سيڪشن؛ رسالا

مهراڻ 1973ع (3)

 

صفحو :4

محمد سومار ”باندي“

 

مولا محبوبن کي، اڱڻ منهنجي آڻ،

ته ونڊي سِڪ سپرين سان، ڪيان روح رهاڻ،

الله انهن جي آسري، هيڻي ٿيڙس هاڻِ،

’بانديءَ‘ کي بخش ڪر، سپرين ساهه سيباڻ،

جي هجيم سڄڻ ساڻ، ته الڪو ناهه جهان ۾.

---

ڪبوتر قريب جا، اڄ اچ اڏامي تون،

هي گل تو گلي پايان، جيڪي چڻيا مون،

سهڻا سينگاري توکي، ڏيان ڳلن ڳراٽيون،

ساري اماڻيانء پرين ڏي، (؟) خبرون ڪي خاتون،

’بانديءَ‘ جي باسيون، سي اڱڻ اچ ته پاڙيان.

---

پنهون پنهون ڪري پَٽ ۾، پٿون پير ٿيام،

اَجهي آريءَ ڄام لئي، ڪئين جبل جهاڳيام،

ڪري ويا قيام، ته به ’باندي‘ ذات  بلوچ جي.

---

 

دوها

 

”ولي“ محمد دائودپوٽو

 

پَهڻ کان پختي ڳالهه اسان جي، تنهنجي ڳالهه هوا جو جهوٽو،

تنهنجو کَلڻ ڄڻ خلق خواري، مون سان روئي ٻوٽو ٻوٽو.

 

ڪڻڪن ۾ لابارو پيو آ، آئي رت اربيلي،

هاءِ سڄڻ جي ساريم، مون سان روئي رات اڪيلي.

 

ڪڻڪن ۾ لابارو پيو ۽ آئي اتر واءُ،

هاءِ اسان جي هڪجيڏي جو، ٻڌُجي ڪين هڳاءُ.

 

رات اسان سان ريس ڪئي، هو جاڳڻ جو اقرار،

ننڊ نهوڙيل نيڻن آندو، سپنن جو سنسار.

 

اکڙين ۾ اسرار انوکا، ڄڻ پرڀاتي پور،

سانورا سانورا چهرا سائين، سڄرا سڄرا سور.

 

نيڻن ۾ آ شام سُهائي، شامَ سهايا نيڻ،

ڪنهن جي چپن تي گيت رسيلا، ڪنهن جي چپن تي ويڻ.

 

پويان ڏينهن پاڇاٽا ماڻهو، من من پنهنجي پيڙ،

هٿ هٿ اهي ڌوتي لنگوٽي، ڪفن ڪفن جي ليڙ.

پويان ڏينهن پاڇاٽا ماڻهو، روح روح ۾ روڻ،

چئني پاسي، ويڙهه سيڙهه ۾، ڌن وارن جي ڌوڻ.

 

پويان ڏينهن پاڇاٽا ماڻهو، هاڃا، هاڃا، هاءِ،

ڏينهن نسورو ڏک ڏاکڙا، پورهيت، پورهيت لاءِ.

 

”نقاش“

 

ماٺي رات، ٿڌي چانڊوڪي، تترن ڪئي تنوارَ،

ياد وري اڄ آيا مون کي وسريل وڇڙيل يارَ.

 

وڇڙيا ملندا ڪڏهن الائي، وسريل ياد اچي ويا،

ماٺي ڇَرَ تي پٿر اُڇلي، ٽانڊاڻا گُم ٿي ويا.

 

پريت جي آهي ريت نرالي، جڳ وارا ڇا ڄاڻن

پروانن سان سينو ساهيو آهي ٽانڊاڻن.

 

ٽانڊاڻو اڄ جهلڪا ڏيئي جڳ جو من پرڀائي،

پروانو چُپ چاپ جلي ٿو، پنهنجي جان وڃائي.

 

ٽانڊاڻن جي چمڪ دمڪ تي مَن هيريوسين اَجايو،

جهلڪو ڏيئي اوجهل ٿي ويا، اوڏو ڪوبه نه آيو.

 

ٽانڊاڻي سان پيار نه ڪر تون، او مورک نادان!

پاڇي سان ڪي پاڙي سگهبا پِرت سندا پيمان؟

 

ٽانڊاڻي جو چمڪو آهي تنهنجو منهنجو پيار،

جوڀن تنهنجو، جذبو منهنجو، پاڻيءَ تي ڦُلهيار،

مان جذباتي، تون هرجائي، وقتي پنهنجو پيار،

صبح ٿيڻ سان وسري ويندو راتوڪو اقرار.

 

او هرجائي ڀؤنر! ڀرين ٿو ڪنول مٿان ڇاڪاڻ؟

ڪوڻيءَ جي ڪومل سيني ۾ مچي ويو مانڌاڻ.

 

کاڻ جي ماٺي آ ڇَرَ، ڪومل ڪنول ڏسي تون آئين،

ڀؤنرا، توکي پيار نه ملندو، ڇو ٿو وقت وڃائين!

 

ماٺي ڇَرَ تي ڪنول ٽڙيو آ، ڀؤنر ڀري آڪاس،

آيو ڪين ٻنهي کي ڪڏهن پيار جو ناتو راس.

 

نظير ٽکڙائي

 

مور ماٺ ۾، ڊيلون ڊوڙن، وڻ وڻ ڳاڙها ڳن،

منهنجي مُٺ ۾ پت – جهڙ جا هي زردا زردا پن.

 

آد جڳاد جي پڃري پڃري اندر چوپڻ راند،

پوڃاڙيءَ جو پڻڇيءَ ڇڏيو پرت پکيڙي پاند.

 

ڳوٺ ڳوٺ جي ڳليءَ ڳليءَ ۾ ويريءَ جو وسواس،

جئن ڪو منهنجي گهر جي سامهون کتل هجي انگاس.

 

آدم بُون جو روز اچي ٿو پٿر مان آواز،

روپ ننگر جي چانڊوڪين ۾ سُڄن سريلا ساز.

 

تو وٽ کانڀاڻي ۽ ڳوڙها، تو وٽ تير ڪمان،

جهار اڏائي ڇڏ اي ساٿي، توکي ڇا ارمان.


ڪافيون

 ”عارف المولا“

توکي ڪهڙي ڪَل وو يار،

ڪيئن مون ڦٿڪي رات گذاري.

 

سانجهيءَ ٽاڻي دلڙي تاڻي،

دل جيون مونجهون دل ئي ڄاڻي

روئي زارو زار قطار،

ايندي ويندي واٽ نهاري

سَهسين سُور سَنجهي ساماڻا،

ٽلڪي ٽارِيَم ڪيئي ٽاڻا،

ناهي صبر و چين قرار،

لُڇ پڇ لئون لئون ۾ لاچاري.

آڌيءَ اُٿيو تڪيا تارا،

ڏِيل اندر ڏهه ڏهه ڏهڪارا،

هِينئڙي آهن هولَ هزار،

اوسيئڙي جندڙي آزاري.

اَسُرَ جو اُٿيو ڪريان آهون،

آءٌ عجيب اڱڻ اوراهون.

سرڙو واريان سَوَ سَوَ وار،

توکان وَڌ جِند ناهي پياري.

پرهه ڦُٽي، پر يار نه آيو،

ڀيڄَ ڀِنيءَ بيمار بنايو،

برهه جا برسر باري بار،

ڪيئن سهي هڪ دل ويچاري.

ڪاري رات ڏنگي جيئن ڏائڻ،

هاءِ اچي ٿي هر هر کائڻ،

نانگڻ نڪريو ٿئي نروار،

سُورن تنهن سان جنگ سيکاري.

سُڏڪي ساري رات مون ڪاٽي،

سُورن کان سينو پيو ڦاٽي،

جهُڙ ڦُڙ اکيون ميگهه ملهار،

نينهن جي آهي ريت نياري.

جيءَ ۾ جانب جو جهوراڻو،

سَنڌ سَنڌ سُورن کان آ ساڻو،

سهڻا ساجن لهه ڪا سار،

’عارف‘ جي ڪر ڪا پوواري.

 

 بهاول خان لغاري

 

اچج يار جاني، ڪيون ڪي رهاڻيون،

ڏکن ۽ سورن جون نيون ڪي پراڻيون.

 

اچي درد دل ۾ دکايا جي دونهان،ويا سک سڀيئي ٿيا سور سونهان،

جلي جان ساري، ڇا ڪَهجن ڪهاڻيون.

 

ڏيئي ڏک ڏکيءَ کي سڄڻ سانگ ويڙا، تنين جي هجر ۾ هيڻا حال ٿيڙا،

اوسيڙي انهيءَ ۾ ويون، راتيون وهاڻيون..

 

عجيبن لئي اکڙيون اُساٽيل اڃايون،ويون تن کان وسري ٻيون سڀئي وايون،

ڪري ياد دمدم، رئن ٿيون نماڻيون.

 

’بهاول‘،پرين آهي تنهنجي پناري،سگهو موٽ سهڻل وصل واڳ واري،

ننگي ننگ سڃاڻج، اگهائج اياڻيون.

 

 تاجن ”سانگي“

 

ڪجليون ڪنڌاريون، عجيبن جون اکيون.

پيشانيءَ تي پياريون، رب پاڪ رکيون.

 

جڙي شال جوڙي، جرڪن جواڻيون،

وهيءَ واريون سهڻيون ۽ ڏاڍيون سياڻيون،

گهائيندڙ گهمن ٿيون، ٻِٽ ٻيلهه ٻکيون.

 

ڏاڍي ناز واريون، بيپرواهه آهن،

چڙهيون تخت راڻيون، شهنشاهه آهن،

ڪرڻ بادشاهي سنجهي مان ئي سِکيون.

آهن راز راڻيون، سدا ناز واريون،

پلڪن جون جهلڪون، بحري باز واريون،

سُريليون ٻيون سگليون،لاکيڻيون مون لکيون.

 

ڏٺيون مون ”تاجن“ سي، شرابي رنگن تي،

ڇپرن جون ڇانئون، ديدن جي دنگن تي،

شمعدان شاهي، مثل باهه بَکيون.

 

 ”عاجز“ اُڄڻ

وڃي ڏيج ڪانگل ڏوٿين کي ڏوراپو،

وساري مون ويٺا، ڇني سڱ سياپو.

 

صبح شام مون کي، سنگهارن جون سارون،

وساريان نه وسرن پاڙيچا پهنواريون،

سِوا منهنجو سانگين، جلڻ آ جياپو.

 

ڪري ياد مارو، رُئان رات ساري،

ڪڏهن ڪين پنهنجي سنگهارن سنڀاري،

ڇڏي ويا نڌر کي، ڇني ويا لاڳاپو.

 

سڄي رات سڏڪي سنگهاريون ٿي ساريان،

اباڻن کي ”عاجز اُڄڻ“ ڪيئن وساريان،

کڻي وڃ خدارا، نڌر جو نياپو.


 

 الهداد ”عاصم“

 

سور سڄڻ تنهنجا ساهه ۾،

سڪ اندر ۾ گهڻي گهڻي.

سوگهو ساهه ڪري وئين، من ۾ ميک هڻي هڻي.

اسان ساهه اُها لڳي، جيڪا جانب کي وڻِي وڻِي.

آءٌ اوهان جي آهيان، پيرن خاڪ پڻي پڻي.

تون ئي ته منهنجو آسرو،تون ئي ته منهنجو ڌڻي ڌڻي.

مون کان به ٿيڙيون مَٺائيون،تو به نه ڳالهه ڳڻي ڳڻي.

 

 مهيسر ”خادم“ رفيقي

 

ايندين منهنجا حبيب، راهون تنهنجون روز نهاريان.

تنهنجو آهيان يار مان تنهنجو، توکي پرتل آ غريب.

هوت هميشہ حب آ تنهنجي، آهين نڌر جو نصيب.

ڪر نه وڇوڙو رهه نه ڏوراهون، اوڏو ٿيءُ قريب.

”خادم“ ٿي مان تنهنجو رهندس، آهين تَن طبيب.


 

ميرل محمد ”ميرل“ جويو

 

عشق جي منزل اوکي آهي،

پُرجهي پِڙ ۾ پائج پير!

نِينهن اسان کي آهي نچايو،

رمز انهيءَ ۾ آهي رچايو،

پائي جامو ڇم ڇم ڇير.

ليليٰ ٿي ۽ مجنو ٿي،

هي به تون ٿي هُو به تون ٿي،

هي ۽ هُو ۾ فرق نه ڦير.

”فَهُوَ الظّاهِر وَ هُوَ الباطِن“،

اندر ٻاهر ارواح ٿي وڃ تون،

زير زبر سان زبر سان زير،

”ثُمّ وَجہُ الله“ ٿي وڃ تون،

اکڙيون ۽  سهڻو ساجن،

ڪوئي نه سمجهي آهيان ڪير.

رک اَڏيءَ تي سرڙو نوائي،

ڪاتيءَ سان ڏس ڪنڌڙو ڪپائي،

”ميرل“ ٿي وڃ مرد مَٿير.

 

 

à ”بشير“ سيتائي

 

بيدرد سان وئي دل لڳي، هي زخم دل تي کائبا،

- هي زخم دل تي کائبا!

هن کي چوان ڪيئن باوفا،

جنهن ڪئي وفا بدلي جفا،

پر ڪهڙو شڪوو ۽ گِلا،

سڀ مرحلا ته نڀائبا.

 

- هي زخم دل تي کائبا!

جنهن ’پنهنجو پنهنجو‘ ٿي چيو،

دامن ۾ ڏک سو ڏئي ويو،

دل تي ستم جنهن آ ڪيو،

ڳُڻ اُن جا ڪهڙا ڳائبا.

 

- هي زخم دل تي کائبا!

سورن، ڏکن جا سلسلا،

مجبورين جا مرحلا،

هاڻي سکن کان الواع،

دامن ۾ دُکڙا پائبا.

 

- هي زخم دل تي کائبا!

مليو نه هو خوش ٿي کِلي،

مُرجهي وئي دل جي ڪَلي،

بس ئي ”بشير“ آهي ڀلي،

هي سُور ڇا سُڻائبا.

 

- هي زخم دل تي کائبا!

 

à ”شاد“ عباسي

 

نينهن ڪيو نروار، ميان!

نه ته ڪير اسان کي سڃاڻي!

عشق ڇڏيا سڀ اولا لاهي،

 

برهه جي باهه ۾ پياسين ڪاهي،

ڪري الفت جو اظهار، ميان!

سورن جا پڙهي سبق سمورا،

 

پاس ٿياسين پرت ۾ پورا،

ڏات ڏني ذاتار، ميان!

سِڪَ ۾ صاف ڪيوسين سينو،

 

ڪڍي ڪدورت،ڪلفت،ڪينو

ڪڍي تن مان سڀ تڪرار، ميان!

عشق جي دنيا آهي نرالي،

 

خوشين کان جا آهي خالي،

”شاد“ نه آهي ڪٿ قرار، ميان!

 

à عباس ”ساٿي“

 

پيمان پريت جا پارينديس،

 

توکي هرگز ڪين وسارينديس.

زر مال سڀئي قربان ڪنديس،

توتان صدقي عزت شان ڪنديس،

آءٌ توتان فدا سر جان ڪنديس،

سک تنهنجي ڏکن تان وارينديس.

 

نه مان توکان منهنڙو موڙينديس،

نڪي نازڪ ناتو ٽوڙينديس،

 

تولئي جيءَ ۾ جايون جوڙينديس،

آءٌ پنهنجو عشق اُجارينديس.

 

هر وقت هجين شل شاد مٺا!

مون کي هردم هوندين ياد مٺا!

 

ٿي دنيا کان آزاد مٺا!

بس توکي ساجن سارينديس.

 

تنهنجي تات ۾ ٿي بيتاب پرين!

ڇڏي هوش حيا ۽ حجاب پرين!

 

اکڙين مان وهائي آب پرين!

پئي ’ساٿي ساٿي‘ پڪارينديس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com