سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون جولاءِ ڊسمبر 1991ع

مضمون --

صفحو :8

”مير“ منظور راڄپر

وائي

نياڻي ساماڻي، ڳڻتي جيجل ماءُ کي،
بابس بنهه ٿي لڳي، هي جا ويڳاڻي،
سوچي اکڙين مان اُگهي، پوتي سان پاڻي،
اجڙيل هن ماحول ۾، جيئري چواڻي،
ڪير هتي آهي ڀلا؟ سڏڪن ۾ ساڻي،
آٻڌائي ”مير“ هي، سچي آکاڻي،
نياڻي ساماڻي، ڳڻتي جيجل ماءُ کي.
 

ادل سومرو

وائي

منهنجن پيرن جا پرين! ڪيئي لک نشان

تنهنجي گهر جي رستي ۾.

ويا ورائي وقت جا، مون کي اڄُ طوفان

تنهنجي گهر جي رستي ۾.

هاڻ ته هن تڪجي پيا، منهنجا سڀُ ارمان

تنهنجي گهر جي رستي ۾.

تو لئه آندل سوکڙي، ڀڄي پيا گلدان

تنهنجي گهر جي رستي ۾.

ڪيئي تنهنجي مُرڪ لئه، ڦرن ٿا انسان

تنهنجي گهر جي رستي ۾.

سميع ڪنڌر

وائي

اڃا آهيون ڌار، ڪڏهن ملنداسين؟!

توکي ساريندي، ڪئي لــڙڪــن لار.

ڪڏهن ملنداسين؟!

سوچان سڀ تو لئه، آهن هي ويچار.

ڪڏهن ملنداسين؟!

صدين سمـان پــل، ايــڏا انــتــظــار!

ڪڏهن ملنداسين؟!

ڪڏهن ملنداسين؟!

جاويد سوز هالائي

وائي

پريت پڄائي وينداسين، نينهن نڀائي وينداسين،

اسين مسافر پيار جا.

سندر، سندر سپنن جو، گلدان سجائي وينداسين،

اسين مسافر پيار جا.

سچ وڏو ڏوهاري  آ پر، سچ سڻائي وينداسين،

اسين مسافر پيار جا.

هرهنڌ نفرت جي بجاءِ پيار ورهائي وينداسين،

اسين مسافر پيار جا.

اسين مسافر پيار جا.

اسين مسافر پيار جا.

سلميٰ پنهور

نظم

هيڪل ساوڻ گهاريو هوندئي،
آب اکين مان هاريو هوندئي،
 

گذري ويس مان لمحي وانگيان،
پويان مون کي پڪاريو هوندئي
 

توکان ڪين مان وسريو هوندس،
پل پل مون کي ساريو هوندئي
 

سامهون آهيان هر پل تنهنجي،
ائين چئي پاڻ ڌُتاريو هوندئي
 

ماضي جو ڪو سهڻو لمحو،
جهٽڪو ڏئي وساريو هوندئي
 

آئيني سامهون مونکي سمجهي،
پنهنجو پاڻ سنواريو هوندئي
 

چنڊ ۾ منهنجو عڪس چيو هيئي،
هر هر چنڊ نهاريو هوندئي
 

هٿ تان نانو ڊهي ويو ته ڇاهي،
دل تي نانو اُڪاريو، هوندئي،
 

تنها تنها هيڪل سمجهي،
لڙڪ اکين مان ڳاريو هوندئي.


آثم ناٿن شاهي

ڇلو (لوڪ گيت)

ڇلو: سونو سونو،
اٿم تُنهنجو اونو،
هلي اچ او راڻا!
نه ڪر ايڏا ماڻا.
 

ڇلو: نج چاندي
رهان تولئه ماندي،
هلي اچ او پيارا!
وڃن سُور سارا.
 

ڇلو: جيئن ٿو جرڪي،
تئين دل ٿي ڌڙڪي،
هلي اچ او جاني!
ڪري مهرباني.
 

ڇلو: هي تو وارو،
تو جهڙو آ پيارو،
تڏهن پئي ٿي دلبر!
چُميون ڏيانس هر هر،

ڇلو: چٽ چٽڙا،
وتم کٽمٺڙا
سڏيان ويٺي آئون:
اچ ته گڏجي کائون!
 

ڇلو: مُلهه مهانگو،
مليو ٿم اڙانگو،
جڏهن چيچ چمندو:
تڏهن چينُ ملندو!
 

ڇلو: جي مُڪو ٿئي
مونسان سڱ ڳنڍيو ٿئي
ته پوءِ پاڻ اچ تون:
هي پارائي وڃ تون!
 

ڇلو: رنگ نيارا،
وتا ٿم ڇُوهارا،
لهي: تون مان لائون،
هي ڄڃ ۾ ورهايون!
 

 

ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“

قطعات

جيڪو ماڻهو ائين چاهي،
ٻي جو ڊاهي پنهنجو ٺاهي،
تنهن لئه سياڻن سچ چيو آ.
 ڪوئو کوٽي منهن ۾ پائي.

ڪو ٻوڙي ٿو ڪو تاري ٿو،
ڪو ڦوڪي ٿو ڪوٺاري ٿو،
آ پنهنجو پنهنجو ظرف پرين،
ڪو ماري ٿو، ڪوٽاري ٿو.

 

قريب آيو مگر دور جي صدا وانگر،
هو بڻجي خوشبو رهيو آ سدا هوا وانگر،
رهيون هزار کڻي قربتون مگر پو ڀي،
رهيو نه خانه دل ۾ ڪوئي خدا وانگر.
 

هو انسان، انسان جو آئينو،
جڏهن ڪونه هو آئيني جو وجود،
هينئر پاڻ پٿر ٿيو انسان آ،
اچي ويو هر هڪ شيءِ تي آهي جمود،

 

پاڇن پويان پيو ٿو ڊوڙي،
واريءَ تي ٿو گهرڙا جوڙي،
اڪثر پنهنجي نادانيءَ کان،
ويٺو پنهنجا ڪيتا لوڙي.

 

مستور بخاري

گيت

مُرڪ تُنهنجي انمول مٺا!
جيونُ رنگ رتول مٺا!
 

مُرڪي ملُ.

رڻ ۾ ٿا رولائن مونکي
پيار جا ٻٽڙي ٻول مٺا!
 

مُرڪي ملُ

لُڙڪن جي مان قيدڻ آهيان
جذبن کي نه رول مٺا!
 

مُرڪي ملُ!

پيار جي هڪ ڀي لمحي جو
ڏئي نه سگهبو مول مٺا!ٰ
 

مُرڪي ملُ

هن جذبي جو نانءُ ۽
ناهي ڪوئي تول مٺا!
 

مُرڪي ملُ

مُرڪ تُنهنجي انمول مٺا!
جيونُ رنگ رتول مٺا!
 

مُرڪي ملُ

نظير لغاري

ڳوٺاڻي

ڏس حوا جي ڌيءَ ڳوٺاڻي
ڪينڪي جواني ماڻي مائي!
 

دلا ڀرڻا سانجهڻ ڪرڻي،
موٽي مس هوءَ گاهه تان آئي!!
 

چونڊو، لابارو ۽ وائر،
پيرين، هٿين هوءَ آ گهائي!!
 

ويهه ورهيه آ، هُن جي عمر،
ڇهن ٻارن جي ماءُ سڏائي!
 

جوڀن  کانئس ويو آ کسجي
پوڙهي سان آ وئي پرڻائي!
 

ڳوٺ جي نياڻي سُگهڙ سياڻي،
ڏسڻ ۾ اهڙي عورت نه آئي!!

شمع الطاف

غزل

جوڀن جوت جلائي پيارا
پيار جي ريت نڀائي پيارا
 

مُک ماکيءَ تي مُرڪ سجائي
مٺڙا گيت ٻڌائي پيارا
 

چنڊ راتين جي چانڊوڪيءَ ۾
ڇم  ڇم ڇير ڇمڪائي پيارا
 

اندر اونهائيءَ جا گهاو لڪائي
سڄڻن کي سرچائي پيارا
 

ساعت ساعت ساههُ رکي ٿي
پل پل کي پرچائي پيارا
 

محفل ۾ جيئن ”شمع“ جلي آ
تيئن من موتي جرڪائي پيارا
 

ج. ع. منگهاڻي

غزل

رات ساڳي آهي تارا سڀ نوان
چنڊ وارا رند چارا سڀ نوان
 

من ٿو چاهي هٿ جهلڻ سو هٿ ڪٿي!
چوطرف چوڏس سهارا سڀ نوان
 

هيل آيو آهي ساوڻ نئين طرح
کيت گليون گپون گهارا سڀ نوان
 

نيڻ ٿا ڳولين منظر هاءِ جي
سي ڪٿي منظر، نظارا سڀ نوان
 

پريم جي نگريءَ جا بدليا سڀ اصول
پريت ساڳي آهي پيارا سڀ نوان
 

آءُ ”منگهاڻي“ عميقن مان اُٿون!
هاڻ لهنداسين ڪنارا سڀ نوان.
 

نياز پنهور

غزل

مان اڪيلو شهر ۾ ۽ موت جو منظر هيو،
ساهه هو مٺ ۾ مگر بند هرڪو در هيو.
 

سڀ گناهه ڇالئي وجهن ٿا يار منهنجي جهول ۾،
مان اڪيلو هئم ڪٿي مون سان ته هم سفر هو.
 

ڏينهن جو ساري زماني جي آڏو چاهيئه گهڻو،
پر او سانئڻ نياز تنهنجو رات ڀر بي گهر هيو.
 

اڄ لقب، تمغا ۽ سارا تاج ان جي نانءِ ٿيا،
ڪالهه تائين جيڪو ماڻهو شهر ۾ بدتر هيو.
 

دوستن قدمن هيٺيان منهنجي ڪڍي ڌرتي ڇڏي،
مون ڏٺو سامهون وڃي باقي رهيو ساگر هيو.
 

هن به مون سان ساٿ اهڙي مهل تي ٽوڙي وڌو،
منهنجي سيني ۾ لٿل ياد جو جڏهن خنجر هيو.
 

موت مون کي ڪانه ڪا مهلت ڏني ديدار جي،
مون ڏٺو سڏ پنڌ تي دلدار جو ئي گهر هيو.
 

آثم ناٿن شاهي

گيت

اگر بتيون ٿي ٻارين جيڏي!
 

اڄ ڪو اچڻو آهي تو وٽ.

ٽيليويزن جي انٽينا
ساجهر سان ٿي سُڌارين جيڏي!
 

اڄ ڪو اچڻو آهي ٿو وٽ.

سهرن واري ڪيسٽ وريو پئي
ٽيپ رڪارڊ تي چاڙهين جيڏي!
 

اڄ ڪو اچڻو آهي تو وٽ.

وال ڪلاڪ جي ڪانٽن ڏانهن
هر هر ويٺي نهارين جيڏي!
 

اڄ ڪو اچڻو آهي تو وٽ.

لال گلاب چپن جي وچ مان
چانڊو  ڪيون ٿي هارين جيڏي!
 

اچ ڪو اچڻو آهي تو وٽ.

در کان ٻاهر نڪري نڪري
سُرها وار اُڏارين جيڏي!

اڄ ڪو اچڻو آهي تو وٽ.

رجب ٻُگهيو

غزل

ساههُ صديُن کان ساڻو آهي،
دل جو ديپُ اُجهاڻو آهي!
 

خالي دلاسن تي ٿو سرچي،
ڪيڏو من اياڻو آهي!
 

مُور نه ڀرجي سگهندو مٺڙا،
دل جو گهاءُ پُراڻو آهي!
 

من جي مُومل جيڪو ماڻي،
ڪاڪ جو سوئي راڻو آهي!
 

پيڙاُئن ۾ روز ٿا گهاريوُن،
جيون ڄڻ ڪو گهاڻو آهي!
 

ياد جڏهن به ڪرُ  موڙيو آ،
نئين سر سُورُ ساماڻو آهي!
 

آس رجب جي ڀورا ٿي وئي،
روحُ ٿيو ويڳاڻو آهي!
 

پير مختيار علي

غزل

ڪجهه تون خيال منهنجي طبيعت جو يار ڪر،
ايڏو نه مون کي هاڻ صنم بيقرار ڪر.
 

ڪمزور دل جو هاڻ پرين ٿي ويو آهيان،
ساڳيا نه قاتلانه سندم دل تي وار ڪر.
 

محبوب بي رُخي سان ويو توکي آڇڏي،
دلڙي وري نه ان جو ڪڏهن انتظار ڪر.
 

داهون مون بار بار سڄڻ جي اڳيان ڪيون،
ايڏو ستم نه مون تي مٺا بار بار ڪر.
 

چويهه ڪلاڪ منهنجي سڄڻ سامهون رهين،
”تدبير ڪاته اهڙي سندم غمگسار ڪر.“
 

چاهين جي دل جو خير حسينن کان ڀڄ پري،
”مختار“ هاڻ ڪنهن سان ڪڏهن تون نه پيار ڪر.

ناصر ساريو

ماضي ۽ حال

صدين کان وٺي،

سماج ۾ ڏسان پيو،

عورت تي،

ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ

زور ۽ زبردستي.

سوچيان پيو......

عورت آهي.

ان پاڻي مثل.

جيڪو سدائين

وهندو آهي

هيٺانهين وٺي،

ليڪن،

اڄ جي عورت،

تعليم جي وسيلي سان

ٿي آهي سجاڳ.

وٺي پئي حق،

هر جڳهه.

ان پاڻيءَ جيان

جيڪو

ڪنهن وسيلي سان،

پهچايو ويندو آهي،

مٿانهين تائين....!!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com