سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

 

صفحو :1

سرتيون

ايڊيٽر: گلبدن جاويد مرزا

 

رمضان جون فضيلتون

 

جڏھن رمضان جو مھينو اچي ٿو ته جنت جا، رحمت جا ۽ آسمان جا درواز کوليا وڃن ٿا ۽ دوزخ جي دروازن کي بند ڪيو وڃي ٿو ۽ منھن زور (سرڪش) شيطانن کي ٻڌو وڃي ٿو.

رمضان جو مھينو برڪتن جو مھينو آھي. انھيءَ مھيني ۾ ھڪ رات آھي، جيڪا وڏي قدر ۽ منزلت واري تمام برڪتن واري ۽ امن ۽ سلامتيءَ آھي. ھي رات ھزار مھينن کان افضل (ڀلاري) آھي.

ھن مھيني ۾ ھر رات جو ھڪ اعلان ڪرڻ وارو اعلان ٿو ڪري ته اي خير کي تلاش ڪرڻ وارا اڳتي وڌ ۽ اي برائيءَ کي ڳولڻ وارا واپس ٿي. ھن مھيني ۾ ھر رات جو الله تعاليٰ ڪيترن ئي ماڻھن کي دوزخ کان آزاد ٿو ڪري.

رمضان شريف جي شروعات ۽ ختم ٿيڻ ۽ چنڊ ڏسڻ:

ھر مھيني وانگر رمضان جو مھينو به ڪڏھن 29 ڏينھن جو ۽ ڪڏھن 30 جو ٿيندو آھي. رمضان جي مھيني جي شروعات چنڊ ڏسي ڪري ۽ ان جو اختتام به چنڊ ڏسي ڪري. يعني چنڊ ڏسي روزا رکڻ شروع ڪري ۽ چنڊ ڏسي ئي روزا رکڻ بند ڪري.

روزي جون فضيلتون:

روزو ڍال آھي. روزيدار جي منھن جي خوشبو الله تعاليٰ کي مشڪ جي خوشبوءِ کان وڌيڪ پسند آھي. روزو خالص الله تعاليٰ لاءِ ھوندو آھي ۽ الله تعاليٰ ئي ان جو اجر ڏيندو. جنت ۾ ھڪ دروازو آھي، جنھن کي ريان چون ٿا، ان مان صرف روزيدار داخل ٿيندا، ٻيو ڪوبه داخل نه ٿيندو.

ھر نيڪيءَ جو بدلو ڏھن نيڪين کان ست سؤ نيڪين جي برابر ملي ٿو. (اھو به روزي جي ثواب کان علاوه) روزي جي ثواب جو ته بس الله تعاليٰ کي ئي علم آھي ته ڪيترو (ثواب) ڏنو ويندو.

روزيدار لاءِ ٻه خوشيون آھن، ھڪ ته ان وقت جڏھن ھو روزي کي افطار ڪري ٿو ۽ ٻي ان وقت جڏھن ھو پنھنجي رب سان ملاقات ڪندو. جنھن شخص الله تعاليٰ جي راھ ۾ ھڪ روزو رکيو ته الله تعاليٰ ان روزي جي سبب ان جي چھري کي دوزخ کان ستر سال جي مسافت جي برابر فاصلي جيترو پري ڪري ڇڏيندو.

فرض روزا (يعني اھي روزا جيڪي ضروري آھن):

رمضان جي مھيني جا روزا فرض آھن، جنھن شخص کي رمضان جو مھينو ملي ته ان کي گھرجي ته ان مھيني ۾ روزا رکي.

پاڻ سڳورا صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمائين ٿا ته:

حسد نه ڪريو ۽ بغض نه رکو دنيا جي ڊوڙ ۾ ھڪ ٻئي کان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش نه ڪريو، نه پاڻ ۾ حسد ڪريو ۽ نه بغض رکو.

ڪنھن به مسلمان کي ذليل نه ڪري

مسلمان، مسلمان جو ڀاءُ آھي، نه ان تي ظلم ڪري، نه ان کي ڇڏي ڏئي ۽ نه ان جي توھين ڪري.

نفس جي ملامت ڪري

پاڻ سڳورا فرمائين ٿا ته الله تعاليٰ فرمائي ٿو: جنھن کي ڀلائي پھچي اھو الله جي تعريف ڪري ۽ جنھن کي ڀلائيءَ کان سواءِ ڪجھ ٻيو (برائي) پھچي ته پنھنجي نفس کان سواءِ ڪنھن جي ملامت نه ڪري.

ھڪ مؤمن کي ٻئي مؤمن جي تڪليف ۾ بي قرار ٿيڻ گھرجي

توھان ڏسندؤ ته مؤمن پاڻ ۾ رحم ۽ ڪرم محبت ۽ شفقت جي معاملي ۾ اھڙا آھن جيئن ھڪ جسم، جو جيڪڏھن جسم جي ڪنھن ھڪ عضوي کي تڪليف پھچي ٿي ته باقي سمورا عضوا بي خوابي ۽ بخار جي حالت ۾ ھڪ ٻئي سان تڪليف ۾ شريڪ رھن ٿا.

ڪنھن مسلم جو مال نه سنجيدگيءَ ۾ وٺي ۽ نه مذاق ۾

توھان مان ڪوبه شخص پنھنجي ڀاءُ جو مال نه سنجيدگيءَ ۾ وٺي ۽ نه مذاق ۾ وٺي.

مؤمن کي ھڪ ماڻھوءَ کان ٻه دفعا ڌوڪو نه کائڻ کپي

مؤمن ھڪڙي سوراخ مان ٻه دفعا نه ڏنگبو.

مومن کي گھرجي ته سٺي ڳالھ چوي نه ته خاموش رھي

جيڪو شخص الله ۽ يوم آخرت تي ايمان رکي ٿو ان کي گھرجي ته سٺي ڳالھ ڪري ورنه خاموش ويٺو ھجي.

مؤمن کي پنھنجي مھمان جي تعظيم ڪرڻ گھرجي

جيڪو شخص الله تعاليٰ ۽ آخرت تي ايمان رکندو ھجي ان کي پنھنجي مھمان کي تعظيم ڏيڻ گھرجي.

 

سوچ ويچار

 

مُون سي ڏِٺا ماءِ!...

 

جڳ مشھور ڪلاڪاره جيجي زرينا بلوچ سان روح جو رشتو ته ننڍپڻ کان ئي جڙي چڪو ھو. ڇو ته سنڌ جي عوام کي جيڪا گيت ۽ سنگيت سان شناسائي ۽ چاھ آھي، ان ۾ جيجي زرينا جو وڏو ڪردار رھيو آھي. جيجي پنھنجي سٻاجھي شخصيت ۽ سُريلي آواز سان واھڻن ۽ وستين ۾ امن، ايڪي ۽ محبت جو پيغام پھچايو. مان اُھا پنھنجي خوشقسمتي ٿي سمجھان جو مون کي ساڻس ملي محسوس ٿيندو آھي ته سچ پچ به ”جيجل“ سان ملي آھيان. پاڻ سنڌ جي اُھا سرويچياڻي آھي، جنھن جي سموري زندگي ديس لاءِ جدوجھد ڪندي گذري آھي. پاڻ بظاھر نازڪ نفيس رابيل جي گل جھڙي نظر ايندڙ، حقيقت ۾ ڌرتيءَ جيڏي ويڪري دل رکندڙ ۽ جبل جھڙا اڏول اراده رکندڙ شخصيت آھي. پاڻ ھن دور جي اُھا سورمي آھي جيڪا ”مارئي“ وانگر سون تي سيڻ مٽائڻ کي ڪُريت ٿي سمجھي. نوريءَ وانگر نياز ۽ نوڙت جو دامن ھٿان نه ٿي ڇڏي ۽ جڏھن به ديس تي ڪارا ڪڪر ڇانئيا ته جيجي سسُئي بڻجي ”آڏو ٽڪر ٽر، متان روھ رتيون ٿيئين“ جو نعرو بلند ڪيو آھي.

جيجي ڪجھ عرصي کان اسپتال ۾ داخل آھي. اسان سڀني جي دعا آھي ته پاڻ جلدي صحتياب ٿي اچي.

مان فقط شاھ سائينءَ جي شعر ۾ ھيئن چونديس ته:

”مُون سي ڏٺا ماءِ! جنين پِرينءَ کي،

ڪَري نه سَگھان ڪاءِ، اُنَينِ سَنديِ ڳالھڙِي.

پياريون سرتيون: آڪٽومبر 2005ع جو شمارو ”سرتيون“ اوھان جي ھٿن ۾ آھي. ھيءُ اوھان سڀني جي سھڪار جو نتيجو آھي، جو رسالو وقت سر شايع ٿي اوھان تائين پھچي ٿو. اميد ته سدائين وانگر سھڪار ڪري ٿورائتو ڪنديون.

اوھان جي صلاحن ۽ تنقيدن جي آجيان ڪئي ويندي.

گلبدن جاويد

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com