سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1992ع

مضمون --

صفحو :11

”واٽون ويهه ٿيون، ڪوه ڄاڻان ڪيهي ويا.“

ساٿيو! ته پوءِ  ڇا اڄ جي اهڙي صورتحال ۽ وايو منڊل ۾ لطيفي ابلاغ جا ذريعا اسان جي ڪهڙي مدد ۽ رهنمائي ڪري سگهن ٿا؟!...

مان ته چوندس بلڪل هر قسم جي مدد ڪري سگهن ٿا! اها ڪا لٻاڙ، اجائي هام، ٻٽاڪ ۽ نعريبازي ڪونه ٿو ڪريان، پر پڪ سان چوان ٿو ته:

لطيف جو سنيهو اڄ جي هن ڪمپيوٽرائيزڊ دؤر جي ابلاغ جي ذريعن جي ڀيٽ  ۾ وڌيڪ پاور فل آهي.

ان جي سگهه ايٽمي سگهه کان به ٻيڻي آهي. لطيف جو فن ۽ فڪر دنيا جي هر مظلوم ۽ محڪوم، نراس ۽ نااميد سماج ۾ پيڙيل طبقن جي ڇوٽڪاري جو ڪارڻ ۽ آجپي جو اهڃاڻ آهي!  پر شرط اهو آهي ته ان تي عمل ڪيو وڃي ۽ ها، اسان جي سورن هاڻي سنڌ کي لطيفي  ابلاغ جي ذريعن کي اپنائڻ جي جيتري اڄ ضرورت آهي اوتري اڳ ڪڏهن به نه هئي. هو، ڏسو! لطيف اسان سڀني کي سڏي  پيو ۽ چوي پيو:

”متان ٿيئن ملور، ڪين آڳاهون آهيان،
ڏسڻ ۾ ڪر ڏور، حد ٻنهي جي هيڪڙي.“
 

ڪاش! اان مان هر هڪ لطيف  جو ذريعو  بنجي:

مورڙي جي حڪمت عملي اپنائي!

سهڻي بنجي سير ۾ ڪاهي پوي!

گاروڙي ٿي کپرن سان ويڙهه کائي ٻيجل ٿي ٻيهار وجهي جهانءِ  جهروڪ ۾.

آرياڻي ٿي هن بُري ڀنڀور کي اُجاري .

نوري بنجي ڄامن جا سر نوائي.

ڪاپائتي ڪار ڪري نينهن جي ٽٽل ڌاڳن کي ٻيهر جوڙي ۽ ڳنڍي.

ٻاجهه کي ماري لکي ۽ لاکي کان ڇوٽڪارو پائي.

مومل جي روپ ۾ هارايل راند وري کٽي.

موکيءَ وانگر  تخليقي فن ۽ عمل ذريعي نراسائي ۽ نااميدي  کي نهوڙي نئي.

۽ پوءِ اسان جي ڏيهه ۽ ڏيهين جي حالت جو نقشو هيٺئين بيت جهڙو ٺهندو.

”نڪا جهل نه پل، نڪو رائر ڏيهه ۾،

آڻيو وجهن آهرين، روهيڙي رتا گل،

مارو پاڻ اَملُ، مليرون مرڪڻو.

(18 مارچ 1991ع تي سنڌي ادبي فورم ايل. ايم سي. ۾ مٿئين موضوع تي ٿيل مذاڪري ۾ ڪيل صدارتي تقرير)

حميده ستار ڀٽي

لطيف جي سورمي مارئي

سنڌي ٻوليءَ جو وڏوي ۾ وڏو قومي رهبر شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ آهي. سندس ڪتاب شاهه جي رسالي ۾ هر رنگ ۽ صنف تي پيغام يا ڪوٺ ملي ٿي. دنيا جو هي واحد شاعر آهي، جنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪنهن جوڌي يا سورمي کي مرڪز بڻائڻ بجاءِ پنهنجي لاءِ سڀ سورميون منتخب ڪيون. لطيف جيڪو ڪجهه ان وقت ۽ اڄ لاءِ پيغام ڇڏيو، اهو عورت ۽ پنهنجن سورمين وسيلي رسالي ۾ڇڏيو آهي. لطيف جي بيتن ۾ ڌرتيءَ  جو ڌڙڪندڙ  ضمير، اڏول ۽ کيرٿر جبل وانگر وقت جي جابرن آڏو نه جهڪندڙ، سنڌوءَ جي کير جهڙي اڇي ۽ نڪور پاڪ پاڻيءَ  وانگر، جرڪندڙ ۽ گهاٽي بڙ جي ٿڌي ڇانوَ جيان سنڌي قوم مٿان ڇپرَ ڀريو آسمان آهي. سندس پيغام اسان کي هر وقت جاڳائيندو رهي ٿو.

سُتا  اٿي جاڳ ننڊ نه  ڪجي ايتري،

سلطاني سهاڳ نندون ڪندي نه ملي.

لطيف جو پيغام صبح جي اڀرندڙ  پهرين سوني ڪرڻي جي چمڪ، مايوسين ۾ اميد، جرڪندڙ  شفاف پاڻي جو اهو جهرڪڻو جيڪو صدين جي اڃايل روحن کي سيراب ڪري، هوا جي اها لهر جيڪا جيون ۾ زندگيءَ جي جوت جڳائي، چانڊوڪي رات جي اها روشني جيڪا پٿر کي به پيار تي آماده ڪري، اهو پيغام  سهڻي لطيف جو آهي. لاکيڻي لطيف جي رسالي ۾ شامل تمام ڪلام جو مرڪز  سنڌ جون سورميون آهن جن ۾ نوريءَ  جي نماڻائي، مومل جو حُسن ۽ پڇتاءُ ته سسئي جي سڪ ۽ ساهڙ لاءِ اُڪير  ته وري ڪٿي سهڻي جو سچ سڪ پريت جو ورناءُ  شامل آهن پر سندس شاعريءَ ۾ جيڪا عظمت  سر مارئي  کي آهي، اها ڪنهن به ٻئي سُر کي ڪونهي.

مارئي لطيف گهوٽ جي دادلي  ۽ لاڏلي  سورمي آهي، ڇاڪاڻ ته مارئي ڪنهن پنهونءَ ، ڄام تماچي، ميهار  يا راڻي کي پنهنجي دل ۽ سوچ ۾ پيار نه ڪيو؛  پر مارئي پنهنجي ويس،  ٻوليءَ  لوليءَ، سرتين، ساهڙ، ٿر بر، ٿوهر، ڊنگرن،  ڪانڊيرن، کٻڙن، اڪن، بڪرين، ڌنارن، ميهارن، ڇيلڙن، برساتن بوندن، گرمين سردين مطلب ته پنهنجي ڌرتيءَ جنم ڀومي ساڻ نينهن لاتو. کيس سڪ ۽ اُڪير، آس ۽ واس صرف پنهنجي ديس  ۽  ديس واسين جو هيو.

هن وطن ڏي ورڻ جي آس ڏيکاري، مارئي جي ڌرتيءَ  ساڻ پيار  کي، جذبي کي هڪ مذهبي جنونيءَ وانگر ايمان برابر حيثيت آهي ۽ لطيف گهوٽ کي پڻ اهائي اُڪير سنڌ، سنڌين ۽ ٻوليءَ ڌڻين سان هئي. لطيف گهوٽ کي مارئيءَ جي وجود مان پنهنجي ڌرتيءَ ساڻ پيار ڪرڻ واري ايمان ڀريل خوشبو  آئي، جنهن کي حوالن ۾، بيتن ۾ سونهن بڻائي لطيف اڄ جي سرتين ۽ گهوٽن کي پنهنجو پيغام ڏنو آهي . لطيف جي سوچ، ضمير، لوچ ۾ سنڌ جو سندر سپنو سمايل آهي. سندس لڇڻ پڇڻ، ارپنا، آس، اُڪير، آدرش صرف وطن لاءِ آهي. مان دعويٰ ساڻ ثابت ڪري سگهان ٿي ته لطيف گهوٽ وٽ وطن  کان وڌيڪ ٻي افضل يا مقدس وٿ ڪانه هئي. جئين ته:

واجهائي وطن کي آءٌ جي هت مياس،
ته گور منهنجي سومرا ڪج پنهوارن پاس،
ڏج ڏاڏاڻي ڏيهه جي منجهان، ولڙين واسُ،
ميائي جياس، جي وڃي مڙهه ملير ڏي.
 

يا وري

واجهائي وطن کي ساري ڏيان ساهه،
بت منهنجو بند ۾ قيد مَ  ڪريجا،
ٿڌي وسائجان ٿرن جي مٽي مُئيءَ مٿان،
جي پويون ٿئي پساهه، ته نجانءِ مڙهه ملير ڏي.
 

يا وري

جُهران، جهڄان تي، جئن پسڻان پري ٿيا،
اَلا! اوٺي آڻئين، جوکينءَ جي خبر ڏي!
من منهنجي کي، واڪو لهي ويڙهه جو.
 

 انهن شعرن يا بيتن مان مارُو يعني ديس واسين ۽ ملير ڌرتيءَ ۽ وطن معرفت  لطيف ڳايو آهي، عمر جا قيد، بند، ڏک، تڪليفون، ڏولاوا، يا محل ماڙيون، هار سينگار، ست رشي طعام، بخمل جا هنڌ ۽ نوڪرياڻيون ، هيرا جواهر، سون سڀ مارئيءَ پنهنجي ديس واسين جي سڪ. الفت  ۽ پريت ۾ قربان ڪيا، پر هتي ڳالهه آهي لوئي جي لڄ؛ جيڪا مارئيءَ هر قيمت تي ماڻي ۽ پنهنجي قوم ۽ وطن ۾ واپس وطن ساڻ ڪَرُ کڻي موٽي.

لطيف جي مارئيءَ ڌرتي ۽ ڌرتي واسين ساڻ محبت ۽ سڪ پريت نڀائڻ جو هڪ انمول نمونو آهي، آدرش آهي، مارئي ڏاڍ ڏمر ڏهڪاءُ واري طوفان جي اڪيلي سر مقابلي ڪرڻ جو انمول مثال اسان اڳيان آهي. وقت جي ظالم ۽ جابر حڪمران خلاف مارئي احتجاج جو بي مثال آواز آهي. تنهن ڪري مارئي کي قومي ۽ سياسي تشخص حاصل آهي.

لطيف اسان اڳيان عورت جي واتان قوم ۽ وطن پرستيءَ جون ڳالهيون  ڪيون آهن. ڇاڪاڻ ته عورت جي گود اولاد لاءِ ماءُ جي شفقت، عورت جي لوئي، ڀاءُ لاءِ پيار جي ڇانو، عورت پيءُ لاءِ لڄ  ته وري پنهنجي وَرَ لاءِ غيرت پڻ آهي.

ڀٽائي جي ”مارئي“ پکين، پنوهارن ساڻ سڪ پريت جو پيغام به آهي، ته وري ڌرتيءَ جي مٽي ساڻ گڏ ڌرتيءَ ڌڻي جي حق جو آواز به آهي. مارئي جو آدرش ڌرتي ۽ مٽيءَ جي ماڻهو جي وچ ۾ لاڳاپي جو سنگم به آهي.

مارئيءَ ڌرتي تي امن ۽ خوشحالي جي علامت به آهي  ته وري رشتن جي سڃاڻپ ۽ جدوجهد جي صدا به آهي ته وري لطيف سائين جي لاڏلي به آهي.

مريم بنت غلام محمد بلو

قرآن شريف ۾عورتن جو ذڪر

ا﷢ تعاليٰ جڏهن حضرت آدم عليه السلام کي مٽيءَ مان پيدا فرمايو تڏهن دلين جا ڀيد ڄاڻڻ واري مالڪ ڏاڏي آدم عليه السلام  جي اڪيلائيءَ ۽ ويڳاڻائيءَ کي محسوس ڪندي سندس کٻي پاسريءَ  مان سندس هم جنس عورت يعني ڏاڏي حوا  صلات الله عليها کي پيدا فرمايو. ڪجهه وقت ٻئي ڄڻا بهشت  ۾ خوش باش رهيا؛ تان جو شيطان  جنهن کي رب تعاليٰ نافرماني ۽ هٺيلائيءَ سبب لعنتي ڪري جنت مان تڙي ڪڍي ڇڏيو هو تڏهن هڪ کيڏ سان ڏاڏي آدم عليه  السلام ۽ ڏاڏي حوا کي به جنت مان لوڌارايو ۽ وڃي ٻئي زمين تي وارد ٿيا.

ڪو زمانو هڪٻئي کان جدا رهيا پر مالڪ جلشانه ٻنهي جي آهه زاري ۽ مناجاتن تي ترس کائي، کين هڪٻئي سان عرفات  جي ميدان ۾ ملايو  ۽ پوءِ سرزمين مڪي شريف ۽ ان جي آس پاس ۾ حياتي جا ڏهاڙا گذريائون ۽ اولادي ٿيا، جتان انسان ذات جو نسل جاري ٿيو.

قرآن پاڪ ۾ مردن سان گڏ عورتن کي پڻ الله  تعاليٰ نيڪين ۽ چڱن عملن ڪرڻ جي بدلي ۾ دنيا ۽ آخرت ۾ ڀلاين ۽ عيش آرام واري حياتيءَ  جي گذران جو واعدو ڏنو آهي ۽ براين ۽ خراب عملن کان بچڻ بابت ترغيب ۽ دڙڪا ڏيڻ فرمايا آهن ۽ صاف اکرن ۾ ٻڌايو آهي ته جهڙيءَ طرح شيطان فريب ڪري  ڏاڏي آدم ۽ ڏاڏي حوا عليها الصلوٰت  والسلام  کي بهشت مان حسد ڪري ڪڍرايو هو، تهڙي  طرح هن الله تعاليٰ کي چئلينج ڏيئي چيو هو، ته جنهن آدميءَ جي سجدي نه ڪرڻ ڪري کيس لعنتي ۽ جهنمي  ڪيو اٿئي ، ان آدم عليه السلام جي اولاد کي قيامت ٿيڻ تائين گمراهه ۽ بدراهه ڪندو رهندس، تنهنڪري ان ازلي دشمن شيطان جي ڏسيل رستي تي نه هلجو، نه ته اهو ويري اوهان کي پڻ پاڻ سان گڏ دوزخ ۾ وٺي ويندو.

ڪلام الله شريف ۾ جتي نيڪ بخت ۽ بدبخت  قومن ۽ ڪن مخصوص بدڪار مردن جو ذڪر ٿيل آهي اتي نيڪ بخت، خوش نصيب ۽ ڪن مخصوص بدنصيب عورتن جو به مثال ڏنل آهي. جيتوڻيڪ سواءِ بيبي مريم عليه السلام جي ٻي ڪنهن به عورت جو نالو وٺي سندس قصو بيان ٿيل ڪونه آهي، پر مختلف قرآني قصن ۾ جدا جدا هنڌن تي جن عورتن جو ذڪر ٿيل آهي، تن جو بيان هيٺ ڏجي ٿو، ته جيئن اسان جون ڀينرون جيڪي اڄڪلهه  جي قيامتي يا ڪلجڳي زماني جي مهاڄار واري بي هوشيءَ جي چڪر ۾ ڦاسي الله تعاليٰ  جي حڪمن کان بي خبر ٿي زندگي گذارين ٿيون سي عبرت وٺن ۽ صراط   المستقيم واري رستي تي هلي مالڪ جي انعام جون مستحق ٿين ۽ الله  تعاليٰ جي عتاب کان آجيون رهن .

ڏاڏي آدم کانپوءِ جيڪو ناميارو نبي عليه السلام ٿيو هو تنهن جو نالو حضرت نوح عليه السلام هو. هن بزرگ جي حياتي هڪ هزار سال هئي جنهن جا 950 سال هن پنهنجي قوم کي تبليغ ڪندي گذاريا هيا  پر انهن بدبختن مان سواءِ ٿورن خوشنصيبن جي ٻيو ڪوبه مسلمان ڪونه ٿيو، تان جو سندس دعا سان الله تعاليٰ آسمان مان پاڻي وسائي ۽ زمين مان پاڻيءَ جي ڇَرَ وهائي سڀني بي دينن کي ٻوڙي ڇڏيو جن ۾ حضرت نوح عليه السلام جو پٽ ۽ زال پڻ هيا.

ٻيو قصو آهي حضرت ابراهيم عليه السلام جو جنهن جي بيبي عليها الصلوٰت کي اولاد ڪونه ٿيندو هو تان جو مڙس ۽ زال ٻئي ڄڻا اٽڪل هڪ سئو سال عمر کي وڃي رسيا ان زماني ۾ حضرت ابراهيم عليه السلام جو ڀائٽيو حضرت لوط عليه السلام لبنان واري علائقي جو پيغمبر هيو جنهن جي امت جا ماڻهو  بد ڪردار هيا الله تعاليٰ کي انهن ماڻهن تي سخت ڪاوڙ هئي جنهن سبب پنهنجا ملائڪ ان قوم کي عذاب ڏيڻ واسطي روانا ڪيائين. ان ڪم سان گڏ کين خوشخبري ڏيڻ واسطي حضرت ابراهيم عليه السلام  جن ڏانهن پڻ موڪليائين. حضرت ابراهيم عليه السلام ڏانهن اهو پيغام هيو ته کين بيبي ساران رضي الله عنها  منجهان حضرت اسحاق عليه السلام پٽ ڄمندو جنهن کي حضرت  يعقوب عليه السلام پٽ عطا ٿيندو ۽ ان منجهان کوڙ سارا اولاد ٿيندا جن مان پشت به پشت ڪيئي سَوَ بلڪه هزار پيغمبر پيدا ٿيندا. حضرت ساران  رضه جڏهن اهو خوشخبري ڀريو پيغام ٻڌو ته  چيائين ته عجب جهڙي ڳالهه آهي ته مان ههڙي پوڙهي ۽ منهنجو مڙس به ڪراڙو پوءِ اولاد ڪٿان ايندو تنهن تي ملائڪن وراڻيو ته اهو فيصلو  الله تعاليٰ جو آهي جنهن ۾ شڪ شبهي جو ڪوبه امڪان نه آهي. ملائڪ موڪلائي هليا ويا. الله تعاليٰ جي واعدي موجب حضرت اسحاق عليه السلام پيدا ٿيو ۽ پنهنجي وقت جو پيغمبر ٿيو. ان بزرگ کي حضرت يعقوب عليه السلام پٽ ڄائو جنهن جو ٻيو نالو اسرائيل هيو ان سبب سندس اولاد بني اسرائيل سڏجن ٿا.

(هلندڙ)

فيصل سنڌي

مون ڪونه ڳالهايو

هڪڙا ٽي شخص واه جو ڪپ وٺيو پئي ويا، ته کين پري کان ٻانگ ٻڌڻ ۾ آئي. اتي ئي چادر وڇائي، وضو ڪري، اچي نماز پڙهڻ بيٺا، نماز ۾ هڪڙي جي نظر اوچتو وڃي واهه ۾ هڪ هنڌ پيئي، جتي هڪڙي مڇي ٽپ ڏيئي ٻاهر نڪتي ۽ وري ٽٻي هڻي هلي ويئي. ان شخص کان رهيو نه ٿيو ۽ اتي ئي دانهن نڪري ويس، واهه جي مڇي هئي! بيوقوف! نماز ۾ ڳالهائڻ  سان نماز ڀڄي پوندي آهي!“ ٻئي پاڻ نماز ۾ ڳالهائيندي چيو. ”شڪر مون ڪونه ڳالهايو!“

ٽئين شخص چيو.

علي مرتضيٰ ڌاريجو

ميون ۽ ڀاڄين مان فائدا

اسين عام طور تي، ڪيترين اهڙين بيمارين ۽ تڪليفن جو شڪار ٿيندا رهندا آهيون، جو هڪدم ڊاڪٽرن يا دوائن ڏانهن ڊوڙڻ شروع ڪندا آهيون؛ ته جيئن انهن روڳن کان پاڻ بچائي سگهون. اهڙن روڳن جي پيدا ٿيڻ جا ڪيترائي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. جڏهن ته هڪڙو وڏو ڪارڻ هي به آهي ته، اسين مختلف قسمن جون سايون ڀاڄيون ۽ ميوا استعمال ناهيون ڪندا. جنهن سبب جسم کي اهي گهربل معدنيات ۽ ٻيون شيون نٿيون ملن، جيڪي جسم جي عام رواجي ڪم ڪار لاءِ ضروري گهربل هونديون آهن. ائين به ناهي ته اسان وٽ اهي سايون ڀاڄيون يا ميوا موجود نه آهن. سايون ڀاڄيون ته وافر مقدار ۾ موجود آهن ۽ سولائيءَ سان ملي سگهن ٿيون ۽ ايتريون مهانگيون به ناهن،  جڏهن ته ضرورت رڳو ان ڳالهه جي هوندي آهي ته اهي ضرور واپرائجن  ۽ جڏهن انهن جي فائدن ۽ خاصيتن کي نظر ۾ رکي استعمال ڪيون وڃن ته انهن مان زبردست فائدو ملندو رهندو آهي.

بهتر اهوئي ڀانئيو ويندو آهي ته اهي ڪچيون استعمال ڪيون وڃن پر جڏهن ڪچيون استعمال ڪري نٿيون سگهن، ته اوٻاري کائجن، پر جي اوٻاريل به نه وڻنديون هجن ته هر روز جي کاڌي ۾ انهن جا ڪي نه ڪي قسم ضرور استعمال ڪبا رهجن، پوءِ ڀلي ته گوشت، مڇي ۽ ڪڪڙ به واپرائبو رهجي. ساڳئي طرح سان ميوا به آهن، اهي جيڪڏهن ڪن سببن ڪري کائي نه سگهجن، ته انهن جي رس ڪڍي، استعمال ڪري سگهجي ٿي.

هتي اسان ڪن اهڙين ڀاڄين  ۽ ميون جو ذڪر ڪري رهيا آهيون، جن جي استعمال ڪرڻ سان جسم کي وڌيڪ سگهه ۽ شڪتي حاصل ٿيندي رهي ٿي. جنهن سبب توهان بيمار به نه ٿي سگهندؤ. ساڳئي وقت اها به ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ميوا ۽ سايون ڀاڄيون جيتريون تازيون استعمال ڪبيون ته اهي اوتريون وڌيڪ ڦلائتيون ثابت ٿي سگهنديون. ڇو ته جڏهن ڀاڄيون گڏ رکيون وڃن ٿيون، ته اهي خراب ٿيڻ شروع ٿين ٿيون.

اسان جي رڌپچاءُ جا طريقا اهڙا آهن، جو انهن رستي اسين ڪيترين ڀاڄين جا اصل غذائي  جزا ناس ڪري ڇڏيندا آهيون. تنهن ڪري ضروري سمجهيو ويندو آهي ته اهي ڪچيون يا اوٻاري استعمال ڪرڻ گهرجن. جيڪڏهن ميوو ڪچو کائي نه سگهجي ته پوءِ انهن جي رس ڪڍي استعمال ڪجي.

صحتمند ماڻهن کي صلاح ڏني ويئي آهي ته اهي ميون جي رس، کاڌي جي وچ دوران استعمال ڪن، جو ائين ڪرڻ سان طاقتور غذائون ثابت ٿين ٿيون ۽ ڪيترن  روڳن کان بچائين ٿيون. انهن ۾ اهي به خاصيتون هجن ته جسم ۾ پيدا ٿيندڙ زهريلن اثرن کي ناس ۽ صاف ڪن ته منجهانئن واڌاري الڪلائين به حاصل ٿئي ٿي، جيڪا رت جي تيزابيت  - کاراڻ   واري نسبت کي هم وزن رکڻ ۾ مددگار ٿيندي آهي ۽ جسم جا ٽشو بيڪار مادن کي بي اثر ڪرڻ  کانپوءِ سيل نئين سر جڙي سگهندا آهن.

ساڳئي وقت اها به ڳالهه ذهن  ۾ رکڻ گهرجي ته اهڙين سبزين ۽ ميون ۾ موجود قدرتي جزا پنهنجو اثر آهستي آهستي ڏيکارڻ شروع ڪندا آهن، تنهن ڪري ضروري ناهي ته اهي گهڻي مقدار ۾ واپرائي، انهن جي طبي اثرن جي توقع رکي وڃي. ان لاءِ اهي ٿورڙي  ٿورڙي مقدار ۾ پر لاڳيتو واپرائبا رهجن، ائين ڪرڻ سان اهي وڌيڪ اثرائتا ثابت ٿي سگهندا آهن. توهان جي استعمال لاءِ هتي ڪن اهڙين ساين  ڀاڄين ۽ ميون جو ذڪر ڪجي ٿو، جيڪي توهان ۽ توهان جي گهر وارن لاءِ بيحد ڪارائتا ثابت ٿي سگهن ٿا.

ليمون:

شايد ته سڀني ميون ۾وڌ ۾ وڌ  ڪارائتو ميوو ليمون سمجهيو وڃي ٿو، جو اهو نه رڳو صحت کي سلامت رکي ٿو، پر منجهس وٽامن سي به جهجي ٿئي ٿي. ليمي جي اهڙين خاصيتن سبب گذريل هزارين سالن کان وٺي، عام طور تي  ۽ خاص طور تي اسڪيوروي (Scurvy) جي بيماريءَ جي بچاءُ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو.

ليمي جي رس، جيئن ته ڪيترن ئي قسمن جي روڳي بئڪٽيريائن جي اثر کي ختم ڪري ڇڏي ٿي، ان ڪري دنيا جي ڪيترن گرم ملڪن ۾ ان جي رس، ٻوڙ سان ملائي کاڌي ويندي آهي؛ ته ڪيترا ماڻهو گوشت، مڇي ۽ ساين ڀاڄين سان به لازمي طور تي واپرائيندا رهندا آهن ۽ اهو سندن معمول بڻجي  ويندو آهي.

ساهه- سرشتي جي سڀني بيمارين لاءِ ليمي جي رس استعمال ڪئي ويندي آهي ۽ اها مقوي به سمجهي ويندي آهي. جنهن لاءِ پاڻيءَ ۾ ملائي پيتي ويندي آهي . ڪيترا ماڻهو ته ماکيءَ سان ملائي پڻ پيئندا آهن. ليمن جي رس ائين ڪيتري مقدار ۾ به پي سگهجي ٿي جنهن جا ڪي به اگرا اثر پيدا ٿي نه سگهندا.

هڏڪي يا ڪامڻ جهڙين حالتن ۾ استعمال ڪرڻ سان فائديمند ثابت ٿيندي آهي.کوجنائن مان اهو به ثابت ٿيو آهي، ته جيري کي طاقت بخشي ٿي ۽ الڪوهل / شراب جي اثر کي ضايع ڪري ٿي. اهي ماڻهو جيڪي گهڻي چرٻي ڳارڻ چاهيندا هجن، يا ٿلها ٿيڻ نه چاهيندا هجن تن کي صلاح ڏني ويئي آهي ته اهي نيراني ليمي جي رس پيئن. ان کانسواءِ ليمن جي رس قبض  ڪشا به آهي. نه گلي جي خرابيءَ واري حالت ۾ جيڪڏهن ان جون گرڙيون ڪيون وڃن ته گهڻي ڪارائتي ثابت ٿي سگهندي آهي.

گجرون:

گجرون(ڳاڙهيون): گجرن واپرائڻ سان رت جي ڳاڙهن سيلن ۾ واڌارو ٿئي ٿو ۽ جيري جي ڪمزوري کي طاقت ملي ٿي.

جڏهن گجرن جي رس نج حالت ۾ استعمال ڪئي وڃي ته معدي جي السر کي ختم ڪرڻ لاءِ بهترين دوا سمجهي ويندي آهي ۽ قبض ڪشا به آهي.

گجرن ۾ وٽامن اي به ٿئي ٿي، جيڪا نطر لاءِ ضروري سمجهي ويندي آهي. گجرن جو استعمال ڪندو رهڻ سان اکين تان بار گهٽجي ٿو ۽ رات جو نظر صحيح پوي ٿي.

سٺي صحت قائم رکڻ لاءِ صلاح ڏني ويئي آهي ته تازين گجرن جي رس جو هڪ گلاس هر روز نيراني واپرائڻ گهرجي. گجرن جي استعمال ڪرڻ سان ٻيو فائدو هي به ٿئي ٿو ته اهڙو فرد ٿڌ، ليس، زڪام ۽ گلي جي تڪليفن کان بچيل رهي ٿو.

گجرن جي رس، ٻن ڪلاسن کان مٿي وارائڻ نه گهرجي، ڇو ته عام طور تي سمجهيو ويندو آهي ته اها جيتري گهڻي استعمال ڪبي اوترو وڌيڪ فائدو ٿيندو جڏهن ته گجرن جي حالت ۾ ائين نه ڪرڻ گهرجي.

 بند گوبي:

بند گوبيءَ کي هڪ زبردست قسم جي ڀاڄي سمجهيو ويندو آهي ۽ وڏي مزي جي ڳالهه ته، ان جي کائڻ بجاءِ جڏهن اها ڪن تڪليفن جي حالت ۾ جسم تي ٻڌي وڃي، تڏهن هن مان تمام سستا فائدا حاصل ٿيندا آهن . جڏهن بند گوبي جا وڌيڪ ساوا پن ڪاتر ڪري، ململ جي گرم ڪپڙي ۾ويڙهي، ٽاڪوڙ لاءِ استعمال ڪيا وڃن ته جيري ۽ اعصابي سور ۽ زخمن جي سور کي گهٽائي ڇڏيندا آهن. صلاح ڏني ويئي آهي ته صبح ۽ شام جو اهڙن هنڌن تي بند گوبي جي پنن جي لپري ٻڌي وڃي.

اهڙين حالت ۾ جڏهن سڙي پئجي يا ڪو زهريلو  جيت چڪ پائي ويو هجي ته اهڙي هنڌ جي مٿان بند گوبي جو سائو پن مهٽي ٻڌي ڇڏبو ته نه رڳو سور گهٽجي ويندو پر ڦٽ به جلد مڙندو.

وڍ، ڦٽ، موهيڙن ، ڪٽجي ويل چمريءَ ۽ ڦرڙين وغيره جي حالت ۾ خاص طور تي تڏهن جڏهن چمڙيءَ ۾ مٿاڇريون تڪليفون ٿي پيون هجن ۽ اها سڄي به پيئي هجي يا لڦون پئجي ويون هجن، تڏهن بند گوبي جي پنن کي کير ۾ ڪاڙهي، ٺاري اهو جڏهن اهڙن هنڌن تي لڳائبو ته وڏو فائدو  ڏيندو.

جڏهن جيري جي سوڄ ٿي پيئي هجي، خاص طور تي تڏهن، جڏهن گهڻو الڪوهل واپرايو ويو هجي، سنڌن جي سور جي بچاءَ ۽ ڳچيءَ ۾ پيدا ٿيندڙ ڳوڙهي لاءِ، بند گوبي جي رس پيئڻ ڪارائتي سمجهي ويندي آهي.

ساهه سرشتي   جي بيمارين، کنگهه ۽ آواز جي گهگهي ٿي وڃڻ جي حالت ۾ جيڪڏهن بند گوبي جي رس ڪڍي، ڏينهن اڌ لاءِ استعمال ڪئي وڃي ته فائديمند ثابت ٿي سگهندي آهي. جيڪيڏهن چاهجي ته ان لاءِ، بند گوبي جي پنجن ڇهن پنن کي پاڻيءَ جي پنجن گلاسن ۾ ٽيهن منٽن تائين ڪاڙهجي ۽ پوءِ  اهڙي ڪاڙهي ۾ ماکي ملائي اهو پي سگهجي ٿو.

ٿوم:

طبي لحاظ کان ٿوم جون ٻه مکيه خاصيتون بيان ڪيون وينديون آهن. يعني ته ٿوم جي واپرائڻ سان، اها ٻنهجي ويل شريانن کي کولي موڪرو ڪري ٿي جنهن ڪري رت جي گردشي سرشتي سان لاڳاپيل ڪيترين تڪليفن کان نجات ملي ٿي يا فائدو ٿئي ٿو  ۽ ٻيو ته، ٿوم هڪ زبردست  قسم جي اينٽي بايوٽڪ پڻ آهي. اهوئي سبب آهي جو ڪيترين صدين کان وٺي انسان ذات ٿوم جي استعمال رستي، ليس، زڪام، کنگهه، ساهه سرشتي جي روڳن، گلي جي خرابي وغيره لاءِ استعمال ڪندي رهي آهي. ان کانسواءِ ٿوم جي واپرائڻ سان پگهر اچي ٿو ۽ شڪتي يا سگهه پيدا ٿئي ٿي.

ٿوم جي استعمال ڪرڻ جو هڪ بهترين طريقو هي به ڏسيو ويندو آهي ته جڏهن ان جون ڪجهه ڪجهه ڳڙيون کير سان ملائي ڪاڙهي اهڙو کير استعمال ڪيو وڃي ته وڌيڪ فائديمند ثابت ٿي سگهندو آهي.

بصر:

بصر ۾ جيڪا بوءِ ٿئي ۽ ان جي ڪٽڻ سان اکين مان پاڻي به وهي پوندو آهي، ان جو مکيه سبب منجهس موجود تيز قسمن جا تيل آهن. انهن لاءِ چيو ويو آهي ته اهي جڏهن جسم تي مکيا وڃن تڏهن به فائديمند ٿيندا آهن جو منجهن جيوڙن کي مارڻ جون خاصيتون موجود آهن ته اهڙا تيل کائي به سگهبا آهن. بصرن لاءِ به اهوئي چيو ويو آهي ته منجهن اهڙا ئي فائدا آهن جهڙا ٿوم ۾ ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته ٿوم  جي ڀيٽ ۾ اهي ڪي  قدر گهٽ هوندا آهن ۽ جڏهن ٻوڙ وغيره سان ملائي اهي رڌبا يا پچائبا آهن ته سندن اهڙي خاصيت ڪجهه گهٽ ٿي ويندي آهي.

بصر تنتي/ اعصابي سرشتي جي ڪم کي عام رواجي رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو، ته ساڳئي وقت آنڊن ۾ موجود ڪن موذي بئڪٽيريائن جي واڌ کي تيز ڪري ٿو. هاضمي کي تيز ڪري ٿو، پت جي پيدائش ڪرائي ٿو ته بلڊ پريشر به گهٽائي ٿو.

ليس، زڪام جي حالت ۾ بصر جي استعمال کي معياري علاج سمجهيو ويندو آهي ته اهڙين حالتن ۾ جڏهن نڪ مان لعابي استر وهندو رهندو هجي تنهن کي روڪڻ ۾ به فائديمند  ثابت ٿي سگهندو آهي. ٿلهي ليکي ته بصر کي هڪ عام فائديمند  سمجهيو ويندو آهي.

جڏهن ڪنهن روڳي هنڌ تي، ڪجهه بصر جي لپري ٺاهي ٻڌي وڃي ته اهڙي هنڌ تان گند ڪچرو نڪري ويندو آهي. ڦرڙين جي حالت ۾ جيڪڏهن ان جي مٿان هر روز ڪچو بصر هنيو يا لڳايو وڃي ته اهي به ٺيڪ ٿي وينديون آهن. ڇاڪاڻ ته  بصر زهريلن شين کي جذب ڪرڻ جي خاصيت رکي ٿو. ساڳئي وقت اها به صلاح ڏني ويئي آهي ته ڪنو بصر نه ته کائڻ گهرجي ۽ نه ئي اهو ٻوڙ ۾ استعمال ڪجي، جو اهو هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.

صوف:

صوف هڪ اهڙو ميوو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي معدني لوڻ ۽ وٽامنون ججهي مقدار ۾ موجود ٿين ٿيون. انهن کانسواءِ منجهانئس  پيڪٽن، امينو تيزاب ۽ قدرتي کنڊون به حاصل ٿينديون آهن.

صوفن جي استعمال ڪرڻ لاءِ صلاح ڏني ويئي آهي ته اهي مانيءَ کان اڳ، صبح جو نيراني يا رات جو سڀ  کان آخر ۾ کائڻ گهرجن. _جو چيو ويو آهي، ته رات جو کائڻ سان ننڊ به ڪرائين ٿا.)

صوف  جي کائيندي رهڻ سان هاضمي جي گڙٻڙ ٺيڪ ٿي وڇي ٿي ۽ بڪيون صاف ٿينديون رهن ٿيون . صوف جي رس پيئڻ به سٺي آهي پر وڌيڪ بهتر اهوئي سمجهيو ويندو آهي ته رس ڪڍي پيئڻ بجاءِ صرف کائڻ گهرجن، ڪيترن ڊاڪٽرن جو اهو چوڻ آهي ته صوف کائڻ سان رت ۾ ڪولسٽيرال نٿي وڌي.

سلاد (Lettuce) 6:

(ڪاهوُ ٻوٽو) هڪ سلاد ۾ ججهي معدنيات ٿئي، جنهن ۾، آيوڊين، فاسفورس، ٽامون، ڪوبالٽ، جست، ڪئلشيم، مئگنيز ۽ پوٽئشم به ٿئي. جسم ۾ جڏهن معدنيات جي کوٽ ٿي پوندي آهي ته سلاد واپرائڻ سان اها سٺيءَ طرح سان پوري ٿي ويندي آهي، سلاد جا گهرا ساوا، پن وڌ ۾ وڌ  فائديمند هوندا آهن. جڏهن سلاد جا ڪجهه پن ٿورڙي پاڻيءَ ۾ پندرهن منٽن لاءِ پسائي اهڙو پاڻي استعمال ڪجي ته انهن ماڻهن لاءِ زبردست فائديمند ثابت ٿي سگهندو آهي. جن کي رات جو ننڊ نه ايندي هجي.

کيرو:

کيري جي واپرائڻ سان، جسم مان واڌو پاڻيٺ ۽ زهريلا مادا نيڪال ٿي وڃن ٿا. جڏهن کيرو گجر ۽  ولجاڻ  (جي رس) سان گڏ استعمال ڪيو وڃي ته اهو سڀني قسمن جي وائي سورن لاءِ مفيد ثابت ٿيندو آهي. جڏهن ته عام طور تي کيرو چمڙيءَ تي  ٻڌو به ويندو آهي ته جيئن چمريءَ کي سهائتا ملي سگهي .

پٽاٽو:

پٽاٽي ۾ جيڪي به اهم غذائي جزا / مادا  موجود ٿين ٿا، اهي کل جي هيٺان هوندا آهن. تنهن ڪري کل لاهي، پوءِ پٽاٽو استعمال ڪرڻ گهرجي. سياري جي موسم ۾ وٽامن سي حاصل ڪرڻ جو بهترين وسيلو پٽاٽو کائڻ آهي. ان کانسواءِ منجهس بي B وٽامنون ۽ پوٽئشم جو به ججهو مقدار ٿئي ٿو.

جيئن ته پٽاٽي جي رس تيزابيت کي ختم ڪندڙ ۽ معدي کي ٺاريندڙ  آهي، تنهن ڪري معدي ۽ ننڍي آنڊي جي السر کي ختم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي. جيڪڏهن ڪو چاهي ته پٽاٽي جي رس گجر جي رس سان ملائي به استعمال ڪري سگهي ٿو ته جيئن اها وڌيڪ چسڪيدار ٿي پوي.

ولجاڻ:

ولجاڻ ۾ مختلف قسمن جا ڪلورائيڊ، پوٽئشم ۽ سوڊيم ٿين ٿا. پر هن جو تيل هڪ تمام اهم وکر سمجهيو ويندو آهي، جو ان جو اعصابي / تنتي سرشتي تي مخصوص اثر پوندڙ هوندو آهي.

ولجاڻ ججها پيشاب ڪرائيندڙ، سنڌن  جي سور، گلي ۾ پيدا ٿيندڙ ڳوڙهي ۽ وائي بادي سورن کي گهٽائيندڙ آهي.

طاهره بلوچ

مان ڇا ڪريان؟

هڪڙو شخص ريل گاڏيءَ ۾ سفر ڪري رهيو هو. کيس ڪو باٿ روم وڃڻ جو خيال ٿيو، سو اٿي باٿ روم جو در کوليائين ، سامهون ڀت ۾ ڪا آرسي لڳل هئي. تنهن ۾ جو پنهنجي شڪل ڏٺائين، سو ڀانيائين ته اندر اڳيئي ڪو ماڻهو آهي . ”ادا، معاف، ڪجانءِ! ائين چئي دروازو  ٻيڪڙي اچي ويٺو. وري گهڙي رکي اٿيو، پر وري آرسيءَ ۾ پنهنجي شڪل ڏسي ڀلجي، موٽي آيو، نيٺ جڏهن ٻه چار گهمرا اها جٺ ٿيس، تڏهن ڏاڍي ڪاوڙ  لڳيس، سو جڏهن گاڏي اڳئين اسٽيشن تي بيٺي ته سڏ ڪري گارڊ کي دانهن ڏنائين، مڃاڻ گارڊ به ڪو عقل جو اڪابر هو! سو اها ڳالهه ٻڌي تپي ويو ۽ چيائين ته ”هل، مان هلي ٿو. ڇڪي ٻاهر ڪڍانس! اهو مسافر جو باٿ روم مان نڪري ئي نٿو سو پڪ ئي پڪ بنا ٽيڪٽ  هوندو!“ گارڊ  باٿ روم جو دروازو کوليو... سامهون آرسيءَ ۾ پنهنجي شڪل ڏٺائين: ماٺ ڪري دروازو بند ڪري، اچي مسافر کي چيائين،”ٻيلي! مان ڇا ڪريان.. هي ته ڪو ريلوي جو گارڊ ٿو ڏسجي...!

عنبرين ٿيٻو

ڦٽل  ڀاڳ

هڪڙي شخص ٻئي شخص جي دعوت ڪئي، جڏهن ماني اڳيان  آئي ته ميزبان نوڪر کي چيو ته چٽڻي ته ٺاهي ئي ڪانه اٿيئي، هاڻي ڊوڙ پائي ، وڃي پر واري  نانوائي جي دڪان تان وٺي اچ. تنهن تي مهمان چيو ته چٽڻي جي اهڙي ضرورت  ڪانهي.

پر ميزبان نوڪر کي چٽڻي  لاءِ موڪلي ڇڏيو هو  ۽ مهمان کي چيائين ته بس هينئر دڪان تي پهچي چڪو هوندو. ”ويرم رکي چيائين“ هاڻي چٽڻي وٺي رهيو هوندو ساعت رکي چيائين ته ”هاڻي واپس ايندو هوندو ۽ گهڙي رکي چيائين ته ”هاڻي دروازي تي پهچي ويو هوندو ۽ ائين  چئي سڏ ڪيائين“ اڙي ٻوڙا خان موٽ ۾ در تان نوڪر جواب ڏنو ”سائين پهتو چيائنس ”چٽڻي آندئي“ جي سائين چوندي، نوڪر چٽڻي آڻي. اڳيان رکي مهمان اهو لقاءُ  ڏسي وائڙو ٿي ويو. دل ۾ ڏاڍي ريس ٿيس پر دعوت تان موٽڻ بعد  رات ڏينهن گهر ۾ پنهنجي نوڪر تي باهه ٻاري ڏنائين . نيٺ ٿوري گهڻي ڏينهن پنهنجي انهيءَ يار جي دعوت ڪيائين ۽ ڄاڻي ٻجهي ڪباب تيار نه ڪرايائين. جڏهن ماني آئي ته نوڪر کي چيائين اڙي ڪباب  ته تيار ئي ڪونه ڪيا اٿيئي. خير وڃي ڀر واري دڪان تان وٺي اچ. پوءِ گهڙي کن رکي چوڻ لڳو هينئر دڪان تي پهتو هوندو وري گهڙي کن رکي چيائين. هاڻي ڪباب ورتا هوندائين ۽ پوءِ ٿوري دير رکي چيائين هاڻي در تي پهتو هوندو ۽ ائين چئي رڙ ڪيائين ته اڙي سولا خان ”جي سرڪار“ نوڪر جواب ڏنو ڪباب آندءِ؟ نوڪر جواب ڏنو سائين ڏاڍو تکو ڀڳس جتي به پاتيم پر ڇا ڪيان جو ڪباب اڳيئي کپي ويا. هونئن ته هن مهل ملندا هئا پر اڄ الائي ڪنهن جو ڀاڳ ڦٽل هو جو هٿين خالي موٽي آيس.

 

سَودو اِهوِئي سَفَرو، سو مون پَلُءِ پاءِ،
وَسُ ويچاري ناهِ ڪو، تون آگا! عرضُ اُناءِ،
ريَ همراهي هادِي جي، مُور نه مڙي ماءِ،
لُطفَ ساڻ لنگهاءِ، لَهُرو، لَهرِن وِچَ مان.
 

شاهه

متفرقه ڪالم

 

سميرا مغل                                    (بيوٽي باڪس)

ڪر سينگار سکي

انيلا جعفري – سول لائينز حيدرآباد

س: آئون چاهيان ٿي ته آئون جيڪا  به لپ اسٽڪ لڳايان سان گهڻي دير تائين قائم رهي ۽ پراڻي محسوس نه ٿئي.

ج: لپ اسٽڪ لڳائڻ لاءِ ڪجهه بنيادي ڳالهيون ياد رکو. ته سڀ کان پهرين چپن  تي فائونڊيشن لڳايو ۽ پوءِ برش سان چپن تي پائوڊر لڳايو.لپ پينسل سان چپن جي آئوٽ لائين ٺاهيو. ان کانپوءِ گهرو رنگ استعمال ڪريو. لپ اسٽڪ لڳائڻ لاءِ برش استعمال ڪريو. اگر اوهان جا چپ سنهڙا آهن ته فيشن جي  مطابق هلڪو ڪلر  نه بلڪه برائٽ ڪلر استعمال ڪريو ۽ اگر اوهان جا چپ ٿلها آهن ته شوخ ڪلر استعمال نه ڪريو.

آخري ٽچ ڏيڻ لاءِ چپن کي ٽشو سان دٻايو. ائين لپ اسٽڪ سڄو ڏينهن لڳل هوندي.

حميده بٽ – بدين

س: منهنجي ٽنگن تي وار آهن ۽ جڏهن انهن کي شيو ڪريان ٿي، ته نوان وار وڌيڪ سخت اچن ٿا، جيڪي تڪليف به ڏين ٿا. ڇا ڪريان؟

ج: شيو ڪرڻ سان وار سخت ۽ موٽا  ته نه ٿا نڪرن، بلڪه بليڊ سان ڪٽڻ جي ڪري نوڪون چُڀن  ٿيون . ان جو سڀ کان آسان طريقو ويڪسنگ  آهي. ڪنهن به بيوٽي پارلر  کان ڪرائي سگهجي ٿو. يا طريقو سکي پاڻ به ڪري سگهجي ٿو. باقي شيو بلڪل نه ڪجي.

س: منهنجا پنبڻ تمام گهڻو ڇڻن ٿا، جنهن ڪري آئون پريشان آهيان. مهرباني ڪري  ڪو آسان طريقو ٻڌائيندا؟

ج: اڪثر بي خوابي ۽ غيرمعياري مسڪاري جو گهڻو استعمال ڪرڻ سان به پنبڻ ڇڻن ٿا. ان لاءِ ضروري آهي ته سٺي غذا ۽ مڪمل ننڊ جو خيال رکو. روز رات جو ڪسٽر آئل (برش جي مدد سان) پنبڻن  تي هڻو ۽ تقريباً ٽي مهينا اهو عمل جاري رکو. اوهان جا پنبڻ مضبوط ۽ گهاٽا  ايندا.

خالده  احمد – سانگهڙ

س: منهنجا وارا گهاٽا هئا، پر خشڪيءَ  جي ڪري تمام خراب ٿي ويا آهن، ڇا ڪريان؟

ج: وارن ۾ خشڪيءَ جي شڪايت وڌي وڃي ته اها خطرناڪ صورت اختيار  ڪري ٿي. ان لاءِ ان جو  فوري علاج ڪرايو. هفتي ۾ هڪ ڀيرو اينٽي ڊينڊرف  شيمپو جو استعمال ڪريو، خشڪي ختم ٿي ويندي.

**

شازيه – ميرپور ماٿيلو

س: منهنجي عمر 18 سال آهي. منهنجي چهري تي ننڍڙا ننڍڙا داڻا آهن. آئون ته چهري جي تمام گهڻي حفاظت ڪندي آهيان. ڇا ان عمر ۾ آئون ٻاڦ وٺي سگهان ٿي؟

ج: شازيه! توهانجي عمر ۾ تقريباً ڪافي ڇوڪرين کي اهائي شڪايت هوندي آهي. اهي داڻا سڀئي جلد جي ڪري نڪرن ٿا. داڻن کي ڦاڙيو نه، بلڪه ڊيٽول جي پاڻيءَ سان منهن ڌوئو ۽ ڪو سٺو (ACNELOTION) لڳايو. مرچ مصالحن وارن کاڌن کان پرهيز ڪريو. موئسچرائزرز ۾ (OIL OF ULAY) سٺو آهي.

روزينه- سکر

س: منهنجا  هٿ کهرا آهن ائين لڳندو آهي، جيئن ڪنهن وڏي جو هٿ هجي ۽ هٿ خشڪ به آهن. ڇا ڪريان؟

ج: هنن جي حفاظت لاءِ ضروري آهي ته انهن کي صاف سٿرو رکيو وڃي. جڏهن به اوهان هٿ ڌوئو ته ڪو به لوشن استعمال ڪريو. ان سان هٿ کهرا ڪونه ٿيندا. هٿن کي لڳائڻ واري ڪريم گهر ۾ به تيار ڪري سگهجي ٿي.

هڪ بيضي  جي ٽڪي کڻي ان ۾ روغن بادام جا سٺ ڦڙا ملائي گرم ڪريو ۽ ان ۾ عرق گلاب جو هڪ وڏو چمچو ۽ اڌ چمچو ٽنڪچر بينوزين جو شامل ڪريو. ان جو ليپ روز رات جو لڳايو. هٿ سٺا ۽ نرم ٿي ويندا ۽ تمام گهڻا هٿ کهرا هجن ته ”ڪاربولڪ ايسڊ ۾ اڇي ويسيلن ملايو ۽ اها استعمال ڪريو. هي هڪ بهتر نسخو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com