سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1992ع

مضمون --

صفحو :10

ٺڪر جو ڀڳل ڪونئرو

مشهور درويش  حضرت بايزيد جي حالت اها هئي جو پاڻي پيئڻ لاءِ وٽس نڪي هو سڄو ڪونئرو ۽ نه سيءَ کان بچڻ لاءِ ڪا سڄي چادر! هڪ مريد جو وٽس ٽيهن سالن کان رهيو هو تنهن چيس: ”قبلا، پنهنجي سقيمي هٽائڻ لاءِ  اوهان مالڪ کان ڪجهه گهرو ڇو نه ٿا؟“  تڏهن حضرت بايزيد کيس فرمايو.

”ڪيتري وقت کان مون خواهش پئي رکي ته مان الله تعاليٰ کي اهڙي دعا ڪريان جا هن وٽ قبول پوي، پر هن وقت تائين  مان پنهنجي ڪوشش ۾ فتحياب ڪين ٿيو آهيان. چاليهن سالن کان دل لائي عبادت ڪرڻ سان منهنجا  پردا دور ٿي ويا. ان بعد عاجزي سان عرض ڪيم ته مونکي رستو ڏيکاريو وڃي ته جواب طور مالڪ جو حڪم  ٻڌڻ ۾ آيم: ”بايزيد، جيستائين تو اهي ٻيئي شيون، ٺڪر  جو ڀڳل  ڪونئرو ۽ ڦاٽل لوئي ڦٽيون نه ڪيون آهن تيسين توکي داخلا نه ملندي.“

عربيه نور

نثار حسيني

عورت لطيف جي نظر ۾

ساٿيو اصل موضوع  تي اچڻ  کان اڳ مان ڪنِ مکي نُڪتن تي ڳالهائيندس، ته جيئن موضوع جي چٽائي سولي ٿي  سگهي.

1. شاهه جو دؤر

ڪنهن به تخليق ڪار جي فن کي سمجهڻ لاءِ اُن سرجڻهار جي سَمي يا دؤر جي تاريخ ۽ معروضي حالتن کي آڏو رکڻ ضروري آهي. لطيف  جنهن دؤر  ۾ رهيو، سو دؤر سنڌ جو هڪ  وڏو بُحراني دؤر هو. سنڌي سماج اُن (Crisis)  بُحران ۾ ورتل هو، نه فقط  اهو دور پر سنڌ ۽ سنڌي   سماج جي اڳين اونداهن ٻن سؤ سالن واري دؤر جا پويان 47 سال لطيف خود پنهنجي اکين سان  پَسيا.  هُن ڇاڇا نه ڏٺو. آدم شاهه ڪلهوڙي جي شهادت، ميان شاهل محمد جي مغل حڪمرانن سان ديس خاطر ويڙهه ۽ پوءِ شهادت.  ميان نصير محمد جو قيد ۽ بند. ميان دين محمد ۽ ساٿين جي شهادت. يار محمد ڪلهوڙي جون  اورنگزيب جي پٽ سان چڪريون. جهوڪ وارو  دل ڏاريندڙ  واقعو. نادر جي حملي  جا لڱ ڪانڊاريندڙ منظر!

مطلب ته سنڌ جون سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتون ابتر کان ابتر هيون. جاگيرداڻو سرچشمو سنڌي  سماج جي ترقيءَ جي راهن ۾ تلوارون  اُڀيون ڪريو بيٺو هو ۽ ويچارو سنڌي ماڻهو ويڳاڻو، وياڪل، اُداس ۽ مايوس ٿي چڪو هو ۽ پوءِ اهڙي ئي مونجهه، ٻوسٽ ۽  گُهٽ واري وايومنڊل ۾ لطيف پنهنجي سگهاري ڏات وسيلي، سنڌي سماج جي حالت کي بدلائڻ لاءِ ڏاهپ جو ڏيئو کڻي ميدان عمل ۾ نڪري نروار ٿئي ٿو. هو پنهنجي عزم، همت ۽ حوصلي ذريعي ماڻهن کي انهيءَ انياءَ سان اٽڪڻ، بي انصافيءَ سان جهيڙڻ  جا سبق ڏئي ٿو ۽ سمجهائي ٿو ته مايوسي موت آهي، ننڊ نڀاڳ آهي:

بندر جان ڀئي، ته سُکاڻيا مَ سمهو،
ڪپر ٿو  ڪُن ڪري، جيئن ماٽي منجهه مهي،
ايڏو  سور سهي، ننڊ نه ڪجي ناکئا.
 

لطيف کي اها ڄاڻ هئي ته هنن ڪانڻيارن لوڪن جي حالت  راز آهي اُهي لڇن ۽ ڦٿڪن پيا.

ڪانئيارا ڪڻڪن، جنين لوهه لڱن ۾،
محبت جي ميدان ۾، پيا لال لڇن.
 

تڏهن ته کين چيائين ته اي منهنجي ملڪ جا ماڻهوئو!  ڪنهن سگهه يعني وڏيري جي آسري تي نه ويهو، ڇو ته انهن سگهن کي ڪهڙي  ڪل ته؟!

”سگهن سڌ نه سور جي، گهايل ڪيئن گهارين.“
”پاڙي ناهه پروڙ ته ڪا رات رنجائي گذري.“
 

2.لطيف جي فنڪاري:

لطيف ساري مامَ ۽ ڳالهه کي پروڙي، پُرجهي هڪ واٽ، هڪ ڏس ۽ ڏانءَ  کي جوڙيو.  هونئن ته پاڻ هڪ مهان ڪلاڪار وانگي پنهنجي ڪلا، پنهنجي تخليق کي معنائن  جي مختلف پوشن (Layers of Meaning) ۾ ڍڪيو ۽ ظاهر طور ته هُن  پنهنجي فن جا موضوع  ۽ عنوان ديس جي لوڪ ڪهاڻين (Mythes)  مان ڳوليا، پر ان جي اصل معنيٰ واري تهه/ پوش  کي شعوري ۽ فنڪاراني نموني پڌرو ڪيو.

ڪنين ڪنين ماڻهئين، پئي ڪل ڪائي،
رسيا جي رمز  کي، تن پارسي  پائي،
راجا راڳائي،  هر دوئي هيڪ ٿيا.
 

۽ پوءِ جڏهن انهيءَ اصلي معنيٰ جو تهه (کُلي) ٿو ته پتو پوي ٿو ته لطيف اها ساري جاکوڙ  پنهنجي سنڌي سماج مٿان مڙهيل سماجي ۽ معاشي جبر ۽ ڏاڍ واري صورتحال کي مٽائڻ،  سماجي  بي انصافي(Social injustice) کي ختم ڪرڻ لاءِ جاري رکي، پنهنجي فن کي تخليق ڪيو.

3.لطيف جو فن:

لطيف ڇڙو هڪ  مهان سماجيات جو ماهر (Social Expert) ڪونه هو، پر هڪ عملي سماجيات جو مفڪر (Social Thinker) هو. کيس سنڌي سماج جي تاريخي/ روايتي وٿن/ قدرن (Values) جي تاڃي پيٽي جي مڪمل ڄاڻ  هُئي. هُن پنهنجي فن جو تاڃي  پيٽو انهن روايتن ۽ قدرن جي پروڙ/ پرک کان پوءِ نئين سر اُڻيو ۽ هن پنهنجي تخليق کي اهڙا ذريعا (Medias)  ڏنا، جو اها هر واسي ٿي ويئي، هر دکندڙ مَن تائين پهچي ويئي.

4.لطيفي ماس ميڊياز:

لطيفي ميڊياز کي انهن مسڪين ماروئڙن، ڏاڍ ۽ ڏمر، ايذاءُ ۽ ڏهڪاءَ جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ پنوهارن تائين پهچائڻ جو ڪم ڪير ڪري؟ جو اُهي اٻالا لوڪ آجپو پائين  ۽ آسيس ماڻين!!

ها، لطيف وٽ پنهنجي ميڊياز جي پهچائڻ لاءِ ڪيترائي  نمائندا هئا ۽ انهن نمائندن وٽ وري عام تائين پهچ جا   ڪئين رنگ ۽ روپ، ڏانءَ ۽ ڏس، ڪئين گس ۽ پنڌ! طور طريقا!

سَوَ سرن ڀائي جي تند برابر توريان،
اُٽل اوڏانهين ٿئي، جيڏانهن ٻيجل ٻُرائي.
 

واڄٽ ويراڳين جا، مون وٽ وڏي  وٿ،
روئندي رات وهاءِ، چڪائيندي بُٺيون- (موکي)
جنين سک ناهه ڪو، چارڻ سي چئجن.
 

هلو ته تڪيا پَسون تن جا. (رامڪلي)
هلندي هوت پنهونءَ ڏي، کهجن ڪي کوٽيون.

(سسئي)

-

جيئن جهڳا پائين جهول ۾، ائين نه مرن مڇ.

(گهاتو)

 

سهسين  سائر ٻوڙيون، منڌ ٻوڙيو مهراڻ.

(سهڻي)

 

مومل ماري مير، آهيڙين کي آڪري.

(مومل)

مئي هٿ ۾ مڪڙي، ڄام هٿ ۾ ڄار-

(نوري)

 

بندر جان ڀئي، ته سکاڻيان مَ سمهو.
 

(سامونڊي)

سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار.

(ڪيڏارو)

 

ننگا آهيون نکتا، اسين مارو لوڪ.

(مارئي)

 

هلو هلو ڪورئين، جتي پَسجي نينهن.

(ڪاپائتي)

-

5.ڪلاڪارن جي چونڊ:

لطيف پنهنجي سنيهي پهچائيندڙ پانڌيئڙن (ذريعن) جي چونڊ ڏاڍي خبرداريءَ سان ڪئي آهي، کيس بي عمل، سست، ڪاهل ۽ ڪانئر ڪلاڪارن کان چِڙ  آهي، اُهي  جيڪي:

”ايءُ نه ڀانن ڀير، جيئن ڪينر ڪيريءُ، ٽنگيو!“
”توکي چوندو ڪير، ڪيرت ڌاران مڱڻو؟!“
”سيراندي ساز ڪيو، سمهن ساري رات!“
 

لطيف جي چونڊ اهڙا ڪلاڪار آهن، جيڪي هر حالت ۾ سماج ڏانهن جوابدار آهن، وٽن انهيءَ ذميداري کان بچڻ جو ٻيو، ڪوبه بهانو ڪونهي، ڪوبه رستو، واٽ يا واهه ڪانهي!

”مڱڻهارن مپ، ڪونهي ٻيو ڪيرت ريءَ.“

کين ڪلاڪار چوائڻ جو حق صرف تڏهن آهي، جڏهن اهي عمل ۾ آهن:

”جنين سک ناهه ڪو چارڻ سي چئجن!

رُڃن راهه پچن، مٿي ڪلهــن ڪــيــنرا.“

ساٿيو! هي هئا اهي نُڪتا، جيڪي اڄ جي موضوع کي وڌيڪ چٽو ڪن ٿا! ته هاڻي اچو ته اصل موضوع تي ڳالهايون. ها، ”عورت لطيف جي نظر ۾“ اهوئي لطيف پنهنجي ميڊياز جي ڦهلاءُ ۽ پکيڙڻ لاءِ مرد جي ڀيٽ ۾ عورت کي وڌيڪ اهميت ۽ ترجيح ڏني آهي، سندس ڪهاڻين جا مکيه ڪردار يا سورميون، سهڻي، سسئي، مارئي، نوري، ليلان ، مومل، سورٺ، موکي ۽ وڻجارن  جون وهون  سڀ عورتون  آهن، ائين نه!!

لطيف هڪ ماهر نفسيات به آهي، کيس ڄاڻ آهي ته عورت مرد جي ڀيٽ ۾ وفادار، ارادي جي اٽل ۽ اڏول، ثابت قدم ڏاهي، بردبار، فراخدل، بي ڊپي، بهادر، پرعزم ۽ پرُاعتماد آهي. هوءَ  لڄ  ۽ حيا، نياز ۽ نوڙت جي پتلي آهي. وٽس ڪدورت، حسد، عداوت، نفرت ۽ ڌڪار جهڙا جذبا ڪونهن. هوءَ قرباني، ايثار، محبت ۽ پيار جي ڀنڊار آهي. هوءَ  Committed ۽ Possesive آهي. جڏهن ته ظالم سماج عورت کي هر هميشه هيڻي، ڪمزور، ضعيف، ناتوان ۽ ڪم عقل سمجهي اهي چوڻيون عام ڪيون ته ”عورت کي عقل کڙيءَ ۾ آهي.“ ”ڌيئر پرايو ڌڻ آهن.“ وغيره، پر لطيف جي سورمين پنهنجي ڏاهپ ۽ عمل سان انهن چوڻين کي ڪوڙو ثابت ڪري ڏيکاريو!! ته ڇا لطيف جون سورميون ڇڙواڳ آهن؟ لطيف کين ڇڙواڳيءَ جي تعليم ڏني آهي ۽ موٽ ۾ هنن سماج سان مزاحمت ڪئي، آهي مهاڏو  اٽڪايو آهي، سهڻي پنهنجي نڪاح واري مڙس کي ڇڏي هڪ ڌارئين مرد سان لنءُ لائي ٿي، موکي هڪ نويکي نياڻي هوندي مئي خانو کولي پياڪن اڳيان نرت ڪري ٿي ته ڪا ٽڪرن ۾ ٽُلڪي  مري ٿي. ڪنهن مومل جي سونهن ۽ سوڀيا تي سرعام واڪ لڳن ٿا!

ڇا لطيف ايتري حد تائين عورت جي آزاديءَ جو پرچارڪ آهي؟!! سائين، عورت لطيف جي هڪ ”علامت“ (Symbol) اُهڃاڻ ۽ اشارو آهي. لطيف سائينءَ جو سڄو رسالو علامتن سان ڀرپور آهي، بلڪه لطيف جي هڪ هڪ سٽ، هڪ هڪ لفظ ۾ هڪ وڏي علامت آهي.

اهڙيءَ طرح لطيف جي هر هڪ سورمي به علامت آهي مظلوميت جي ۽ سندس هر عمل سماج جي ظالم روايتن / وٿن سان بغاوت آهي، سماجي بي انصافيءَ خلاف هڪ کليو احتجاج آهي!

ٻئي پاسي لطيف جون مجموعي سورميون ”مظلوم طبقي جي نمائندگي ڪن ٿيون. اهوئي سبب آهي جو لطيف ساڻن جڏهن مخاطب ٿئي ٿو ته چوي ٿو:

”اديون“ عبداللطيف چئي. ”سرتيون“ شاهه لطيف چئي. ”جيڏيون“ شاهه لطيف چئي. ”اديون“، ”سرتيون“ ”جيڏيون“ اجتماعيت جو اهڃاڻ آهي.

”ڏکيون جان نه مڙن، تان تان ڀنڻ نه ٿئي.“

”اچو سورن واريون، ڪريون سُور پچار.“

”ڇڄ مَ قطاران ، ساٿ چڙهندو لڪئين!“

هاڻي اچو ته هر سورميءَ جي ڪردار جي سماجي ڪارج ۽ معاشرتي مقام جي نوعيت تي ڳالهايون ۽ سندس اهڃاڻ کي الڳ الڳ جاچيون.

سهڻي:

سهڻي جنهن کي معاشرو ڪمزور ۽ هيڻي عورت سڏي ٿو، سا هر خوف ۽ خطري کي پاسي رکي، پنهنجي اٽل ارادي سان نه صرف سماج کي منهن ڏئي ٿي، پر سندس اڳيان ڪاري رات طوفاني رات، درياءَ جي دهشت، ڪُنن جا ڪڙڪا ڪابه معنيٰ نه ٿا رکن، هوءَ پنهنجي منزل ماڻڻ لاءِ  ڪُنن ۾ ڪُڏي پوي ٿي.

سهڻي جي اِها بغاوت سماجي بي انصافيءَ  خلاف آهي ۽ هُن هڪ ئي وقت  ٽن مختلف  مرد ڪردارن کي للڪاريو آهي، پهريون سندس جابر پيءُ، جنهن سندس زوري شادي  ڪرائي آهي ۽ ٻيو سندس مڙس جو اٿندي ويهندي کيس طعنا  ۽ تنڪا ڏئي ٿو:

”ڏم ڏهاڙي ڏي، سندا ميهر مهڻا.“

۽ ٽيون ڪردار ان گيدي ڊڄڻي مرد جو آهي، جو سندس محبوب آهي، جيڪو پنهنجي پيار کي ٻڏندو ڏسي به ملاحن کي مدد لاءِ سڏي ٿو:

”مهيار ملاحن کي، اُڀو ڪري سڏ،“

ادا انهيءَ پار جــا، مــيڙي اچو مڏ.“

سهڻي اهو سڀڪجهه ان لاءِ ٿي ڪري، ته جيئن  عورت ذات جا فطري حق ۽ سندس سماج ۾ برابريءَ واري حيثيت بحال ٿئي.

سسئي:

سسئي  سنڌي سماج جو هڪ اهڙو مثالي ڪردار آهي، جنهن جي پيار ۽ محبت جو مرڪز ۽ محور پنهنجو  ور آهي ۽ انهيءَ روايت کي زنده رکڻ لاءِ هوءَ اڻ ٿڪ جدوجهد ڪري ٿي، ڏونگر  ڏوري ٿي، وندر ووڙي ٿي.

”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه،  ڪانهي ويل ويهڻ  جي،

متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.“

ته ٻي پاسي مڙئي مرداڻا ڪردار (پنهون ۽ سندس ڀائر وغيره) ڏاڍ، وڏائي، مٿڀرائي ۽ ذات پات جي رنگن ۽ ويڇن ۾ ورهايل آهن ۽ سسئي جا اُهي سيڻ، ٻولي، روايتن ۽ جيون جي ٻين قدرن ۾ به کانئس  الڳ آهن، تڏهن ته سسئي کي ڇڏي ٿا وڃن، جو سسئي چوي ٿي:

”ڌريان ئي ڌاريان، مِٽ مُئي جا نه ٿيا.“

ليلان:

لطيف هتي عورت جي ٻن نفسياتي  ڪمزورين جي نشاندهي  ڪئي آهي . هڪ عورت جنهن جي ڪمزوري زيور آهي ۽ ٻي عورت جيڪا پرمار آهي، هوءَ پنهنجي ئي همجنس جي ڪمزوريءَ مان فائدو وٺي ٿي، پر هتي به مرد جو ڪردار موقعي پرست آهي. ڀلا ، ليلان هار پائي ڪنهن کي ٿي هرکايو؟! پنهنجي مڙس  کي نه!! پر چنيسر کي ته رڳو بهانو گهربو هو، نه ته هونئن سندس نيت  ته وهانءُ ويل ئي پڌري ٿي پيئي هئي.

”پــوچــا  ڏٺــم پــيــر، ڍڪــڻ مــٿــي ڍول جــا،

ڀانيم تنهين وير، ڪوجهي ڪندو پريتڙي.“

مومل:

ڪيئي حاڪم ۽ شهزادا مومل جي سُونهن جي ساراهه ٻڌي کيس ماڻڻ لاءِ اچي ڪاڪ ڀيڙا ٿيندا هئا ۽ خوب ڌن ۽ دولت لٽائيندا هئا، اهو ڏوهه مومل جو ته ڪونه هو! پر جڏهن وڏي جاکوڙ کانپوءِ راڻو اگهاڻو ۽ مومل ماڻيائين ته پوءِ نيٺ مرداڻي روايت موجب بي وفا ٿي ويو، پوءِ جڏهن مومل پاڻ هلي وڃي کيس چوپڻ راند ۾ هارايو ته هو هار مڃڻ جي بجاءِ. ”هوڏ“ تي لهي بيٺو.

مومل عورت جي ڏاهپ جو مثال آهي، جنهن عورت جي سلسلي ۾ گهڙيل اُن چوڻيءَ کي رد ڪري ڇڏيو ته ”عورت   کي عقل کڙيءَ ۾ آهي.“

”مومل ماري مير، آهيڙين کي آڪري.“

مارئي:

مارئي. ملير (ڌرتي) ۽ ماروئڙن (مظلوم طبقي) جو هڪ اهڙو نمائنده ڪردار آهي، جيڪو قيد ۽ بند جون ڀوڳنائون ڀوڳي ٿو، کيس ڪيتريون ئي آڇون ۽ لالچون ڏنيون وڃن ٿيون، هن کي دڙڪا ۽ دهمان ڏنا وڃن ٿا، پر پوءِ به هو، پنهنجي ثابت قدميءَ تي سالم رهي ٿو ۽ پنهنجي ڌرتي ۽ ديس واسين جي سِڪ  ۽ اُڪير کي سانڍي، انهن جي آجپي لاءِ لوچي ٿو.

”جي لوڻ لڱن لائين، چيري چيري چَم،
مون  ڪر اڳي نه ڪيو، اهڙو ڪوجهو ڪَم،
جان جان دعويٰ دم، تان تان پرت پنوهارن  سين.“
 

مارئي ڌرتيءَ  جي مڪتي ، مان ۽ شان جي علامت آهي.

”ايءُ نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائين سون تي.“

نوري:

لطيف جو هي نهٺو ۽ نماڻو ڪردار سياڻپ ۽ سچائي نياز ۽ نوڙت جو هڪ اهڙو اُهڃاڻ آهي، جنهن پنهنجي رويي سان ڄام کي هٿ ۾ ڄار کڻائي سماج ۾ موجود تعصب، اڻ برابري ۽ طبقات کي مٽائڻ جو چٽو تصور ڏنو.

”ننڍي وڏي گندري، مٿي ماڙي ڌوم.“

سورٺ:

سورٺ سمجهه، ساڃاهه، امن ۽ آشتيءَ جي نشاني آهي، هوءَ پنهنجي ور جي ڇٽ واري اختيار، اقتدار ۽ طاقت جي ورهاڱي جي مخالفت نه ٿي ڪري، بلڪ ماٺ ۾ رهي ٿي.

هوءَ ڏياچ وانگيان ڪلاڪارن جي بهتر ۽ آسودي زندگيءَ جي خواهشمند آهي، ان حد تائين جو جيڪڏهن ان جي بدلي سندس سهاڳ سوريءَ تي چڙهي وڃي، تڏهن به هوءَ ساڃاهه کان ڪم وٺي خاموش رهندي. هوءَ تخليقڪارن جي قدردان آهي.

”جا ڳالهه ڳالهايائين ، سا سڀ سمجهي سين.“

موکي:

جيتوڻيڪ پيشي جي لحاظ کان سماج آڏو موکي هڪ اڻ وڻندڙ ڪردار آهي، پر موکيءَ وٽ جيڪا تخليقي سگهه آهي، سا کيس مانائتو ڪري ٿي ۽ سماج سندس مڃتا ڪري ٿو.

”موکي مٺو نه گهريا، وهه نه وهاٽيا،
سُرڪيءَ ڪاڻ سيد چئي، اُتي ٿي آٽيا،
جي ڳالهين  ڳڱا ٽيا، تن بَٺن پاسي بٺيون.“
 

دوستو! موضوع جي نسبت  سان مون وٽ جيڪا ٿوري گهڻي ڄاڻ هئي، سان اوهان آڏو رکيم. ان سڄي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ منهنجي ذهن ۾ ۽ پڪ ته توهان جي ذهنن ۾ هڪ سوال ضرور اُڀريو هوندو! اهو هيءُ ته لطيف  جو سنيهو اڄ کان اٽڪل ٽي صديون اڳ جو آهي. ان دؤر جي حالتن ۾ ۽ موجوده زماني جي حالتن ۾ وڏو فرق آهي. لطيف جي سَمي واري سنڌ ۽ اڄ  جي سنڌ جي ڀيٽ ڪجي ٿي ته پتو پوي ٿو، ته ٻئي دؤر هڪ هيجان ۾ ورتل آهن. پر اڄ جو هيجان، حال جو بحران هڪ وڏو وسيع، مُنجهيل  ۽ مشڪل بحران آهي.

اڄ دنيا سُسي سوڙهي ٿي ويئي آهي. معاشرتي، عمراني، ثقافتي ۽ نظرياتي تضادن جو ٽڪراءُ ۽ تصادم  ايترو ته تيز، تکو ۽ زور وارو آهي، جو ماڻهو موڳو ۽ ويڳاڻو بنيو هيڏي هوڏي هٿوراڙيون هڻي رهيو آهي. فضا توڙي خلا ۾ برقي ۽ مقناطيسي سگهه، مادي جي لڪل توانائين ۽ تابڪارين  جا تجربا ۽ انهن جا واڌو ڪاٽو استعمال ۽ اثرات آلودگي پيدا ڪري، ماحول کي ڪثيف ۽ گندو  ڪري رهيا آهن. نت نئين ڏينهن جون نيون ايجادون، جيوت جي سڀني ڏسائن ۾ انقلابي تبديليون آڻي رهيون آهن، ابلاغي آلن انسانن جي سوچن ۽ من جي مامرن کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي، گهٽي، ٻوساٽي ۽ منجهائي وڌو آهي ۽ موٽ ۾ ماڻهوءَ کي سواءِ  محرومين، نااميدن ۽ نراساين جي ٻيو ڪجهه به ناهي مليو!

هو جيوت جي چوراهي تي وائڙو ٿيو بيٺو آهي، کيس اها ڪل ڪانهي ته هو ايڏن تضادن ۽ ٽڪرائن جي ايڏي ڀريل ميڙ ۾ وڃي ته ڪاڏي وڃي!؟ ڪنهن جي ڪڍ لڳي؟ ڪهڙو دڳ وٺي؟ ڪنهن جي اڳ جهلي؟ چوڏس ڪوهيڙو آهي، ڌنڌ آهي ۽ سڀ گس ۽ گهيڙ انهيءَ ڪوهيڙيء ۾ ڍڪيل آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com