سيڪشن؛ رسالا

مهراڻ 1973ع (3)

 

صفحو :6

عبدالله ”خواب“

 

اکر جو اڀياس

 

دماغ و دل کي سخن جو لباس پهرائي،

لکي ڏسان ٿو مان بيتن جو رنگ بدلائي.

 

اکر ٿو کٽ تي وهاري، اُهو اکر پَٽ تي،

اکر ڪو لک ٿو لهي،ڪو ته ڪک به ڪونه لهي.

 

اکر لهي به ٿو، اُڀري ٿو، ڪو ڏسي نه ڏسي،

اکر آ وقت جو آواز، ڪو ٻُڌي نه ٻُڌي.

 

اکر آ جنگ جو نعرو، نشانِ امن به سو،

اکر بنائي ٿو شيطان کي پر انسان ٿو.

 

ٺلهي زبان جو اکر ڪنهن جي دل ۾ گهر نه ڪري،

مگر جو دل مان ٿو نڪري، اهو اثر ٿو ڇڏي.

 

اکر فقير ڪري ٿو، اکر امير ڪري،

اکر وکر  ٿو وهائي، مگر جي سمجهن ڪي.

 

اکر آ مارئي، مومل ۽ هير جي هٻڪار،

اکر آ سورٺ، سهڻي، سسئي سندو جنسار.

 

اکر آ محملِ ليليٰ، اکر آ قيس غريب،

اکر آ شيرين ته فرهاد پڻ اکر آ عجيب.

 

اکر آ ڪاڪ محل جيئن مکين جو مانارو،

اکر آ مينڌرو، مومل کي جنهن هو سرچايو.

اکر کي عشق جي سهڻي سدا اُجاري وئي،

ٻُڏيءَ جا ٻيڻا، جو ميهار کي به تاري وئي.

 

اکر ’لطيف‘ جون لاتيون، اکر ’سچل‘، ’سامي‘،

اکر اکر آ حقيقت، ’نظامي‘ ۽ ’جامي‘.

 

سسئي جي سُر جو اکر ’شاهه‘ جي زبان سان ٻڌو،

پنهونءَ لئي سِر جون سٽون ڏئي،امر ٿي پاڻ پسو.

 

اکر اهو جو جهانن زبان تي ورجايو،

اهو آ تاج محل، جنهن جُڳن کي جرڪايو.

 

اکر وفا جو آ جنت، جفا آ دوزخ جو،

جفا آ جان جو جوکو، وفا جيئڻ جو اَجهو.

 

اکر آ زهر، ته ترياق پڻ اکر آهي،

اکر آ موت، حياتيءَ جو پڻ ثمر آهي.

 

اکر اگهاڙو ڪري ۽ اکر ٿو عيب ڍڪي،

اکر شَڪر کان مِٺو، ڪو اکر ٿو زهر ڇڏي.

 

ڦَٽيل ترار جو هرڪو ڇُٽي سگهي ٿو مگر،

اکر جي تير جو ليڪن نه آهه چاره گر.

 

اکر نڪير ۽ منڪر، اکر سوال و جواب،

اکر آ دنيا ۽ عقبيٰ، اکر حساب و ڪتاب.

 

اکر ڪتابِ خدا ۽ اکر وحي جبريل،

اکر رضائي الاهي، اکر دعاي خليل.

اکر تي ’ڪُن‘ جي ۽ ’فيڪون‘ تي به غور ڪريو،

اکر مان ڇا ڇا اُپايو خدا اِهو پرکيو.

 

اکر حبيب اکر عين بااليقين ۾ ڏسو،

اکر جو آئينو قلبن ۾ پنهنجي پاڻ پسو.

 

ڏسو نه ’خواب‘ ڏي، تعبير جي اکر کي ڏسو،

جديد نظم جي تحرير معتبر کي ڏسو.

 

à شيخ عبدالرزاق ”راز“

 

نئين زندگي

 

نئين نئين زندگي ملي آهه.

 

نيون امنگون، نئون قرينو،

نيون مرادون، نئون خزينو،

نئون آ ساحل، نئون سفينو،

نئين نئين تازگي ملي آهه:

نئين نئين زندگي ملي آهه.

هليو ڪناري طرف سفينو،

نئين سفر جو نئون طريقو،

نئين قيادت، نئون سليقو،

نئين نئين رهبري ملي آهه:

نئين نئين زندگي ملي آهه.

نئين سفر جو نشان مليو آهه،

نئون اسان کي جهان مليو آهه،

جهانِ نو گلفشان مليو آهه،

نئين نئين دلبري ملي آهه:

نئين نئين زندگي ملي آهه.

نئون آ سورج،نئين آ دولت،

نئون آهه ڪِرڻو،نئين حقيقت،

جديديت ۾ نئين قدامت،

نئين نئين آگهي ملي آهه:

نئين نئين زندگي ملي آهه.


 

à محمد ابراهيم ”منشي“

 

مون پڪ سڃاتا، پنهنجا ها گڏ ڌارين سان ڪي ڌاڙي ۾،

ٿي واٽ ڏسيائون ويرين کي ويهي وانگيڙن جي واڙي ۾.

 

تن ڳاهي ڳاهي ڳاهه ڪيا ڪئين ڳڀرو ڳاڙها ڳوٺاڻا،

تن گونج مچائي گولين جي ٿيا وانگي وطن ۾ ويڳاڻا،

تن ڀاڳ ڀليرن ڀاڳين جا سڀ ڀينگ ڪيا آهن ڀون ڀاڻان،

تن ساهه سُڪايو سانگين جو، هر سانگيءَ سينو ساڙي ۾.

 

جت چالون چِنيون چاهه منجهان ۽ چوڏس هئي چونگار چڙن،

جت ڇورن ڇيلا ڇاڇر ۾ ٿي ڇوڙي ڇڏيا ڇيڪ ڇنن،

اڄ ماڳ پسيو سي مارن جا ٿا من ۾ منهنجي مچ مچن،

اُت ڀوتن جا اڄ ڀنڀٽ ڀائو! ناهي پنوهر ڪو پاڙي ۾.

 

جت چرچا چارئي پهر چمن ۾ چوڙيلين جا چاڳ هئا،

جت مالوندن ميهاڳ متارن ماروئڙن جا ماڳ هئا،

جت لاکين لوين وارين لائق لويارين جا لاڳ هئا،

اُت چٻرن جا چيخاٽ ته چوڏس هيبتناڪي هاڙي ۾.

 

تن ماروئڙن کي مارِي مارَي مال مڏيون سڀ ميڙي ويا،

۽ کيٽ کرا سڀ کاهڙ جا سي کوٽا کوٽي کيڙي ويا،

سي وقت کان اڳ ۾ واچوڙي جيئن ويڙهيچن کي ويڙهي ويا،

سي رهزن راتو رات اچي ڪيئن راڄ وجهي ويا راڙي ۾.

اڄ ڌارين کي وري ڌار ڪرڻ لئه ڌرتي ڌوڻي ڌڱ اٿيا،

اڄ لال لکين لڄ پال کڻي ڪي لوهن جهڙا لڱ اٿيا،

اڄ سورهيه ساري سنڌ منجهان کڻي سانن جهڙا سڱ اٿيا،

سي مرڪي مرندا ماريندا ايندو منهندا جو به مهاڙي ۾.

 

اڄ غدارن کي غرق ڪبو ڪريون ڇو غلامي غيرن جي،

پر پهرين پَٽڻي پاڙ اٿئون هن گهر جي چور وڏيرن جي،

جن ڪڙم سڄي سان ڪِيس ڪري ٿي خاڪ بنايئون پيرن جي،

اڄ پسجي ”منشي“ پهچ پيئي هر پنوهر پير اگهاڙي ۾.


 

à علي محمد ”خالدي“ ٺٽوي

 

شاهجهاني مسجد ٺٽو

مغلن جي آهي ٺٽّي ۾ يادگار مسجد،

دنيا جي مسجدن ۾ بهتر شمار مسجد.

 

لاهور، قرطبا ۽ دمشق توڙي دهليءَ،

کان آهي شان و شوڪت ۾ شاندار مسجد.

 

الله جي پيارن وڌي پيڙهه هئي هٿن سان،

اقصيٰ جي ڪئي نموني آهي تيار مسجد.

 

بنياد پارسائن، روحانيت سان ٺاهي،

آهي بنائي پختي ۽ پائدار مسجد.

 

علم و ادب جي مرڪز ٺٽي شهر ۾ آهي،

اسلامي دؤر فن جو هڪ شاهڪار مسجد.

 

ارض وسما ۾ آهي، عرشِ برين تي آهي،

مشهور سؤ قُبائين، ليل و نهار مسجد.

 

ڪاشيءَ جي ڪم تي رنگت ۽ حسنِ نقشڪاري،

آهي بنائي حد کان وڌ حسن دار مسجد.

 

ممبر جي زيب و زينت، محراب جي جَڙائي،

باعث جهان ۾ سڏجي ٿي زرنگار مسجد.

 

هڪوار جنهن محبت ڀريل ڏٺو اکين سان،

تنهن جي ڏسڻ گهري ٿي دل بار بار مسجد.

رحمت جو آهي مرڪز،برڪت جو آهي مخزن،

مشرق ۾ توڙي مغرب ۾ آشڪار مسجد.

 

پڻ دورِ مغليه جي اسلام پروريءَ جو،

رکندي اچي جهان ۾ قائم وقار مسجد.

 

شاههِ جهان جي روحِ پُرنور کي ٿي بخشي،

اجر و ثواب روز و شب بيشمار مسجد.

 

اکيون ڏسي ٺرن ٿيون،حاصل سڪون ٿئي ٿو،

۽ روح کي ڪري ٿي باغ و بهار مسجد.

 

بيچون و بيمثال و بيمثل ”خالدي“ ٿي،

روءِ زمين تي آهي صد افتخار مسجد.


 

Ôعنايت“ بلوچ

 

سنڌڙي! او جندڙي

 

سنڌڙي! او جندڙي، تنهنجا سدا ويڙها وسن،

تنهنجا جهانگي، تنهنجا سانگي، سڀ سدا سَرها رهن،

تنهنجا مارُو مال – چارُو شل رهن مست و مگن.

تنهنجي گاهن تي ڳئون، وڇڙيون ۽ مينهون ٿيون مچن،

کير جون ساڙهيون سنگهارين کي سدائين ٿيون سُنهن،

ٿيون پٽن تي پرهه جون وايون ولوڙڻ جون اچن،

ڏڌ، مکڻ ۾ روز ڏوٿي هيج مان هٿڙا هڻن،

بک ۾ يا ڏک ۾ جيڪو ملي، راضي رهن:

سادگي ۽ سونهن، سچ ۽ صلح جي تون سرزمين،

ننگ ۽ ناموس وارا تنهنجا مورئون ٿيا مڪين.

 

مهر و الفت، پيار ۽ نيڪيءَ جون تو ۾ نعمتون،

تون ولين جي زمين، توتي رهن شل رحمتون،

تنهنجي ڌرتي بي بها، جنهن ۾ بلاشڪ برڪتون،

تنهنجا ملڪان ملڪ نعرا، تنهنجون اعليٰ عظمتون،

جُنگ، جوڌا، جوان تنهنجا، تن جون جَرڪن جُرئتون،

تنهنجون پاڪستان جي ٺاهڻ ۾ ڪامل قوتون،

حيف پر تن تي، هڻن جيڪي به توتي تهمتون،

ملڪ و ملت لئه ٿيون هاڃيڪار تن جون حرڪتون:

سنڌ! تنهنجو سر سلامت، تنهنجا دشمن دُور ٿيا،

دور ٿيا، مجبور ٿيا يا نيٺ چڪنا چُور ٿيا.

لولڙي او سنڌ جيجل! تنهنجي لافاني اٿئي،

ٻولڙي ٻاجهارڙي لاريب لاثاني اٿئي،

تنهنجي ’سسئي‘، ’مارئي‘ تولاءِ ديواني اٿئي،

تنهنجو ڪو مهمانوازيءَ ۾ نه ٻيو ثاني اٿئي،

تنهنجي هر مهمان لئه، تو وٽ مکڻ ماني اٿئي،

هر جڳهه تنهنجي سخاوت جي ثناخواني اٿئي،

غير سان ڀي دوستي يارن سان ياراني اٿئي،

ميزبانيءَ تي مگر هرهڪ کي حيراني اٿئي:

تنهنجي نيڪيءَ جا نه ڪجهه هرگز صِلا توکي مليا،

تنهنجي عظمت تي هٿئون اغيار سڀ توتي کِليا.

 

ماءُ! تنهنجا غم ڏسي آخر ٿا اولاڪا اچن،

درد تنهنجا ٿا نهوڙيندا نپوڙيندا وڃن،

حيف تن تي، سونهن تنهنجيءَ کي ڏسي جيڪي سڙن،

توتي سيئي ٿا گِرن، جي تنهنجو کائن ۽ پيئن،

تنهنجي سيني تي رهن ۽ ڏنڀ ڀي توکي ڏين،

غم نه ڪر پر سنڌڙي! تنهنجا به ٿا وارا ورن،

بيڊپا ۽ بي ڀوا ٿي هاڻ ڪُوپا ٿا ڪُڏن،

پاپ ۾ پاپي پراڻا ٿا هينئر پڄرن پچن:

سنڌ جا سينگار، سونهارا ڀٽائي گهوٽ جاڳ،

ٿيا نڀاڳي ننڊ مان تنهنجا اٿئي سنڌي سجاڳ.

 

سنڌڙي! آ تو سدا آڙين جي آڌاري ڪئي،

ڪئي وفاداري تو جن سان، تن جفاڪاري ڪئي،

ڪئي محبت جن سان تو، تن توسان مڪّاري ڪئي،

جيءَ ۾ جايون وٺي توساڻ عيّاري ڪئي،

ڇا ڪندا توکي، قيامت پنهنجي تن ڪاري ڪئي،

تنهنجي ٻچڙن پر انهن سان جنگ آ جاري ڪئي،

بس نه ٿيندي، جيستائين آ عَدوُ زاري ڪئي،

مات موذين کي ڏئي، پر صاف تن ساري ڪئي:

سنڌ جي سينگار جا نعرا نيارا ويا لڳي،

دشمنن جي پر دروديوار ڀورا ٿي ڀڳي.

 

هٿڪڙيون تنهنجي هٿن ۾ ويا وجهي دشمن دَبنگ،

تنهنجي پيرن ۾ وجهي ويري ويا واڍيون ۽ وَنگ،

پير هٿ ۽ پَر وڍي جڪڙيو ويو تنهنجو انگ انگ،

بيوسي تنهنجي ڏسي رهجي ويا داناءَ دنگ،

سورسختيون پر ڏسي نڪري پيا نانگا نسنگ،

جَس اُنهن جوڌن کي، جوٽي نيٺ جن دشمن سان جنگ،

شمع تي قربان ٿيندڙ ٿي پيا پيدا پتنگ،

تن سهيڙيو سنڌ جو داڻوڪڻو ۽ سنگ سنگ:

هٿڪڙيون، زنجير، ٻيڙيون، ونگ سڀ وڍجي ويا،

سنڌ جا سونهارڙا سانگي سڀئي سرها ٿيا.

 

سنڌڙي! تنهنجا وَريا آهن بلاشڪ نيٺ ڀاڳ،

پنهنجا پيدا ٿيا اٿئي، پنهنجن جي هٿ آ تنهنجي واڳ،

ڏنجهه ۽ ڏک ڏور ٿيندا، ڏيههَ مان ويندو ڏهاڳ،

نير نيڻن مان نه وهندا، سنِڌ ۾ ايندو سهاڳ،

ظلم زوريون ختم ٿينديون مارُيون ماڻينديون ماڳ،

ايندي ڪجلين ۾ چمڪ، نياڻيون به مارينديون مساڳ.

ڏس، متان، سنڌي! سُتو آهين پسي پنهنجو سڀاڳ،

آ اڻانگو پنڌ، ديرو دور، منزل ڀي اجهاڳ:

تون جتي آهين، اُتي ڪجهه ناهه، هل ڪجهه پرڀرو،

هوت خود ايندو هليو، تون ڀي ته ٿي ڪجهه اڳڀرو.

 

وِجهه مُٺئي ۾ هٿ، کڻ گهوٻو، اُٿي هر کي هلاءِ،

رک توڪل رب تي، هر دم ڪري ڪوشش ڪماءِ،

پوک کي پاڻي ڏئي، پوءِ پاڻ پورهئي سان پچاءِ،

ويل ويهڻ جي وئي، مانڊاڻ محنت سان مچاءِ،

ڇا تتي ۽ ڇا ٿڌي، هڪ پل نه ويهي تون وڃاءِ،

آ ٻني تنهنجي، هينئر غفلت نه جانب تو جڳاءِ،

پاڙ وعدا پنهنجي جيجل ساڻ ۽ ناتا نڀاءِ،

مڙس ٿي، مردانگيءَ جو ڏوڪو واڄٽ جيئن وڄاءِ:

تون مِڙن کان مٿڀرو آن، تنهنجي غيرت جو قسم،

تنهنجي عزت ۽ شرافت، تنهنجي عظمت جو قسم.

 

پوک تنهنجي وئي پچي پر آ مچي وئي تنهن تي جهار،

تنهنجي تيلن تي لڳي وئي ڪانوَ ڪٻرين جي قطار،

ڦوهه مان ڦڙڪيون هڻي اُڏري لٿا ڪي بيشمار،

اڳ نه اکين ايئن ڏٺو، سِرڻيون به سنگّن تي سوار،

ڦير کانڀاڻي ۽ هڻ ڳوڙها اُٿي ڳهلا ڳنوار،

هَڻ هڪ ’هو هو‘ ڪري، تون جهار کي جلدي اُڏار،

جي سنگن تي سيٽجي ويٺا، انهن کي تون اُٿار،

ٽاڪرو اُلّو اُڏاري، پوک جي ڪر پو پچار:

تنهنجي قسمت جا ڪڻا، ڳيرا ڇو ڳڙڪائي وڃن،

تنهنجي سستيءَ جي ڪري سي سُڃ ڇو لائي وڃن.

جو مِلئي تنهن کي سڃاڻج، ڏسو سڳو آ يا سڳي،

جو سڳو تنهنجو نه ٿئي، ڏئي مار ڪڍ تنهنجي مڳي،

ڪو نه هلندو هاڻ هِت ڪو ٺاهه يا ڪائي ٺڳي،

ڄاڻ دشمن جي ڊهي ديوار ڀورا ٿي ڀڳي،

ڪر تون همت، جيئن وڃن نروار ڪي نعرا لڳي،

ڪنهن ٻُڌو ناهي ته تاڙي آهي هڪ هٿ سان وڳي،

ورّ ريءَ ڪائي سهاڳڻ، ٻي نه ڪنهن تاريءَ تڳي،

سنڌ کي سينگارڻو آ ساڻ سُرمي ۽ سڳي:

’سچ بيٺو نچ‘ مولائِن جو مولا ٿيو مدد،

ٿي ’عنايت‘ ايزدي از طرف الهه الصّمد.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com