سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون جولاءِ ڊسمبر  1991ع

مضمون --

صفحو :1

سرتيون جولاءِ ڊسمبر 1991ع

نذير ناز

ايڊيٽوريل

سرتيون السلام عليڪم من جي اندر فخر ۽ خوشي جو احساس سموئي ”سرتيون“جو پنجون شمارو پيش ڪري رهيا آهيون هنن گهڙين ۾ جڏهن اسان جي ڪاوش اوهان جي هثن ۾ آهي مان ذاتي طور تي محترم قبله سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب جي دل جي گهرائين سان شڪر گذار آهيان جو هنن مون کي هن قابل سمجهيو ته مان ”سرتيون“ جي ايڊيٽر ثيان ۽”سرتيون“ کي ترتيب ڏيان.

محترم قبله سائين جن جون علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي خدمتون ڪنهن کان به لڪل نه آهن قبله سائين سڄي ڄمار سنڌي ادب جي چمن جي آبياري لاءِ جيڪي قابل فخر ڪوششون ڪندا  رهيا آهن انهن مان ”سرتيون“جو اجراءُ به هڪ  آهي.

محترم قبله سائين جن کي احساس آهي ته هڪ صحت مند معاشري لاءِ ضروي آهي ته عورت ذات کي تعليم ڏني وڃي ۽ ادب جي ذريعي سندن ذهني اوسر ڪئي وڃي. تاريخ شاهد آهي ته عورت ذات کي جڏهن به موقعو مليو آهي ته هن پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. هڪ نظر سان ڏٺو وڃي ته عورت ڌرتيَ جي اڌ ڪائنات آهي.عورت سماجي سونهن آهي. الله پاڪ منجهس تخليق، تربيت ۽ محبت کي سندس رت، ست سان شامل ڪيو آهي مثال مشهور آهي ته هر عظيم انسان پويان،  سندس هر عظيم ڪاميابي پويان ڪنهن نه ڪنهن عورت جو هٿ ضرور رهيو آهي. اسانجي ثقافت، علم، تهذيب ۽ ادب عورت جي انيڪ نالن سان سٿيل آهي، جن باوجود عورت هجن جي هر مقام تي پنهنجو پان ملهايو آهي، جديد دور جي اهم ترين موڙ تي اڪويهين صدي اسان جي سامهون آهي. جتي ايترو عرصو اسان پهنجي اولاد، ڀائرن، ڀينرن، مٽن، ماٽن جي ڀرپور رهنمائي ڪئي آهي. هاڻي نئين صديءَ جي نون رخن، لاڙن بابت به کين تيار ڪرڻ به اسان جوئي فرض آهي. اها ئي وقت جي به تقاضا آهي. اسان کي لڪيرن جو فقير نه آهي ٿيڻو . اسان کي جديد دور جي تقاضا جي مطابق پاڻ کي تيار ڪرڻو آهي. ”سرتيون“ اوهان جو پنهنجو رسالوآهي. اوهان ڇاٿا پڙهڻ چاهيو؟ ڪهڙي تبديلي ڏسڻ ٿيون گهرو اسانجي اها ڪاوش ڪيئن گهر گهر پهچي؟ صاف سٿري پاڪيزا معاشري کي نسواني سوچن سان مڪمل ڪري سگهي ٿي؟ اها سڄي سوچ، اوهان جي ساٿ سان ئي ممڪن آهي، اوهان پهنجي قيمتي راءِ ذريعي ”سرتيون“ جي ساٿ کي سلامت رکجو. اسين اڪيلا ڪجهه به نه آهيون. اوهان ۽ اسان گهڻو ڪجهه آهيون. اوهان جي راءِ جو اوسيئڙو رهندو.

آخر ۾ مان انهن سڀني کي وسارڻ نٿي گهران جن سرتيون کي سينگارڻ، سنوارڻ ۾ منهنجو هٿ ونڊايو. سنڌي ادبي بورڊ جي پريس مئنيجر محترم رستم علي سولنگي، ڪمپيوٽر سيڪشن جي انچارج محترم شمس الدين سومرو۽ محترم منير علي شاهه منهنجيون نياڻيون ثمينه ميمڻ، نجمه پنهور ۽ بورڊ جي سڀني ورڪرن جي تهه دل سان ٿورائتي آهيان.                                                       

سُٽ اُنهين جو سَڦَرو جي پر ۾ پڃائين
آواز، ارٽ جو ساهه نه سڻائين
لڪايو ، لطيف چئي ڪنبيو ڪتائين
جي ماڻڪ موٽائين، توءِ مُولهه مهانگواُنجو!

                                                      شاهه

ڪهاڻيون

شگفته شاهه

واجهانئيندي وره ٿيا............

ڪار کي حيدرآباد جي پر رونق شهر مان ڪڍي ڄام شوري واري رستي ڏانهن رخ رکان ٿو ته من جي ويا ڪلتا کي ويتر وڌندو محسوس ڪريان ٿو ، ذهن مان پريشان ڪندڙ خيالن کي دور ڪرڻ خاطر ڄام شوري جي ٿدڙي هوا کي محسوس ڪرڻ لڳان ٿو ۽ سرمئي شام ۾ چؤپاسي پکڙيل ساوڪ ۽ سنڌوءَ جي جل جي نظارن بابت سوچڻ ٿو لڳان ۽ ڪجهه خبر نٿي پويم ته سفر ڪيئن کٽي پيو .... ۽ پوءِ ...... جڏهن ڄام شوري واري پُل پار ڪريان ٿو ته پوءِ .... خودبخود....... الائي ڇو ....... ڪار جي اسپيڊ آهستي ڪريان ٿو ۽ ڪار کي ساڄي پاسي موڙي ”المنظر“ ڏانهن کڻندو ٿو وڃان. ها.... ساڳي موسم آهي، ساڳيو شام جو هي پهر ..... ۽ ....... منهنجو ذهن وري ماضي ڏانهن وک وڌائي رهيو آهي. آئون ڪار جو دروازو کولي ”المنظر“ جي لان ۾ پيل ڪرسين مان هڪ تي ويهي ٿو رهان. اتي لان ۾ مون کانسواءِ ٻيا به ڪجهه ماڻهو ويٺل آهن پوءِ به هر طرف اداسي جي ڪيفيت ۽ خاموشي آهي جنهن کي جڏهن جهرڪين جي ”چون- چون“ ڪڏهن لان ۾ ويٺل ماڻهن جو هلڪو ڳالهائڻ ۽ ڪڏهن هوٽل جي بيرن جي هٿن ۾ جهليل ٿانون جا کڙڪا ۽ ڪڏهن وري ........ ڄام شوري جي پُل تان لنگهندڙ گاڏين جا آواز ٽوڙي رهيا آهن .مهنجي سامهون سنڌوءَ جي  پوتر پاڻيءَ ۾ ڳاڙهي سج جو عڪس چمڪي رهيو آهي. هوٽل جو بيرو منهنجي لاءِ چانهه کڻي ٿو اچي ته آئون ڇرڪ ڀريان ٿو. مون کي ته اها خبر به نه پئي ته ڪيڏي مهل مون کيس چانهه کڻي اچن لاءِ چيو هو-چانهه پيئڻ دوران منهنجي ذهن ۾ وري پريشان ڪندڙ خيال اچن پيا ۽ ماضي سان لاڳاپيل ڪجهه تکين مٺين ڳالهين سان ڀرپور يادون ذهن کي وڪوڙڻ لڳن ٿيون ۽ تصور۾ رباب  جو عڪس اڀري اچي ٿو ۽ مونکي ياد اچي ٿو.ها!......رُباب! ........ اسانجو جو خاندان به روايتي سنڌي گهراڻن مان هڪ هو. جيڪي خاندان جيترا وڏا هوندا آهن اوڏا ئي وڏا مسئلا ۽ جڳهڙا انهن ۾ جنم وٺندا آهن. اسان جهڙن گهراڻن ۾ گهڻو ڪري ٻنين، جائيداد يا وري سڱابندي تان جهيڙا ٿيندا آهن....... جتي ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين جي قسمتن جا فيصلا وڏا ڪندا آهن...... پوءِ......... ڪڏهن ڪئي غلط فيصلا نه صرف ڪنهن هڪ نسل پر ڪيترين نسل لاءِ نفرتون، پريشانيون ۽ ويڇا ورثي ۾ ڇڏي ويندا آهن. ڪنهن اهڙي ئي فيصلي جي ڪري بابا ۽ چاچا وڏو پاڻ ۾ نه ٺهيا ۽ پوءِ وڏن جي جهيڙي ڪري. اسين سڀ سؤٽ ڪيڏا نه پري ٿي ويا هئاسين....... ها!......... رباب! ......... تون ته منهنجي بيحد پياري پڦيءَ جي ڌيءَ هئين، ويچاري پڦي!!!........ هن به ڏاڍا ڏک ڏٺا هئا. سندس گهر وارو خانداني دشمني جي ورچڙهي قتل ٿي ويو ۽ هوءَ ويچاري ان ڏک ۾ بيمار ٿي وئي ۽ ٽي. بي جهڙي بيماري پالي ويٺي ۽ نيٺ ..... توکي ٽن سالن جي عمر ۾ اڪيلو ڇڏي هميشه لاءِ هن دنيا کان منهن موڙي وئي. تڏهن کان ئي چاچا وڏو توکي پنهنجي گهر وٺي آيو ۽ سڄي ڄمار توکي پنهنجي نياڻين جيان ئي رکيائين ۽ ڪڏهن به تو ۾ فريده ۽ فهميده ۾ ڪوبه فرق نه رکيائين. ها! ...... ياد اٿم !........ جڏهن اسان حيدرآباد ڇڏي ڪراچي م اچي رهيا هئاسين ان وقت منهنجي عمر تيرنهن سال هئي ۽ تون مونکان پنج سال ننڍي هئين...... ۽ پوءِ اسانجي وڏن ۾ ويڇا پيا ته ان کانپوءِ ڪيترن ئي سالن لاءِ اسان سڀ هڪ ٻئي کان ڏور ٿي ويا هئاسين ۽ حيدرآباد ۽ ڪراچي جو وچ وارو فاصلو اسان لاءِ  ڪيئي درجا وڏو بنجي ويو هو.......... ۽ ائين........ ايترن سارن سالن گذرڻ کانپوءِ چاچا وڏي جي پٽ ادا اشفاق جي شاديءَ جا ڏينهن رکيا ته شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ چاچا وڏو بابا کي پرچائڻ لاءِ آيو ڇو جو اسان وٽ اهڙن موقعن تي رٺلن کي پرچايو ويندو آهي ۽ اهڙي طرح............ ادا اشفاق جي شاديءَ جي موقعي تي اسان سڀ ايڏي عرصي بعد گڏياسين ته گهڻوڪجهه ئي بدلجي چڪو هو ۽...........تون به..........!هوءَ ننڍڙي، شرارتي ڇوڪري”رباب“ هاڻي وڏي ۽ سنجيده ڇوڪري”رباب “ جو روپ ڌاري چڪي  هئي.

 تنهنجن ڏکن وقت کان اڳ ئي توکي سنجيده ۽ بردبار بڻائي ڇڏيو هو ۽ تون مون کي خاندان جي ٻين ڇوڪرين کان گهڻو ئي مختلف لڳي هئين. جڏهن سڄي گهر ۾ شاديءَ جو هنگامو هو، سڄو سڄو ڏينهن ڇوڪريون کل چرچا ڪنديون هيون، شاپنگس ٿينديون هيون هر وقت ميڪ اپ، جيولري، ڪپڙن جي ميچنگس تي بحثون ٿينديون هيون ۽ شادي جا گيت ڳايا ويندا هئا، تڏهن ......... تون انهن سڀني ڇوڪرين کان ڪيڏي نه الڳ الڳ رهندي هئين!!؟؟ ......... گهڻو ڪري پنهنجي ڪمري ۾ هوندي هئين يا وري لان ۾ويٺل هوندي هئين ڇو جو توکي صرف ڪتاب پڙهڻ جو شوق هوندو هو يا وري  Paintings)  ) اڪثر آئون توکي محويت سان پينٽنگس Paintings) ) ٺاهيندي ڏسندو هوس ۽ ان مهل تون ته پنهنجي وجود کا به  بي خبر  هوندي هئين ۽ منهنجي موجودگيءَ کان پڻ، ڪڏهن  وري تون ڪتابن مان خوبصورت QUOTATIONS ۽ شعر پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکندي رهندي هئين...... ۽......... پوءِ! ........... الاهي ڪئين تون منهنجي دل جي گهرائين ۾ لهندي وئينءَ...... مونکي خود ان ڳالهه تي حيرت ٿي جو آئون يعني دانيال!........ .سڄي خاندان مان سڀني کان خوبرو ۽ هينڊسم ڇوڪرو هئس  خاندان توڙي يونيورسٽيءَ جي ڪيترين ئي ڇوڪرين جو آئيڊيل پڻ هوس جنهن ڪري ڏاڍو مغرور ۽ خود سر پڻ هُيس، جنهن ۾ گهڻو ڏوهه منهنجو نه پر گهر وارن، خاندان وارن ۽ انهن ڪيترين ٻين جو هو جن تعريفون ڪري، مون کي انتهائي ضدي ۽  مغرور بڻائي ڇڏيو هو، ڇو جو مون کي يقين هوندو هو ته آئون جنهن به ڇوڪري کي چاهيان ته وڏيءَ آسانيءَ سان پاڻ ڏانهن متوجه ڪري سگهان ٿو ۽ اهو پڻ يقين هئم ته جڏهن آئون تو سان دل جو حال اوريندس ته تون پاڻ کي خوشنصيب ڇوڪري سمجهندين ۽ پوءِ .....ان ڏينهن جڏهن ادا اشفاق جي مينديءَ جي رسم ٿي رهي هئي، گهر ۾ هرپاسي هنگامو هو خوشيون هيون، ڇوڪريون هٿن ۾ مينديءَ جون پليٽون کڻي ڳائڻ، نچڻ ۽ هنگامن ڪرڻ جو مقابلو ڪري رهيون هيون ته ان وقت به تون هلڪي سائي رنگ جي هلڪي  ڀرت وارن ڪپڙن ۾ خاموشيءَ سان هڪ ڪنڊُ ۾ ويهي کين شرارتون ڪندي ڏسي مُرڪي رهي هئين ۽ آئون پنهنجون نظرون تو کان پري نه ڪري سگهيو هوس ۽ پوءِ انهيءَ ڏينهن مون موقعو ڏسي توکي پنهنجي دل جي ڪيفيت ٻڌائي هئي مون کي ناهي خبر ته ان وقت تنهنجي دل جي ڪيفيت ڪهڙي هئي ان کان ٻئي ڏينهن جي شام به مون کي وسري نه ٿي سگهي .......... ها رُباب!  ياد پئي هينئر مون کي اها شام جڏهن ادا اشفاق جي شاديءَ جو ڏينهن هو، سڀ ڇوڪريون ميڪ اپ، ڪپڙن ۽ زيورن جي ميچنگ ۾ ئي ڦاٿل هيون، سڀ مکين جيان آئيني اڳيان خاندان جي ڇوڪري چواڻي پاڻ کي ”راڳو هئڻ“ ۾ مصروف هيون تون سڀني کان ئي پهرين تيار ٿي ڪمري کان باهر ٿي نڪتئين ته آئون ٻاهر ويندي ويندي اوچتو توکي ڏسي بيهي رهيس، توکي هلڪا گلابي ڪپڙا پاتل هئا، ان تي ننڍا سونا جهومڪ ۽ هلڪو ميڪ اپ توکي تمام گهڻو حسن بخشي رهيا هئا، اوچتو رنگ وڳي ۽ تون پنهنجو وڏو رئو ۽ خوبصورت کليل لارن وارن کي ٺيڪ ڪندي ٽيليفون ڏانهن وڌي رسيور کنيو، تنهنجي ڪنهن ڪلاس فيلو جو فون هو، جيڪا ڄام شوري ڪالوني ۾ رهندي هئي، سندس ڪار ۾ اوچتو خرابي ٿي پئي هئي جنهن ڪري هن چاهيو پئي ته تون کيس پنهنجي ڪار ۾ وٺڻ وڃين، ان وقت اشفاق ۽ ٻيا سڀئي ڇوڪرا ٻاهر ويل هئا ۽ تون پريشان هئين ته تنهنجي ڪلاس فيلو ڪيئن اچي سگهندي .......!!؟ تڏهن چاچي مون کي چيو هو ته آئون توکي ڄام شوري وٺي وڃان....... اهو ٻڌي منهنجي دل جا ڪنول ته ٽڙي پيا هئا پر تون پريشان ٿي وئي هئين پر چاچيءَ جو چوڻ ٽاري نه سگهي هئين انڪري مون سان گڏ وڃڻ تي راضي ٿي وئي هئين.

........۽ پوءِ....... ڄام شوري واري پُل پار ڪرڻ کانپوءِ مون ڪارکي اوچتو ئي ساڄي پاسي موڙيو هو۽ پوءِ”المنظر“ جي سامهون ڪار بيهاري هوٽل جي ويٽر کي ٻن  Cokesآڻڻ جو آرڊر ڏنو ته تون پريشان ٿي وئي هُئين ۽ مون کان تون اتي ترسڻ جو سبب پڇيو ته مون شرارت منجهان تو ڏانهن ڏسي چيو هو،

”شام جو هي پهر نانءُ اسان جي ڪريو“

اهو ٻڌي تون ويتر پريشان ٿي وئين ۽ تنهنجو چهرو ڳاڙهو ٿي ويو.

.......۽ پوءِ......... توکي روڻهارڪو ٿيندي ڏسي آئون سنجيده ٿي ويس، ۽ مون توکي ٻڌايو ته مون کي توسان ڪجهه ڳالهيون ڪرڻيون هيون ان ڪري ٿوڙي دير هتي ترسيو هوس،

.......۽ پوءِ......... مون سنجيدگي سان توسان کوڙ ساريون ڳاليهون ڪيون هيون ۽ پنهنجي دل کولي تنهنجي  آڏو رکي هئي ۽ محبت جا سمورا جذبا توکي ارپي چڏيا هئا ۽ ... تون........ اهو سڀ ڪجهه ٻڌي ڪيڏي نه پريشان ٿي وئي هئينءَ .........!!!؟؟ ۽ منهنجي نظرن ۽ جذبن جي تپش کان بچڻ خاطر دري کان ٻاهر ئي ڏسندي رهئين. ڪڏهن ڪڏهن منهنجي ڪنهن ڳالهه تي تنهنجي ڳلن تي پڻ تنهنجن گلابي ڪپڙن جو عڪس اڀري ٿي آيو...... ۽ تنهنجي خوبصورت ڪارين، ڪجلين اکين ۾ حيرانگيءَ جا سوين رنگ جرڪي رهيا هئا ......... ۽ پوءِ.... جڏهن مون توکان جيون ڀر ساٿ ڏيڻ لاءِ وچن وٺڻ چاهيو ته ڪنهن اندروني ڪيفيت ڪري، تنهنجو چهرو پيلو پئجي ويو هو.... ۽ تون منهنجي ڪنهن به ڳالهه جي ۽ جذبي جي موٽ نه ڏني هئي ۽ هلڻ جي التجا ڪئي هئي. اهو ٻڌي آئون چپ ٿي ويو هوس. مونکي ان مهل ڏاڍو ڏک ٿيو ۽  پنهنجي تذليل محسوس ٿي ۽ پوءِ ....... مون ڪار کي ڄام شوري ڪالوني واري رستي ڏانهن ڪيو ۽ پوءِ اتي پهچڻ ۽ واپسيءَ جي سفر دوران مون خاموشي اختيار ڪئي هئي. پر........ رُباب! .......... ها!........ بيشڪ تو چاهين ته سڄي عمر سڄي دنيا کان پاڻ کان ....... مون کان...... اها لڪائين پر ...... ان شام مون تنهنجي اکين ۾ خوبصورت جوت جاڳندي ۽ ڳلن تي ڳاڙها گلاب ٽڙندي ڏٺا هئا.

.........۽ پوءِ ادا اشفاق جي شاديءَ جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اسان واپس ڪراچي هليا وياسين پر پوءِ به اسان جو اوهان وٽ اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. ان سڄي عرصي دوران بيشڪ تون زبان سان ڪڏهن به محبت جو اقرار نه ڪيو پر تنهنجون خوبصورت ۽ اسرارن سان ڀرپور اکيون ڪي ئي راز پڌرا ڪنديون هيون ۽ آئون اهو سڀ ڪجهه محسوس ڪندي ڏاڍو خوش ٿيندو هوس پر ......... پوءِ به منهنجي اندر هٺيلو، مغرور ۽ اتاولو شخص چاهيندو هو ته تون زبان سان پڻ منهنجي اڳيان پنهنجي دل هارائڻ جو اقرار ڪرين ڇو جو آئون ان معاملي ۾ بيحد ضدي ۽ اناپرست ماڻهو ٿي پيس . مون چاهيو ٿي ته تون پنهنجي زبان سان مون  سان زندگي ڀر ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪرين ........... پر تون ته هميشه جيان اداس، خاموش ۽ پراسرار بڻي رهئين ........ ۽ آخر ..... ان ڳالهه مون کي چيڙائي وڌو ۽ آئون پنهنجي ضدي طبعيت ۽ اناپرستيءَ  تي اڙيو رهيس ته جيستائين تون پنهنجي زبان سان پيار جو اعتراف نه ڪندين ايستائين آئون امان بابا کي توهان جي گهرتنهنجي سڱ وٺڻ لاءِ نه موڪليندس...... اهو منهنجو فيصلو هو........ ائين ڪجهه سال لنگهي ويا ..... ۽ اسان جي وچ ۾خاموش محبت سان گڏوگڏ خاموش جنگ به هلندي رهي پر ٻنهي معاملن ۾ هار مڃڻ لاءِ نه آئون تيار هيس ۽ نه وري تون ..... !!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com