سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1995ع

مضمون --

صفحو :8

ا

لحاج ولي محمد طاھرزاده

ڪُڇان ته ڪافر!

ھڪ سُلڇڻي سچار عورت، جنھن جي خوبين ۽ خيالات کان آءٌ متاثر آھيان؛ تنھن ڳالھين ڪندي ڳوڙھو ھنيو ۽ مُرڪندي منھن تي بُھتان ڌريو: ڀلا عورتن جي عذابن ۽ عيبن صوابن تي توھان ڪوھه ٿا قلم ڪَرڙيو ۽ ڪاڳر ڪاروڪريو؟ جڏھن ته اڄ جون عورتون اڪابر، داناءِ دفتر، علم جو عبادو اوڙھيو وتن؛ سي خود پاڻ پنھنجا پد ارٿ ۽ پرڪار پاڻھي لکن. ڀينن جي ڀلائي ڪاڻ احتجاجَ ڪن، ڏيلَ ڏُکوئيلين جا ڏاڍا ۽ ڏمر ڏسن، سُڻن ٻُڌن، انڳڻ کي آٿت آسرا ڏين، ڌُڻي انھن جا دک دور ڪن معرڪن ۾ مجلسن ۾ محفلن ۾ وڃي وڏا ممڻ مچائين، جيئن ھر زال ذات ۾ سياڻپ ۽ سجاڳي اچي وڃي. توتي ڪھڙِ ٻري آئي آھي جو ”سُور ساٽِيءَ کي، ڏنڀجي ڏنڀارو!“

مون چيو: اڄ جون عاقل عورتون لکن ٿيون، لکن پيون ۽ لکنديون رھنديون. پنھنجا پراوا، اوڙي پاڙي جا ڏک ڏوجھرا، جيءَ جھلياجنجل، جھوراڻا ۽ جُٺيون. پنھڻجا حال احوال خيال ۽ جيڪي آھي ۽ جيڪي ٿئي پيو، سو سڀ .

چيائين: آءٌ ڀانئيان ٿي ته اھي رڳو سندن ئي ماحول بابت لکنديون ھونديون. مرد ماڻھو عورت کي ڪيترو به فولڊُ (پڌرو) ڪري ته اُن جي سرشت، مٽيريل (مادي) جي ڪنھن به صورت ۾ سُڌ ڪانه پونديس. ڇاڪاڻ ته جنھن کي گسُ دَڳ جو ضَؤ ڪونھي، سو ڪيئن ھن جنس کي منزل ۽ مرڪز تي رسائي سگھندو!

ڪي مُدي خارج مرد، ڪوڪا پِنڊ، ڪوڪ شاستر تان آسڻن جي اَھِلَ ڪري، استري شناس، ناري نفسيات ۽ ثقافت تي قابض، انھن جي خواھش خيالن جو خاوند يا حاجت رَوا، پاڻ ڀيٽي ٿي ڀانئين، سي گرھست کان گمراھه ٿيل بلڪل ڀُليل آھن.

عورت مرد کان ڇا ٿي گھري، کيس ڪيئن ٿي چاھي، سندس ضرورتون پوريون ڪرڻ ڪاڻ ڪھڙا رستا طريقا ھئڻ کپن، اُنھن کي حاصل ڪرڻ واسطي، زالن کي ئي ببانگ دُھل، نَغاري چوٽ، ڪوٽ جي ڪنگرن تي چڙھي، دانھي واري دانڳڻ خود پاڻ ڪرڻي پوندي . چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترين زالن جي لکڻ ۽ چوڻ مان ڪجھه به ڪين ورندو سرندو .

کولي کولي پنھنجا سُور سَلڻ، دردن جي دوا دارون لھڻ، ڪنجھڻ ڪُرڪڻ، دانھون ڪرن ڪُڇڻ جي شايد عورت ذات کي منجھائي منجھه ماٺ جي مُھر لڳل آھي، ساڃھه جي سُتي پيل آھي.

مصيبت جي مھل ۾ ٻھراڙيءَ جي عورت، جنھن جو وشواس عقيدو، ٽوڻن ڦيڻن، پڙھيل پاڻي فالون جھاڙون، قبرن جي خاڪ، ڪاڍاڻا ڪڍڻ، باسون باسڻ، مڃتائون مڃڻ، سُکائون سُکڻ آھي. اتي انقلاب آڻڻ جي گھڻي گھرج آھي. عورت کي اوکاين ۽ اگھاين ۾ مڙس جي محبت، مدد، ھمدردي ۽ حوصلي ڏيڻ جي درڪار رھي ٿي. پر جي اچانڪ ڪا ويم جي واڍوڙيل يا ويم کان وانجھيل، عيبدار يا ٻي ميار ٿي پوي ٿي ته مرد جي جنسياتي جِبلت جلد ئي جادو ٿيو وڃي . ڌارين درن تي ڌڪا ٿو کائي، ٻيا ڀاڻا ٿو ڀيٽي ۽ ٽاڻا ٿو تڪي، ونجھلي ٿو وڦلي ۽ وساما وٺي ٿو.

مرد مطلبي ۽ پنھنجي ئي قرب ۾ ڪَڙيل عورت جو قائل آھي ۽ زال ٿي زابر. ھن کي عورت جي عزت، مانُ سُمان سان وڪار ڪونھي.

عورت واسطي، اھي ڪَرٽ ڪَسيٽون کائڻ محال ۽ مشڪل آھن. تنھنڪري ڳڻتين ۾ ڳري ڳري نِجھري مري ٿي، يا ڄمار ۾ کري ٿي .

ھاري ۽ پورھيت جي زال توڙي ڌيءَ کي اڄ به علم کان عاري رکيو ويو آھي. تنھن ڏانھن به توجھه ڏيڻو آھي.

پورھيت جي ڌيءَ ۽ زال تي اڃا به ماني پچائڻ ۾ اوير ڪرڻ تي موچڙي ۾ ماٺوڙو ڪونھي.

جھانگيرن جي جوءِ کي ڪو اسپتال ڀيڙو ڪرڻ وارو ڪونھي، آڙاھه تَپن جا چڙھيا پيا اٿس ته ڪو پاڻي پيارڻ وارو ناھي. اتفاق سان ڪا پاڙيواري، پڌر تي پير پائي ٿي ۽ ڀيڻ جي حالڀاياڻي ۽ ڏُک ونڊائو ٿئي ٿي نه ته ٻيو مڙيئي سُک! جي عورتن ۾ علم عام ھجي ته جيئن جماعتي مسجد ۾ گڏ ٿي ھڪ ٻئي جي خير سلامتي بابت پڇن ۽ وڃي عيادت ڪن ٿا، تيئن عورتون به ھر ڪنھن ڪچھري يا پرڀ تي پاڻ ۾ گڏجي ھڪ ٻئي جي ھانءَ ھور ۽ ھيڻائي اڻسگھائي مھل مدد ڪن.

ھن ۽ ھن جي ننڍڙن ٻچن جي مٿن تي ھٿ رکن، دلداريون ۽ دلاسا ڏين .

”گھڻن کنئي ڇَير کڄي“ پر پاڻ پنڊ ھٿين خالي، نه ڄاڻ نه آزادي.

تڏھن به بي سُرت ڀيڻين کي ڪُرنشون ڪريو، ڏڌ آٿت ڏيو پيون جيارين، تڳائين، ھنن جي ھمت ڪرڻ ڪاڻ ھمدردي سان ھدايتن واريون ڪونھن .

الله تعاليٰ ھن پِرتوي (جنس)کي پاڻ پنھنجي پسنديءَ جي پيدائش سان پيو ھلائي چلائي.عورت جو جنھن به ديني توڙي ڌرمي مرد سان واسطو وھنوار رھيو آھي، تنھن ھن کي واڳونءَ وارا لڙڪ وھائي چٻاڙي کائي کپايو آھي. اھو واعدو نه ڪيو آھي ته ھن جي مرڻ کان پوءِ منھنجي دنيا اوندھه انڌيرو ٿي وئي آھي. ھاڻ جيءِ ڇا ڪندس .

”بابر، عيش ڪوش، دنيا ديگر يار نيست ”حامله عورت کي تڙ تڪڙ ۾ عين ويم جي موقعي تي ڪنھن شفا خاني (ويم گھر) ۾ آڻي شو مَنتر علاج ڪرائڻ، ڀروسي جوڳو ڪونھي. ان جو بنيادي بندوبست ٿيڻ گھرجي جو آھي تعليم ڏانھن توجھه ڏيڻ، علم جون پالٽون ۽ پٺارڪُون پيدا ڪرڻ!

ھي ڪم حڪومت ھن طرح ڪري: عورتن لاءِ تعليم لازمي ھجي، غريب بي پھچ نياڻين کي ڪتاب ۽ ڪپڙا حڪومت مُھيا ڪري، پرائمري کان ھاءِ اسڪول ليول تائين تعليم مفت ھجي. ڪاليجن کان يونيورسٽين تائين ٽھائي يعني ٽيون حصو في فڪسڊ ڪئي وڃي . جيئن شاديءَ کان پھرين ڇوڪريون علم جو معيار ماڻين.

جيستائين جھنگل جي عورت ۾ علم جو منگل نه متو آھي، تيستائين عورتن جي تمام ترقي رڳو کيل تماشو آھي!

******

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com