سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون جولاءِ ڊسمبر 1991ع

مضمون --

صفحو :5

”اهو جملو مون به ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو آهي“ نانگي جواب ڏنو هو. عجيب فطرت وارو هڪ انسان آ نانگوبه: چاءِ نه پيوس ته ڪاوڙ کيل (فلم) تي نه هلو ته مٽ - ڦوڪ. ميلي، ملاکڙي کان انڪار ڪيو ته ستن پيڙهين کان ٿي بيهي. نرالي مٽيءَ مان ڳوهيل نانگو، تنهن ڏينهن مونکي چاءِ جي  صلاح هڻي رهيوهو ۽ مان وڌيڪ انڪار ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهيو هوس.                                                                                                       

”ائين، ڀيسان، ڪڏهن ته ملنگن کي به مهلت ڏيندا ڪريو!“ نانگو خوش ٿي ويو هو. پوءِ جڏهن اسان ”غريب نواز“ هوٽل ۾ گهڙيا هئاسين ته هوٽل جي بيرن (پيشگارن) به نانگي کي سلام ڪيو هو. چاءِ پيئڻ کانپوءِ نانگو بيرن کي  ”ٽپ“ جو ڏيندوهونه، تڏهن ”غريب نواز“ هوٽل اسان جي واهڻ جهڙي شهر جو سڀ کان وڏو ۽ مشهور هوٽل آهي، غريب غربو شام جو ڦڻي ڦوڪارو ڪيو، لَپ سُرمي جي اکين ۾ وجهيو، شهپرن کي مک ڏيو، وٽيو: ٻِن ۾ ڏَهه مِنٽ ڏيکاريندو(مُڇن جي بيهڪ) اچيو هوٽل ۾ داخل ٿئي. هتان جي چاءِ به اهڙي ٿئي، جهڙو مليل مٽ، گهاٽي اهڙي جو تيلي کڻي ٻوڙِ تي ڦُڙو هيٺ نه ڪري، وڏن شهرن جي چاءِ ته ٿئي رڳو تُتَو پاڻي! ٻِن آنن ۾ چاءِ مِلي اهڙي جي وڃي ٿيا سَت خير! اصلي نشا ڏيو ڇڏي!

صاب!(صاحب) ڪتنيان چاهِيان آڻون؟“

بيري اردو جو آپريشن  ڪرڻ شروع ڪيو.

”اڙي رڳيون چاهيون ڇو، اسان ٻيو ڪجهه به گهرون ته پوءِ؟“ مون بيري جي سوال تي اعتراض ڪيو.

” هي صاب رڳو چانهه منگدا هي “ بيري وري به اردوءَ جي ستياناس ڪئي!

” توکي سنڌي نه ٿي اچي ڇا؟ بيرا خان!“ مون پُڇيو.

” اچي ٿي، پر مالڪ ( هوٽل جو) چوي ٿو ته اُڙدو ڳالهائيندا ڪريو.“

”مالڪ ائين ڇو ٿو چوي؟“

”الائي سائين!پر، ٻُڌايو ته گهڻيون چاهيون آڻيان؟“

” هِن کان پُڇ“ مون نانگي ڏانهن اشارو ڪيو.

” ٻه گولي -  مار چاهيون ۽........“

” بابوجي ! خيرات“!نوجوان  فقيرياڻيءَ خير گُهريو.

نانگو چاءِ جوآرڊر ڏيندي رهجي ويو. هُن فقيرياڻيءَ کي پيرن کان وٺي چوٽيءَ تائين ڏٺو 18 ۽  19سالن جي فقيرياڻي سادن، سوُدن ڪپڙن ۾ به ڏاڍي ٺاهوڪي پئي لڳي. آس پاس وارين ٽيبلن تي ويٺلن جون بکايل نظرون فقيرياڻيءَ جو انگ انگ کائي رهيون هيون. پڪي رنگ جي فقيرياڻي ٽاهڙ وَهڙيءَ وانگر هيڏي هوڏي نهاري رهي هئي . هُن جو هٿ اڃا نانگي جي آڏو وڌيل هو.

”تون پنين ڇو ٿي“؟ نانگي چيو

فقير جو آهيون!“

”اوهان جا مرد ماڻهو ڪونهن ڇا؟“

”آهن“!

” اهي ڇا ڪندا آهن؟“

سڄو ڏينهن جُوا ڪندا آهن. اسان ڪمائينديون آهيون ۽ مڙس موج ڪندا آهن.“

 ” تُنهنجو به مڙس آهي؟“

” منهنجا گهڻائي مڙس آهن!“ فقيرياڻيءَ بي انتها جرئت ڏيکاريندي سچ ڳالهايو. مان ذري مان ذري گهٽ وائڙو ٿي ويو هوس. نوجوان فقيرياڻيون ته مون به گهڻيون ئي ڏٺيون هيون، پر”هُن“ جهڙي جرئت ڪنهن ۾ به نه هئي، هُن جو رنگ سانورو هو، ان ڏينهن کيس مُساڳ به لڳل هو. سندس کير جهڙا اَڇا ڏَند اهڙا ته سهڻا هئا، جو دل پئي چيو ته هوءَ رڳو کلندي رهي.

جيتوڻيڪ هُن جي مُرڪ ڪاروباري هئي، جيتوڻيڪ هوءَ سوچيل سمجهيل طريقن سان کلي رهي هئي، مگر پوءِ به اُن ۾ سُرور هو، ڪيف هو، هڪ خمار هو.

” تون ڪنهن هڪ جي ڇو نه ٿي بنجي وڃين ؟“ نانگي منهنجو نشو ٽوڙي ڇڏيو.

” تون مون کي پنهنجو بنائيندين؟“ هُن نانگي کي سچو پچو اگهاڙو ڪري رکيو .

”.............؟“

اڙي! ڪنڌ ته مٿي ڪر، ڏي جواب ڇوري کي نه !“

   نانگي پوءِ ڳاٽو مٿي ڪونه ڪيو ۽ پوءِ جڏهن مون نانگي کي ڄاڙيءَ کان وٺي، سندس ڪنڌ مٿي ڪيو ته، نانگي جي اکين ۾ ڳوڙها هئا: بند ٽُٽڻ تي هوس. مان حيران هوس! فقيرياڻي حيران هئي! سڄو هوٽل حيران هو! ڪُرسيون حيران هيون ۽... ۽ پوءِ نانگو بجليءَ جي تيزيءَ وانگ هوٽل مان نڪري ويو ! هوٽل جي دروازن  تي پردا پيل هئا، رمضان شريف جي احترام ۾!

” بابو جي! ڀلا تون  خيرات ڏي“. هُن مون کان خير گهريو.

مون هن کي ڏهه پيسي ڏني ۽ هوٽل مان اُٿي آيس. ان کانپوءِ نانگو شهر ڇڏي ويو آهي. الائي ڪاڏي! الاهي ڇو!؟

 ڪنول قاضي

فيصلو

هن جڏهن ننڊ ۾ پاسو ورايو ته پنهنجو کاٻو پاسو خالي محسوس ڪيائين. ننڊ اکيل اکيون کُلي پَيس. کٽ تي اڪبر موجود ڪونه هيو. هڪدم سندس ذهن کي خوفائتي لهر لوڏي ڇڏيو تڪڙ ۾ اٿي ڪمري جي بتي ٻاري هيڏانهن هوڏانهن نظر گهمائي ڏٺائين پر هو ڪمري ۾ نظر ڪو نه آيو.

اڪبر ڪيڏانهن ويو!؟ سندن دل ۾ ڪيترائي وهم ۽ وسوسا ڦٽڻ لڳا. پر پوءِ اهو سوچي دل کي آٿت ڏنائين ته ... ٿي سگهي ٿو ڪنهن ڪم سانگي جلدي ۾ ٻاهر هليو ويو هجي.

پر هن مهل...!يا ٿي سگهي ٿو ڪو دوست سڏي ويو هجيس... پر مون کي ٻڌائي ته ها نه .... هن مون کي ٻڌايو ڇو ڪونه ؟

هو مون کان لڪائي ڇو ها (اڄ هي پهرين دفعو هو جو اڪبر کيس اڪيلو ڇڏي اڻ ٻڌايو ڪيڏانهن هليو ويو هو هنن جي شادي کي اڃا مهينو مس گذريو هو.)

جيون ساٿي هجڻ جو مطلب ڇا آهي؟ ڏک سک جو ساٿي بڻجڻ، زندگي جي رستي تي گڏجي هٿ هٿ ۾ ڏئي هلڻ، جيڪڏهن هڪ ٻئي جا ڏک، سک، سهڪاري ۽ ساٿي نه بڻياسين ته جيون ساٿي هجڻ جو مقصد ئي مٽجي ٿو وڃي..... هوءَ دل ئي دل ۾ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي ۽ پنهنجن سوالن جا پاڻ ئي جواب ڏيندي، کٽ تان اٿي ڊڄندي ۽ ڇرڪندي ڪمري کان ٻاهر ايندي اڱڻ ۾ اچي هڪ هنڌ بُت بڻجي بيٺي، سندس خُوف ويتر وڌندو ٿي ويو، خالي گهر ۾ هن کانسواءِ ٻيو ڪوبه ڪونه هيو.

سوچيائين ته در کولي ٻاهر ليئو پائي ڏسي پر چُرڻ جي همت نه ساري سگهي رات جي خاموشيءَ ۾ ڪکُ ڇرڻ تي به ڏڪي ٿي ويئي، نيٺ تڪڙي پوئين پير اچي پاڻ کي کٽ تي اڇلايائين تڪڙا ساه کڄڻ لڳس، سيءَ هوندي به سڄو بُت پگهر ۾ شل لڳس، ڀت تي لڳل گهڙيال جي ٽڪ ٽڪ زينت جو توجه ڇڪايو، ڏٺائين ته رات جا ٻه ٿي رهيا آهن، هو آخر هيڏي رات جو ڪيڏانهن ويو؟ هن چپن ۾ وري ڀڻڪيو، ائين سوچيندي زينت جي اک لڳي وئي.

صبح جو اک کُليس ته اڪبر کي پنهنجي پاسي ۾ ستل ڏٺائين. کيس آٿت ملي. پر رات واري ڳالهه ياد ايندي ئي سندس طبيعت تي ڏک ۽ ڪاوڙ طاري ٿي ويا.

ڪيترائي سوال سندس ذهن تي سرجندا رهيا  جيڪي هن اڪبر کان پڇڻ چاهيا ٿي پر لفظن سندس ساٿ نه ڏنو.

هن لڙڪ پئيندي چپ ڪري سوال کي سيني ۾ سانڍي ڇڏيو. (اڪبر جو ته اصل اهو معمول هوندو هو. راتين جون راڻيون آواراه دوستن سان ويهي فضول ڪچهريون ڪرڻ ڪڏهن ڪڏهن دارون پيئڻ ۽ تاش راند ڪرڻ، زينت ٻي رات به ڪلهه وانگر اڌ رات کانپوءِ پنهنجي کٽ خالي ڏٺي.

پوءِ ته هر روز ائين ٿيندو رهيو. هاڻي ته اڪبر جو اهو معمول بڻجي ويو هو. زينت جي صبر جو پيمانو به ڇلڪي پيو. هن جڏهن به پنهنجي مڙس کان معلوم ڪرڻ چاهيو. تڏهن هو لنوائيندو هو. ڪڏهن ته سخت لفظن ۾ کيس ڇڙٻ ڏيندو هو ته:“ ڀلا تون ڪير ٿيندي آهين مردن جي ذاتي معاملن ۾ ٽنگ اَڙائڻ واري.آئينده اهڙا سوال نه پڇندي ڪر، رهڻو اٿئي ته چپ ڪري رهه.........

” پر مان ته ائين پئي پڇان“. زينت ڊڄندي چيو.

” مان چوان ٿو وات نه هڻ، ڳالهه نه ٿي وڻئي ته وڃ پنهنجن مالڪن ڏي. ڪا مفت ۾ ڪونه آئي آهين“اڪبر ڪاوڙ مان چيس.                                                                                                                           

 هر ڀيري کيس طعنا ڏيندو هو ته مائٽن توکي پيسن ۾وڪيو آهي ۽ توکي مون خريد ڪيو آهي ۽ هوءَ پنهنجي دل تي طعنن جا تير پئي سهندي هئي.                                                                                                             

ڀلا ويچاري ڪري به ڇا پئي سگهي، سواءِ چپ رهڻ جي . هوءَ پور پچائيندي پچائيندي اڪثر خيالن ۾ گم ٿي ويندي هئي ۽ ذهن جي پردي تي سڳنڌ ڀري سهاڳ واري رات جا عڪس چٽي طرح پسي سگهندي هئي.                      

جڏهن سندس هٿڙا ميندي رتڙا هئا. کيس سهاڳ جو لال جوڙو  پارائي سيج تي ويهاريو ويوهو ۽ هن مستقبل جي سهڻن خيالن ۾گم پنهنجي خوابن جي شهزادي جي اچڻ جو ٻڌي دل ۾جلترنگ وڄندي محسوس ڪيا هئا ۽ پوءِ اهو پل به اچي ويو جڏهن هن پنهنجي جسم تي هڪ اهڙي هٿ جو ڇهاءُ محسوس ڪيو. جنهن جي سرور سان سندس سارو  جسم  مسرور ٿي ويو. هن ڪائنات جون سموريون سرهايون پنهنجي پيرن ۾ جهڪنديون ڏٺيون. هن سمجهيو ته ڄڻ دنيا جون مڙئي مسرتون هن پنهنجي جهوليءَ ۾جهلي ورتيون.

اڪبر هيو به خوبصورت  نوجوان. هو زينت جي خيالن ۽ خوابن ۾سجايل  شهزادي کان ڪنهن به طرح گهٽ نه هيو.            

اڪبر به زينت کي ڪنوار جي روپ ۾ ڏاڍو پسند ڪيو .                     

ڪجهه ڏينهن ته ڏاڍي خوشيءَ سان گذري ويا

مان ڪونه رهنديس هتي. مان هلي وينديس روز روزجي طئنن ۽ پل پل جي پيڙائن کان هڪ ڏينهن  جو ڏک ڀلو آهي.  

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com