڪمي زندگيءَ ۾ رھجي وئي آھي اھا ڪيفيت توھان سان ونڊن چاھيان ٿي.

مون کي اھو ڏينھن چٽيءَ طرح ياد آھي جڏھن منھنجي عمر اڃا 22 سال مس ھئي. مان ان وقت M.B.B.S ٻئي سال ۾ پڙھندي ھئس ۽ ھاسٽل ۾ رھندي ھيس. ھڪ ڏينھن منجھند ڌاري جيئن ئي T.V لائونج مان اچي رھي ھئس ته ٽيليفون جي گھنٽي وڳي. ان مھل پٽيوالي شايد ڪيڏانھن ويل ھئي. نيٺ مون رسيور کڻي چيو ھيلو: پريان ڪنھن ڇوڪري جو آواز ھو، جنھن ڳالھايو. مون ھن کان پڇيو: ”توھان کي ڪنھن سان ڳالھائڻو آھي.“

ھُن کن پل خاموش رھڻ کان پوءِ چيو، ”توھان ائين نه سمجھجو ته مان ھرڀرو ڪنھن ڇوڪريءَ کي تنگ ڪرڻ لاءِ فون ڪئي آھي، پر مون کي Anatomy جو سبجيڪٽ پڙھندي ايتري ته ٿڪاوٽ محسوس ٿي رھي ھئي جو بيخوديءَ مان توھان جي ھاسٽل جو نمبر ڊائل ڪيم سو I am sorry. ائين چئي ھُن فون رکڻ پئي چاھي، پر جيئن ته آءٌ به صبح کان پڙھي پڙھي ٿڪجي پئي ھيس ۽ ننڊ به نه پئي آئي، سو مون شرارت ڪندي چيومانس ته مون سان به ساڳي ئي وڌن آھي. توھان فون نه رکو پاڻ ڪچھري ڪري Relax ٿا ٿيون. ھُن چيو، انڌو گھري ھڪ اک ....

ٻاھرين ڇوڪري سان ائين فري ٿيڻ جو مون لاءِ پھريون موقعو ھو. اسان ڪچھري ڪئي، سماج تي، سياست تي، ادب تي، پنھنجي سبجيڪٽ تي، مطلب ته دنيا جو ڪو موضوع نه ڇڏيوسون. ھو ڳالھائڻ ۾ ڏاڍو ھوشيار ۽ فضيلت وارو ھو. اسان چڱي دير ڪچھري ڪئي. ھن ٻڌايو ته ھو منھنجي خيالن کان ڏاڍو متاثر ٿيو آھي.

ھن موڪلائڻ کان پھرين مون کان نالو معلوم ڪرڻ چاھيو، پر مون لنوائي ڇڏيو. ھن پنھنجو نالو امتياز ۽ ھاسٽل جو روم نمبر مون کي ٻڌايو ۽ تاڪيد ڪيو ته جڏھن به دل چوئي ته مون سان ضرور ڳالھائجانءِ! مون دل ۾ چيو پڻھين جي نوڪرياڻي آھيان جو توسان ٿي ڳالھايان.“ توھان ڇوڪرا سڀ نڳ ۽ فراڊي. ڀانئيو ته ”پرائيءَ مائيءَ جو ڀونڊو به ڀلو.“ مان ڪمري ۾ اچي سمھي رھيس. ائين ڪافي ڏينھن گذري ويا پر امتياز سان ڳالھائڻ جو خيال نه آيو. ھڪ ڏينھن مان ۽ منھنجي روم پارٽنر ثمره ويٺي کل ڀوڳ ڪيو ته مون کيس امتياز سان ڪيل ڪچھريءَ بابت ٻڌايو. ثمره به مون وانگر ٽِڻنڪ ھوندي ھئي. ٻئي ڄڻيون شرارتن ۽ چالاڪيءَ جي ڪري پوري ھاسٽل ۾ مشھور ھونديون ھيونسين. مئڊم Provosit اسان کي ڏاڍو ڀائيندي ھئي ۽ اُن وِنگ جون ٻئي ڄڻيون ھيڊ به ھيون سين. سو ثمره چيو ته شانزه، ھل ته ھن ڇُوڪري کي ھلي تنگ ٿا ڪريون.“

ثمره نمبر ڊائل ڪري امتياز کي سڏرايو ۽ ساڻس ڳالھائيندي چيو ته توھان ان ڏينھن جنھن سان ڳالھايو ھو مان اُھا ئي آھيان، پر ھن چيس ته ”تون اُھا ڪانه ٿي لڳين.“ ”ڇو ڏسڻ ۾ پئي اچان ڇا؟“ ثمره وڏو ٽھڪ ڏيندي چيو. ۽ رسيور مون کي ڏنائين. مون جڏھن ھن سان ڳالھايو ته ھن ٻڌايو ته ”مان مسلسل تنھنجي فون جو انتظار ڪندو رھيو آھيان. جيڪڏھن توکي خراب نه لڳي ته مون سان روز ڳالھائيندي ڪر.“

”ھا ته جيئن وقت سٺو گذري.“ مون چيو.

”ھا، ائين ئي سمجھ. زندگيءَ کي ڪَٽڻو ئي ته آھي.“ ھُن چيو.

”زندگي گذارڻ ۽ ڪٽڻ ۾ فرق آھي.“ مون چيو.

اختلاف راءِ رکڻ سٺي ڳالھ آھي. ھن چيو.

بس اھو ڏينھن اھڙو ثابت ٿيو جو ان کان پوءِ روزانو اسين فون تي جيستائين ڪچھري نه ڪندا ھئاسين ته ڏينھن نه گذرندو ھو. مون کي پنھنجو پاڻ تي وڏو ڀروسو ۽ اعتبار ھو، ڇو ته منھنجي خاندان ۾ ڪيترائي ڇوڪرا جيئن منھنجا سوٽ ماسات مون تي اڪن ڇڪن ھوندا ھئا، پر ڪڏھن ڪنھن لاءِ ڪا اھڙي سوچ اندر م نه سرجي سگھي، سو مون ڀانئيو ته بس ائين ئي امتياز سان ڳالھائيندي رھڻ سان مون تي ڪو به اثر نه ٿيندو. اسان جي ان وابستگيءَ کي لڳ ڀڳ پورو سال گذري ويو ۽ ھاڻي ھُو مون کي نالو ٻڌائڻ جو اسرار نه ڪندو ھو، ڇو ته مون کيس چيو ھو ته جنھن ڏينھن تو منھنجو نالو ڄاڻي ورتو، اُھو ڏينھن پنھنجي اڻ ڏٺي دوستيءَ جو آخري ڏينھن ھوندو. ۽ ايتري عرصي تائين مان انھيءَ خوشفھميءَ ۾ رھيس ته جيستائين مان ھن سان پنھنجو تعارف نه ڪرايان، تيستائين ھن کي منھنجي خبر نه پئجي سگھندي، پر ھو به ڪو بيتاب ھو جو پنھنجي ھڪ ڪلاس فيلو جيڪا ٻئي بلاڪ ۾ رھندي ھئي، انھيءَ ذريعي منھنجو نالو ۽ ڪمري جو نمبر ڄاڻي ورتو ھو. سو ڳالھين ئي ڳالھين ۾ چيائين ته ”توھان چيو ھو ته توھين ٿرڊ ايئر ۾ ٿيون پڙھو، پر ٿرڊ ايئر م ته ھينئر پھتيون آھيو.“

”پر توھان کي ڪيئن خبر پئي.“ مون چيو.

”خبر ته ڪنھن ڪانه ڏني، پر مون کي اندازو آھي.“ ھن چيو.

”توھان جو اندازو صحيح آھي.“ مون چيو

مون چيو ته ”پوءِ ته توھان مون کي سڃاڻي ويا آھيو ته آءٌ ڪير آھيان، بھرحال اھا ته ويساھ گھاتي ٿي.“مون ڏک مان چيو.

امتياز ڳالھ کي ٺاھيند چيو، مون مذاق ڪيو ۽ تون سچ سمجھي وئينءَ.“

”پر مان سوچيان ٿي ته ھاڻي انھيءَ سلسلي کي اتي ئي ختم ڪرڻ گھرجي.“ مون چيو.

پر ختم ڪري نه سگھندينءَ“. ھن اعتماد سان چيو.

”ڇو؟“ مون ڪاوڙ ۾ چيو.

”مان چاھيان ٿر ته پاڻ ڳالھائيندا رھون.“

ھن چيو.

بس ان ڏينھن کان پوءِ منھنجي دل ۾ اُڻ تُڻ پيدا ٿيڻ لڳي ۽ پوءِ ڪجھ ڏينھن تائين مون ساڻس رابطو نه ڪيو ته ھڪ ڏينھن پاڻ فون ڪيائين. ”شانزه تون واقعي به ناراض ٿي وئينءَ!، بس پليز تون پريشان نه ٿيءُ. مان عام ڇوڪرن وانگر ناھيان جو توکي تنگ ڪريان. بس مون کي معاف ڪر، ناراضگي ختم ڪر.“

منھنجا لفظ ته ڳلي ۾ اٽڪي پيا ۽ لڙڪ اکين مان وھڻ لڳا. منھنجي ڪيفيت جو اندازو ھن کي به ٿي رھيو ھو ۽ ھو به پاڻ کي دکي محسوس ڪري رھيو. ھن چيو: ”شانزه، پليز تون ڪجھ ته ڳالھاءِ، تنھنجا جوڪ، تنھنجا ٽھڪ ٻڌڻ لاءِ مان بي چين آھيان. تنھنجي خاموشي منھنجو ساھ ٻُوساٽي رھي آھي.“ ۽ پوءِ وري ھن دڙڪا ڏيڻ شروع ڪيا، ”مون کي خبر آھي ته تون ڇو پريشان آھين ۽ ڇو ناراض آھين، ھجين سامھون ته توکي پرچائي وٺان، تنھنجو دُک دُور ڪري سگھان. نه ملين ٿي، نه ڳالھائين ٿي، پر ٻڌي ڇڏ ھڪ ڏينھن ضرور توکي منھنجي سامھون اچڻو پوندو، مون سان ملڻو پوندو.“

”ته ڇا تون مون کي مجبور ڪندين!؟“ منو ڪاوڙ مان چيو.

”اڙي چري! تون ڇو ٿي ائين سمجھين ته مان ڪو ٻيو ٿي ويو آھيان. منھنجي دل ۾ تولاءِ تمام گھڻو احترام ۽ پيار آھي. جنھن سان پيار ھجي ان کي ڪا تڪليف ڏئي ٿي سگھجي!؟“ ھن ٿڌي لھجي ۾ چيو. ۽ پوءِ وري اسان جي ڳالھ ٻولھ جو ٽٽل سلسلو ٻيھر جڙيو. ”ھاڻي اسين ھڪٻئي جو نالو کڻي ڳالھائيندا ھئاسين.“ فون تي ڪيترو ڳالھائي ڪيترو ڳالھائجي. پوءِ روزانو ھڪٻئي کي خط لکندا ھئاسين.

امتياز پھريون خط ڪجھ ھيئن لکيو:

”منھنجي پياري!

سدائين خوش وخرم رھين.

اسان کي پاڻ تي بانور ھوندو آھي ته اسان پنھنجي تدبيرن سان تقديرون ٺاھڻ جي سگھ رکون ٿا، پر حقيقت ۾ انسان فطرت جي ھٿن ۾ ائين قيد آھي، جيئن پڃري ۾ پکي. ڀلا پنھنجو ئي مثال وٺون ته پاڻ نه ملي سگھيا آھيون، نه ھڪٻئي کي ڏٺو اٿئون، پر ڪا اھڙي چڻنگ اندر ۾ ٻري آھي، جو ھاڻ اُن کي اُجھائڻ تنھنجي ۽ منھنجي وس ۾ نه آھي. مان ڪنھن به لحاظ سان تنھنجي دل ڏکائڻ نه ٿو چاھيان، تون جيئن چاھين، جيڪو چاھين، ائين ئي ٿيندو. پر پاڻ کي پريشان نه ڪندي ڪر، مون کي گھڻي خبر ناھي ته توتي ڪيتريون ذميواريون آھن، پنھنجي ذاتي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيتري آزاد آھين، پر مون کي تنھنجي فطرت جو گھڻو اندازو ٿي ويو آھي. انڪري مان توسان ائين ئي ھلندس، جيئن تون چاھين. ڪيڏا دفعا من ۾ آيو ته تنھنجي ڊپارٽمينٽ اچي توکي ڏسي وڃان، پر مان وڌيڪ توکي ناراض ڪرڻ نٿو چاھيان. جڏھن تون پاڻ اجازت ڏيندينءَ، تڏھن توسان ملڻ ايندس. باقي تون جڏھن به چاھين، جيڪو به چاھين مون وٽان توکي ملندو.

تنھنجو اڻ ڏٺل پيار، ۽ پوءِ لڳاتار ھڪٻئي کي خط لکندا رھياسين. ائين اونھاري جي وئڪيشن به اچي وئي. امتياز اسرار ڪيو ته گھر وڃڻ کان پھرين مون سان مل! ۽ منھنجي به دل چاھيو ته مان کيس روبرو ڏسان. مسئلو اھو ھو ته ھڪٻئي کي سڃاڻو ڪيئن؟ پوءِ ھن چيو ته مون کي اڇو وڳو پاتل ھوندو ۽ قميص جي کيسي تي سنڌ جو نقشو ڀريل ھوندو ۽ مون کي وري ميرون رنگ جو اجرڪ جي پرنٽ وارو وڳو پاتل ھوندو. ان وقت منھنجي دل جي ڌڙڪڻ سؤ کان به مٿي ھئي. نيٺ ھو ٽائيم مطابق آيو. اسان ٻئي لان ۾ پيل ڪرسين تي ويھي رھياسين. ھو منھنجي منھن ۾ ڏسي کليو ته مون شرم کان منھن ۾ ڏسي کليو تهمون شرم کان منھن تي ھٿ ڏيئي ڇڏيا. پوءِ وري دنيا جھان جي ڳالھين ۾ لڳي وياسين. ھن ٻڌايو ته مان روزانو تنھنجي ڪلاس جي سامھون لنگھندو آھيان، ۽ سوچيندو آھيان تهتون انھن مان ڪھڙي آھين؟ ان ڏينھن اسان جيڪي خط لکيا انھن ۾ اھو واضح ڪرڻو ھو ته ”اسين ھڪٻئي کي ڪيئن ٿا لڳون.“ پوءِ ته وئڪيشن جا سوا ٻه مھينا انتظار جي عذاب ۾ گذريا. ڇو ته مون کيس سختيءَ سان جھليو ھو ته ھُو ڪنھن به قسم جو مون سان رابطو نه ڪري. مون کي جيئن ئي وٿي ملندي ته مان کيس خط وغيره لکي ڇڏينديس. ھن مونکي چيو ته تون ڪيئن به ڪري مون سان ڳالھائجانءِ! پر منھنجو جنھن گھراڻي سان تعلق ھو. اتي ڇوڪريءَ جو ڪنھن ڇوڪري سان ڳالھائڻ وڏو عيب سمجھيو ويندو ھو، سو عشق يا دوستيءَ جو رسڪ کڻڻ حياتيءَ تان ھٿ ڌوئڻ برابر ھو. مون کي ھاڻي پنھنجو پاڻ تي رحم اچڻ لڳو ھو ته مان جنھن کي چاھيان ٿي ان سان ملي نٿي سگھان، ان سان ڳالھائي نٿي سگھان، ان کي ڏسي نٿي سگھان. لڪ چوريءَ ۾ ته جيڪو ڦٻيو سو ڦٻيو، پر جي اھا ڳالھ کلي وئي ته منھنجي ته قيامت ئي ڪاري ٿي ويندي. ھڪ پنھنجي قبيلي وارن جو خوف، ٻيو امتياز جي سڪ اصل اندر ڦاٽندو ھو، پر ڪنھن کي لکا وجھڻ نه ڏيندي ھيس. ائين زندگيءَ جا سال گذرندا رھيا. امتياز مون سان ناراض رھندو ھو ته ”تون ملين نٿي، ڊڄين ڇو ٿي، جڏھن مان توسان گڏ آھيان.“ ھن ته ايترو به چيو ته مان تنھنجي ذھانت ۽ Boldness کان متاثر ٿي توڏانھن وڌيو آھيان. پر توتي سماج ۽ گھر جو خوف طاري ڏسي مان حيران آھيان ته تنھنجي ذھانت ۽ بھادري ڪڏھن ڪم ايندي. ھا مان مڃان ٿو، ڀرم وڏي شيءِ آھي، پر مان به ته تنھنجو احترام ڪيو آھي، پر مان به ته تنھنجو احترام ڪيو آھي. ڪڏھن ڪڏھن فرضن جي ادائگيءَ ۾ ماڻھو خود پنھنجي ذات جي نفي ڪري ويندو آھي، پر پنھنجي نجي زندگيءَ کي غير اھم سمجھڻ، پنھنجي دل جي ڳالھ نه مڃڻ، پنھنجي حق لاءِ نه ڳالھائڻ به ٺيڪ ناھي.“ ھن چيو.

”پوءِ تون ئي ٻڌاءِ ته مون کي ڇا ڪرڻ گھرجي.“ مون جھڙوڪر ھار مڃيندي چيو.

”تون مون کي ايتري اجازت ڏي ته مان توسان ھاسٽل تي روزانو ملڻ اچان، ٻئي گڏجي پڙھائي ڪريون!“

مون کيس چيو ته: ”مان توکي سوچي جواب ڏينديس.“

پوءِ اھا سڄي رات مان سمھي ڪانه سگھيس. مون پنھنجي ۽ امتياز جي باري ۾ سوچيو. پنھنجي ننڍين پينرن جي تعليم جي باري ۾ سوچيو، جن کي مون کان پوءِ ھتي اچڻو ھو. پنھنجي پيءُ جي باري ۾ سوچيو ته کيس جيڪڏھن خبر پوي ته مان ڪنھن ڇوڪري سان واسطي ۾ آھيان ته ھو سڄي زندگي مون سان ڳالھائڻ به پسند نه ڪندو. پوءِ ٻئي ڏينھن مون کيس جيڪو خط لکيو ان ۾ اھي سڀ ڳالھيون ڄاڻايون ته پنھنجي محبت جي ڪنھن کي کڙڪ پئي ته ڳالھ ڳري ٿي پوندي. مون کيس يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ته مون لاءِ سڀ ڪجھ تون آھين، پر وقت جو انتظار ڪرڻو پوندو. منھنجو مقصد ھو ته مان تعليم مڪمل ڪري پنھنجي پيرن تي بيھان ته پوءِ گھر وارن کي مڃائڻ سؤلو ٿي پوندو. پر امتياز جي طبيعت ۾ تڪڙ ۽ اٻھرائپ ھئي. شايد ھو مون کان سينيئر به ھو ۽ ھڪ آزاد ماحول جو ڇوڪرو ھو، اھو وڏو تضاد ھو اسان ٻنھي ۾، باقي ھونئن ته ھڪٻئي کي ڏسڻ ۽ ملڻ لاءِ سڪندا ھئاسين. ھو آنڌي مانجھيءَ کي نه ڏسندو ھو. منھنجي ڪا به ڳالھ ٽاري نه سگھندو ھو. منجھس وڌيڪ سٺي اھا ڳالھ ھئي جو مان وڙھي پوندي ھئي مانس ته مون کي ٻار چئي اھا ڏکي ڳالھ به دل ۾ نه ويھاريندو ھو.

خير مون کيس صاف صاف ٻڌائي ڇڏيو ته منھنجي ڳوٺ جي ڇوڪرين کي شڪ پئجي ويو آھي ته مان توسان پيار... ڪريان ٿي. انڪري ھاڻي فون تي به ڪونه ڳالھائينداسين ۽ منھنجي روم ميٽ تنھنجا لکيل خط الائي ڪيئن پڙھي ورتا آھن. سو جي اُھا ڳالھ کُلي پئي ته به ڳالھ ڳڙ ٿي ويندي باقي تون چاھين ته روز فقط ھڪ دفعو منھنجي ڪلاس جي سامھون لنگھندو ڪر، جيئن مون کي احساس رھي ته تون فقط منھنجو آھين. منھنجي خط پڙھڻ کان پوءِ امتياز نه فون ڪندو ھو، نه خط لکندو ھو، باقي روزانو منھنجي ڪلاس جي سامھون لنگھي ويندو ھو. اھڙي نموني ھڪ ٻيو سال به گذري ويو. جيڪا دل تي گذرندي ھئي اھا ته مون کي خبر، پر ڪنھن سان به ٻڙڪ ٻاھر نه ڪڍيم. بس ھڪ اھو احساس ته ٻئي ھڪڙي ڪاليج ۾ آھيون، ساڳين روڊن رستن تي ھلون ٿا. ڪڏھن ڪينٽينتي. ڪڏھن جوس واري وٽ ته ڪڏھن شھر ۾ شاپنگ ڪندي ھڪٻئي کي ڏسي ٿا وٺون. بس انھيءَ خيال کان دل وري به خوش ھئي. انھن ئي ڏھاڙن ۾ مان ھڪ ڏينھن ڪاليج کان ھاسٽل آيس پئي ته امتياز نظر آيو. ھن رسمي طرح پڇيو تون ڪيئن آھين؟ مون ساڻس ڳالھائڻ چاھيو، ڪئين حال اورڻ چاھيا، پر لفظ نڙيءَ مان نه اڪليا. ھن حجت ڪئي، ھل ته ڪينٽين تي ھلي چانھ پيون، تون ٿڪل ٿي لڳين.“ وري پاڻ ئي چيائين ”نه، تنھنجي ڳوٺ جا ڇوڪرا ھٿ پڙھن ٿا، ڪينٽين تي ھلڻ صحيح نه لڳندو!“ ۽ پوءِ ھڪ لفافو ھٿ ۾ ڏيندي چيائين ”ھي پڙھي جواب ضرور ڏجانءِ“ مون کي ھڪڙي ڳالھ جو اطمينان ٿيو ته ايترو عرصو رابطو نه ھئڻ باوجود به ھو مون کي ويجھو آھي.

مون ھاسٽل اچي پھرين لفافو کولي خط پڙھڻ شروع ڪيو. ھن لکيو ھو ته:

”تون منھنجي زندگيءَ ۾ داخل ٿيئن ته مون ۾ وڏو حوصلو پيدا ٿيو، پر جيڪو محبت کي نڀائڻ جو نمونو تو پاڻ اختيار ڪيو آھي ۽ مون کي به اھڙي نموني ھلڻ لاءِ مجبور ڪيو آھي.  انھيءَ سان پنھنجو گڏجڻ قطعي ٿي نه سگھندو. مان وري به توکي چوان ٿو ته، نه پاڻ کي ڏکوءِ نه مون کي پنھنجو ڪر. مان ويڳاڻو ۽ ڀٽڪيل آھيان، مون کي پنھنجو ڪر. مان ٻه_واٽي تي بيٺل ماڻھو آھيان، مان سمجھان ٿو ته تون ذھين، ڏاھي ۽ سياڻي آھين منھنجي ڳالھ سمجھي ويندينءَ جي مان ڀٽڪي وڃان ته پوءِ مون تي ميار نه رکجانءِ!“

ڏس راڻي! پاڻ عام انسان آھيون، اڄ جي ڇوڪريءَ لاءِ پيار ۾ دُوري، ڪنھن سزا کان گھٽ ناھي. اھو ته لطيف جو ئي حوصلو آھي جنھن.

ڳوليان ڳوليان، مَ لھان، شال مَ ملان ھوت،

من اندر جي لوچ، ملڻ سان ماٺي ٿئي،

جھڙو فلسفو ڏنو.

ھاڻي سڀ توتي ڇڏيل آھي ته تون محبت ۽ رشتن ۾ ڪيئن ٿي توازن رکين. مان توسان ھر اميد رکي سگھان ٿو. پر مون کي پنھنجو بنائڻ کان انڪار ڪرين، اھو مون کان برداشت نه ٿيندو. مون کي پنھنجو ڪري ڏس. مان توکي ڪوبه ڏک نه ڏيندس.

تنھنجو اڻ ڏٺل پيار.

بس ان ڏينھن منھنجي دل ۽ دماغ تان ڪيترا طوفان آيا ۽ ويا. ھڪ پاسي امتياز سان اھڙي ته دل لڳي وئي ھئي، جو کانئس وڇڙڻ جو قصور ئي ماري وجھندو ھو، ٻئي پاسي گھر ۽ سماج جو پريشر. پوءِ مون ھڪ فيصلو ڪري ورتو ته ھاڻي امتياز سان ھڪ ھڪاڻي ڪرڻي آھي. کيس فون ڪري چيم ته مان توسان ملڻ ٿي چاھيان. پر ڪئمپس کان ٻاھر! پوءِ ٻئي ھڪ پڪنڪ پوائنٽ تي آياسين. توڙي جو اتي ٻيون به فيمليون ھيون، پر اسان کي ھڪ ڪنڊائتي ۽ خاموشيءَ واري جڳھ ملي. اسان ھڪٻئي کي وري وري پئي ڏٺو.

امتياز چيو ته مان توسان گھڻو پيار ٿو ڪريان، توکان سواءِ رھي نه ٿو سگھان.

”ته ڇا مان پنھنجي مرضيءَ سان توسان نٿي ملان. شايد توکي منھنجي پيار تي يقين ناھي؟“ مون چيو.

”مان سڀ سمجھان ٿو، پر چاھيان ٿو ته تون پاڻ خوش رھ. مون کي به خوش رک، مون کان پري رھي جيڪو ڀوڳين ٿي اھا ڳالھ مون کي ڏنگي ٿي. مان پاڻ کي خوشنصيب ٿو سمجھان ته تو جھڙي ارڏي ۽ البيلي ڇوڪري مون کي دل سان پيار ڪري ٿي، پر پاڻ کي بدنصيب ٿو سمجھان ته تون مون کان پيار نٿي وٺين. مان چاھيان ٿو ته تون منھنجي نظر کان واجھيل نه رھ، نه ته مان چريو ٿي ويندس.“

سچ به مون کي ڊپ ٿو لڳي ته جي تون ھليو وئين، ته منھنجي دل ٽُٽي پوندي.“ مون چيو.

مان به اھو ئي ٿو چاھيان ته پاڻ ڪو اھڙو رستو اختيار ڪريون جو زندگيءَ جا ڏک سک، گڏجي سھون. جھڙيءَ طرح پاڻ مليا آھيون، اھا ڪا مذاق ناھي. پر انھيءَ ۾ فطرت جي رضا ضرور شامل آھي. ھاڻي پاڻ کي گڏجي منزل جو تعين ڪرڻو آھي.“

ان کان پوءِ مھيني ماسي ڪٿي نه ڪٿي ملي روح رھاڻ ڪري وٺندا ھئا. امتياز فائينل ڪري ھائوس جاب ڪرڻ لڳو ۽ مان آخري سال ۾ آيس. مون پنھنجي وڏيءَ ڀيڻ سان انھيءَ ڳالھ جو ذڪر ڪيو. جنھن وراڻيو ته ”پنھنجي خاندان وارا ٻي ذات ۾ سڱ ڪونه ڏيندا. ٻيو امتياز جنھن ذات سان واسطو رکي ٿو. اھا ذات پنھنجي وڏن کي بلڪل نه وڻي، سو ادي، مان انھيءَ مسئلي ۾ تنھنجو ساٿ نه ڏئي سگھندس.

پوءِ اھا ڳالھ پيءُ سان ڪئي، جنھن چيو ته ”جيسين مان جيئرو آھيان ته اھو رشتو نه ڳنڍجاءِ، مري وڃان ته پوءِ جيئن وڻئي تيئن ڪجاءِ، ۽ ان ڏينھن کان پوءِ پيءُ، ڀيڻون ۽ ڀائر مون کي شڪ جي نگاھ سان ڏسڻ لڳا.

Weekend گھر تي وڃڻ ۾ ٿوري دير ٿيندي ھئي ته به اھو انومان لڳائيندا ھئا ته مان امتياز سان پئي گھمان. چوري چوري ڀائر اچي ڇاپا ھڻندا ھئا، ڪاليج ۽ ھاسٽل تي، پر آءٌ ته سدائين کين پنھنجي ھاسٽل يا ڪلاس ۾ ملندي ھئس. ڀائرن ڳجھي نموني ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي ته اھو ڇوڪرو ھٿ لڳي ته ان کي ماريون، پر انھيءَ ڳالھ ۾ ڪامياب نه ٿيا.

مان، ھاڻي پاڻ کي اڪيلو ۽ ويڳاڻو سمجھندي ھئس، جنھن سان جيءَ جون جڙون ھيون ان کان ڌار رھڻ ۽ مائٽن جو ھر ڳالھ تي ٽوڪڻ منھنجي سھپ کان ٻاھر ھو ۽ جي وري امتياز کي اداس ڏسندي ھيس ته به اندر اڌ ٿي پوندو ھو. پر ”ھوڏانھن باھ، ھيڏانھن پاڻي.“ وڃي ته ڪيڏانھن وڃان. پوءِ دل ئي دل ۾ ھڪ فيصلو ڪري ورتو جنھن مون کي جيئڻ جو حوصلو ڏنو. سو ھيئن ته ھاڻي امتياز سان ملڻ ته معجزو ئي ٿي سگھي ٿو. باقي رشتا جن لاءِ مرجي مٽجي ٿو، جي اُھي سچا نه ٿين ته انھن جي پرواھ ڪرڻ جي ذميواري آءٌ ڇڏيان ٿي. ڪير ڪيئن ٿو سوچي؟ مون کي انھن سان ڇا، بس مون کي پاڻ تي ڀاڙڻ گھرجي. ھاڻي منھنجو سڄو ڌيان پڙھڻ ۽ ھاسٽل ۾ ٻين ايڪٽووٽيز ۾ گذرندو ھو. ھاسٽل ۾ جيڪي به پروگرام ٿيندا ھئا. انھن ۾ انچارج طور ڪم ڪندي ھئس.

ھڪ ڏينھن اوچتو امتياز مون کي ملڻ لاءِ چيو ته انڪار ڪري نه سگھيس. گھڻن ڏينھن کان پوءِ ھڪٻئي جي سامھون ويھڻ جو اتفاق ٿيو. اڄ مون دل کي پڪو ڪيو ته امتياز تمام گھڻو پريشان نظر اچي رھيو ھو. کيس سمجھ ۾ نه پيو اچي ته ڳالھ ڪٿان شروع ڪري. نيٺ گھڻي دير خاموشيءَ کان پوءِ چيائين، شانزه، مان جيڪا ڳالھ توکي چوان ٿو اھا يقيناً تنھنجي پيرن ھيٺان ڌرتي ڪڍي ڇڏيندي

______ (ھلندڙ)

 

سونھن جو سينگار

زيور

زيور عورت جي سينگار جي سونھن آھن. قديم زماني کان وٺي زيور پاتا ويندا ھئا.

موئن جي دڙي مان مليل مورتيءَ کي به ٻانھن ۾ چوڙو ۽ ڳچيءَ ۾ ھَسُ پاتل آھي، ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ڪئين سال پھرين جي عورت به پنھنجي سونھن کي وڌائڻ لاءِ سينگار ڪندي ھئي ۽ زيور پائيندي ڳئي. اسان جي سنڌ صدين کان سرسبز ۽ شاداب رھي آھي، ھتي جا ڪاريگر به تمام گھڻا مشھور ۽ نالي وارا آھن. لاڙ جي حوالي سان سون سٺو ۽ ڪاريگر جي مھارت سان جڙاوت ڪندو ھو. انڪري اڄ بهاسان جي سنڌ جي عورت جڏھن به شادي ۽ وھانءَ تي ڪو ڳيچ/ ڳت ڳائيندي آھي ته لاڙ جو ذڪر ضرور ڪندي آھي. پوءِ ڀل پاڻ اتي جي رھاڪو نه ھجي.

جيئن:

بينسر ادل جي مان لاڙئون اَڻايان

ٻانھين راڻل جي مان لاڙئون جوڙايان.

نٿ، ٻين شھرن ۾ به ٺھندي ھوندي پر مشھور ڀنڀور جي ٿي وئي.

جيئن:

نٿ ته شھر ڀنڀور جي ڙي ڀينڙو،

ھلي منھنجي راڻيءَ کي پايون.

ڪنھن زماني ۾ عورت پنھنجي سينگار لاءِ سونن زيورن جي بدران گلن جا زيور ٺاھي پائينديون ھيون. حسن جي نکار لاءِ سورنھن سينگار ۽ ٻارنھن زيور ضروري قرار ڏنا ويا آھن. انھيءَ ڳالھ ڏانھن سنڌي جي شاعرن پڻ اشارا ڪيا آھن.

حب ڳوري گھڻا ڪري، اٺ ڏوڻا آغاز، ڏھ ڏون ڏيھاڻي ڪري، ڪامڻ ساڻ ڪرار.“ سورنھن سينگارن ۾ ٻارنھن زيور ڳڻيا ويا آھن. انھن جا نالا آھن چوٽي ڦُل، ٽِڪو (ٽڪلو)، بُولو، بينسر، ليلَم، ڪَٺمال، ھار، چيلھڪي، پٽيون، ڪنگڻ، ٻانھوٽا ۽ منڊيون. جيتوڻيڪ سينگار رس وارن اِھي زيور مقرر ڪري ڇڏيا آھن، پر وقت ۽ حالتن پٽاندر انھن ۾ ڦير ڦار ٿيندي رھي آھي.

عورت سورنھن سينگار ڪري ٿي ۽ ٻارنھن زيور پائي ٿي ته ان جي حسن ۾ برابر چار چنڊ لڳي ٿا وڃن.

عورتن جي سونھن ۾ زيور به نمايان حيثيت رکن ٿا. ڪھڙي به سادي عورت ھجي پر جڏھن زيور پائيندي آھي، ته سڀني جي نظرن جي مرڪز ٿي پوندي آھي، ڇو ته زيور/ ڳھ عورتن جي ڪمزوري ھوندا آھن. گھر ۾ جڏھن به پيسو ايندو ته سڀ کان پھرين فرمائش زيور ٺھرائڻ جي ڪئي ويندي آھي. ڇو ته زيور به ھڪ قسم جي ملڪيت ھوندا آھن. اڄ ڪلھ ته آرٽيفيشل زيور به اھڙا گھڙيل ۽ ٺھيل آھن جو وٺندڙ کي منجھايو ڇڏين. جڏھن به ڪنھن گھر ۾ شادي ٿيندي آھي ته گھوٽ جو پيءُ ۽ ماءُ ته خاص ڪري اڳواٽ ئي زيور ٺھرائي رکن نه ته به ان مھل به ٺھرائن ڇو جو زيور ڪنوار کي ضرور پارايا وڃن ٿا. پوءِ ڀلي غريب کان غريب ماڻھو به ھجي ته به زيور ٿورا ڪي گھڻا ٺھرائي. اِھا عزت جي ڳالھ ليکي ويندي آھي. اڳ ته وڏ گھراڻن جا ماڻھو گھڻا زيور ڏيندا ھئا پر ھاڻ ته ھيرن جا سيٽ ٺھرائن جيڪي لک ٿا لھن.

اسان جي شادين ۾ جيڪي به سھرا ڳيچ ڳاتا ويندا آھن، انھن جو تت به اِھو ھوندو آھي

جيئن:

ادل ڪنگڻ گھڙايو ٿو اچي، ديس ڀائرن جو ٿو وسي،

ملڪ مارن جو ٿو وسي، لاڏل ڪنگڻ گھڙايو ٿو اچي.

***

منھنجي لاڏل جو ٻول اڳي آھي.

ھاڻي ھلو ته ھلون لاڏل رنگ محلي

چڱي بينسر گھڙائي، ماءُ ٺري آھي،

چڱي دھڙي گھڙائي، ڀيڻ ٺري آھي،

منھنجي لاڏل جو ٻول اڳي آھي.

***

گھوٽ سان گڏ ڪنوار کي، لال ميندڙي لايو،

سونارو سون وارو، سون جي بينسر جوڙ.

***

گھڙ سونارا سون وارا!، سون جي دُھري سٺي،

سون جي دھري سٺي، ھلي ونيءَ کي ڳيچ ڳائي پائيو.

***

وينڊو جوڙايم مِينا مڙھايم،

بينسر جوڙايم مينا مڙھايم،

انھيءَ ته زماني ۾ گلن جي بھاري آھي.

***

ڳچيءَ ۾ جيڪي زيور پاتا ويندا آھن، ڪجھ ھيٺ زيور مکيه آھن. ھانسيلي، ويلو، ماڪوڙ، دل پاڪ، مانڌريا، ڪنٺي، تعويذ، دُھري، راڻي ھار، گلوبند، لاڪيٽ، نيڪلس.

انھن زيورن مان چندن ھار، ھسي، ھانوڙي، گلوبند، ڪٺمال.

ھسلي چانديءَ مان ٺاھي ويندي.

ڪٺمال (ڪنٺ_مال)

ھن زيور جا مکيه ٽي حصا سونارا ٺاھي ترتيب ڏيئي ڪٺمال ٺاھيندا آھن.

ڍولڻ، داڻا سريون، سڄي ڪٺمال ۾ چار سريون ٿينديون آھن. ھر سريءَ ۾ 15 داڻا ھوندا آھن. ڪٺمال جي ڍولڻن جا قسم يا نمونا به ڌار ڌار ٿيندا آھن. جن ۾ جڙادار ڍولڻ، چٽ وارو ڍولڻ ۽ لسو ڍولڻ خاص آھن.

ھانسلي (ھس)

ھي زيور چانديءَ مان ٺاھيو ويندو آھي ۽ مينگھواڙ پائيندا آھن. ”ڪڇ“ سان تعلق رکندڙ قومون پڻ ھيءُ زيور پائينديون آھن، جن ۾ سوڍا ۽ منڌرا اچي وڃن ٿا.

دُھري: دُھريءَ جا سرين جي لحاظ کان ٻه قسم يا نمونا ٿيندا آھن، جيتريون سريون ھونديون آھن، اوترين سَرين واري دُھري سڏبي آھي، اوترين سَرين واري دُھري سڏبي آھي. دُھري ڳچيءَ جو زيور آھي، ڪولھي وغيره ڪونه پائين. لوڪ گيتن ۾ دُھري جي ٺاھڻ جي جاءِ ”لاڙ“ ليکي ويئي آھي.

دُھري ادل جي لاڙئون گھڙايان.

لاڙ جا سونارا دُھري تي ڪم ڪرڻ سان ويھون ڪري ڇڏيندا آھن.

ٻانھن جا زيور ٻن حصن ۾ ورھايا ويا آھن.

آڱرين جا زيور (2) ٻانھن جا زيور

آڱرين جا زيور

آڱرين جي زيورن ۾ منڊيون، ڇلا، ويڙھي، يا ورڻا، کيرولون، آنھيرو ۽ چنبو اچي وڃن ٿا.

منڊيون: چٽ واريون مينا واريون ۽ چنبي واريون منڊيون مشھور آھن. منڊي يادگيريءَ لاءِ نشاني آھي. گھڻو ڪري اُھا چاھيندڙن کان تحفي ۾ ملندي آھي.

ڇلو: جڏھن ڇلن جو رواج ھو، تڏھن ڇلو اھم زيور ليکبو ھو. سو گھاڙ وارو، لھريائون، ٻٽو، گھنگھرين وارو، مينا ڪاري، پھلودار ۽ وٽيل ڇلا مشھور آھن.

کيرولون: ھيءَ ڪنوار جي پھرڻ جي منڊي آھي، داڻيدار، گل واري ۽ اصلي کيرولو مشھور آھن، پر اُھي ھاڻ ٺاھيو نه ٿيون وڃن، پراڻا ننگ اُجاري اھا رسم زنده رکيو پيو وڃي.

چنبو: ھيءُ سون مان ٺاھيو ويندو آھي. شاديءَ وقت ڪنوار پائيندي آھي. ھن ۾ پنج منڊيون ۽ پنج زنجيرون ھونديون آھن ۽ ڪنگڻ به ھوندو آھي.

ڪنگڻ: ڪنگڻ ھٿ جو زيور آھي، انھيءَ کي ڏسڻ لاءِ آرسيءَ جي ضرورت نه ھوندي آھي. اھا مشھور چوڻي آھي ته ڪنگڻ سون ۽ چانديءَ مان ٺاھيان ويندا آھن.

ٻانھيون اڳ چاندي ۽ سون جون پاتيون وينديون ھيون.

چوڙيون: چوڙيون اڳ سنڌي گھٽ پائيندا ھئا. ھاڻي ته شھرن ۾ عام رواج آھي. چوڙيون سُھاڳ جي نشاني به سمجھي ويندي آھي.

ڪي زيور ڇوڪريون پائين ڪي وري سھاڳڻيون پائين ۽ ڪجھ وري وڏي عمر واريون عورتون پائين، ھر عمر جي حساب سان زيور پاتا وڃن ٿا.

ڦُلي: ڦلي به سُھاڳ جي نشاني سمجھي پاتي ويندي آھي. ڪي قومون وري بولو به پائين، اڳ وڏا زيور پاتا ويندا ھئا، ھاڻ زيور ٺھرائن ته ڳرا پر جڙاوت اھڙي جو سنھا لڳن. نت نيون ڊزائنون پيون آھن. مارڪيٽ ۾ ڪي دبئي جا آھن ۽ ڪي انڊيا جون ڊزائنون ليکيون وڃن ٿيون. بدلجندڙ وقت سان زيورن ۾ به ڦير ڦار ٿيندي رھي آھي. پر ڪي زيور اڄ به پنھنجي اصلوڪي نموني جا ٺاھيا وڃن ٿا ۽ پاتا وڃن ٿا.

چونڊ: رابيلا حميد

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com