سيڪشن؛ رسالا

مهراڻ 1973ع (3)

 

صفحو :3

محمد ابراهيم ”منشي“

 

ڀوڳ نه ڀانيو ڀاڳيا، ڌرتيءَ ڌاڄ ڌڻي،

اُن کي ننڊ نهوڙيو، آهي ڳهر گهڻي،

پَر جي پير پڻي، صباح ٿيندا سنڌ ۾.

---

پَر پيا ڪن پر ۾، پنهنجا پڪا پير،

رکيو اچن راکن سان، من سدائين مير،

ساڳيا سسئيءَ ڏير، دوکو ڪندا دم ۾

---

جي وڍين تان وڍ، هينئر جهنگ جَهڪو اٿيئي،

کڻ ڪهاڙا ڪچيءَ مان، ڪپي پاڙون ڪڍ،

ڏيئي هيئين ڏڍ، ويٺين، تان ورسئين.

---

تو جي ڀاءَ ڀانئيا، سي ڌارين جا ڌوڙي،

وِهه انهن جي وات ۾، نانگ نه ڀان نوڙي،

ان کپر کاڌا ڪيترا، گُرو گاروڙي،

ڪو کپي کاهوڙي، جو چيلا گرو چٽ ڪري.

---

سپوتن سُئا، سنڌو! تنهنجا سڏڙا،

مِڙيا ڪئين مرڻ لئه، مانجهي ڪي مئا،

دلان ڪر دعا، ته پورا رهون پير تي.

---

سينڌ سڪل جو سُنهن، مون کي آهي مامتا،

مٿي تنهنجو مُنهن، سر ڏئي ڪندس سنڌڙي.

---

مانجهي ملاح مورڙا، گهاتو وئا گهِڙي،

ڀيڙا کڻي ڀَنِ وئا، مانگر تي مڙي،

ويريءَ ساڻ وڙهي، پڇاڙيندا پٽ تي.

---

اهڙا مانگر ماريا، هزارين هنن،

اڃا سيرائون * سنڌ ۾، پيون ڄام ڄڻنِ،

پيا مياڻيون مرڪائن، اڃا مانجهي مورڙا.

---

 ”خاڪي“ جويو

 

وسندا مينهن ملير تي، ويندا ڏرت ڏڪار،

ماڳين مارُو موٽندا، سرها ٿي ته سنگهار،

هارين جا هرڦار، کيڙيندا کِهه کيت جي.

---

وسندا مينهن ملير تي، مارو ڪندا موج،

آئي اجها سومرا، اباڻن وٽ اوج،

بادل لاهي بوج، ويندا ويڙهيچن تان.

---

وسندا مينهن ملير تي، کڙندا کٽڻهار،

ورندا نيٺ ته سومرا، ويڙهيچن جا وار،

ڪندا عرش اُڏار، ڪِرندا ڪوٽ قهر جا.

---

وسندا مينهن ملير تي، سرها ٿيندا سانگ،

موٽي ايندا ماڳ تي، لال ورائي لانگ،

ماروئڙن جي مانگ، سٽي رکندا سيگهه ۾.

---

وسندا مينهن ملير تي، گوڙ ڪري گجڪار،

ايندا اوهيرا ڪري، وڏڦڙا وسڪار،

ڪري ترايون تار، ڏَلهي ڇڏيندا ڏيهه کي.

---

وسندا مينهن ملير تي، سانگين لهندا سار،

ايندا اوهيرا ڪري، ڪڪر ڪارونڀار،

گوڙين جا گجڪار، لاهي بيهندا لوڪ تي.

---

وسندا مينهن ملير تي، کاڻا ڀريا کنڊ،

ماريندا مشتاق کي، محبوبن جا منڊ،

آڌيءَ جاڳي جنڊ، جوٽينديون جوانڙيون.

---

وسندا مينهن ملير تي، روح رچندا رنگ،

ڏياچن جي ڏيهه ۾، چارڻ کڻندا چنگ،

ڪٽجي ويندا ڪنگ، موٽي ايندا مورڙا.

---

وسندا مينهن ملير تي، سانگين کي ساري،

ويندو ملڪ ملير مان، موذي سڀ ماري،

ڏاڍن کي ڏاري، ڪِري پوندو قهر تي.

---

وسندا مينهن ملير تي، ساوا ٿيندا سَرَ،

موٽي ورندا ماڳ تي، وريتين جا وَرَ،

کامي مرندا کر، ساڙيٽا هن ساڙ ۾.

---

سانوڻ آيو سوڀ ٿي، مينهن ڪئي موٽ،

ماڳين سگهو موٽندا، گهريتين جا گهوٽ،

اَجهو ٿيندا اوٽ، ڏکوئن جي ڏيل جا.

---

سانوڻ آيو سوڀ ٿي، موٽي مينگهه ملهار،

موٽي ماڳن تي ڪئي، وڏڦُڙي وسڪار،

سانگيئڙن جي سار، پوءِ به پنهنجي پيار ۾.

---

وسي وسي وڏ ڦڙي، ڪئي گپا گيهه،

ماروئڙن جي مال جي، پَٽن مٿي پيهه،

چهٽي پيئي چيهه، ڀٽن ڀريان ڀونءِ جي.

---

 

 الياس ”عشقي“

 

جو مون ڀانيو هار، سو ڳچيءَ جو نانگ ٿيو،

دلڙي پَل پَل پور ۾ سهي ساجن سار،

ڪهڙا ٿا دونهان دُکن، الاهي توهار،

من جو مالڪ ٿي ويو، داسيءَ جو دلدار،

من ۾ مچ مچائي ويو جو هُيو ڪڏهن منٺار،

من جو من سان مون ڪيو، وِرهه سندو واپار،

سک مٽائي ڏک مون ورتا، تائين موت ميار،

ڏوهه نه ڪنهن ٻئي ۾ ڏسان، مون ۾ عيب اپار،

سدا سِڪ ۽ سوز جو رهڻو آ آزار،

گهوريان هار هزار، ماري آهيان موهه جي.

---

جو مون ڀانيو هار، تنهن ڏنا سوَ سوَ سُور،

ريت وڃائي پريت ۾، پَل پَل پاتم پور،

اکين ڪونهي نور، ويٺي رُئان رت – ڦُڙا.

---

جو مون ڀانيو هار، تنهن ڏنا ڏمر ڏهاڳ،

رت روئي رات وِهايَم، ويو سڀاڻي – سهاڳ،

سج اڀريو ڏينهن قيام جو، سائين ٿيو سجاڳ،

ڪهڙا منهنجا ڀاڳ، باهه ٻري ٿي جيءَ ۾.

---

جو مون ڀانيو هار، ان جو ڪجهه نه هو اهڃاڻ،

مَڻئي تي ويو من موهجي، سچ جي نه هئي سڃاڻ،

هار ڳچيءَ ۾ آ وڌو، ڄڻ ڪاريهر ڪاراڻ،

مران ٿي مان هاڻ، وهي ٿو وِهُه وجود ۾.

---

جو مون ڀانيو هار، هئي تَنهن جي ڪانه پروڙ،

پَئي منهنجي بخت تي، ڏهاڳن جي ڌوڙ،

هو سڀڪجهه ڪوڙ، مڻيو وجهان مچ ۾.

---

مڻيو وجهان مچ ۾، ريجهي ٿيس خراب،

سَهڻو آهي هاڻ مون سڄي عمر عذاب،

سندو اکين آب، ڌوئي نه سگهندو ڏوهه کي.

---

مڻيو وجهان مچ ۾، چري آءٌ هُياس،

چِت چنيسر وٽ رهيو، سودو ڪوڙو ڪياس،

تنهان پوءِ ٿياس، ڊپ ۽ ڏوهه ڏهاڳ جو.

---

مڻيو وجهان مچ ۾، ڇا هو من جو موهه،

گهٽ ته ڪونهي ڏوهه، هار چنيسر سين مٽيو.

---

مڻيو وجهان مچ ۾، گهوريان سهسين هار،

ڏمر ۽ ڏهاڳ لئي، ڪهڙو ڪيم سينگار،

هارايم حبيب کي، پيو ڳچيءَ ۾ هار،

اکيون مينگهه ملهار، رڳو رئڻ نصيب ۾.

---

مڻيون وجهان مچ ۾، هئا ڪهڙا هوءِ وينجهار،

ساعت اڀاڳي هئي جڏهن جُڙيو هار،

هاڻي سمنڊ ڏهاڳ جو ڪيسين ڪجي پار،

اهڙو نه ڪيم واپار، جو محب ملن ها من جا.

---

مڻيو وجهان مچ ۾، لالچ ڏوهه گناهه،

چنيسر پرچي وڃي، ڪولهي اهڙي راهه،

گهوري ڇڏيو عشق تي پنهنجو سر ۽ ساهه،

هاڻي جيئڻو ناهه، ملڻ ريءَ محبوب جي.

---


 

نظير ٽکڙائي

 

سڀ ڪجهه سپيرين، جيڪي گهرن سونهن،

اف اڌارو ناهه ڪونه مهڻو محب رکن،

ڏکيءَ ڏمر ڪيترو هجي حبيبن،

ته به ٻيڻي ٻاجهه ڏين، ٻاروچا ٻين گهڻي.

---

سپيرين کي سڀ، مليو مانُ مجاز ۾،

ڳولهيندڙ ڳري ويا، ڳولهيو جنهين ڳڀ،

ڊوکا ڪندي ڊوهه ۾، ڊاٺا ڍولئي ڊڀ،

اوج رسيا اڻلڀ، جي اڪنڊيا آيا اوچتا.

---

آءٌ جيئن گهران، شل ائين محب گهرن،

واري وٽان تن، گهري تان گهور ٿيان.

---

سپيرين کان سڀ، گهرڻ آهه گهڻو،

سندن قرب ڪڻو، ڪمينيءَ لئه ڪيچ ٿيو.

---

گهرين ڪهڙو ڊپ، پر اڻ – گهريا گهري شال،

محبوبن مثال، ڏٺم اهڙا ڪينڪي.

---

وٺي آءٌ ٿڪياس، پر هو نه ٿڪو ڏيئي،

مون کي لالچ لاس، هن کي ڏيج ڏيڻ جو.

---

 

 رحيم بخش ”قمر“

 

سورج سون رُپي جو، ويڙهي خوب کٿو،

سارو ڏينهن سفر ڪري، لالڻ آهين لٿو،

مالڪ ڪاڻ مَٿو، کوڙيو اٿئي خوف مان!

---

سورج لهي سجدو ڪرين، لمحو ٿئي نه ليٽَ،

لامن مٿان لاکو چئي، پکين کوڙيا پيٽَ،

ڀلا تنهنجي ڀيٽَ، ڪجي ڪيئن ”قمر“ سان!

---

سورج لهي سجدو ڪيو، رازق آندي رات،

سُتو لوڪ لاکو چئي، وائي نه ڪنهن جي وات،

پکي لنون پريت سين، لامن مٿان لات،

پرهه ڦٽيءَ پرڀات، سورج ڪيو سوجهرو!

---

گُل ٽڙيا، غنچا ٽِڙيا، ٽِڙيا ڊامڻ، ڊاک،

سنڌڙي توسان ساک، کنيم نينهن نڀائڻ جي!

---

 

 مير محمد پيرزادو

 

سالم رهج سِڪ سان، سچي ئي سچي،

ڪين کڻندا ڪڏهين، ڪيچي ڪابه ڪچي،

رهي راند رچي، هوت ورائج هنج ۾.

---

پرک پرکي پارکُو، سسئي وري نه سمهه،

هيڪو هوت وڃائي، گوهر ڪيڙي گم،

چشمن چائي چم، سختيون سندن پار جون.

---

اوڳي ذات اُٺن جي، پر اوڳي تون اصل،

قطاري ويا ڪيچيا، ڪالهانڪر ڪرهل،

مَتِنِ جي موڙهل، هوت وڃايئي هٿ سين.

---

هوت ويئي هٿ سان، ڀنڀوران ڏئي باهه،

ڪيچين ڪارڻ ڪوهه ۾، ڪاهيو ڪاهيو ڪاهه،

اوڳڻ تو ۾ آهه، ننڊ نه اچي نينهن کي.

---

ڪيچين وڻي نه ڪاهلي، ننڊ نه ڄاڻي نينهن،

پُنهل لاءِ پهاڙ ۾، ڏجهڻ ڏکيا ڏينهن،

شور يا گهمن شينهن، پيري ڀانئين پُنهل جا.

---

سرتيون رهيون سوچ ۾، ويچاريون وَڏِ وَرَ،

ته پنڌ نه پيادن کان ٿئي، مٿي پٻ پٿر،

اسونهيءَ اڀر، پاتو پنهون پٻ ۾.

---

جلن جِت جبل، تِتي سندس پنڌُ،

پير نه واري پٺتي، سڙندي هوءَ سنڌُ سنڌُ،

ڪاٽي ڀل ڪو ڪنڌ، من ڌڙ ئي پهچي دوست ڏي.

---

ڌَڙُ بُڪُلِيَلُ ڌوڙ ۾، ڪِريل جنين ڪَنڌُ،

رت وهي ريلا ڪيون، سيرون تن سنڌُ سنڌُ،

هينئر ئي هن هنڌ، ٿيا هيڪاندا هوت سين.

---

سسئي اڪيلي سڃ ۾، ڳاري ويٺي ڳَچَ،

سيج ته سونهي سِڪ کي، محبت پچي مَچَ،

ساٿي سفر سچ، ڪو راڙن مان ڪاڍو ٿئي.

---

سِڪ ۽ سانگو ساهه جو، سَڌڙِيَنِ سُهاءِ،

سِڪ وارن لئي سُڃن ۾، سڄڻ ساٿي آهه،

باقي واتين واهه، گهڻن ڪئي، گهرن مان.

---

گهر گهر ۾ گهاٽ، سوري هرهڪ سڙڪ تي،

بيشڪ ”سفر سچ جو، واسينگن جي وات“

ڳهلي اوچي ڳاٽ، سِر ڪٽائج سچ تي.

---


*  سيرائون، مورڙي جي ڀيڻ - سيران

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com