سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1995ع

مضمون --

صفحو :4

 اڪبرجسڪاڻي                                                     مني ڪھاڻي

سورمَه ڏي ڌُوڻ

 

ھوءَ دل جي ديوان مشتاق وارڊ ۾ پنجن ڏينھن کان داخل ھئي، اڄ سندس طبيعت ڪجھه بھتر ٿي ھئي.

بيڊ تي، ھن کي ڊرپ لڳل ھئي، جنھن ۾ ڪجھه سڪون ڏيندڙ انجيڪشنس به پيل ھيون.

پر سندس ذھن کوري جيان ٻري رھيو ھو. ھن جي ذھن آڏو عمران جو چھرو ڦري رھيو ھو، ۽پنھنجي منھن چوڻ لڳي ”مڪار، بدمعاش ...“

وري سوچيائين، ”اصل ۾ ڏوھه ته منھنجو آھي.

ڇو ته ھن جي ذھن ۾ جيون ساٿي لاءِ ھڪ آئيڊيل ھو، اھو، عمران ئي ھو. سھڻو، سٺو ليکڪ پنھنجي وقت جو اسٽوڊنٽ ليڊر ۽ بولڊ.

ھن عمران سان شادي ڪرڻ لاءِ ڪيترائي رشتا ٺڪرائي ڇڏيا ھئا. مائٽن کي ناراض ڪيو ھئائين. ۽ عمران کي، ھن جڏھن به شادي لاءِ چيو ھو ته عمران، ھن کي چوندو ھو، ”مان، آواره آھيان، بيروزگار آھيان، مان توکي پاڻ وٽ سکيو نه رکي سگھندس.“ ھن عمران جون سڀ ڳالھيون، اکين تي رکندي چيو ھو ته ”تون جيئن آھين، تيئن مون کي قبول آھين، مان توکان ڪجھه به نه گھرنديس. صرف پيار ئي، کپي!“ پر عمران ٽاري ڇڏيندو ھوس. پر، اوچتو، جڏھن، ھن کي خبر پئي ته عمران، پئسنجي لالچ ۾، ھڪ وڏي ماڻھوءَ جي ڌيءَ سان شادي ڪئي آھي ته ھن جي ذھن ۾ ٺھيل سڀ سندس محل ڪري ڀور ڀور ٿي ويا! ايڏو زلزلو سندس ذھن ۾ آيو جو ھوءَ ھوش وڃائي ويٺي دل جي وارڊ ۾ پاڻ کي پيل ڏٺائين.

ڊرپ، اڌ خالي ٿي چڪي ھئي، ھن جي آڏو، عامر جو چھرو ڦرڻ لڳو. ھن عامر کي، عمران جي ڪري ڪيترو ذليل ڪيو ھو. پر پوءِ به عامر خاموش ھو. ۽ ھڪ ڀيرو ھن کي چيو ھئائين، ”جڏھن زندگي جا سڀ رستا تولاءِ بند ٿي وڃن ته منھنجي گھر جو رستو تولاءِ کليل ھوندو .“ تڏھن، ھن چيو ھوس، ”مان توکان نفرت ٿي ڪيان، مان توکان نفرت ٿي ڪيان، مان ڪڏھن به توکي پنھنجو نه ڪنديس.“

تڏھن عامر چيو ھوس: ”جڏھن نفرت محبت ۾ تبديل ٿي ويندي آ، ته پوءِ ان جھڙو ٻيو ڪو پيار نه ھوندو آ.“ تڏھن ھن کيس چيو ھو ته ”وڃي آئيني ۾ پنھنجي شڪل ڏس.“

عامر لاءِ سوچيندي، ڀڻ ڀڻ ڪرڻ لڳي. ”جي عامر کي مون سان، ايتري محبت آھي ته پوءِ مون کي پڇڻ ڇو نه آيو آھي!“ وري پاڻ ئي چيائين ”ھا، ھو ايترو دلير نه آھي. ٻيو ته احساس ڪمتري اٿس، ۽ مان به جي پنھنجي انا، ڇڏي عامرکي چوان ته .... پر، اھو ڪيئن ٿيندو.“ سوچيندي کيس دل ۾ سور جي سٽ اڀري. ھلڪي دانھن ڪيائين، ڊاڪٽر آيو، جنھن ھن کي، وين ۾ پيٿين جي انجيڪشن ھنئي. انجيڪيشن لڳڻ سان، ھوءَ وڦلڻ لڳي، عامر، عرفان، عامر، ائين ھن کي ننڊ اچي وئي.

***

 

 

”فقير“ شھمير چانڊيو

نالي جو ڀرم

مان انھن چورن مان ناھيان، جيڪي پوليس جي معمولي مار کان مرعوب ٿي، سچي ڪري ويھي رھندا ھئا. مگر مان ھڪ اھڙو چور ھوس، جيڪو پوليس جي نظرن ۾ ته ڇا، پر عام ماڻھوءَ جي نظرن ۾ به ”عبرت“ جي نگاھه سان ڏٺو ويندو ھوس! پوليس مونکي ماري ماري ٿڪجي پوندي ھئي. مگر مان سچي نه ڪندو ھوس، ۽ ائين پوءِ چوريءَ جو مال ڦٻائي ڇڏيندو ھوس.

دراصل مونکي چور بنائڻ ۾ پوليس جو ئي ھٿ ھو.ان جو سبب اھو ھو، جو مان بيروزگار ھو. جڏھن به ڪا چوريءَ جي واردات ٿيندي ھئي ته پوليس مونکي پڪڙي، بي گناھه تشدد ڪندي ھئي، ۽ پوءِ مان سوچيندو ھوس ته

”پوليس مون کي بي گناھه پڪڙي ماري ھونءَ ئي ٿي، پوءِ ڇونه سچي پچي چوري ڪريان، ۽ بي روزگاريءَ جو خاتمو پن آڻيان!“ ائين سوچي، مان ننڍيون ننڍيون چوريون ڪندي ڪندي، ”نالي چڙھيو چور“ ٿي ويس!

ھڪ رات، جيڪا منھنجي لاءِ ”صراط مستقيم“ جي رات بنجي آئي ھئي: حسب عادت جڏھن انسان، دنيا و مافيھا کان بي خبر ٿي، سھڻن ۽ ڊپ جھڙن سپنن ۾ گم ٿيل ھئا_ مان گھر کان ٻاھر نڪتس ۽ پاڻ سان گڏ آندل مخصوس ھٿيارن کي ھٿيڪو ڪري، ھڪ طرف نڪري پيس.

چئني طرفن، خاموشيءَ جو راڄ طاري ٿيل ھو، سواءِ منھنجي قدمن جي چاپ جي: محتاط انداز ۾ اھڙي طرح وڃي رھيو ھوس، جيئن جھنگ ۾ بکايل شينھن پنھنجي شڪار جي تعاقب ۾ يا ائين کڻي چئجي ته جاسوس ڪتن جيان نوس نوس ڪندو وڃي رھيو ھوس، جيئن پئٽرولنگ تي نڪتل پوليس جي ور نه چڙھي وڃان!

آخر ھڪ عام رستي تي پھچي. چئني طرفن آخري نگاھه ڊوڙائي، ھڪ گھٽيءَ ۾ داخل ٿي ويس. گھٽي سڄي سنسان لڳي پيئي ھئي. ھر طرف اونداھه ئي اونداھه ھئي، شايد اسٽريٽ لائيٽ کان محروم ٿيل گھٽي ھئي. فقط چند گھرن ۾ زيرو جا بلب روشن نظر اچي رھيا ھئا. مون الله توھار ڪري ھڪ گھر جي ٻاھرين ديوار، جيڪا چڱي خاصي ڊگھي ھئي. پاڻ سان گڏ آندل رسو، جنھن ۾ حُق ٻڌل ھو، ديوار تي اڇلايو ۽ ان کي ٿورو ڇڪ ڏنم، ته آسانيءَ سان نڪري آيو. اھڙيءَ طرح ٻيھر ڪوشش ڪيم ۽ ڪامياب ٿي ويس. رسي ۾ ٻڌل حُق، چيچيءَ جي چنبن وانگر، ديوار ۾ کپ ٿي ويو ۽ مان رسي جي مدد سان مٿي چڙھڻ لڳس. ديوار ٽپي، جيئن ئي اڱڻ ۾ داخل ٿيس، ته گهر ڌڻين جي وفادار ڪتي، ڌڻين کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ پنهنجو فرض پورو ڪرڻ لاءِ رانڀاٽ شروع ڪري ڏنا. اهو به شڪر آهي، جو هو زنجير سان ٻڌل هو، نه ته جيڪر شايد مونکي جيئرو نه ڇڏي ها. تيزيءَ سان ڀت طرف ڊوڙڻ لڳيس، جنهن طرف کان آيو هوس. هيءَ پهريون موقعو هو، جومنهنجي لاءِ قسم جي سچويشن پيدا ٿي چڪي هئي. رسي ئي ٻئي طرف اڇلايم ۽ تسلي ڪرڻ لاءِ ڇڪيم. ان دوران آءَ روشنيءَ ۾ وهنجي چڪو هوس ۽ائين پي لڳو، ڄڻ گهر ڌڻي مون تائين پهچڻ وارا آهن. ڪتي به ڀونڪڻ ڇڏي ڏنو هو، شايد ان کي زنجير مان آزاد ڪيو پئي ويو. منهنجو ساهه مُٺ ۾ اچي ويو هو. ٻاهرين پاسي، حق ڪٿي به فٽ نه پئي ٿيو ۽ تڙ تڪڙ ۾ رسي کي بار بار اڇلائيندو رهيس. ڪتي وري ڀونڪڻ شروع ڪري ڏنو هو. ائين پيو محسوس ٿيو، ڄڻ ڪتومنهنجي ڌپ سونگهندو، مون طرف اچي رهيو آهي _ ۽ مون ڪنڌ ورائي ڏٺو. اها حقيقت هئي، ڪتو اڳيان هو ۽ گهر ڌڻين پويان هئا. اڱڻ ڪشادو هو، مون تائين پهچڻ ۾ انهن کي وڏو وقت درڪار هو. ان کان اڳ جو ڪتو مون تي حملو ڪري، منهنجي محنت سجائي ٿي ۽ مان  ڀولڙي وانگر وڏو ٽپ ڏيئي، ڪتي جي زد کان پاڻ بچائي ويس ۽ مٿي تيزيءَ سان چڙهڻ لڳيس!

اوچتو رات جي خاموشيءَ کي چيريندڙ هڪ وڏو ٺڪاءِ ٿي ۽ بندوق جي گولي منهنجي ڪن جي پاپڙيءَ کان هيٺ زون ڪري، ديوار ۾ پيو ست ٿي وئي ۽ ان سان گڏو گڏ مان ڀت تي چڙهي، تيزيءَ سان هيٺ ٽپ ڏنو _ ۽هيٺ ڪرڻ سان ئي پاڻ سنڀالي، هڪ طرف ڀڄڻ لڳس.

بندوق جي گوليءَ جي ٺڪاءُ، سڄي گهٽيءَ کي سجاڳ ڪري ڇڏيو هو. گهرن جي مڪين بجاءِ گهٽيءَ ۾ اچڻ جي درين مان ليئا پائي مون کي ڊوڙندو ڏسي رهيا هئا؛ اوچتو ٻيو ٽڪاءَ ٿيو ان ڀيري به منهنجي خوشقسمتي مون کي ساٿ ڏنو ۽ گولي، منهنجي پاسي کان نڪري وئي. اڃان ويرم ئي ڪانه ٿي ته پوليس جي سيٽين جا آواز، پوري خاموش فضا ۾ گونجڻ لڳا ۽ مون کي ائين لڳو، ڄڻ موت منهنجو تعاقب ڪري رهيو آهي.

موت جي تصور ايندي ئي، منهنجي قدمن ۾ کنوڻ چمڪاٽ وانگر تيزي اچي وئي ۽ مان ڊوڙندو رهيس............ ڊوڙندو رهيس. مان جيئن جيئن ڊوڙندو رهيس، تيئن تيئن پوليس جي سيٽين جا آواز، منهنجي ويجهو ٿيندا ويا. هن ڀيري مون حتمي فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته چاهي ڇا به ٿي پوي، پوليس جي گرفت ۾ نه ايندس، جڏهن ته مان چوريءَ ۾ ڦٻيو به ناهيان! ڊوڙندي ڊوڙندي، مان هڪ مندرنما حويليءَ ۾ داخل ٿي ويس. حويليءَ ۾ چئني پاسي اوندهه ئي اوندهه هئي. ۽ مان به ان اوندهه جو فائدو وٺي، پاڻ کي ڪنهن محفوظ جڳهه تي محفوظ ڪرڻ لاءِ اوندهه ۾ دوڏا ڦاڙي نهارڻ لڳس ۽ محتاط  انداز ۾ وکون کڻڻ لڳس. اهڙي طرح مان به اوندهه جو هڪ حصو بنجي ويس.

هاڻي پوليس جي سيٽين جا آواز، ٿمجي چڪا هئا. مون سک جو ساهه کنيو ۽ جيئن ئي پٺتي موٽڻ جي ڪيم، ته اوچتو ڪنهن اچي منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيو. ان گهڙيءَ مان دلير هوندي به سڄو ڏڪي ويس ۽ ڊپ جي ڪري، پٺتي ڪنڌ ورائڻ جي به همت نه ٿي!

”مسلمان آهين؟“ منهنجي ڪنن ۾ سرٻاٽ ٿيو.

”جي........ جي؟“ مون هٻڪندي جواب ڏنو.

”نالو ڇا ٿئي؟“ وري ساڳيو سرٻاٽ.

”محمد!“

”هون........!“ هن ڀيري سرٻاٽ نه ٿيو هو، بلڪه نانگ واري ڦوڪ محسوس ٿيڻ لڳو.

”محمد!...............! محمد ته اهڙا ڪم ڪونه ڪندو آهي!“

هن ڀيري ڳالهائڻ جو انداز معنى خيز لڳو هئم. مون کي پيرن جي هيٺان زمين کسڪندي محسوس ٿيڻ لڳي _ ۽ جسم جو وار _ وا اُڀو ٿي ويو ۽ لڱ ڪانڊارجي ويا ۽ هڪ اڻ ڄاتل خوف جي ڪري ڏڪڻي وٺي ويم _ ائين محسوس ٿي رهيو هوم، ڄڻ ته مان جبل تان ڪِري بچي ويو آهيان، پر منهنجي ضمير جي جبل جي هيٺان دٻجي مري چڪو آهيان، جو زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو احساس ٿيو هو ته مون پنهنجي نالي جو ڀرم نه رکيو هو!!!

زندگي

زندگي حقيقت آهي ان کي قبول ڪيو.

زندگي حسين آهي ان سان پيار ڪيو.

زندگي محبت آهي ان جي پرستش ڪيو.

زندگي خوبصورت آهي ان جو لطف وٺو.

زندگي چئلينج آهي ان جو مقابلو ڪيو.

زندگي جدو جهد آهي ان کي قبول ڪيو.

زندگي درد آهي ان کي قابو ڪيو.

زندگي فرض آهي ان کي پورو ڪيو.

زندگي سفر آهي ان کي مڪمل ڪيو.

زندگي راند آهي ان کي کٽو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com