سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1995ع

مضمون --

صفحو :11

 

تعليمي ميدان ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪندڙ شاگردياڻي ثنا فاطمه سان ڳالھه ٻولھه

 

ارم ثنا فاطمه کي گھر ۾ ارم جي نالي سان سڏيو ويندو آھي. ارم 20 سال پھرين سنڌ جي سورمي شاھه لطيف جي نالي سان قائم ڪيل شھر لطيف آباد (حيدرآباد) ۾ جنم ورتو. پاڻ پھرين ڪلاس کان وٺي اول ايندي رھي آھي . جيئن ته سندس والد صاحب بئنڪ جو مئنيجر آھي. انڪري کيس به ھن شعبي سان دلچسپي رھي آھي. اھوئي سبب آھي جو ارم سچل سرمست ڪامرس ڪاليج مان انٽر فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪيو . ۽ بي. ڪام فرسٽ ڪلاس ٿرڊ پوزيشن ۾ پاس ڪئي. گذريل مھيني سندس شادي ٿي آھي.

ارم جو گھر وارو (مڙس) عشرت الله اين. اي. ڊي ڪاليج مان بي. اي (Bachelor of Engineering) ۾ فرسٽ ڪلاس ٿرڊ پوزيشن ۾ پاس ڪري، انجنيئر ٿيو آھي. تعليم ۽ گھريلو لائيف جي حوالي سان ساڻس ڪيل گفتگو پيش ڪجي ٿي. _ گلبدن جاويد مرزا

گل: اوھانجين ڪاميابين ۾ اوھانجن والدين جو ڪيترو ھٿ آھي؟

ارم: اھا حقيقت آھي ته ٽئلنٽ ڏات الاھي آھي، پر ان کي صحيح نموني استعمال ڪرڻ ۾ والدين جي تربيت جو وڏو ھٿ آھي. انڪري آئون ائين چونديس ته منھنجيون ڪاميابيون منھنجن والدين جي ڪري آھن. منھنجي امڙ سدائين مون کي پڙھائي لاءِ  پرسڪون ماحول مھيا ڪيو، ۽ والد صاحب مون کي دوستاڻي نموني پڙھايو ۽ سمجھايو. بابا مون سان بي انتھا پيار ڪندو آھي، پر جي پڙھڻ کان نٽائيندي ھيس ته دڙڪا ڏيندو ھو.

گل: اوھان جي شادي والدين جي پسند سان ٿي آھي يا اوھان جي پسند سان؟

ارم: منھنجي شادي منھنجن والدين جي پسند سان ٿي آھي، ليڪن منھنجي مرضي شامل ھئي. جيئن ته منھنجا والدين کليل ذھن جا مالڪ آھن، انڪري ھنن ھر ڳالھه ۾ مون سان صلاح مشورو ڪيو، ۽ مون کي پنھنجن والدين تي ڀروسو ھو ته ھو جيڪو به ڪندا منھنجي لاءِ بھتر ڪندا . ھينئر مان سندن فيصلي تي بلڪل مطمئن ۽ خوشي آھيان .

گل: ڪجھه ماڻھن جو خيال آھي ته لو ميريج ناڪام ٿئي ٿي ۽ ڪجھه ماڻھو وري چون ٿا ته ارينج ميريج ناڪام وڃي ٿي. ان بابت اوھين ڇا چونديون؟

ارم: شاديءَ کي ناڪام بڻائڻ ۾ لو ميريج يا ارينج ميريج جو قصور ناھي، پر اصل مسئلو آھي چونڊ جو. ڏسو ھر ڪنھن ماڻھوءَ کي ھڪجھڙيون حالاتون ۽ موقعا نٿا ملن. مختلف ماحولن ۾ ماڻھوءَ جي مختلف تربيت ٿئي ٿي. ڪنھن به فرد جي زندگيءَ کي ڪامياب بڻائڻ ۾ گھر جي ماحول جو وڏو ھٿ آھي، خاص طور تي والدين جو. جيڪي والدين پنھنجي اولاد کي اعتماد ۾ وٺن ٿا، ۽ صحيح تربيت ڪن ٿا ته اھي ٻار اڳتي ھلي سٺا انسان ثابت ٿين ٿا. اولاد سان پيار ته ھرڪو ڪري ٿو، پر پرورش ڪنھن ڪنھن کي ڪرڻ ٿي اچي . خاص طور ٻھراڙي ۽ عام طور تي شھر جي گھٽ پڙھيل ماڻھن کي ڏسو ته ھو پنھنجي اولاد جا رشتا ڪھڙي اڍنگي طريقي سان ڪن ٿا . مثال: نوجوان ڇوڪريءَ کي 60/70 سالن جي پوڙھي سان پرڻائي ڇڏيندا، ۽ 5/10 سالن جي صغير ٻار کي 25سالن جي ڇوڪريءَ سان پرڻائي ڇڏيندا. اھي سڀ ڳالھيون گھرن کي ٺاھڻ بجاءِ ڊاھين ٿيون. يا وري ڪي نوجوان گھر ۾ پورو توجھه نه ملڻ ڪري فرسٽيٽ ٿي غلط فيصلو ڪن ٿا ته انھن جي زندگي به سٺي ڪانه ٿي گذري .

گل: اوھين پنھنجي تعليم جاري رکنديون يا مڪمل ھائوس وائيف ٿي رھنديون؟

ارم: تعليم جاري رکڻ کان مون کي ڪنھن به روڪيو ناھي، پر گھر جون مصروفيتون ايتريون آھن جو شايد مان وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نه سگھان. جيتوڻيڪ عشرت (منھنجو گھر وارو ) چاھي ٿو ته مان وڌيڪ پڙھان، ۽ ھو ھر تعاون ڪرڻ لاءِ به تيار آھي، ۽ مون وٽ گھر جي ڪم ڪار لاءِ نوڪر به آھن . پر مان گھر جي سجاوٽ ۽ خاص ڪري عشرت جي لاءِ پنھنجن ھٿن سان کاڌو تيار ڪرڻ لاءِ گھر ۾ پنھنجي موجودگي ضروري ٿي سمجھان .

گل: زندگيءَ کي ڪيئن ٿيون محسوس ڪيو؟

ارم: زندگيءَ جا ڪيترا سندر ۽ وڻندڙ روپ آھن، جيڪي جيئڻ جي جاکوڙ ڪرڻ لاءِ اتساھيندا رھن ٿا.

گل: گھريلو زندگيءَ کي ڪامياب ڪيئن بڻائجي؟

ارم: گھريلو زندگي ان صورت ۾ ڪامياب ٿي سگھي ٿي، جڏھن ٻئي ڌريون (زال مڙس ) ھڪٻئي جو احترام ڪن. ھڪٻئي جي خيالن، سوچن ۽ ضرورتن کي سمجھڻ ۽ پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. ھڪٻئي تي ڀروسو رکن، ۽ گھر ۾ ننڍين ننڍين تقريبن ۽ تفريحن جو اھتمام ڪن ته مان سمجھان ٿي ته گھر ۾ ڪڏھن به نا اتفاقي پيدا نه ٿيندي.

گل: شاديءَ کان پھرين اوھان سوچيو ھو ته اوھان جو لائيف پارٽنر ھيئن ھئڻ گھرجي. منھنجو مطلب ته ڪو آئيڊيل؟

ارم: نه، مون ڪڏھن به انھيءَ پاسي نه سوچيو ھو. ھونئن به آئون آئيڊيلسٽ گھٽ، ۽ حقيقت پسند وڌيڪ آھيان . ھا، ھر ماڻھوءَ کي حق آھي ته ھو پنھنجا آدرش رکي، پر ڪنھن آدرش جي پويان ڊوڙڻ جي حق ۾ ناھيان . جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ ۾ صلاحيتون آھن ته ھو ھڪ آدرشي زندگي گذاري سگھي ٿو . باقي اجايو آئيڊيل ازم ۽ ھيرو ازم جي چڪر ۾ پوڻ نه گھرجي. اھي شيون ماڻھوءَ ۾ ڪامپليڪس پيدا ڪن ٿيون .

گل: محبت اوھان جي نظر ۾ ؟

ارم: ھڪ سچو ۽ زندگيءَ جو اتساھه ڏيندڙ احساس. محبت جي ڪري ئي ته ھي سڄو سنسار قائم ۽ دائم آھي. محبت ھڪ قوت آھي، ھڪ طاقت آھي ، ڪامل يقين آھي. وڏو حوصلو آھي. وڏو عزم ۽ ارادو آھي. ھن ڪائنات جون رونقون ۽ رنگينيون محبت جي ڪري ئي آھن.

گل: توھان ڪڏھن ڪنھن سان نفرت ڪئي آھي؟

ارم: ذاتي طور تي مون کي ڪڏھن ڪنھن کان نفرت ناھي ٿي، پر اسان جي چوگرد جيڪي حالتون، ظالماڻا رويا آھن، تن کان ھرماڻھوءَ شديد نفرت ڪري ٿو . مثال تخريب ڪاري، چوري، ڌاڙا. ڦرلٽ، قتل وعارت، رشوت خوري، ٻيائي، منافقي، لالچ، ڪوڙ، گلا، ڌوڪا فريب، بديانتي. اھي جيڪي به ناسور اسان جي سماج کي وڪوڙي ويا آھن، مان انھن کان سخت نفرت ڪريان ٿي.

گل: پڙھندڙن لاءِ پيغام؟

ارم: منھنجو پڙھندڙن لاءِ اھو Messageآھي ته اندر جي سچائيءَ ۽ محنت سان پنھنجون ۽ پاڻ جھڙن ٻين جون زندگيون سنوارڻ جي ڪوشش ڪريو. اجايو حسد ساڙ، وڏائي ۽ فوقيت کان پاڻ بچايو . خاص ڪري والدين لاءِ منھنجو اھو پيغام آھي ته پنھنجيءَ ذات جا مونجھارا ۽ مسئلا پنھنجن ٻارن تي نه مڙھيو، ماحول ۽ ذھني آزادي ڏيو ته جيئن ھو ذميوار ۽ فرض شناس انسان ثابت ٿي سگھن . ٻار جيڪو آئندو آھي، مستقبل آھي. ان کي پنھنجيءَ منزل تائين پھچڻ لاءِ جستجو ڪرڻ ڏيو . پنھنجن ناڪام تجربن جي روشني ۾ ھلڻ لاءِ انھن تي زور نه ڀريو . کين مذھبي ۽ اخلاقي تعليم ڏيڻ لاءِ معزز ۽ لائق استادن جو انتخاب ڪيو.    

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com