سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون جولاءِ ڊسمبر 1991ع

مضمون --

صفحو :9

نجمه پنهور

ٽه سٽا

ڪيڏاڏينهن ٿيا

توسان ملئي منهنجا ساجن

ڪيئن جيون پيا.

 

ڪيڏو ٿيو قهر

تنهنجون يادون ڀي ويون

گذري ڪيئن پهر.

 

ڪوڏيئو ٻاري ڇڏجي

گهگهه اونداهي ٻوسٽ ۾

ساهه پيو گهٽجي.

 

ڪرفيو ۾ شهر

ڪيئن ملون ها پاڻ ٻئي

رستن تي قهر.

ادل سومرو

وائي

سکــر جي بازار ۾، ٻه ٽــي ڳــوٺاڻيون

عڪس آهن سنڌ جو.

اسُر جو هالار تي، ڪونجون اُڏاڻيون

عڪس آهن سنڌ جو.

مٽيءَ هاڻيون اُس ۾، اهي اوڏياڻيون

عڪس آهن سنڌ جو.

ٺٽو گهايل گهٽيون، جايون پراڻيون

عڪس آهن سنڌ جو.

امداد حسيني

نظم

هن ڏکڻ جي هوا جا گيت اي ميت!
پوپٽن جي پرن تي لکنداسين.
پوءِ رت لڙڪ گا ڏئين مس سان
گهر اچي ڪاڳرن تي لکنداسين
پوءِ سي گيت ڪوبه جُهونگاري
يانه جُهونگاري پاڻ کي ڇاهي؟
پوءِ سي گيت ڪو پڙهي نه پڙهي
يا ته ڦاڙي ڇڏي اگر چاهي!
اُهي ڦاٽل پني ٽُڪر، ايندي
هي ڏکڻ جي هوا کڻي ويندي!

عادل سخيراڻي

جيئڻ جي سگهه

زندگي مسلسل جدوجهد،

۽ اڻٿڪ محنت جو نالو.

وک وک تي، پل پل ۾.

تڪليفن، مشڪلاتن،

۽ مسئلن سان پالو.

پر مان زندگيءَ مان مايوس ناهيان،

اُن لاءِ جو مون اهڙا به انسان مهان ڏٺا آهن،

جي روح ۾ درد جا ڀنڊار لڪايو،

چپن تي مُرڪ جي جي شفق ڦهلايو،

گهمندا وتندا آهن،

انسان ۾ مرڪڻ جي اها سگهه،

موجود آهي جيسيتائين،

زندگي حسين ۽ رهڻ لائق آهي

تيسيتائين.

ثمينا ميمڻ

غزل

مرڪي مُرڪي درد سمورو،
دل ئي دل ۾ لڪائي ڇڏيو.
 

ڪير دُکي ٿئي ڇو مان چاهيان،
همت جو ڏيئو جلائي چڏيو.
 

جنهن پل مونوٽ ايندين،
روئي پاڻ کلائي ڇڏيو.
 

تو ڏانهن  ايندڙ هر رستي کي،
ذهن پنهنجي مان وساري ڇڏيو.
 

تنهنجي ياد کي ڪن لمحن لاءِ،
حڪم تنهنجي تي ڀُلائي ڇڏيو.

منظور زهره ”پمي“

ٽيڙو

گلاب جون پنکڙيون

ياد پون ٿيون مون کي

ڪنهن جون آليون اکڙيون

 

سياري جي برسات

ياد پوي ٿي مون کي

وڇوڙي جي رات

 

شيشي جي گهر وانگر ڪاش

لوڪ ڏسي هان من ۾ ڀي

خوشين ارمانن جا لاش

 

جيئن ڪجهه پيارن ماڻهن کي

ڪين وساري سگهبو آ، تيئن

کلندڙ اک جي ڳوڙهن کي.

 

هر شخص کلائي ٿو ويٺو

من پنهنجي جا ڏک  دفن ڪري

ڪيئن پاڻ لڪائي ٿو ويٺو.

   

دنيا جا ڏک پاڻ ۾ سمائي

ڪاش ڏسان دل انسانن جو

ڪيئن اندر ٿو لڙڪ وهائي.

 

ڪير ٿو ڪنهن کي ياد ڪري

ائٽم بم جي دؤر ۾

 ڪير ٿو سچو پيار ڪري.

 

موتئي جي سرهاڻ

ڪجل پائي نيڻ

سجايم توڪاڻ.

 

ڪنهن کي وسارڻ آهي اوکو

ياد پوي ٿو پل پل مون کي

ڪنهن جو ڏنل دوکو.

 

جيون جوت جلائين هان

 پيارجي مٺڙي ڳالهه ڪري

ڪائي  باهه لڳائين هان.

چندڙ”ڪيسواڻي“

ٽه- سٽا

گيتن جي ارپنا،

 ڪيم تو نانءُ،

اندر جي ڪلپنا.

 

اتر لڳي واءُ،

مَن ۾ مَڌُر،

يادن جا پڙلاءُ،

 

توسان گهاريل پل،

ائين وجود سان،

جيئن نوڙيءَ ول.

 

دريا جي پار،

سانوري سانوڻ ۾،

هڪلي بيٺي جهار.

محمد سليمان پٺاڻ”پرڏيهي“

سُر سامونڊي

بيت

جَنِ لئي  نيڻ جهڄنِ سي آئون ڪث نهاريان،
آيل  ساريون اُن کي اوڇهنگارون اچن،
تَنِ گهاري  کيڙاوَنِ واحد واري آڻين.
 

بيت

وَڻجاري وائيءَ سدا آهي  سفر جي،
آيل اِهائي مون ماربندي ڳالهڙي.
 

بيت

ڏٺي ڏياريءَ سڄڻ سفر هليا،
پايو پانڌ ڳچيءَ ۾ زور ڪريان  زاري،
ڪانُ هڻي ڪاريءَ ويو وڻجارو اوهري.
سُر سهڻي

بيت

ويٺي روءُ وڇن سان ڳچي پايو ٻانهن،
لايان لال لنڱن کي ائين جي چرو ڪانهن،
آئون اوهانجي دانهن سدا ڀُونڻان سَنَڌي.
 

بيت

ڪارا ڪُنّ ڪاري تکي جت ڪاريهر ڪڙڪا
مئي متي مهراڻ  ۾اچن دوبارا دڙڪا،
ويندي ساهڙ سامهان جهول ڏنس جهڙڪا....
 

بيت

هُنڀر  سيم هاڪ ستُي سنڀارن جي،
محبتي ميهارجي چڙن چوريا چاڪ،
اُنهي جي اوطاق وڃڻ واجب مون ٿيو.
 

سُرسورٺ

بيت

چارڻ چنگه ڪلهي ڪري رمي آيو رات،
سدا جي سيد چئي وائي ڪيائين وات،
ڏيههُ ڏنائين  ڏات معافي منگهڻار کي.
 

بيت

جاجڪ جهونا ڳڙهه ۾ ڪو عطائي آيو،
تنهن ڪامل ڪڍي ڪينرو ويهي وڄايو،
شهر سڄوئي سرُ سين تندُن تپايو،
دايون درمانديون  ٿيون ٻاين ٻاڏايو،
چارڻ تنهن چايو جو ماري آيو منڱڻون.
 

سُر عمر ماروئي

بيت

سونهن وڃايم سومرا سِکَرِ جهڙِي سونهن،
دل ۾ دُکي دُونه منهنجو منهن ميرو ڪيو.
 

بيت

ڪيم مهاڙ ملير ڏي مٿي ڪوٽ چڙهي،
 نت نهاري ڏيهه ڏي ڳوڙها پيم ڳڙي،
 نڱي ڪوڪ قلب مان منجهان روح رڙي،
 ويڙهيچن وري ڪر نه لڌم ڪڏهين.
                            

ابراهيم ”سنڌي“

غزل

غمن ۾ ٿيو منهنجو گُذر، مگر توکي خبر ڪهڙي،
ستم سورن ڪيو هر هر، مگر توکي خبر ڪهڙي.
 

ڌڪا کاڌم زماني جا، صرف سُهڻل سڄڻ تولئه،
ڀٽڪان پيو مٺا در در، مگر توکي خبر ڪهڙي.

هجر هاڃو ڪيو مون سان، جينءَ جاني جُداني ڇڏ،
خدا کي آ خبر دلبر، مگر توکي خبر ڪهڙي.
 

خوابن ۾ خدا ڄاڻي، ڏسان مان روز پيو توکي،
ڏسان واٽون ڏيو ور ور، مگر توکي خبر ڪهڙي.
 

سڪي ٿوساه ”سنڌي“ءَ جو سڄڻ سُهڻا توکي ساري،
نه وسرين ٿو مٺا منور، مگر توکي خبر ڪهڙي.

وائي

ڳوليو ويٺي ڳول، اندر پنهنجو کول،
 

پنهل ناهي توکان پري.

ڇو ٿي ڇُلين تون ڇپرين، پنهنجو پاڻ کي ويهي ڦول،
 

پنهل ناهي توکان پري.

ڇڏ تون پنڌ پهاڙ جا، رُلي پاڻ کي ڪيم رول،
 

پنهل ناهي توکان پري.

ڪنيزڪ ڪيچين جي الا، من ”سنڌي“ ڪن قبول،
 

پنهل ناهي توکان پري.

نسيم شيخ

رات

رات چپ چاپ آهه

خاموش فضا آ ساري

رات خاموش ۽ اداس آ

رات کان پوءِ آخر ته سحر ٿيندي آ

هر رات کان پوءِ نيٺ ته صبح ٿيندو آ

خاموش رات ۽ چنڊ ۽ تارا

سامهون چنڊ ۽ تارن کلي ڏنو

خبر ناهي ڪهڙي منزل هوندي

ڪهڙي صبح جنت هوندي

سامهون ڏس هُو، هُن شفق کي

نيٺ ته سوجهرو ٿيندو.

پرهه روبينه سومرو

غزل

پياس من جي اُجهائي ڪير،
روئندن کي پرچائي ڪير.
 

هت ڪنهنجو به ڪنهن سان پيار ڪونهي،
دل چريءَ کي سمجهائي ڪير.
 

ڏکن جي هن ساري ڏيهه ۾،
جيون کي سرچائي ڪير
 

هر گهڙي ويٺي هنجون هاري،
پرهه اُنهيءَ کي ريجهائي ڪير.
 

فهميده سحرش ميمڻ

غزل

تون آئين چوڌاري سُرهاڻ ويئي وکري،
مرڪي جي نهاريو تو چانڊاڻ ويئي وکري.
 

جيڏو ٿي ڏسان توکي هي دل ئي نٿي ڀرجي،
اکڙين مان وٺا ڳوڙها الاڻ ويئي وکري.
 

هر گهڙي جُدائيءَ جي جهوري ويئي جيءُ منهنجو،
ڪا آس اُٿي دل مان جا هاڻ ويئي وکري.
 

او منهنجا سڄڻ! تنهنجو هر چهرو چمن آهي،
گُلڙن کان شفق تائين لالاڻ ويئي وکري.
 

غزل

منهنجو توسان ازل جو ناتو،
پيار جو توسان پيچ مون پاتو.
 

هردم توکي ياد ڪيان مان
توسان ملڻ لاءِ من هي آتو
 

توکي ڪيڏو چاهيو آ سڄڻ،
تو نه ڪڏهن پر پيار سُڃاتو.
 

هردم ”سحرش“ رهي ٿي ماندي،
نينهن جڏهن مون توسان لاتو.
 

شبانه لنجار

نثري نظم

دنيا!

تون ايڏي بي رحم ڇو آن؟

جو:

توکي نه سمجهڻ وارو اٻوجهه

به تڪليفون ڪٽي ٿو

۽ توکي سمجهندڙ

هر روز هڪ نئين ڪات هيٺ ڪٺجي ٿو

دنيا!

تون ايڏي بي رحم ڇو آن؟

تنهنجي من اندر ڪيترا ڪات لڪل آهن؟

جن جو هر چير

سدا جو ناسور بنجي پوي ٿو

پر تنهن هوندي به

تون پنهنجي ڪاتن سان

چيرن مٿان چير ٿي ڏين

دنيا! او دنيا!

تون ايڏي بي رحم ڇو آن؟

تون ايڏي بي رحم ڇو آن؟

هڪ شاعره جي سڃاڻپ

نسرين نوري

نسرين نوري هڪ اسڪول ۾ استاد آهي. درس تدريس سان گڏو گڏ هن ادب جي ميدان ۾ به پاڻ کي ملهايو آهي. ناري ادبي سنگت جي جوائنٽ سيڪريٽري به آهي. نسرين نوري ادبي پروگرامن ۾ اسٽيج سيڪريٽري جا فرض به ادا ڪيا آهن. مقالا به لکيا اٿس ۽ مختلف پروگرامن ۾ تقريرون به ڪندي رهندي آهي.

شاعريءَ جي فن تي کيس پورو عبور حاصل آهي. هُن جا جذبا نوريءَ نماڻيءَ وانگر سادا، سٻاجها ۽ نماڻا آهن.

نسرين نوري ڌرتيءَ جي خوشبو، احساسن جي پيڙائن کي پنهنجي رچنائن ۾ رچائي اڄ اسان جي ”سرتيون“ جي سٿ ۾ اچي شامل ٿي آهي. اسان دل سان سندس آجيان ڪريون ٿا.

نذير ناز

سوچ جي رڻ رلي تون پاڻ کي روليندو هوندين
روز شب روئي رڙي تون ۽ مون کي ڳولهيندو هوندين
 

ياد سي منهنجي محبت جا ڪري لمحات اڪثر
ڇو وڃائي مون کي ويٺين نيٺ تون سوچيندو هوندين
 

جاڳي جاڳي روئي روئي ۽ اکين ۾ رات ڪاٽي
شمع وانگر تون سدائين پاڻ کي ساڙيندو هوندين
 

مان نه ايندس  موٽي تو وٽ توکي هوندو اعتبار
پر منهنجي راهن ۾ نظرون پنهنجون تون واريندو هوندين
 

جي هليون هيرون ۽ باغن منجهه ڪا آئي بهار
ڏس پڇي منهنجو اکين مان آب تون هاريندو هوندين
 

ياد ايندءَ منهنجي جنهن دم رات ساري روئي روئي
منهنجي لئه تون لڙڪ  اکڙين مان سوين ڳاڙيندو هوندين
 

ڪهڙي عالم ۾ گذاريان ٿي خدا ڄاڻي اي ”نوري“
تنهائين ۾ تون اڪثر اهو سوچيندو هوندين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com