سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1992ع

مضمون --

صفحو :6

مان صنا اڳيان پنهنجي ڪمزوري ۽ جذبن جو اظهار نه ڪندس. مان گهٻرائجي ويو آهيان، ته ڪٿي منهنجي  چهري تان نقاب نه هٽي وڃي. ڪٿي منهنجي زندگيءَ جا ورق ۽ ماضيءَ جون يادون هن اڳيان نه کُلي پون. ڪٿي صنا منهنجي من اندر ايترو داخل نه ٿي  وڃي، جو منهنجي جذبن کان واقف ٿي وڃي. مان صنا کي ڪيئن چوان، ته مون کان پري  رهه، منهنجي قريب نه اچ. قريب اچڻ سان.....“

نديم جو اظهار پڙهي منهنجي دل سيني کان ٻاهر اچڻ لڳي. منهنجي مٿان ڄڻ وڄ ڪري هجي. مون ڪڏهن اهو تصور به ڪونه ڪيو هو، ته نديم جهڙو سنجيده شخص مون لاءِ اهڙا جذبا رکي ٿو.  ڇا،  مان نديم جي وڇڙيل محبوبا،  نيلو جي هم شڪل آهيان؟ منهنجون نگاهون  ڊائريءَ جي اُن پني تي کُپي ويون جتي.....

”مان صنا جي گهر نه رهي سگهندس. صنا منهنجي  زندگيءَ ۾ طوفان کڙو ڪري ڇڏيو آهي. اڄ منهنجي حالت چنڊ کي حاصل ڪندڙ چڪور جهڙي آهي صنا کي پائڻ لاءِ منهنجي دل ۾ جيڪا تڙپ آهي، ان ۾ هر گهڙيءَ ۽ هر پل اضافو ٿي رهيو آهي. مان منزل جي راهه کان بي خبر هوندي به، منزل جي تلاش ۾ ڀٽڪڻ لڳو آهيان. مان وري انهن خوابن ۾ گم ٿيڻ لڳو آهيان، جنهن جي ڀيانڪ تعبير کان مان واقف آهيان. چند چانديءَ جي سڪن منهنجي خوابن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. مان اُن کان بي خبر هوس، ته سمنڊ جي ڪناري، واريءَ جا محل اڏڻ ناداني آهي. جن کي سمنڊ جي هڪ ڇولي ئي پنهنجي اٿاهه سيني ۾ سمائي ڇڏيو ۽ مان اڄ به، ها..... اُهائي ناداني  ڪري رهيو آهيان. منهنجو هتي رهڻ ناممڪن آهي. مان ڪنهن اڄاتيءَ منزل طرف هليو ويندس. ڪنهن اهڙيءَ دنيا ۾ جتي انهن يادن جو پاڇو به نه پهچي سگهي. جتي نه ئي نيلو  تنهنجو ۽ نه وري صنا جو وجود هجي. صنا، جيڪا تنهنجون يادون تازيون ڪري ٿي، تنهنجي روپ ۾ مون کي تڙپائي ٿي، مان نه چاهيندي به صنا جي قريب  وڃي رهيو آهيان. وري اُن واريءَ جي محل  اڏڻ ۾  مصروف ٿيڻ لڳو آهيان. چڪور جيان چنڊ کي پائڻ جي ناڪام ڪوشش ۾. وري پر پکيڙڻ شروع ڪيا آهن، جيڪي منهنجو ساٿ ڪجهه  فاصلي تائين ئي ڏيئي سگهندا. نه صنا نه، خدا جي واسطي مون تي رحم ڪر...... رحم ڪر.....

اُن وقت اوچتو دروازو کُليو ۽ مان ڊڄي ويس. گهٻراهٽ وچان نديم جي ڊائري منهنجي هٿ  مان ڪري پئي. نديم منهنجي قريب پهچي چڪو هو. هن جون نشيليون نگاهون منهنجي چهري تي کپي ويون سندس ٻرندر اکين کي ڏسي، مون ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. جيڪي رات جي اوجاڳي جو اظهار ڪري رهيون هيون. منزل جي تلاش ۾ ڀٿڪندڙ مسافر-  نديم اڄ شايد هتان هميشه هميشه لاءِ وڃڻ لاءِ آيو هو، مون کان پري، جتي منهنجو سايو به نه هجي. نديم جي وڇوڙي جي تصور منهنجي دل کي پريشان ڪري ڇڏيو. مون همت ڪري، هن جي چهري تي نگاهون  ڦيريندي، اکين ۾ اکيون ملائي دل دل جي گهراين تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن من اندر ڀيانڪ درد ڀرئي سمنڊ جون گجگوڙ ڪندڙ ڇوليون هيون، هن ٻه قدم اڳڀرو ٿي،  منهنجي قريب اچي، جهڪي ڊائري کنئي ۽ نظرون جهڪائي پنهنجو سامان پئڪ ڪرڻ لڳو. منهنجي دل چاهيو، ته مان هن جي سيني تي سر رکي زاروزار روئان، اوڇنگارون ڏيان، هن جي ٻانهن جي گهيري ۾ سمائجي سيني سان لڳي وڃان ۽ چوانس، نديم تون هتان نه وڃ،  مان تنهنجي راهه تان ڪنارو ڪنديس.

نديم پنهنجي بئگ کڻي، منهنجي قريب آيو. هن جون نظرون زمين ۾ کتل رهيو، انهيءَ جي باوجود ائين لڳو،  ته هو مون ڏي نهاري رهيو آهي ۽ مون کان موڪلائي رهيو آهي. مون نديم جي هٿ جو ڇهاءُ محسوس ڪيو ۽ هو وڄ جي چمڪاٽ جيان ڪمري کان ٻاهر هليو ويو. مان هن کي روڪي نه سگهيس ۽ هو هليو ويو. مان هن جي باري ۾ سمجهان ٿي، ته هو اڄ به زندگيءَ جي تپندڙ  صحرا ۾ منزل جي تلاش ۾ ڀٽڪندو هوندو. اٿاهه سمنڊ ۾ اُن ڪک مثل ترندو هوندو، اُنهيءَ ئي اُميد تي، ته شايد ڪا طاقتور لهر، هن کي ڪناري طرف ڌڪي، منزل تي پهچائي......

جياريس سنڀارَ، ڪوهُ ڪرَيندَمِ گڏجي
وير و تارِ وُجودَ ۾، پرين جي پچارَ
سي ڪيئن سڄڻ ڌار، جي هنيڙَي ۾ حَل ٿيا

شاهه

سندري اُتم  چنداڻي

املهه ماڻڪن جو واپار

چوندا آهن ته ڌيءُ شل راجا کي به نه ڄمي، پر گوپيءَ کي ته ٻه ڌيئر هيون. هڪ سڳي ۽ ٻي ماٽيلي. الاجي ڪيئن ويچاريءَ ٻنهي کي پاڙهي ڳاڙهي وڏو ڪيو هو، عمر ۾ به سال ٻن جو مس فرق هون. اڄ سڳي ڌيءُ جي مڱڻي جي پڪ ٿيڻي هئي. گوپيءَ ڪيڪن، پيسٽرين ۽ سُڪي فروٽ سان پليٽون ڀري، مٿن ريشمي رومال وجهي ڇڏيو هو. ساوتري  ۽ سروج، ٿيڻ واري گهوٽ جون وڏيون ڀينر هيون. جي اڄ ڇوڪريءَ کي ڏسڻ لاءِ اچڻيون هيون. کين در ۾ پير وجهندو ڏسي گوپي اهڙيءَ طرح اُٿي کڙي ٿي، جيئن پليٽن تان رومال جي ڪنڊ ڪجهه مٿي ٿي وڃي. شايد گهوٽيتن کي ڏيکارڻ ٿي چاهيائين، ته پاڻ ڪيتري نه ڀري ڀاڳي آهي. پري کان ئي وڏي واڪي چيائين، اچو ڀلي آيون، جيءُ آيون، ڏاڍي اوير ڪري آيون آهيو.“

سروج جا بدن ۾ ڳري هئي، تنهن پنهنجي سرير کي کنڊ جي ڳوڻ جيان، ڪرسيءَ تي اُڇلي سهڪندي چيو، ”مائي ڳالهه ئي نه پڇ، نڪتيون ته سويل هيوسين، پر ڏسين ٿي اڄڪلهه لڳو ڇا پيو آهي! شل نه ڪو ڇوڪرو ولائت مان لهي، زالون، ڇوڪريون ڏيکارڻ لاءِ اصل ڇت به ڇنيو وڃن. ساوتري ڇو گهٽ  پوي، تنهن چيو، ”ڀيڻ اڄ ڪلهه ڌيئر ٿي پيئون آهن بوجو، سو سڀڪا چوي اول منهنجي وار پوي.“

ساوتريءَ، ڪنوار ماءُ کي جهڪائڻ جي شروعات ته چڱي ڪئي، پر اندر وارو کائڻ لڳس ته جنهن زال، کارائڻ لاءِ هيڏا ٽول رکيا آهن، سا ڀاڻم جو پگهار ٻڌنديئي پڙ نه ڪڍي بيهي يا چوي،منهنجي ڌيءُ به ٻه ٽي سؤ ويٺي ڪمائي،. مون تي ڪهڙو بوجو آهي.“

ڪنوار ماءُ اڃا ڪڇيئي ته سروج سندس شڪل ۾ شور ڏسي ٻيو تير اڇليو- ”ڀيڻ ساوتريءَ جو چوڻ پاڻ ڏي متان ڇڪين. تون ته ڌيئر لاڏي ڪوڏي پاليون آهن. توتي ڇاجو بوجو آهن. تون ته ٻڌو اٿم ڏيندينءَ به سڀڪي.“ پر دل ۾ چيائين، ”موگهڙس، ٻانڀڻ اچي ٻانهن لاءِ محتاج ٿيو آهي. ساوتريءَ ته الاجي ڇا پيئي چوي. اڄ ڪلهه ڇوريون به پيئون ڪمائين. سو ڪنهن تي بار بوجو ڇو ٿينديون. هاڻي ٺهيو جڙيو ڪم نه بگڙجي وڃي.“

ساوتري ٿوري ککي وکي ٿي ويئي. پريم کي چيائين، ”مون ته پنهنجي پاڙي واريءَ جي ڳالهه ٿي ڪئي. در کان نڪتاسين ته ٻانهن جهلي بيهي رهي، چي، مون پنهنجي ڀاڻيجي گهرائي آهي، پهرين ان کي اک مان ڪڍي وڃو.“

گوپيءَ جي هٿن مان ڄڻ ڪجهه ڪري پيو. ڇاتيءَ ۾ اچي سور اُڀريس. جڏهن روڪمڻي اڃا تنجڻ ۾ هئي، تڏهن کان وٺي هنجي دل ۾ سڪ جاڳي هئي، ته ڌيءُ پرڻبي، ناٺي ايندو، رهه چهه لڳي ويندي. ليڪن ڇوڪريءَ اڄ 24 سالن ۾ پير رکيو هو، تڏهن به ڪو ٽيڪر نٿي ٺهيو، سو ماءُ کي جهوري لڳي ويئي هئي. ٻي ڇوڪري ڏسي اچڻ جو ٻڌي من ته تپي ويو هوس. جيڪر ذري گهٽ چئي ڏئين ها، ”ڇوڪري ڏسي آيون آهيو، ته مونوٽ وري ڇا لاءِ آيون آهيون.“ پر ڇاتيءَ تي هٿ رکي سور پيئڻ لاءِ چيائين، ”هاءِ رام“

سروج، ڪنوار ماءُ جي هيءَ حالت پرکي، دل ۾ خوش ٿي چيائين، ”هاڻي ٿو مائي کي ڇاتيءَ ۾ سور پوي. ٻي ڇوڪري ڏسي اچڻ جو گشو نه هڻون ته اڄڪلهه ڪنوار ماءُ کان ڏيتي ديتي سؤلو ٿو روئي ڇڏائي سگهبي.“ ۽ يڪدم مٺو منهن بڻائي چيائين، ”ڇو مٺڙي،  ڇاتيءَ ۾ سور اٿيئي ڇا؟“

ڪنوار ماءُ گهٽ ڪمائيندڙ مڙس جا ڏيک ياد ڪري ٻاهريون ٻنو رکي ڏکاري آواز ۾ چيو، ”سک ته آپار اٿم ته ڊاڪٽر چوي، دل تي خوشي رک، نه ته دل جي بيماري ٿي پوندءِ.“

ساوتري پنهنجي ننڍڙيءَ ڌيءَ کي به وٺي آئي هئي. جا هر هر کاڌي جي شين طرف نهاري رهي هئي. هينئر ته آڱر سان اشارو ڪري، ماءُ جو پَلُو به ڇڪڻ لڳي. گوپي پڄرجي ويئي. دل ۾ چيائين، ”ڇوڪري  ڏسڻ آيون آهيو ته هيءَ بوکڙو ٻلي وري ڇو گهلي  آيون آهيو؟ هان وٺ، رت ڪر، ٽي آني جي پيسٽري!“ هڪڙي پيسٽري کڻي ٻارڙيءَ کي هٿ ۾ ڏنائين. مٿان ڳراهٽڙي پائي چيائين، ”ڪهڙي نه وڻندڙ ڇوڪري  آهي!“

پر مينوءَ جو ورلي اهڙي چيز کاڌي هوندي، تنهن سڌو سڌو توتيلي زبان ۾ چيو، ”مفت ۾ ٿي ڏين نه، اڇين پيڇا ڪونه ڏيندا ڇون.“

گوپي ته سڙي رک ٿي ويئي ته جنجو بڻ ههڙو بڇڙو تن وٽ ڇوڪري ڇا ڏبي. مٿان چيائين، ”چڱي ڍاول ڇوڪري آهي، پئسن خرچڻ جو ته ڏس به نٿو وڻيس.“

ساوتري هيءُ تير سهاري ويئي. ڳالهه بدلائي چيائين، ”ڀيڻ،  تون ته پنهنجي رڪمڻيءَ کي سڏ ڪر، ڏاڍي دير ٿيندي ٿي وڃي،“

ڪنوار ماءُ خارن مان سڏ ڪيو، ”سوني سوني پٽ چانهه ته کڻي اچ.“

سروج ۽ ساوتريءَ جا طاق ئي لڳي ويا. هڪٻئي  ڏي نهاري اشارن ۾ پڇڻ لڳيون، ”سوني“ ڇاجي؟ مائٽن واريءَ ته چيو هو ڇوڪريءَ جو نالو ”رڪمڻي“ آهي! ساوتري ته سورج کي شوڪڻ لڳي، ته ڏس گشو ٺاهي  آياسين ته ٻي ڇوڪري  به ڏسي آيا آهيون، ته هيءَ زال پنهنجي ڇوڪري نٿي ڏيکاري. سورج جو منهن لهي ويو. دل ۾ پيئي چوي، مون ته وڌيڪ  ڏيتي ليتي ڇڏائڻ لاءِ ڊپ ڏنومانس. مونکي ڪهڙي  خبر ته مائي ههڙي  تريناڪ آهي!

هاڻ گوپيءَ جي خوش ٿيڻ  جو وارو هو. گهوٽيتن جون نظرون ڏسي دل ئي دل ۾ موڙو ڏيئي چيائين، ”توهان جهڙين کٽلن کي پنهنجي سڳي ڌيءَ ٿوروئي ڏيندس، ماٽيجي ڌيءَ وڌي وڻ ٿي ويئي آهي، کپيو ته اها ڏسي وڃو.“

اهو سوچي گوپيءَ کلي چيو، ”ها ها، نالو ته رڪمڻي اٿس پر پڻس لاڏ مان چوندو اٿس. آهي  به سون جو ٽڪر.“ پر سونيءَ کي ٽري ۾ چانهه جا ڪوپ آڻيندو ڏسي، دل ۾ چيائين،  ڇوري ڌوڙ جو سون آهي. ڪاري بلا سا آهي جهڙي اندر ڪاري تهڙي ٻاهر اُماڙي.

ٻئي گهوٽيتيون ته ڇوڪريءَ کي ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين ائين جاچڻ لڳيون، ڄڻ ٺڪر جو ٿانوَ خريد ڪرڻ آيون هيون. سروج  اکيون ڪاپار ۾ چاڙهي چيو، ڌيءُ ته کير پيئي ڄڻي اٿيئي. آهي برابر سون جو ٽڪر!“

گوپي وجهلجي ويئي. دل ۾ چيائين، ”کير پي ڪانه ڄڻيم باقي زهر جا ڍڪ ڀري سو پاليو ٿمانس، سو به زالن جو منهن ته وڄيئي ڪونه ٿو. سکڻو چون ٿيون برابر سون جو ٽڪر آهي. هاڻي جي وڻي اٿن ته کڻي ڪيڪ  ٻيڪ  کائي مٺو وات ڪن، ته مان به سمجهان هڪڙو بوجو لٿو.“ ڌيءُ کان چانهه جي ٽري وٺي ميز تي رکي، شين جون پليٽون سيري چيائين، ”ٻري، توهان ته وات به ڪونه چوريو آهي، کڻو کڻو هي ٽول ته وات ۾ وجهو، وري چانهه نه ٺري وڃي.“

ساوتري ته ڇوڪري ڏسي اچي بتلجي هئي. دل ۾ پيئي چوي، ”ڪوئي لڌي هيڊ ڳڙي، جي مان به پساري، ڇوڪريءَ  کي نڪو روش، نڪا اَڇاڻ، چي سون جو ٽڪر آهي. ساڙهي ته اهڙي پاتي اٿس، جهڙي گجرائڻ  پيئي لڳي. ڇوريءَ  پاڙي مان به نٿي کڻي ڪا اُڌاري سڌاري  ساڙهي وٺي پائي.“ سروج چيو، ”سٺي ڇوڪري آهي. ته اهڙي جهڙي ساڙهي ۾ به پيئي سونهين.“

گوپيءَ چيو، ”تڏهن وري ڇا. دادس ته چوندو آهي، ته هيءَ ڌيءُ  ساڙهيءَ ۾ ئي اگهامي ويندي، پر مان چوندي آهيان، سکڻي ڌيءَ ٿوروئي ڏبي. چوندا آهن ماءُ جنڊ پيهاڪ ته به ڌيءَ آسائتي، سو مائٽ ڪو ڏيڻ کان رهندو.“ گوپيءَ هي سڀ، ٻنهي  جي لٿل منهن کي ڏسي چيو. پر دل ۾ چيائين، ”مايون ٻوٿ لهي ويا اٿو، کڻي قرض وٺي ٿورو  گهڻو ڏيندس. باقي ڇوري نڪتي ته مون وٽان بلا ٽري.“

سروج ايتري  ۾ گوپيءَ جي چوڙن کي هٿ لائي چيو، ”نمونو ته ڏاڍو سٺو گهڙايو اٿيئي. ڌيءُ کي ته هيرن جو ڪنگڻ ڏيندينءَ، ٻيا  ڏاجا سون ته آهن ئي آهن.“

هينئر گوپي جو غصي جو پارو چوٽ چڙهي ويو. دل ئي دل ۾ آيلن کي حرف پٽڻ لڳي. چي، ”ڏکيون بکيون منهنجن چوڙن ۾ ڇو اکيون وڌيون اَٿوَ، لڀي لوڻڪ به ڪانه، منهنجو نالو سون ٻائي، مئو کٽل چڻو وڄي گهڻو.  هاڻي هيرن جو ڪنگڻ کپين.“ ليڪن ساڳئي وقت مٿان منهن ڪوڙي مرڪ آڻي چيائين، ”بابا هي ته آهن املهه  ماڻڪ جا واپار، جيڪي ڇوڪريءَ لهڻو هوندو، سو وٺندي. ٻيو اسان کان هيرا ٻيرا ڪٿان پڄندا؟“

سوني، جا چانهه رکي ڪرسيءَ تي ويهي رهي هئي، تنهنجا ڪن ئي ڳاڙها ٿي ويا. سندس وڪرو  ته اهڙيءَ طرح ٺڪي ٺوڪي ٿي رهيو هو، جو ٺڪر جي ٿانوَ جو به مشڪل ٿيندو هوندو.

ساوتريءَ ڇوڪريءَ کان پڇيو، ڌيءَ گهڻا انگريزي درجا پڙهي آهين؟“

سونا بلڪل  نهٺائي سان وراڻيو، ”مئٽرڪ پاس ڪئي اٿم.“

سروج کي ڇوڪريءَ جي مئٽرڪ پاس هجڻ جي ڳالهه ڪين آئڙي. منهن کڻي چٻو ڪيائين. دل چيس، جي هيءَ ٻوئي چوي مئٽرڪ پاس ڪئي اٿم ته چئي ڏيس منهنجو ڀاءُ به ڪاليجون پڙهيو آهي، هل، سو ڇوڪريءَ جي ماءُ ڏي منهن ڪري چيائين، ”اسانجو هيرو ٻه ڪاليجون پاس ڪري پوءِ ولائت ويو هو. پر جي ڇوڪريءَ جي مئٽرڪ پاس ڪئي آهي، ته نوڪري به ڪندي هوندي؟“

گوپي هينئر اُٿي بيٺي. چيائين، ”نه بابا. نوڪري اسانجي اَبن ڏاڏن ڪئي جو هي ڪنديون. کڻو کڻو چانهه پيئو.“ سندس لفظن ۾ اهڙي هڏي هئي، ڄڻ چئي رهي هئي، ”توهان به مائٽي ڪئي. ڇوڪري کپيو نوڪري ڪندڙ. مٿان هيري جو چوڙو  کپي. ڇوڪري لاءِ تڏهن سچ ٻڌو اٿم ته ڪو سيٺ کڻيس ئي نٿو، هاڻي ڪمائيندڙ ڇوڪري اچي ڇوري کي کٽي کارائي، رڳو چانهه پي روانيون ٿي وڃو. ڪيڪ پيسٽريون نه کائو ته نه کائو. آهن اُهينئي مسواڙ تي گهرايل.“

سروج ۽ ساوتريءَ جا منهن لهي ويا. رکي پيئڻ لڳيون. اکيون سي رکيل پليٽن ۾ هين. پر گوپيءَ کين کائڻ لاءِ چوي ڇو ٿي- چوي به ڪيئن؟ جي مٺو وات ٿي ڪرائين ته چونديون مڱڻو ٿيو ۽ وري هيڏي وات  ڦاٽلن جو هوءَ  ڪٿان ڀڀ ڀريندي، پوءِ ته هلجي ويندو مائٽي ٿي وري ٽٽي. گوپيءَ کي اڳي به ٻن دفعن اهڙو آزمودو ملي چڪو هو.

ايتري ۾ هڪڙي ڇوڪري تڪڙو تڪڙو اندر اچي چيو، ”سوني، رڪما ڪٿي آهي؟“ بس سڀني جا منهن ئي ڦري ويا. گوپي  ۽ ڌيڻس ۽ ڌمڪجي ويئون. سروج ۽ ساوتريءَ چانهه جا ڪوپ اَڌ ۾ ڇڏي شوخ شڪليون ڪري، اُٿي کڙيون ٿيون. ڄڻ اکين ئي اکين سان چونديون  ٿي ويئون، ”هل ڙي دغاباز.“ هڪ جي بدران ٻي ڇوڪري ڏيکاري اٿئي.“ رکا مهانڊا کڻي گوپيءَ کي چيائون، ”اسين هلون ٿا.“

شيلا ميز تي هڪڙو ڪتاب  رکي چيو، ”معاف ڪج سوني مان وڃان ٿي. تون آفيس مان سويل ئي موڪل وٺي ويئينءَ تنهنجو ڪتاب واپس ڏيڻ آئي آهيان. چيم متان  لئبريريءَ ۾ ڏيڻو هجيئي.“

هينئر  سوني پاڻ سنڀالي چڪي هئي. اُٿي ساهيڙيءَ کي هٿ کان وٺي ٻئي ڪمري ۾ هلي ويئي. پٺيان فقط هڪ سرد آهه ڇڏي ويئي جنهنجو پڙاڏو ڪمري جي ديوارن سان ٽڪرجي  ٽانڊن تي اوچتو پاڻي پوڻ جهڙو سؤساٽ ڪندو رهيو. گوپي ڪيتري دير تائين سن ۾ ڪرسيءَ تي ويٺي رهي.

ناسيندي نِگاهَ، پهرين ڪجِ پرينِ ڏي
اُحوالَ عاجِزَنِ جا، آکجِ لڳ الله
روزُ نِهارِنِ راهَ، اکيون اواهِنجي آسري.
 

-شاهه

شاعري

*مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

ڪافي

جيڪي برهه ۾ بي پرواهه دليون،
اهي آهن شاهنشاهه دليون!
 

جيڪي دردن جي ٿيون چاٽ چکن،
جيڪي سوز فراق کي سانڍي رکن،
جيڪي ڪونه لڀن منجهان ڪيئي لکن،

اهي اُڪنڊيون عاليجاهه دليون!
 

جيڪي عالم پاڻهي سڏائن ٿا،
جيڪي زوريءَ پاڻ وڻائن ٿا،
جيڪي پنهنجو پاڻ پڏائن ٿا،

سي گهر گهر ڪن گمراهه دليون!
 

جيڪي پورن ۾ پيون روز پچن،
جيڪي برهه جي باهه ۾ ڌار ڌڳن،
جيڪي دردن جو درمان نه ڪن،

اهي سهڻن جو ٿيون ساهه دليون!
 

جتي مخدومي جا نام رڳي،
جتي پيري فقيري دام رڳي،
جتي زهر  ورح الزام رڳي،

اتي ڪونهن حق آگاهه دليون!
 

مون جن ۾ خليلي خوءِ ڏٺي،
مون جن ۾ برهه جي بوءِ ڏٺي،
مون جن ۾ ريا جي نه روءِ ڏٺي،

سي دلبر جون دلخواهه دليون!
 

جيڪي ورهه سڳوري جا ٿي ويا،
جيڪي نرمل واري نينهن نيا،
جيڪي هردم پير جي پيش پيا،

پو تن جون ٿيون درگاهه دليون!
 

جيڪي محبت ۾ ٿيون مست مچي،
جيڪي طالب مولا ڪن نه ڪچي،
والله چوان ٿو سچ پسچي،

اهي ڪن ٿيون ڪونه گناهه دليون!

 

محبت ۾ مچندي وڃي، سورن ۾ سلجهندي وڃي، جهوريءَ ۾ جهڄندي وڃي

دل دلبر دلبر پُئي ڪري، او دل ٻهڳڻ ٻهڳڻ پئي ڪري.

1-  ٻاجهر  ٻور به جهليو- ساعت هاڻ نٿي سري.
2-  سَرن سنگ به ڪڍيا- اُتر واءُ به ٿو وري.
3-   وونئڻن ڦٽيون جهليون- ڳڻتن منجهه مُٺي ڳري.
4-  ماندي محبوبن ڏي- واهوندن جئن ٿي وري.
5-   ”طالب مولا“ تهدليئون- سنديس  تاري پئي تري
 

 

ڪافي

منهنجي سر جو آهه گهمڊ پرين

آءُ چوڏهيـــن منهنجو چنــڊ پرين

 

هو صاحب انجي مان منزل- هو درد دل ۽ ائون دل،
هو ڪل سندم آئون مشڪل- آئون کير ته مون ۾ کنڊ پرين.
 

آئون نغمو هوئي نغمه سرا- آئون سوز گذار انجي صدا،
آئون آهيان ادا هو حسنِ ادا- آئون محبت انجو منڊ پرين.
 

تقسيم ازل ۾ جيڪا ٿي- محبوب پيو منجهه مهنجي پتي،
مون سکڻي جو هو مال مڏي-  ونڊ ورڇ ۾ آيم ونڊ  پرين.
 

آئون رات هو منهنجو صبوح ٿيو- آئون قالب هوئي روح ٿيو،
آئون ٻيڙي ۽ هو نوح ٿيو- آئون اڻ تارو مهنجو  سمنڊ پرين.
 

آئون بيخود مهنجي هوئي خو- آئون گل ۽ انجي هو خشبو،
آئون دريا مهنجي رواني هو- آئون آهيان  صدف ته سمنڊ پرين.
 

آئون طالب مهنجو هو مولا- آئون عشق ۽ انجا، هو جذبا،
آئون آهيان خطا هو سراپا عطا- آئون ڏوهه ته مهنجو ڏنڊ پرين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com