سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1992ع

مضمون --

صفحو :4

هاڻي ته مارئي بي. اي پڙهي رهي هئي۽ هوءَ وڏي ٿي ويئي هئي. ڪاليج جي ته ڏاڍي جولي ڇوڪري سمجهي ويندي هئي. هر وقت پنهنجي ساهيڙين ۾ ويٺي کلندي ۽ خوش ٿيندي هئي .هوءَ پنهنجي ساهيڙين  ۾ ڏاڍي خوش اخلاق ۽ خوس لباس مشهور  هئي.  ڪامورڪي ڌيءَ هئي، مٿئون  مهانڊا به موچارا هيس،. نه هوءَ شاعر جو غزل هئي، نه ڪينجهر  جو ڪنول هئي. نه اکيون رب رکيون هيس، نه نڪ دونالي  بندوق هيس ۽ نه ئي ڳل گلابي هيس، نه ڇپ عنابي هيس ۽ نه ئي رنگت کير جهڙي هيس.

پر تڏهن به هوءَ سهڻي هئي. هوءَ ڪينجهر جو ڪنول ۽ شاعر جو غزل ته ڪونه هئي پر حسن جو تاج محل هئي. جي اکيون رب رکيون نه هيس ته فاڪس ويگن ڪار جون بتيون به نه هيس. جي رنگت کير جهڙي نه هيس، ته تئي جهڙي به ڪونه هيس، اڇي پر هوءَ موچارن مهانڊن واري هئي ۽ اهڙي ته اٽريڪشن هيس، جو پنهنجي خاندان ۾ ته هوءَ سهڻي مشهور ٿي هئي، پر گهر کان ٻاهر به پنهنجي ساهيڙين ۾ ويل ڊريسڊ ۽ گڊلڪنگ مشهور هئي.

پکي ۾ پدمڻي“ ڪر ڏي وراڪا وڄ،

جهڙي صورت سڄ، تهڙي مورت مارئي.

هئي به وڏيري هيبت خان جي اڪيلي ڌيءَ وڏيرو هيبت خان: جيڪو دنيا جو هر کنڊ گهمي چڪو هو، ۽ پنهنجي جوانيءَ ۾ عورتن جي ۽ خاص طور تي سنڌي ڇوڪرين جي ترقيءَ ۽ آزاديءَ بابت ڪيئي ڳالهيون لکي چڪو هو، جو ڪنهن وقت سنڌ سڌار ۽ باغي مشهور هو ۽ هو پراڻن رواجن جو مخالف هوندو هو. پر جڏهن پيءُ مئس ۽ زمين جي زميداري مٿئون آيس، ته اصل سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنائين ۽ پنهنجي پيءُ وانگر  سنڌ جو هڪ ظالم وڏيرو ٿي پيو. سندس اک جي هڪ اشاري سان ڪڏهن مسڪين ماڻهو جان جي امان پائيندا هئا، ته ڪڏهن وري حياتي هٿئون وڃائيندا هئا. پر هن ۽ عام وڏيرن  ۾ ايترو فرق هيو جو پاڻ به پڙهيل لکيل هو ۽ پنهنجي ٻارن کي به اعليٰ  تعليم ڏيارڻ لاءِ شهر ۾ اچي رهيو هو. هن ٻارن تي ڪي به خاص پابنديون ڪونه رکيون هيون. ايتري قدر جو مهرتي  به پڙدي وغيره جي ڪائي پابندي   ڪونه هئي، جي پنهنجن پٽن کي موٽر سائيڪلون وٺي ڏنيون هئائين، ته مهر کي به ڪار ڏني هئائين. پئسي ڏوڪڙ جي وٽس ڪابه ڪمي ڪونه هئي. سو اولاد کي به عيش ڪرائيندو هو.

مهر جڏهن بي. اي جو امتحان  ڏنو هو، ته سندس من ۾ اهوئي خيال هو ته بي. اي پاس ڪري ڪنهن بئنڪ ۾ نوڪري  ڪنديس.  هن کي نوڪري ڪرڻ جو ڏاڍو  شوق هوندو هو. جڏهن رزلٽ نڪتس، ته سندس  فرسٽ ڊويزن آئي هئي ۽ هوءَ ڏاڍي خوش هئي. پر جڏهن پنهنجي پيءُ  جي اڳيان پنهنجي خواهشن جو اظهار ڪيائين، ته کيس اهو جواب مليو، ”نه بابا توکي  نوڪري ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟“ اهو جواب  ٻڌي، هن کي اصل باهه وٺي ويئي. پيءُ کي چوڻ  لڳي، ته بابا ڀائرن کي ته توهان پيا نوڪري وٺي ڏيندا آهيو، هڪڙي مان آهيان جو منهنجي هر ڳالهه ۾ توهان کي اعتراض آهي. پيءُ ورندي ڏنس، ته امان اهي ڇوڪرا آهن. اهي نه ڪمائيندا  ته ٻيو ڪير ڪمائيندو. هن چيس ته بابا ٻيون به ته کوڙ ڇوڪريون  نوڪري ڪري  رهيون آهن. پڻس ٿوري  وڏي آواز ۾ جواب ڏنس ته ”اسانجي خاندان ۾ اڄ تائين ڪنهن به ڇوڪريءَ  نوڪري ڪونه ڪئي آهي.“  مهر همت ڪري چيو ته ”بابا پر مون کان اڳ ۾ ڪنهن خاندان جي ڇوڪريءَ گريجوئيشن به ته ڪونه ڪئي آهي.“

پر وڏيري به پنهنجي ڳالهه کي زور سان ورجيايو  ته ”هڪ دفعو چيم ته تون بئنڪ ۾ نوڪري نه ڪندينءَ، اهو ڪافي آهي. مون سان ٻيهر ان موضوع تي نه ڳالهائجانءِ.“

پوءِ ته مهر ويچاري اصل وائڙي ٿي ويئي ۽ پنهنجي زندگيءَ کان ئي بيزار ٿي ويئي. پيءُ ته اڳي ئي انهن افعالن  ڪري ڪونه وڻندو هيس. هاڻي ته ڀائرن کان به چڙڻ لڳي هئي. جو جڏهن پيءُ هن جي ڳالهه نه ٻڌي، ته هن اها ڳالهه ڀائرن کان چوائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر انهن به پيءُ  کان مختلف ڳالهيون ڪو نه ڪيس، پوءِ هن پڪو پهه ڪيو، ته بس هاڻي ايم. اي ڪنديس ۽ پوءِ ڪنهن گرلس ڪاليج ۾ ليڪچرار ٿينديس. تنهن تي گهر وارن کي ڪو به اعتراض ڪونه ٿيندو. پر  سندس اها خواهش به پوري ڪانه ٿي. ويچاري جڏهن ايم. اي پاس ڪئي، ته  ماڻس ظالم سماج جو روپ اختيار ڪري بيهي رهي. هوءَ چُوڻ لڳي ته: ”ادا پنهنجون نياڻيون پرڻائي ڇڏيون: اديءَ پنهنجون نياڻيون اٿاري ڇڏيون. هاڻي مان به پنهنجو ارمان پورو ڪريان.“ پيءُ به هن لاءِ ڪو مناسب سڱ تلاش ڪرڻ ۾ لڳي ويو. پر هن جي ڳالهه ڪنهن به نه ٻڌي.  جڏهن هن پنهنجن وڏن ڀائرن اڳيان پنهنجي ان خواهش  جو اظهار ڪيو. ته انهن چيس: ”ڇا اسان مري ويا آهيون، جو هاڻي تون ڪمائڻ جون ٿي سٽون سٽين.“ هن گهڻو چين، ته اها منهنجي  ننڍپڻ  جي خواهش آهي.  پر هن جي  ڪنهن به نه ٻڌي.

هڪڙي ڏينهن هوءَ ويٺي ٽي. وي ڏسي رهي هئي ته پلر به اچي ان جي ڀرسان ويٺو. پر مهر جوموڊ ٺيڪ ڪونه هيو ۽ هوءَ ڏاڍي ڪاوڙ ۾ ويٺي هئي. پلر پڇيس ته ڳالهه ڇا آهي. تنهن تي هن ورندي ڏنس ته  مان ٽيليويزن تي ايندڙ گانو ٻڌي ان تي چڙي رهي آهيان. مونکي نفرت آهي اهڙي قسم جي گانن کان هاڻي هن گاني کي ئي ڏس. هر هاريءَ ناريءَ جون نياڻيون صبح کان وٺي سانجهيءَ تائين، ويندي ٻجن ڇٽڻ کان وٺي لاباري لاهڻ تائين، ويچاريون ڪاريءَ اس ۾ توڙي سيءَ پاري ۾ پيون ڪم ڪنديون وتنديون آهن. پر هي ڳائڻو تعريف ڪري رهيو آهي ته فقط هاريءَ ڀاءُ جي ۽ هن جي محنت جاڳڻ ڳائي رهيو آهي. پلر اهو ٻڌي حيرت مان مهر ڏانهن نهاريو. ان مهل مهر هن کي اهڙي ته معصوم لڳي رهي هئي جو هو هن ڏانهن نهاريندو ئي رهجي ويو. آخر چڱيءَ دير کانپوءِ چيائينس ته مهر تنهنجي سوچ ڪيڏي نه عظيم آهي، پر ڇا تو جهڙي جينئس ڇوڪريءَ کي اها ڄاڻ نه آهي ته سماج کي بدلائڻ لاءِ هڪ اڪيلو ماڻهو ڪافي نه هوندو آهي، ان لاءِ اسان کي سڄي سنڌ جي ابن آدم جي سوچ کي بدلائڻو پوندو ۽ ان ڪم لاءِ  به هڪ وڏو عرصو گهرجي. مارئيءَ چيس ته مان ڪڏهن به اها دعويٰ ڪانه ڪئي آهي ته مان اڪيلي هن ڌرتيءَ تي انقلاب آڻينديس. پر مان پنهنجي وسئون به ڪونه گهٽائينديس. دنيا ۾ هر وڏي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪونه ڪو قرباني ضرور ڏيندو آهي ۽ جي منهنجي ان قربانيءَ جي صلي ۾ سنڌ جي ڪنهن هڪ نياڻيءَ جي تقدير به بدلجي ويئي ته مان پنهنجو لايو سجايو  سمجهنديس. مهرباني ڪري تون مون کي پنهنجو ڪم جاري رکڻ ڏي.

رات ڪافي گذري ويئي هئي ۽ مارئي پنهنجن پريشان خيالن ۾ ويٺي هئي. گهر ۾ شام جو ڪجهه مٽ مائٽ آيل هين، سي به هاڻي هليا ويا هئا. هن جي ڪنن تي پنهنجي ماءُ جو آواز پيو، جا زور زور سان پنهنجي مڙس هيبت خان کي چئي رهي هئي ته ڇوڪر جي عمر  ٿي نڪرندي وڃي، جي هاڻي به نياڻي نه  پرڻايئه ته شايد پوءِ ڪڏهن اهو فرض پورو ڪري نه سگهندين. مٽ مائٽ ته وري به پنهنجا آهن ۽ انهن کي ڌيڻهين  جي ضد جي ڄاڻ آهي، پر هاڻي ته ڏٺل  وائٺلن به ٺٺوليون ڪرڻ شروع ڪيون آهن ته رئيس هيبت خان کي هڪ ئي ڌيءَ آهي  تنهن جو به هن حق بخشائي  ڇڏيو آهي. ماڻهن کي ته کڻي هڻ گولي پر مان کئون پنهنجي ڪونجن جهڙي ڌيءَ جي اها حالت ڏٺي ڪونه ٿي ٿئي. بس تون  جلدي منهنجي نياڻيءَ جو گهر وساءِ ته مان  به سک جو ساهه کڻان،  پڻس به ڳڻتيءَ ۾هو، تنهن ورندي ڏنس ته نياڻي ته اسان کي برابر اٿارڻي آهي. پر نياڻيءَ جي مرضي به ته هجي. اهو ٻڌي مهر سوچڻ لڳي ته هونئن ته ڄڻ منهنجون ٻيون سڀ مرضيون خواهشيون پوريون ڪري چڪا آهن  جو هاڻي ٿا منهنجي مرضيءَ کي ايڏي گهڻي اهميت ڏين.

مارئي هاڻي چوٽيهن سالن جي ٿي ويئي هئي. پر اهڙي سلم ۽ گڊ لڪنگ هئي جو ٻاويهن يا چوويهن سالن کئون مٿي جي صفا ڪونه لڳندي هئي. پر هن جي سوچ ۾ عمر ڪابه تبديلي ڪونه آندي هئي ۽ هوءَ پنهنجي پراڻي ضد تي اڃا به قائم هئي ته مان کي سروس ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. پر سندس پيءُ به هبيت خان هو، جو پنهنجي ڏاڍ تي اڏول هو. مهر لکندي رهي ۽ پنهنجي اندر جي باهه کي وسائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي پر هن جي قلم معاشري اندر ڪا خاص تبديلي ڪانه آندي. روز اخبارن ۽ رسالن ۾ هن جا مضمون ۽ افسانه ڇپجندا رهيا. هن جا ڊراما ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تان به نشر ۽ ٽيلي ڪاسٽ ٿيندا رهيا. هوءَ سنڌ جي هر نماڻيءَ نياڻيءَ جي اندر جو آواز بڻجي پئي، پر پنهنجي پيءُ کي هٺ تان هيٺ لاهي نه سگهي. هر هنڌ هن جي نالي جي هٻڪار پکڙجي ويئي هئي، پر هوءَ ۽ هن جو من ته بنا سرهاڻ فقط هڪ ڪاغذ جي گل مثل هو. هاڻي هن جي چپن تي نه اها مرڪ هئي. نه هن کي اکين ۾ اها شوخي هئي، نه ئي هاڻي هوءَ ڳالهه ڳالهه تي ٽهڪ ڏيئي کلندي هئي. بس خاموش پنهنجي ڪمري ۾ بند ويٺي لکندي رهندي هئي ۽ ڪاغذ ڪارا ڪندي هئي. ڪنهن مهل پلر ايندو هيس ته ٿوريءَ دير لاءِ ان وٽ وڃي ويهندي هئي. پوءِ وري پنهنجي ڪمري ۾ بند ٿي ويندي هئي. گهر کان ٻاهر ته تمام گهٽ نڪرندي هئي هر وقت اداس پيئي لڳندي هئي.

وقت تيزيءَ سان گذري رهيو هو. هڪڙي ڏينهن پلر هيبت خان کي چيو ته چاچا سائين اڄڪلهه مهر ڏاڍي مينٽلي ڊسٽرب ٿي رهي، هر وقت اڪيلي ۽ پنهنجي ڪمري ۾ پوري پيئي آهي. نه ڪنهن سان ڳالهائي ٿي نه وقت تي کائي ٿي نه پيئي ٿي. هاڻي ته سندس صحت به ٺيڪ نٿي رهي، ان ڪري چاچي به هن جي باري ۾ ڏاڍي فڪرمند ٿي رهي، جي توهان اجازت ڏيو ته مان هن کي ڪنهن نفسياتي ماهر وٽ وٺي وڃان، ته جيئن هوءَ به خوش ٿي وڃي ۽ توهان جون به ڳڻتيون لهن. چاچي هن کي چيو ته ابا جي تنهنجي اها مرضي آهي ته ڀلي ڪوشش ڪري ڏس، پر هوءَ آهي ڏاڍيءَ ضدي طبيعت جي سو تنهنجي ڳالهه ٻڌندي ڪونه. تنهن تي پلر وراڻيو ته چاچا سائين اهو توهان مون تي ڇڏيو.

ٻئي ڏينهن پلر مهر جي گهر ويو ۽ هن کي چيائين ته مان شهر جي هڪ سٺي نفسياتي ڊاڪٽر کان اڄ جو ٽائيم وٺي آيو آهيان. تون جلدي تيار ٿي، ته توکي ڊاڪٽر وٽ وٺي هلان، جيئن تنهنجو علاج ٿي سگهي. مهر ورندي ڏنس ته نه، مون کي ڪائي ذهني بيماري آهي ۽ نه ئي وري مان چري ٿي ويئي آهيان. مان توسان ڪونه هلنديس. پلر چيس ته ڏس مهر مان پاڻ ڊاڪٽر آهيان ۽ تنهنجو  علاج پاڻ به ڪري ٿو سگهان. پر توکي جا بيماري آهي، تنهن کي مون کان وڌيڪ هڪ نفسياتي  ماهر بهتر نموني سان سمجهي  سگهندو. تنهن تي مهر ورندي ڏنس، ته ها ٿوريءَ دير کانپوءِ چوندين ته تون چري ٿي پيئي آهين، هل ته توکي گدو بندر وٺي هلان، اتي تنهنجو علاج گهر کان وڌيڪ سٺي نموني ٿي سگهندو. پلر مارئيءَ کي گهڻو ئي سمجهائيندو رهيو ۽ آخر هن کي راضي ڪيائين. پوءِ ٻيئي گڏجي ڊاڪٽر ڏانهن روانا ٿيا، جنهن کي پلر اڳي ئي مهر جي بيماريءَ بابت تفصيل ٻڌائي چڪو هو.

ٿوريءَ دير کانپوءِ ٻيئي ڊاڪٽر جي ڪلينڪ ۾ ويٺا هئا. جلدي ئي ڊاڪٽر هنن کي اندر گهرايو. ٻيئي گڏجي اندر ويا. ڊاڪٽر پلر کي چيو ته تون ٿوري دير ٻاهر هلي ويهه. پوءِ مهر کان پڇيائين ته تون هتي ڇو آئي آهين؟ مهر چيس ته مون کي پنهنجو ڪزن وٺي آيو آهي. تنهن تي هن چيس ته هو توکي ڇو وٺي آيو آهي؟“ مهر کي ڊاڪٽر جو اهو سوال پڇڻ جو انداز ڏاڍو خراب لڳو. پر تڏهن به هن چيس ته: دراصل منهنجي سڄي  گهر جو خيال آهي ته مان ايبنارمل ٿي ويئي آهيان. وري ڊاڪٽر پڇيس ته ڇا مسٽر پلر جو به اهوئي خيال آهي؟ مارئي ورندي ڏنس، ته شايد نه ، پر ان جو به اهو خيال ضروري آهي ته مان اڄڪلهه ڪجهه مينٽلي ڊسٽرب ٿي رهان. وري ڊاڪٽر چيس ته مسٽر پلر چئي رهيو ته توهان ڪافي پڙهيل  آهيو. مهر ورندي ڏنس ته ها مان ايم. اي ڪئي آهي. ڊاڪٽر چيو ته ويري گڊ. پوءِ ڀلا ڪو جاب وغيره ڪري رهيون آهيو يا نه. مهر اهو ٻڌي ڏاڍي سيريس ٿي ويئي ۽ چيائينس ته اصل ۾ منهنجي مرضي آهي ته مان جاب ڪيان. مون فيصلو ڪيو آهي، ته مان ان وقت تائين پنهنجن مائٽن جي ڳالهه ڪانه مڃيندس، جيستائين هو منهنجي خواهش پوري نه ڪندا. اهو ٻڌي ڊاڪٽر ٿورو کليو ۽ چيائينس ته بس ايتريءَ ڳالهه جي ڪري توهان کڻي پنهنجو اهو حال ڪيو آهي. مهر وراڻيس ته ڊاڪٽر صاحب جيڪڏهن ڪوبه صحتمند ماڻهو منهنجي گهر ۾ رهي ۽ هو ايبنارمل  ٿي وڃي، ته مون کي ان تي ڪائي حيرت ڪانه ٿيندي ڇو ته ان گهر ۾ ايتري ته گهٽ آهي، جو اتي ڪنهن به براڊمائينڊڊ ڇوڪريءَ  جو رهڻ محال آهي. وري ڊاڪٽر پڇيس ڀلا توکي گهر ۾ گهڻي شڪايت ڪنهن سان آهي. مهر ورندي ڏنس ته ”آءٌ ڊونٽ نو واءِ؟ ڊاڪٽر، بٽ آءِ هيٽ ماءِ فادر.“ ڊاڪٽر چيس ته ڀلا توکي ان جي ڪهڙي ڳالهه ناپسند آهي؟ مهر چيس ته ڊاڪٽر، مون کي هن جي سوچ، هن جي شڪل ۽ هن جي آواز کان به سخت نفرت آهي. اهو چوندي مهر جو منهن ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. وري ڊڪاٽر پڇيس ته ڀائرن بابت ڇا راءِ رکو ٿيون اوهان مهر ورندي ڏنس ته ڊاڪٽر صاحب منهنجا ڪل ڇهه ڀائر آهن. جن مان وڏو ته هر وقت پنهنجي وڏائيءَ ۾ پورو هوندو آهي. ننڍي هوندي ان سان منهنجي ڏاڍي دوستي هوندي هئي، پر پوءِ ان منهنجي خلاف بابا جا ڪن ڀرڻ شروع ڪيا، تڏهن کان وٺي اهو مون کي ڪونه وڻندو آهي. ٻيو نمبر ته شڪل مان ئي صفا بشني لڳندو آهي ۽ اهو سگريٽ  به پيئندو آهي تنهنڪري ڪونه وڻندو آهي. ٽيون نمبر ڏاڍو  ٽرڙو آهي، هر وقت اجائي يخ يخ ڪندو وتندو اهي، ان ڪري اهو به پسند ڪونهي. چوٿين نمبر کي وري اهو ڪمپليڪس آهي ته ان جي شڪل رابرٽ ريڊ فورڊ سان ٿي ملي. هر وقت آئيني اڳيان بيٺو پوز ڏيندو آهي. پنجين نمبر ۾ اها ڳالهه آهي ته جي هو ڪنهن کان پنهنجن ڪمن ۾ مشورو نه وٺندو آهي ته ٻين جي ڳالهه ۾ پنهنجي راءِ به ڪونه ڏيندو آهي. تنهنڪري ان سان ڪائي خاص شڪايت ڪانهي. ڇهين کي وري پينٽر سڏائڻ جو ڏاڍو شوق آهي. فوٽوگرافيءَ سان دلچسپي اٿس. دراصل ڪجهه سال اڳي مان جڏهن خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪئي هئي ته هن مون کي اهو مشورو ڏنو  هو ته جي تون مري وينديءَ ته پوءِ سنڌ جي هر ڇوڪري پنهنجو جائز مطالبو به مڃائي ڪونه سگهندي. ان ڪري اڄ مان جيئري  آهيان ۽ اوهان آڏو ويٺي آهيان. وري ڊاڪٽر پڇيس ته ماءُ بابت ڪجهه  ٻڌاءِ؟ چيائينس ته امان سان مون کي ڪابه شڪايت ڪانهي، ڇو ته مان ان جي هڪڙي ئي ڌيءُ آهيان ۽ اها مون کي ڏاڍو ڀائيندي آهي. ڊاڪٽر هن کان ٻيون به ڪيتريون ئي ڳالهيون پڇندو رهيو. ٿوريءَ دير کانپوءِ چيائينس ته هاڻي توهان هلي ٻاهر ويهو ۽ مسٽر پلر کي اندر موڪليو.

جڏهن پلر ڊاڪٽر وٽ آيو، ته ڊاڪٽر هن کي سمجهائيندي چيو ته توهان جيڪڏهن هن کي کلندو خوش ٿيندو ڏسڻ چاهيو ٿا، ته هن جي ان معمولي ضد  کي پورو ڪريو. نه ته هن جو ٻيو ڪوبه علاج ڪونه آهي ۽ ڊاڪٽر وڌيڪ چيو ته مان فون ڪري رئيس هيبت خان کي به سمجهائيندس  ۽ پنهنجي طرفان پوري ڪوشش ڪندس. تون پاڻ به ته هيڏو پڙهيل آهين ۽ ملڪ کان ٻاهر به رهي آيو آهين. پوءِ به اهڙيون پراڻي وقت جون ڳالهيون ٿو ڪرين. آخر توکي ئي ته مس مهر سان شادي ڪرڻي آهي ته پوءِ دير ڇا جي! هاڻي تون هيئن ڪر جو مهر جي پيءُ کي چئو ته هو شاديءَ  جي تياري ڪن ۽ مهر به پنهنجي لاءِ ڪنهن مناسب جاءِ تي اپلاءِ ڪري ۽ جاب  لاءِ ڪوشش ڪري. انشاءَ الله ٻئي ڪم سولائءَ4  سان ٿي پوندا ۽ مهر کي مان وٽ  هفتي ۾ هڪ ٻه دفعو پيو وٺي ايندو ڪر ته جيئن هن جو نفسياتي علاج به ڪندو رهان....

پوءِ ته پلر ۽ ڊاڪٽر، رئيس هيبت خان کي گهڻو ئي سمجهايو، تڏهن مسَين مسَين هو وڃي ان لاءِ راضي ٿيو ۽ ڊاڪٽر  جي مشوري مطابق مهر کي سروس ڪرڻ جي اجازت ڏنائين. مهر کي ته ڄڻ ڪائنات جي هر خوشي ملي ويئي ۽ هن نهايت مسرت ۾ هڪ ٻن جاين تي اپلاءِ  ڪيو. آخر هڪ ڏينهن هن کي هڪ هنڌان انٽرويو ڪال آئي.

مهر ان مهل ڪيڏي نه خوش هئي، جڏهن هوءَ انٽرويو ڏيڻ لاءِ وڃي رهي هئي، الائي ڪيڏيءَ مدت بعد هوءَ سنبري تيار ٿي هئي. نئين فيشن جا ڪپڙا پاتا  هئائين، وار سٺا ٺاهيا هئائين ۽ هلڪو ميڪ اپ به ڪيو هئائين. پينسل هيل پائي ڇم ڇم ڪندي ويئي ۽ وڃي گيراج مان پنهنجي ڪار ڪڍيائين ۽ چمڪندڙ ڪار ۾ چڙهي زين ڪندي هلي ويئي.

اتي ڪيترائي ٻيا به ماڻهو اميدوار ٿي آيل هيا. جڏهن هن کي پنهنجي واري سان اندر گهرايو ويو، ته هوءَ ڪن عجيب خيالن ۾ گم هئي ۽ اندر جي ڪيفيت هن جي منهن مان ظاهر ٿي رهي هئي، هن نهايت اعتماد سان ڪيل سوالن جا جواب ڏنا. ڪجهه دير کانپوءِ هن پنهنجي باري ۾ جا ڳالهه ٻڌي، ان بابت ته اچڻ مهل هن سوچيو به نه هو. انٽرويو وٺندڙن ته شايد ٻيو به ڪجهه چيو، پر اهو هڪڙو لفظ هن جي ڪنن ۾ ڄڻ اٽڪي پيو ۽ هيءَ  تيزيءَ سان ٻاهر نڪتي. هوءَ ڏاڍي بيچين ۽ هاريل جوارين وانگر  ڏک ۽ افسوس سان تڪڙي ڏاڪڻ لهي هيٺ آئي ۽ اچي پنهنجي ڪار ۾ ويٺي، پر اڃا به اهو هڪڙو لفظ هن جي ڪنن ۾ وڄندو رهيو! اهو لفظ هن جي ميڄالي ۾ ڄڻ هٿوڙا   هڻي رهيو هو. هن جا هٿ ڏڪي رهيا هئا ۽ پير جو دٻاءُ  ايڪسيليٽر تي ويو وڌندو، آخر هڪ اليڪٽرڪ پول سان ڪار ڏاڍي زور سان وڃي ٽڪرايس  ۽ فوراً ڪار کي باهه وڪوڙي ويئي. مهر مرڻ ۾ منٽ به نه لاتا ڪار جي چوڌاري ماڻهو مکين وانگر مڙڻ لڳا، پر مهر ته اڳ ۾ ئي ختم ٿي چڪي هئي. پر مرڻ مهل به جيڪو آخري جملو سندس ذهن ۾ هو، سو اهوئي هو ته ”تون اوور ايج ٿي چڪي آهين.“ تنهن ڪري اسان توکي  سليڪٽ ڪونه ڪيو.

تيز هوا جو جهوٽو لڳو ته سنڌيا جي هٿ ۾ جهليل ”شاهه جي رسالي“ جا پنا زور سان ڦڙ ڦڙ ڪرڻ لڳا، ته سنڌيا ڇرڪجي اکيون کوليون. اکيون کولڻ سان ئي سندس بند اکين پويان جمع ٿيل لڙڪ لار ڪري وهڻ لڳا . اوچتو سنڌيا جي نظر ”سر سامونڊيءَ“ جي ان وائيءَ  تي پئي،  جنهن کي تيز   هوا جي جهوٽن کولي نروار ڪيو هو. هن لڙڪ ڀنل اکين سان اها وائي پڙهي:

آيل! ڪريان ڪيئن؟ منهنجو نينهن اپليو نه رهي،
ويو وڻجارو اوهري. مون کي چاڙهي چيئين،
 

منهنجو نينهن اپليو نه رهي!

سامونڊين جي سڱ  کي، رئان راتو ڏينهن،
 

منهنجو نينهن اپليو نه رهي!

گوندر مٿان جندڙي، وريا ولين جيئن،
 

منهنجو نينهن اپليو نه رهي!

مادر! پائي منڊيون، وڃان هاديءَ سيئن،
 

منهنجو نينهن اپليو نه رهي!

سنڌيا ”شاهه جو رسالو“ بند ڪري ڇڏيو. سندس اکين مان لڙڪ ڪرندا رهيا. خبر ناهي کيس ڪيتري دير گذري وئي؛ پر اوچتو ”سپيءَ“ جي روئڻ جي آواز کيس سمورن خيالن مان ڇرڪائي وڌو. هوءَ تيزيءَ سان ڪمري ڏانهن ڊوڙي ڪمري ۾ پهچي هوءَ پلنگ تي سُتل معصوم ”سپيءَ“ جي پاسي کان اچي ويٺي. هوءَ معصوم ته گهري ننڊ ۾ هئي ۽ شايد ڪو سپنو ڏسي روئي پئي هئي. سنڌيا اٿاهه پيار مان ”سپيءَ“ کي ڏٺو ۽ پوءِ جهڪي هن ننڍڙي ”مهراڻ کي ڏٺائين ته سندس مامتا جو جذبو پوري شدت سان اُڀري آيو ۽ هن ”مهراڻ جي پيشانيءَ کي به چميو. پوءِ سنڌيا جي نظر پلنگ جي پاسي کان رکيل اسد جي تصوير تي پئي. اسد جي چهري  تي زندگيءَ سان ڀرپور مُرڪ هئي. سنڌيا به تصوير کي ڏسي مرڪي پئي ۽ پوءِ پنهنجي منهن چيائين:

”سرمد! منهنجي روح اندر تنهنجو ديرو سهي، پر هينئر منهنجي زندگي ۽ وجود منهنجن معصوم ٻارن ۽ اسد جي امانت آهي. شايد تو الاهي دير ڪري ڇڏي آهي. آئون نٿي چاهيان ته تنهنجي چاهت نروار ڪري، پنهنجي فرضن کان غافل ٿي وڃان. آئون سڀ جذبا پهنجي روح جي اندر ئي دفن ڪري ڇڏينديس. مون توسان دل جي گهراين سان پيار ڪيو هو ۽ هاڻي به اٿم؛ پر سرمد جيئن تو ڪيو هو، هاڻي اهو سڀ ڪجهه مون کي ڪرڻو آهي...

جيستائين آئون زنده آهيان تون مون کان پيار جو اقرار ٻڌي نه سگهندين. ڇو جو ائين ڪري، آئون اسد ۽ پنهنجن ٻارڙن جي مجرم ٿيڻ نٿي چاهيان. ”ڳولهيان ڳولهيان مَ  لهان.“ اهو فلسفو رڳو تون ئي نڀائي نٿو سگهين ، پر آئون به نڀائي سگهان ٿي.

”سنڌيا اٿي ۽ ”شاهه جو رسالو“ کڻي الماريءَ ۾ بند ڪري تالو ڏئي ڇڏيائين. بلڪل ائين ڄڻ سرمد جي پيار  کي هميشه لاءِ روح اندر بند ڪري، تالو لڳائي ڇڏيو هئائين.

زرينا بلوچ

ههڙا  هاڃا

جون جي گرم ڏينهن جو پڇاڙڪو پهر هو، آئون گهر ۾ اڪيلي ويٺي هيس، ٻار ناناڻي گهمڻ ويا هئا. ٻارن جي نه هئڻ ڪري، روح مُنجهي  پيم؛ سو ڇا ڪيم جو پاسي واريءَ ماسيءَ کي سڏيم، ماسي ڊوڙندي  آئي ۽ چيائين ”امان ڪم.“ چيم: ”ماسي  ڪم ته ڪوبه ڪونهي، پر ٻار ڪونهن، اڪيلي آهيان، گهڙي ساعت اچي ويهه. ماسيءَ  چيو، ”چڱو! امان باقي مائيءَ جي ماني پچائي، پوءِ ڌيڻم کي به وٺيو ٿي اچان؛ جيڪا منهنجا روز روز ٿي ڪن کائي، ته امان اديءَ وٽ وٺي هل. تون جي چوين ته وٺي اچانس؟“  مون چيو ته ”چڱو، ماسي ڀلي وٺي اچينس .“  ماسيءَ کي ائين چئي ته ويٺيس، پر پوءِ خيال آيم، ته ماسيءَ  جي ڌيءَ جي خبر نه آهي، طبيعت به ڪهڙي هوندي؟ خير.... اڪيلائپ  جو احساس ڪجهه ته گهٽبو. ٿوري دير کانپوءِ ماسي ڌيڻس کي وٺي آئي. آئون ماسيءَ جي ڌيءَ ڏسي هَڪي ٻَڪي ٿي ويس، ڇو جو هوءَ ڏاڍي سهڻي هئي، کيس اڇا کير جهڙا ڪپڙا پاتل هئا ۽ ڏاڍي اخلاق ۽ فضيلت واري هئي. سندس ڳالهائڻ سرائڪي  هو. مون کي هن جو ڳالهائڻ ڏاڍو مٺو لڳو؛ مون کيس کيڪاري پلنگ تي ويهاريو ۽ پوءِ اسين ٻئي ڄڻيون لڳي ويون سين اوڀاريون لهواريون ڪرڻ. ڳالهين ڪندي پڇيومانس.

”ڇو ادي! پنهنجي ننڍڙي ڌيءَ ڪونه آندئي؟“ ته وائڙي ٿي وئي ۽ چوڻ لڳي ڪهڙي ڌيءَ، چيم ته ”جيڪا سڄو ڏينهن ماسيءَ سان پئي گهمندي آهي.“ ته ڦڪي کل کلندي چيائين،   اها ته منهنجي ڀاءُ  جي ڌيءُ آهي ، مون نپائي آهي. تنهن تي ماڻس چيو ”ائي امان، ڪهڙيون ٿي سورن جون ڳالهيون ڪرين، ڌيئڙي جهڙي پرڻايم تهڙي نه.  نالي ۾ ته پرڻيل آهي، پر آهي ڪنواري.“

تنهن تي حيران ٿيندي پڇيم ”اهو وري ڪيئن ماسي؟“ تنهن تي ماسيءَ جي ڌيءَ چوڻ لڳي، ”ادي ڪهڙا ٿي سور پڇين، بابي منهنجي شادي پنهنجي ڀيڻ جي پٽ سان ڪئي آهي، جيڪو اڌ رنگ  ۾ ورتل آهي ۽ کيس ڏينهن ۾ ڏهه ٻارنهن دفعا ته دورا ٿا پون. ڌپ وري اهڙي، جو ماڻهو  هڪ پل به پاسي ۾ بيهي نه سگهيس.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com