سيڪشن؛ رسالا

مهراڻ 1973ع (3)

 

صفحو :11

 مرزا فياض علي بيگ ”فياض“

 

نه آ فراق ۾ ساقي شراب شيشي ۾،

ڀريل هي منهنجو آهي خون ناب شيشي ۾.

 

هر هڪڙي مست جي هو لب تي نالئه بلبل،

شراب شيشي ۾ ٿيو يا گلاب شيشي ۾.

 

جي ان جي لطف کان واقف جناب زاهد ٿئي،

رکي خضاب جي بدران شراب شيشي ۾.

 

لڳائي دير اچڻ ۾ تو ساقيا ايڏي،

شراب جي به ٿي مٽي خراب شيشي ۾.

 

اسان جي بزم ڏي ساقي ڇو آيو هيج منجهان،

جو هِت شراب ٿيو لاجواب شيشي ۾.

 

ٿي رات جو به سندم گهر ۾ روشني آهي،

ڪرم سان ساقي جي ٿيو آفتاب شيشي ۾.

 

خيال روڄ جو دل ۾ جو آيو اي ’فياض‘،

طلسم غم ٿي پسايو سحاب شيشي ۾.


 

 ”ساجد“ لعلپوري

 

 

محبوب جي محفل ۾ گهڙي جا مون گذر ڪئي،

سچ آ ته اها ڏاڍي خوشيءَ ۾ مون بسر ڪئي.

 

هو جنهن ۾ نماڻائيءَ سان گڏ نور نمايان،

منظور اها نور ڀري مون ته نظر ڪئي.

 

مون کي ته هئي يا نه،مگر هن کي پسند هئي،

مون تنهنڪري گفتار اها شام و سحر ڪئي.

 

مون ڪئي نه خطا،بي خطا آهيان،مون تڏهن به،

ڪاوڙ ڇو الائي آ مون سان رشڪِ قمر ڪئي.

 

حد ڪهڙي اڃا رسمِ وفا جي آ زياده،

زرمال ته ڇا چيز آ،دل جان مون نذر ڪئي.

 

ان وقت زبان ان جي ڪٽيندس نه ڇڏيندس،

اي منهنجا سڄڻ! جنهن به گِلا تنهنجي بشر ڪئي.

 

دل ٿيندي تڏهن شاد،جا ناشاد رهي ٿي،

جنهن وقت اچي يار جي قاصد ڪا خبر ڪئي.

 

مُنهن ڪهڙو ڏيندين حشر ۾ ان وقت اي ظالم!

مظلوم جي جنهن وقت طلب خونِ جگر ڪئي.

 

 ”عباس“ ساٿي

 

ڪري احسان يار ايندو،ضرور ايندو.

ڏيڻ مون کي پيار ايندو،ضرور ايندو.

 

انهيءَ سان اوريو احوال سارو،

اسان جو رازدار ايندو،ضرور ايندو.

 

گهڙيءَ پل ۾ سڀئي گوندر گنوائيندو،

سگهوئي غمگسار ايندو،ضرور ايندو.

 

دوا بيمار کي ڏيندو،اُٿاريندو.

جڏن جو جيءُ جيار ايندو،ضرور ايندو.

 

نه رو بلبل،سندئي گلشن مان جلدي،

خزان ويندي بهار ايندو،ضرور ايندو.

 

وري ”ساٿي“ چمن ۾ تازگي ايندي،

ٿي دلبر گلعذار ايندو،ضرور ايندو.

قطعا

 

 ”ولي“ دائودپوٽو

(1)

لکون ٿا ادب کي اُجاگر ڪرڻ لئي،

انهيءَ کي اوهين نکمڻائي ٿا سمجهو؛

ٿا سلجهايون الجهيل زماني جون زلفون،

انهيءَ کي اوهين چلولائي ٿا سمجهو.

 

 (2)

اچي جيڪي موٽيا،وڃي جي نه وريا،

ائين ئي زماني جا اطوار ڦرندا؛

پراڻا ڪُهن سال، پامال ٿيندا،

نوان نقش اڀري، نئين جاءِ وٺندا.

 

 (3)

جيڪڏهن هڪ نهارَ،مون تي وجهين،

مان به ڪجهه ڪجهه ضرور ٿي ويندس؛

جي ملين وِهَ ڀريءَ حياتيءَ ۾،

زندگيءَ جو سرور ٿي ويندس.

 

 (4)

جوت جلندي رهي،حياتين جي،

خود بَخود داستان ٺهي پوندا؛

پاڻ سنجوڳ ۾ رهياسين جي،

اڄ سڀان ڪاروان ٺهي پوندا.

(5)

ڏينهن جو نيڻ، راتِ جو تارا،

ڏس ته ڪنهن لاءِ جاڳندا آهن؛

منهنجو احساس ۽ امنگ ’ولي‘،

تنهنجي ڳولها ۾ ڀٽڪندا آهن.

 

(6)

اوتِ او اوتِ مڌ، پروڪن ۾،

مئي پياڪن کي ڪجهه سواد کپي؛

هرطرف جهوم ۾ اچي،جل ٿل،

وقت کي وقت جو مواد کپي.

 

(7)

مون ڀري سوچ آهي سوچن ۾،

مون ته هر انگ کي اڏارَ ڏني؛

ديس وارن کي ديس لاءِ ’ولي‘،

نت نئون ساءُ ۽ سنوار ڏني.

 

(8)

چنڊ تارن جهمر وڌي آهي،

اڄ ته مون کي به گيت ڳائڻ ڏي؛

منهنجي ٻوليءَ وڌا ٿي لاڳ ’ولي‘،

هاڻي مون کي به جڳمڳائڻ ڏي.

 

رباعيون

 

 ”نشتر“ ناٿن شاهي

 

(1)

دردن جا خريدار گهرايو ته مڃان،

سورن جا اٿم ساٿ، کَپايو ته مڃان؛

هر ڪوئي خريدار خوشين جو ٿو اچي،

غم جو ڪو خريدار ملايو ته مڃان.

 

(2)

قطره کي کڻي بحر بنايو ته مڃون،

ذره کي هماليه کڻي ٺاهيو ته مڃون؛

ڪڪرن منجهان بارش ته وسائي ٿا وجهو،

نيڻن مان ڪڏهن مينهن وَسايو ته مڃون.

 

(3)

پوڙهن کي ورائي ڏيو جوانيون ته مڃون،

انڌن کي ڏيو آڻي نگاهون ته مڃون؛

هر ڪوئي زبانن کي زبانون ٿو ڏئي،

گونگن کي ڏئي ڪوئي زبانون ته مڃون.


 

 ”بشير“ سيتائي

 

(1)

انسان جا خون نوش گهڻا ئي آهن،

مخمور ۽ مدهوش،گهڻا ئي آهن؛

جي خون پي عصمت کي ڪُهَن ويٺا سي،

بدمست ۽ سَرجوش گهڻا ئي آهن.

 

 (2)

زردار کي هر عيش جو سامان ملي،

۽ ملان کي مسجد ۾ پيو نان ملي؛

مزدور جوئي باقي مقدر آ ڦِٽل،

جنهن کي ٿو نڪو نان، نڪو مان ملي.

 

 (3)

تون زهر پيارين  ٿو،جيون ٿا سائين!

تون زوري جيارين  ٿو،جيون ٿا سائين!

تسڪينِ دل و جان نه آ تنهنجو جهان،

پر تون ته نهارين ٿو،جيون ٿا سائين!

 

(4)

مفلس جو ڪندو ڪهڙو حيا ابنِ زر،

بيباڪ چُڀائيندو دلين ۾ نشتر؛

ارزان آ گهڻو خونِ غريبان هن لئي،

هٿ لال ڪندو نيٺ ڪڍي خونِ جگر.

نيون طرزون

 

 

 ”ولي“ دائودپوٽو                                  ]هائيڪو[

 

اي سنڌيءَ جا شاهه،

سنڌيءَ سندي سُرت جا،

سينواريل ٿي ساهه.

 

هيڻي ڪا هونگن،

آئي منهنجي سنڌ جي،

جهوپن مان جهونگن.

 

اولهه ڏي هو چنڊ،

پورهئي لئي پيٺو پئي،

سنڌڙيءَ ويٺي جنڊ.

 

سنڌڙي ساري سوڌ،

اڻ ڄاتيءَ ڄاڻِ جي،

آهين تون ڪا لوڌ.

 

اڄ به اُهاءُ هڳاءُ،

ڇاتي ڇاتي ٿو ڇهي،

ساڳيو تنهنجو ماءُ.

 

ڪهڙو ڪهڙو حال،

ميڙي سيڙي گهرِ رکيئه،

هيڏا لُٽِ جا مال.

 

هاري يا مزدور،

ڪهڙو ڪهڙي کي چوي،

هيڻو يا مجبور!

 

توکي ڌَن جو ڊاءُ،

پيسي پيسي تي ڀلي،

ماڻهو، ماڻهو کاءُ.

 

چئني پاسي شور،

چور جي واتان مون ٻُڌو،

”چور، اڙي او چور“.

 

نانگو ناهي نينهن،

ها ها پر صبح کان.

ستو پيو آ شينهن.

 

وڇڙيل جا ورلاپ،

او راڻا، اڌ رات ۾،

ڏينهن جو ڪڇ ۽ ماپ.

 

آهي ڪائي اَڏَ،

ايندي ويندي ٿي ڪري،

وينگس وينگس لاڏَ.

 

 ”نقاش“                                            ]چؤسٽا[

 

چنڊ! ڪڪرن ۾ ڇا ڏسين  ٿو تون؟

منهنجي ڌرتيءَ کي ڏس اکيون کولي؛

سونهن جو آهه ڄڻ اٿاهه سمونڊ،

هِن منجهان ئي تون لهه خدا ڳولي!

 

هُوند تنهنجي حُباب ناهي دوست!

هيءَ حياتي ڪو خواب ناهي دوست!

ٺوس آهن حقيقتون هِن جون،

هيءَ آ امرت، شراب ناهي دوست!

پاڻ کي ڄاڻ، پاڻ کي ئي ڏور،

ڪوئي دنيا ۾ ناههِ توکان زور؛

تون خدا آهين، تون ئي آن ابليس،

تون ئي ڀاڳيو آن، تون ئي آهين چور.

 

رت ڦڙا او رت ڦڙا!تو رنگ ڪٿان چورايو؟

تُنهنجي سوڀيا، دل وارن جو سک ۽ چين ڦِٽايو؛

اُڀ ڪپريءَ تي پير ڄمائڻ اڻ ٿيڻو ڪم آهي،

هيڻن جي حيران اکين ۾ ڪيئن تو پير کُپايو؟

 

ڳاڙهاڻ شفق جي هجي يا رَت ڦڙي جي،

ڳاڙهاڻ ته هر روپ ۾ انعام آ پيارا!

پيلاڻ پنن جي هجي يا ڪنهن جي چپن جي،

پيلاڻ پڄاڻيءَ سندو پيغام آ پيارا!

ننڊ منهنجي ڦِٽِي ته ڇا ٿي پيو،

مان هزارن جي ننڊ ڦٽائيندس؛

منهنجي دل کي ڀلي جلائي ڇڏ،

آس جا ديپ ته به جلائيندس.

 

منهنجي دل کي قرار ڏيئي سگهندين؟

موت جي ننڊ کي بَڇڻ وارا!

دل جي آواز کي گُهٽي سگهندين؟

ڄِڀّ پاڙؤون ڇڪي وڍڻ وارا!

 

درد کي دل جي راهه ڏيکاري،

جسم و جان کان به ٿي ويس آزاد؛

ڀٽڪندڙ کي ملي ويئي منزل،

منهنجو ويرانو ٿي ويو آباد.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com