سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1994ع

مضمون --

صفحو :7

 

پسند اوھان جي

چونڊ اسان جي

پرڀات سنڌي، دادو.

کامان، پچان، پڄران، لڇان ۽ لوچان،

تن ۾ تئونس پرينءَ جي، پيان نه ڍاپان،

جي سمنڊ منھن ڪيان، ته به سرڪيائي نه ٿئي

        (شاھه)

لعلي مصراڻي، دادو.

رسي جي وڃي تون ته زندگي ڇا ڪبي،

گيت ڇا لاءِ لکون، شاعري ڇا ڪبي،

   (اشرف آصف)

ثريا، شھدادپور.

منظور دلبريءَ جو نه ڪر کل ۾ فيصلو،

دل ڏين ته ڪر تون دل جو دل ۾ فيصلو.

 

امام زادي، لاڙڪاڻو .

مان مست ٿيان ميدان ڏسي، تون روح وڇائين راھن ۾

ھي پير نه جھلبا پٿرن کان، تون پنھنجي قدم کي قابو ڪر.

 

دلنشين مرزا، ٽنڊو آغا، حيدرآباد

 

نه اوھين پارس آھيو سپرين، نه اسين پارس آھيون،

پيار ڇھي ويو اسان ٻنھي کي، سونا ٿي پيا آھيون.

نجمه لاڙڪاڻو.

منھنجي ڌرتيءَ جو، ھي سھڻو ساھه،

گل جي خوشبو ڪٿي ۽ ڇا جو رنگ.

 

سيما، حيدرآباد.

زلفن جي پيچ و خم کان رھائي نٿو گھران،

اھڙي سزا ئي قيد ڀلي عمر ڀر ھجي.

 (شھيد احمد خان آصف)

موتيا، ٽنڊو آغا حيدرآباد.

ڏونگر تون ڏاڍو گھڻو، ڏاڍا ڏاڍايون ڪرين،

مون من اندر ائين وڍيئي، جيئن وڻ وڍي واڍو،

آھي ڪرم جو ڪاڍو، نه ته پٿر ڪير پنڌ ڪري.

(شاھه)

نينا مرزا، ٽنڊو آغا.

ٻـــــــاري لڙڪـــــــــن ســـــــــان چراغ_زندگي،

ھر فــنــا کي ڄــڻ بـقــــــــــا آھي ڪيــــــــو.

 

  (اسحاق راھي)

ھما اياز، حيدرآباد.

اســــــــــان جي مــن ۾ ٿــــــــــــــــر آه.

اڃــــــــــــــا اڃــــــــــــــــــــــــا اندر اســـــــــين،

اوھان ڪڻــــــــــــيـــــــــــون ملھــــــــار جون.

 (عبدالحميد آس ٻٻر)

حنا اياز، حيدرآباد.

ھير ٿڌڙي لڳي، رقص بادل ڪري،

پيار جو ڀي ڪري ياد مون کي ڪجانءِ.

 

 

ٻاراڻيون بيماريون

INFANTILE DISEASES

ٻار جي پيدائش وقت اھم تدبيرون:

ٻار جي پيدائش وقت ٻار جي صفائيءَ جو خيال رکجي. دن جي ناڙي جي چڱيءَ طرح صفائي ڪري. پوءِ سڳي سان ٻڌي ڪٽجي، اھو ھوشيار دائيءَ کان ڪم وٺجي. اگر ٿوري رطوبت به رھجي وڃڻ سبب زخم ٿي پوندو يا ھوا ڀرجي ويندي آھي ۽ دن وڏو ٿي ويندو آھي .

سڀ کان پھريائين ٻار کي نيم گرم پاڻيءَ سان وھنجاري. سڄو جسم صاف ڪجي، نڪ، ڪن، وات ۽ مقعد جا سوراخ بلڪل چڱيءَ طرح صاف ڪجن. صاف ٽوال سان اگھي صاف ڪجي، ان بعد سڀ کان پھريائين ٻار کي ماءُ جي ٿڃ پيارجي.

ٻار کي دست آور دوائن يا ارنڊي جلاب ڏيڻ کان پرھيز ڪجي. ان لاءِ ڪنھن ماھر معالج ھوميو پيٿي جي علاج ۽ مشوري سان انجو سد باب ڪجي.

اگر ٻار ننڊ ۾ مٿو ھلائيندو رھي ته ھيلي بورس 30 سڀ فتور ختم ڪري ڇڏيندي.

دماغ ۽ اجتماع خون

HYPERPIESIS

ٻار جي چھري تي نظر وجھبي ته چھرو سرخ، اکيون ڳاڙھيون چمڪدار، ڦريل، مڙيل، وکريل نظر اينديون. نبض ڪڏھن تيز ڪڏھن بي قاعده سست به ٿي ويندي آھي.

ھيڏي ھوڏي بي خبري واري حالت ۾ نھارڻ، ٽھڪ ٻڌي نھارڻ ڄڻ ته ڪنھن ڏانھن نھاري رھيو آھي يا ڪا شي ڏسي رھيو آھي، مگر اھي سڀ ڳالھيون، حالتون بي ھوشي واريون ھونديون آھن.

ڪڏھن ڪڏھن مٿي کي جھٽڪو اچي ويندو آھي، ٻانھن يا ٽنگ کي جھٽڪو اچي ويندو آھي.

ڪڏھن ڪڏھن اوچتو رڙ ڪري يا ڪيھه ڪري وٽجي وڃي يا سيٽجي دوري ۾ ھليو وڃي.

درجه حرارت گھڻو ڪري 103 ڊگري تائين يا ان کان مٿي ھجي.

بيلاڊونا 3x يا 30: سڀ کان بھترين دوا آھي.

ھائيو سيمس 30 جڏھن بستري ۾ پنھنجن ڪپڙن کي پٽي رھيو ھجي يا ھٿن سان ڄڻ ڪجھه ميڙي چونڊي رھيو آھي.

اسٽرامونيم30وفل زور واري، اٿي ڀڄڻ جي ڪري ۽ گاريون گند ڏئي، بري گفتگو ھن بيماريءَ جي خاص علامت آھي.

طاقت وارا تشنجي دورا

TETONIC CONVUSIONS

بيلاڊونا3x، 30: ڪاوڙيا يا جوش کان آيل دورا ٻار اوچتو سيٽجي آڪڙجي وڃي ۽ سڀني انگن ۾ ڇڪون اينديون رھن. وات گاج سان ڀرجي وڃي.

سائنا 1x، 3: چھرو ميرو ڦڪو، پيٽ ۾ ڪيڙن جي پٽ کان دورا، جسم سڄو وٽجي شيخ ٿي وڃي.

ڪيمو ميلا 3x، 30: چھري جو ھڪ ڳل ميرو ٻيو ڳل ڳاڙھو سرخ، چيڙاڪ تيسر ٻار، جوش کان دوري ۾ ھليا وڃن، گرم پگھر مٿي تي ۽ چھري تي.

ھائيوسيمس 30، 200: جسم جي ڪنھن به حصي م سرڪو يا مروٽ، ان کان ڇرڪ ڀري وٺي ۽ ڇرڪ سان دوري ۾ ھليو وڃي، چھري جي شڪل ڦري خوفناڪ ٿي وڃي، سڄو چھرو ۽ واڇون ڦري وڃن وات مان گاج وھندي رھي.

ويريٽريم البم30: چڙ ڪاوڙ ۽ جوش ۾ اچڻ سان دورو، چھرو ميرو، نيرو دوري ۾ نُرڙ تي ٿڌ پگھر ۽ جسم ٿڌو.

ننڊ نه اچڻ، بي آرامي

INSOMINA OR SLEEPLESSNESS

ڪالو فائيلم30: ٻار کي ننڊ نه اچي ۽ رئندو ئي رھي.

بيلاڊونا 3x، 30: ٻار کي سڪون واري ننڊ نه اچي. مٿو ھڻندو رھي، ڇرڪ ڀري روئي، اکيون وکريل اڌ ٻوٽيل ۽ پٽيل.

ڪيموميلا3x، 30: ننڊ مان اٿي ويھي رھي، رڙيون ڪري رئي، سڙيل سڪل چيڙاڪ ٻار ۽ ڊڄ

ھائيوسيمس 30: ننڊ مان اوچتو ڪيھه ڪري چپ ٿي وڃي يا ڪپھه ڪرڻ سان آڪڙجي وڃي ۽ سيٽجي دوري ۾ ھليو وڃي.

سائنا3x1xپيٽ ۾ ڪيڙن کان بي آرامي اھڙا ٻار گھڻو ڪري اونڌا ٿي، پيٽ ھيٺان گوڏا ڏئي سمھندا آھن ۽ ننڊ ۾ مقعد سڦرو کنھندا رھندا آھن.

تارونءَ جو لھي پوڻ

FONTANELLES “OPEN”

ھي ٻارن ۾ عام بيماري ھوندي آھي، اڄڪلھه رٻڙ جي ٻنڊ ٻارن کي وات ۾ ھوندي ئي آھي، مسلسل گھڻي چوس ڏيڻ سان به تارون لھي پوندو آھي ڌڪ اچڻ سان به تارون لھي پوندو آھي. ان کان ٻار کي دست ٿي پوندا آھن. کنگھه ٿي پوندي آھي، لاڳيتي الٽي رھندي آھي. ٿڃ پي ان وقت ئي ڪڍي ڇڏيندا آھن، ھر ھر آت اچڻ تارون لھڻ جي پڪي علامت ٿڃ پيئڻ وقت يا کير پيئڻ وقت، يا کاڌي کارائڻ وقت ٻار آت ڏيندو آڳي. کنگھه، الٽيءَ جو علاج ھلندو رھندو آھي مگر ڪوبه فائدو ڪونه ٿيندو آھي، جيتوڻيڪ ھوميو پيٿي دوائون سٺيون بھترين به آھن مگر فائدو دير سان ڪنديون آھن. ڪلڪير فلور، ڪلڪيريا ڪارب، ڪلڪيرايفاس، آرنيڪا، ھيبر سلف، سليشيا سٺيون دوائون آھن مگر تنھن ھوندي به وڏڙي ماءُ کان، يا ڪنھن دائيءَ کان ڦوڪارو ڏيارڻ، تارون کڻائڻ سان ان ڏينھن ئي فائدو ٿي وڃي ٿو.

(ڊاڪٽر محمد قاسم لانگاھه (ھوميو) جي ڪتاب ”عورت ۽ ٻار“ تان ورتل).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com