سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جولاءِ-ڊسمبر 1998ع

 

صفحو :5

انهيءَ لحاظ کان لکيل ٻوليءَ جو گرامر الڳ ٿيندو ۽ ڳالهايل ٻوليءَ جو گرامر الڳ ٿيندو. ولڪنز چوي ٿو: ”جيئن ته لسانيات جي ماهر جو واسطو ڳالهايل ٻوليءَ سان آهي، ان ڪري گرامر يا گرامر جا ٽڪرا جيڪي هو ٺاهيندو سي ڳالهايل ٻوليءَ جا گرامر هئڻ کپن، ۽ نه لکيل ٻوليءَ جا گرامر. گهڻا ماڻهو اهڙي فرق يا تنوع (variable) کي ماڳهين گرامر مڃڻ لاءِ تيار ئي نه هوندا آهن. درحقيقت ‎هو اڪثر ڳالهايل ٻوليءَ لاءِ ’گريميٽيڪل‘ (گرامر جي لحاظ کان صحيح) جو لفظ استعمال ئي نه ڪندا آهن؛ پر اهڙي ٻوليءَ کي لازمي طرح اڻ _ گرامري (Ungrammatical) چوندا آهن.“ (21)

ٻي ڳالهه ته جيئن هڪ ٻوليءَ جون جاگرافيائي آراڌايون آهن (22)، تيئن ڪي آراڌايون سماجي نقطه نظر سان، ڪي ڌنڌن ڪرتن جي حساب سان، ڪي وري گفتگو جي انداز يا طرز جي لحاظ کان ٿين ٿيون. سماجي آراڌاين جو تعين ڳالهائيندڙن جي زندگيءَ جي معيار، علمي لياقت، عمر، جنس، ۽ انهن مان ڪهڙو ڳالهائيندڙ ۽ ڪهڙو مخاطب آهي، ان لحاظ کان ٿينديون. هن سماجي (سوشل ڊاياليڪٽس يا سوشيوليڪٽس) (23) کان سواءِ ڌنڌي ڌاڙي، ڪرت، پروفيشن جي لحاظ کان الڳ الڳ آراڌايون ٿينديون جن کي ريجسٽرز (24) چئبو. هاڻي ڪو اوچي درجي وارو ماڻهو، ڪو نيچي درجي وارو ماڻهو، ڪو لکيل پڙهيل، ڪو ڄٽ ڄاموٽ، ڪو پوڙهو پڪو، بردبار ۽ ماڻيٺو ساڃهه وارو، ڪو وات ڳاڙهو واڇ _ گودو اڻاسو، بي _ پتو، جهڙا ماڻهو تهڙا ٻول. اهي سڀ ماڻهو ڪيئن روزمره جي گفتار ۾ ’فاعل _ مفعول_ فعل‘ جو تُراڙو ذهن ۾ رکي ڳالهائيندا؟

ٻولي جي رنگارنگي ۽ تنوع (variations) جي فهرستن ۾ هڪڙي فهرست ايندي طرزن (styles) جي، جنهن مان خبر پوندي ته ڳالهائيندڙ ڪهڙي موقعي تي ڪهڙن ماڻهن سان ڪيئن ٿو ڳالهائي. هڪڙو ماڻهو جو باٽني، بايولاجي يا قانون جو ڪو ڪتاب پيو لکي جنهن ۾ جذبات خواهشات، محبت نفرت، خوف خوشيءَ جهڙو ڪو جذبو ڪونهي؛ ٺوس ڳالهيون آهن، غير جذباتي سرد منجمند الفاظ آهن. اهو ساڳيو ماڻهو وري ڪلاس ۾ ليڪچر پيو ڏئي، ماڻهن جي آڏو انسان جي حيثيت سان هڪ فاصلي تان، ڪنهن کي ويجهو نه اچي، نه پاڻ هيٺ ٿئي، نه ڪنهن ٻئي کي هيٺ ڪري؛ مؤدبانه يا تڪلف واري (فارمل) انداز ۾ ڳالهه ڪري وڃي ڪلاس مان ٻاهر نڪتو. اهو ساڳيو ماڻهو وري دڪان تي، رستي تي، گهر ۾ فطري انداز ۾ پيو ڳالهه ٻولهه ڪري جنهن ۾ ادب ۽ اخلاق، لحاظ ۽ مروت به رکڻي آهي، ٽيڙي ٽيڳڙ به ڪانهي ڪرڻي، ماڻهن جهڙو ماڻهو ٿي ڳالهائڻو آهي، رسمي طريقي سان (نارمل) ٿي ڳالهائڻو آهي يا دوستن احبابن جي ڪچهريءَ ۾ ٿورو کلي، تڪلف تعارف جو خول لاهي، بي حجاب ٿي انفارمل انداز ۾ ڳالهائي ٿو. اڃا به ويجهو پنهنجي گهرن دوستن سان ڳالهائي ٿو، زال سا يا ٻارن سان، جتي گهڻي گهرائپ ويجهڙائپ (فيميليرٽي) آهي. (25) هنن سڀني موقعن ۽ طرزن جي لاءِ پنهنجي پنهنجي نوعيت جي لفظن جي گهرج ٿيندي، پنهنجي پنهنجي نوعيت جون نحوي ترڪيبون يا لفظي ترتيبون (ورڊ آرڊرز) استعمال ٿيندا. لکيل پڙهيل ماڻهو، علمي لياقت وارو، نوڪريءَ وارو مجبور آهي ته اهڙي ٻولي ڳالهائي جا سندس اسڪول ماستر کيس ٻڌائي ته صحيح آهي ۽ عزت واري (شانائتي) آهي. اهڙي ٻوليءَ ڳالهائڻ جو کٽيو کائي ڏٺو اٿس، سندس نوڪريءَ ۽ سندس ترقيءَ جو ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ تي مدار هوندو آهي ته هو ڪيئن ڳالهائي ٿو ۽ ڪيئن لکي ٿو. پنهنجي زندگيءَ جي جنهن مقام تي آهي اتي بيهي، هو نٿو چاهي ته اهڙي ٻولي ڳالهائي جنهن تان ماڻهو مٿس کلن يا ٽوڪون ڪن، يا ماڳهين نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏين. اڃا به جيڪڏهن اهو ماڻهو لسانيات جو ماهر آهي، اديب يا شاعر آهي ته جهڙا نظريا رکندو هوندو، جهڙو ادب پڙهندو ۽ لکندو هوندو پنهنجي روزمره جي ٻولي به اهڙي نهج تي آڻي رکندو. هاڻي جيڪڏهن هڪڙو ماڻهو، سائنسي يا علمي ڪتاب لکندو ته اهو ويچاري لکندو ته متان خيال کي لفظن ۾ آڻيندي ڪا ڪوتاهي رهجي وڃي. انهيءَ جي مقابلي ۾ اڻ پڙهيل يا گهٽ پڙهيل ماڻهو آهي جنهنجي طرز جو دائرو (رينج) گهري کان چڙهي بي حجاب تائين (فيميلير کان انفارمل تائين) پورو ٿيندو. جنهن فاعل _ فعل ۽ فاعل ۽ مفعول جي پابندين کي نه ڪڏهن مڃيو، نه ان جي پابنديءَ مان ڪڏهن پراپت پرايائين، نڪي آسرو اٿس ته جي لسانيات جي ماهر جو چيو مڃيم ته ڪو پگهار ۾ واڌارو ٿيندو، سو جتان وڻندس اتان پيو ايندو، جتان وڻندس اتان پيو ويندو. پر سندس اها ٻولي فطري ٻولي هوندي، ڪنهن اسڪول ماستر جي پکيڙيل تعصبي تنظيمي پابنديءَ کان آزاد هوندي. اها ته ٿي دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ جي ڳالهه. اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي وري خصوصيت اها آهي جو نج پاڪ ۽ سٺي ٻولي آهي ئي ٻهراڙيءَ جي اڻپڙهيل ماڻهن  وٽ. ان کان پوءِ هڪڙو ڪهاڻيڪار يا ناول لکڻ وارو آهي، (جنهن جي ٻوليءَ هيءُ سڄو جهڳڙو پيدا ڪيو آهي). ان ڪهاڻيڪار کي حق آهي ته جڏهن لسانيات جي ماهر کي ڳالهائيندي ڏيکاري ته ’فاعل _ فعل ۽ فاعل _ مفعول‘ جو ان کي پابند ڏيکاري، جڏهن عام ماڻهوءَ  کي ڳالهائيندي ڏيکاري ته ان جي فطري ٻوليءَ جي عڪاسي ڪري. جيڪڏهن ڀاڳناڙيءَ کان سنڌ ۾ تازي آيل ڪنهن ماڻهوءَ جي ڳالهه ڪري ته لکندڙ کي حق آهي ته ”منهنجو پنج ڍڳي مري ويو“ جهڙا جملا به لکي، جيڪي مادري زبان واري جو داخلي تخليقي گرامر ڪڏهن به تخليق نه ڪندو.

 

جهيلار جو لفظي ترتيب سان لاڳاپو:

’اٿيو آهيان ننڊ مان‘ جهڙن جملن کي غير فطري يا غلط جملا انهيءَ ڪري سڏيو ويو آهي جو انهن جي لکڻ مهل يا انهن جملن ۾ لفظن جي بيهڪ ۾ تبديل ڪرڻ وقت جهيلار جو اصل خيال ئي نه رکيو ويو آهي، بلڪه ڪهاڻيڪارن کي اهو وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ته ڪنهن گفتار ۾ جهيلار جو هجڻ اشد ضروري آهي.“ (26)

اول ته اها ڳالهه واضح ڪرڻ تمام ضروري آهي ته اسان جو انهيءَ ڳالهه تي ڪو تڪرار ڪونهي ته ڪنهن گفتار ۾ جهيلار جو هجڻ اشد ضروري آهي. ڪڏهن ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي ڪا سنڌي ٻوليءَ جي شيءِ پڙهڻ لاءِ ڏيو جيڪو اهي لفظ ته پڙهي وڃي  پر انهن جو مطلب نه سمجهندو هجي، جنهن کي اها خبر نه هجي ته هنن لفظن مان فعل ڪهڙو، فاعل ڪهڙو ۽ مفعول ڪهڙو؛ ڪهڙي موڊ ۾ ڪهڙي قسم جي ڳالهه چيل آهي. يا سنڌي رسم الخط ۾ڪنهن انگريزي نه ڄاڻندڙ سنڌيءَ کي پنج ست انگريزيءَ جا جملا لکي ڏيو ته اوهان کي پڙهي ٻڌائي. اوهان کي انهيءَ جهيلار جي اهميت جي خبر پوندي، جيڪا لکندڙ جي ذهن ۾ لکڻ وقت هئي ۽ پڙهندڙ جي ذهن ۾ پڙهڻ وقت اچي ٿي. ان جهيلار جي لباس کان سواءِ جيڪو اسان پاڻ جملن کي پهرايون ٿا، جملا بي معنيٰ آهن. ڪڏهن اوهان ويچاريو آهي ته ڪو ڪتاب يا ڪا اخبار زور سان پڙهندي اوهان هڪڙي جملي کي جهيلار ۾ ادا ڪندي موٽ ٿا کائو ۽ هڪ خاص جڳهه تان ٻيءَ جهيلار سان جملي کي کڻي اچي پورو ڪريو ٿا، سو ڇو؟ انهيءَ ڪري جو پڙهڻ وقت اوهان جي ذهن وارو ڪمپيوٽر اڳڪٿي ڪندو ٿو اچي ته جملي جو ايندڙ حصو ڪهڙو هوندو. اها اڳڪٿي گهڻو ڪري صحيح بيهي ٿي ۽ ماڻهو صحيح ٽون سان، صحيح جهيلار سان پڙهندو وڃي ٿو، پر ڪٿي ڪٿي لکندڙ ڪا اهڙي ترڪيب استعمال ڪريو ٿو وڃي جا اوهان جي اڳڪٿي ڪندڙ ڪمپيوٽر جي ويچار کان مختلف ٿيو پوي. اوهان فوراً پوئتي هٽو ٿا، پٺتي وارو گيئر مٽائي ۽ ڳالهه کي اتان کڻو ٿا جتان اوهان کان غلطي ٿي هئي.

مطلب ته جهيلار ٻوليءَ جو اَٽوٽ حصو آهي. جيئن آوازن کان سواءِ ڳالهايل ٻولي ٻولي نٿي ٿي سگهي، تيئن جهيلار کان سواءِ ٻوليءَ جو تصور نٿو ڪري سگهجي. جيتوڻيڪ دنيا ۾ هيتري علمي ترقيءَ کان پوءِ به اهڙو ڪو رسم الخط اڃا ايجاد نه ٿيو آهي، جنهن جي مدد سان لکندڙ جي موڊ، زور، ٽون ۽ جهيلار کي پڙهڻ وارو بلڪل اهڙي انداز سان پڙهي سگهي جهڙي انداز سان لکڻ وارو لکيو.

اهو خيال صحيح ناهي ته لکندڙ لکڻ وقت ”جهيلار جو اصول“ خيال ۾ نٿو رکي، ائين ڪرڻ هن لاءِ ممڪن ئي ڪونهي. ائين برابر آهي ته ڊينيئل جونز جي ڪتاب ۾ جيڪي اصول ڄاڻايل آهن سي دنيا جي هر ڪنهن لکندڙ ۽ ڳالهائيندڙ ڪونه پڙهيا هوندا، پر انهن کي پڙهڻ ۽ ڄاڻڻ جي ڪا اهڙي ضرورت به ڪانه اٿن. بهرحال جيڪو به ماڻهو ڪو جملو لکي ٿو سو ائين لکي ٿو جيئن هن جو ذهن سوچي ٿو ۽ ڪوبه جملو ذهن ۾ جهيلار کان سواءِ پيدا نٿو ٿي سگهي. کڻي ائين چئجي ته لکندڙ جيڪو جملو لکي ٿو سو لفظن ۽ ترتيب جي صورت ۾ جهيلار سان گڏ ذهن ۾ اچي ٿو. الفاظ جڏهن ذهن ۾ پيدا ٿين ٿا ته جملي جي ترتيب ۽ معنوي ۽ صوتياتي دخل کان سواءِ پيدا نٿا ٿين. لکندڙ هر جملو اندر ۾ ورجائي ٿو، ان جي موسيقي، آهنگ ۽ جهيلار سندس ذهن ۾ اچن ٿا. پوءِ ڪڏهن ائين به ٿئي ٿو ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪا علمي ڳالهه لکڻي آهي يا ڪنهن ڌارئين ماڻهوءَ کي ڪا ڳالهه مؤدبانه انداز ۾ چوڻي آهي ته اڳ لکيل جملي جي موسيقي، آهنگ ۽ جهيلار کي پرکڻ لاءِ هر لفظ کي وري وري ورجائي ٿو ۽ لفظن کي ڪاٽي ڇاٽي، اڳتي پوئتي ڪري ٿو ۽ پنهنجي اندر جي ڪنن کان راءِ وٺي ٿو ته جيئن جملو ڪنن کي ٻاڙو نه لڳندو هجي، تان جو جملي جي ساخت ۽ بيهڪ جي موسيقيءَ مان اندر جا ڪن راضي ٿا ٿين ۽ ڳالهه کي اڳتي وڌائي ٿو.

ان کان سواءِ جيئن زندهه رهڻ، ساهه کڻڻ، هلڻ ڦرڻ جي عملن کان اڳ اسان جي لاءِ اهو ضروري ناهي ته طبي علم ۽ علم بدن ۾ جيڪا ترقي ٿي  آهي، ان جي ڄاڻ رکون، يا بدن ۾ موجود عضون جي ڪارڪردگيءَ جي واقفيت رکون، ڦڦڙن جي ساخت، انهن جي ڪم جي طريقي کان واقف ٿيون يا مُشڪن جي بناوٽ ۽ رت جي ٺهڻ ۽ سڙڻ جي علمن جي سُڌ رکون، تئين اسان لاءِ اهو به ضروري ناهي ته ڳالهائڻ يا لکڻ کان اڳ صوتيات جو علم ڄاڻون يا جهيلار جا اصول ڊينيئل جونز جي ڪتاب مان پڙهي ياد ڪريون. اسان جي نامياري ليکڪ جو اهو قول جهيلار جي عالمن تي ٺٺولي آهي ته:

”بلڪه ڪهاڻيڪارن کي اهو وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ته ڪنهن گفتار ۾ جهيلار جو هجڻ اشد ضروري آهي.“ (ص 138)

صوتيات، جهيلار، گرامر ۽ لسانيات ته ڊاڪٽرن، ماهرن ۽ ڏاهن ماڻهن جي ذهانت ۽ قابليت جا اوزار آهن. انهن جي ڄاڻڻ جي ان عام ماڻهوءَ کي ڪهڙي ضرورت آهي جيڪو اها فطري ٻولي ڳالهائي ٿو جيڪا پنهنجي چؤگرد ٻڌي ٿو ۽ ذهن جي خداداد لياقت Innate quality کي استعمال ڪري سکي ٿو، ڪنهن گرامر جي ڪتاب کي پڙهي ڪونه ٿو سکي. جنهن کيس پيدا ڪيو آهي، اهو ئي کيس بيان جي صلاحيت به ٿو ڏئي،

خلق الانسان علمہ البيان (الرحمان 3_4)

 زير بحث مضمون جي جهيلار وارو حصو، جيڪو مهراڻ 2/1979ع جي صفحي 136 تي هيٺيان کان اٺين سِٽ کان شروع ٿي آخر تائين پهچي ٿو، علمي وڏائيءَ ۽ لاچاريءَ جو عجب مرصع آهي. انهيءَ ڪري هن کان اڳ اهو ٻڌايل قاعدو ته ”جملي جي بيهڪ ۾ پهريائين هميشه فاعل جاءِ وٺي بيهندو، پوءِ مفعول ۽ ان کان پوءِ فعل“ جهيلار جي هن بحث تي پهچي پاڻ ئي ٽُٽي ٽڪرا ٿي پيو. ليکڪ صاحب جي چوڻ مطابق ”انهيءَ ڪري هر تحرير ۽ تقرير ۾ جملي جي ترتيب، عبارت ۽ اسلوب جو انداز، جهيلار ۾ تبديلي ۽ ڦير ڦار آڻڻ سان، ڦيرائي سگهبو آهي. جهيلار ۾ تبديلي آڻڻ سان جملي ۾ لفظن جي ترتيب ۾ به تبديلي ايندي ته اصل معنيٰ ۾ به فرق ايندو.“ ان هوندي به ضد اهوئي ته اهي ڪهاڻيڪار آهن جيڪي جاهل آهن، جهيلار جي علم کان بي خبر آهن، ۽ ’فاعل ۽ مفعول‘ جي اصول کي ٽوڙي ’نئين نسل کي گمراهه‘ ڪري رهيا آهن.

 

انگريزي ٻوليءَ جي جهيلار جا ڪي نمونا ۽ انهن جا اصول

هن بحث ۾ اول ته اهو ياد رکڻ گهرجي ته جيتوڻيڪ گرامر جا ڪي آفاقي پهلو آهن جي ٻولين ۾ هڪجهڙا هوندا آهن. (27) ان جي باوجود هيءُ بحث انگريزي ٻوليءَ جي جهيلار متعلق آهي. سنڌي جهيلار متعلق جيڪو ٿورو گهڻو ڪم ٿيل آهي، (28) اهو اسان جي هن بحث ۾ ايڏو مفيد ڪونهي. ان لاءِ جيستائين ڪو ڄاڻو ماڻهو سنڌي ٻوليءَ جي جهيلار جا نمونا گڏ ڪري، انهن جا اصول مرتب ڪري ڪو نظريو نه ٺاهي ۽ وڌيڪ تحقيق تي ان کي ٻيا ماڻهو نه پرکين، تيستائين هنن ڳالهين جا خيالي نتيجا کڻي انهن تي نظريا ٻڌڻ اجايو آهي. ان کان سواءِ لسانيات جي ڄاڻوءَ جي لاءِ اهو تمام ضروري آهي ته جنهن ڪتاب کي (مثلاً ڊينيئل جونز جي) هو سَندَ بنائي ماڻهن کي ’فاعل _ فعل‘ ۽ ’فاعل _ مفعول‘ جي ترتيب جو قانون ڏئي ٿو ۽ ان سان لڳندڙ جهيلار سان ڳالهائڻ تي مجبور ڪري رهيو آهي، ان کي چڱيءَ طرح سمجهي ۽ ان کان اڳ ۽ پوءِ جي ٿيل تحقيق تي به نظر رکي. جيڪي ڳالهيون هڪڙي علم جي دائري ۾ نه هجن يا جيڪي ڳالهيون هڪڙي علم مان ثابت نه ٿينديون هجن سي هروڀرو ان علم سان لاڳو ڪري ان علم جي ساک نه وڃائي.

انگريزي ٻوليءَ جي جهيلار جا جيڪي نمونا آهن سي ٿُلهي ليکي هيئن آهن:

(1) چڙهندڙ (اڀرندڙ، مٿي ويندڙ) تون (Rising intonation): جنهن جي آخر ۾ آواز مٿي وڃي پورو ٿيندو. ائين لڳندو ڄڻ ڪا شيءِ هوا ۾ اٽڪي پئي. ڳالهه ڪندي، جيئن، ماڻهو ائين اوچتو، چپ ڪري بيهي رهي جو ٻڌڻ وارو چوي ته ”پوءِ!“ هن مان ڳالهائڻ واري جي مراد اها هوندي آهي ته ڏيکاري ته ڳالهه اڃان توڙ تائين نه پهتي آهي. هيءُ طريقو ڳڻپ ۾ آخري انگ تي پهچڻ کان اڳ، اڳين انگن اچارڻ وقت به استعمال ڪبو آهي.

1_ چار ، پنج ، ڇهه ، ست .......

جهيلار جو هيءُ انداز تڏهن به استعال ڪبو آهي جڏهن جملي جو باقي رهيل فقرو (clause) اڃان اچڻو هوندو آهي،

2_ جڏهن آءُ ڪراچي ويس ، تڏهن... يا جڏهن ’ها _ يا _ نه‘ واري سوال جي جواب جي طلب هوندي آهي:

3_ احمد ڪراچي ويو ؟

(2) لهندڙ يا ڪرندڙ ٽون (Falling intonation): هيءَ جهيلار اهڙن جملن ۾ ٿيندي آهي جن مان خبر پوي ته (1) ڳالهه پوري ٿي (2) سڀني بيانيه جملن، ۽ اطلاعيه سوالن (29) لاءِ هيءَ جهيلار استعمال ٿئي. (3) هڪ لفظي جواب، توڙي لفظ، نالا يا اکر جيڪي هيڪلا اچاريا وڃن سي هن جهيلار سان ادا ٿيندا:

1. مون ڪتاب خريد ڪيو.

2. تون سڀاڻي ڪيڏانهن ويندين؟

3. هوسڙيءَ.

4. هيءُ ڪهڙو اکر آهي؟

5. في.

اِهي ٻه مکيه جهيلار جا نمونا آهن. ٻيا چار نمونا جيڪي عام رواجي گفتگوءَ ۾ استعمال ٿين ٿا، انهن ٻن جي ملاوٽ سان ٺهندا آهن.

(3) ڪِرِي _ اڀرندڙ (Fall-rise intonation): شڪ شبهي واري فقري لاءِ.

(4) اڀري _ ڪرندڙ (Rise-fall intonation): سچي يا طنزيه گرمجوشي، حيرت يا صدمي ظاهر ڪرڻ لاءِ،

(5) هموار يا هڪ ساريکو (Level intonation): ورلي استعمال ٿئي. اڳتي جيڪا ڳالهه اچڻي آهي ان جي توقع ۾، ان جي اڳڪٿي ڪندي ته ايندڙ لفظ جو ٽون به انهيءَ ئي سطح تي هوندو.

(6) ڪرندڙ واڌو اڀرندڙ (Fall-plus-rise): هن جي هڪڙي فقري ۾ ٻه جهيلار جا مرڪزي (tonenucle) هوندا آهن، هن سان ڳالهائيندڙ ٻٽو تضاد ادا ڪندو آهي.

هاڻي، ڪي وڏا جملا ٿين، ڪي ننڍا. ڪي ٻن چئن فقرن وارا جملا ٿين، ڪي ماڳهين هڪ لفظ وارا. جنهن جملي ۾ جيترا فقرا هوندا، جهيلار جا مرڪز به اوترائي هوندا؛ ڄڻ هڪ ئي جملي ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ، ويندي چار يا پنج جهيلاري يونٽ به ٿي ويندا. هر يونٽ ڄڻ جهيلار جو هڪ مڪمل نمونو هوندو. ’هڪ _ لفظي‘ جملن جي جهيلار به مڪمل جهيلار هوندي. هڪڙي ڳالهه جيڪا هن بحث مان ثابت نٿي ٿئي سا اها ته جهيلار تيستائين ’جهيلار‘ ڪانه سڏبي جيستائين ان ۾ ’فاعل _ فعل‘ يا ’فاعل_ مفعول_ فعل‘ واري ترتيب نه هجي. البته هڪ ڳالهه هلندي هلندي چوندا هلون ته هي جهيلارون ’عام گفتگوءَ جي معمولي جملن‘ لاءِ استعمال ٿينديون. هنن ۾ جهيلار جو مرڪز (Focus of tone) ’عموماً‘ جملي جي آخري کليل لفظ (اسم، فعل، صفت يا ظرف) تي پوندو آهي. ”عموماَ“ بند لفظ (آرٽيڪل، ضمير، جر، جملو، ندا)  تي زور نه پوندو آهي.

جملي ۾ اطلاع جو مرڪز ۽ اطلاع جا يونٽ

(Focus and units of Information)

انگريزي يا ٻي ڪابه ٻولي هڪ ڳالهايل پيغام کي اطلاع جي حصن يا ٽڪرن (units) ۾ ورهائي ٿي ۽ اها ورهاست ڳالهائڻ وقت جهيلار مان ظاهر ٿيندي آهي. هنن مان جهيلار جو هر يونٽ هڪ اطلاعي يونٽ جي نمائندگي ڪندو آهي، ۽ اها جاءِ جتي زور جو مرڪز ٿيندو، سا اطلاع جو مرڪز هوندي آهي. هڪ جملي ۾، جيئن اڳي چيوسين، گهٽ ۾ گهٽ هڪ ٽون يونٽ هوندو، پر جيڪڏهن جملي جي شروع ۾ ڪو ظرف وارو فقرو هوندو، ڪو ٽنيبل ڪلمو، يا ندائي اسم هوندو ته ان فقري يا ڪلمي يا لفظ وارو حصو به هڪ الڳ ٽون يونٽ ٺاهيندو.

(1) گذريل سال، اسان موڪلون مريءَ ۾ گذاريون (ٻه ٽون يونٽ)

(2) جپاني، جن جي محنت ملڪان ملڪ مشهور آهي، صنعت ۽ حرفت ۾ دنيا کي ماريو بيٺا آهن. (ٻه ٽون يونٽ)

(3) احمد، تون هلندين (ٻه ٽون يونٽ)

پڇڙيءَ وارو مرڪز ۽ تقابلي مرڪز

(End-focus and contrastive focus)

انگريزي ٻوليءَ ۾ جهيلار جي ٽون جو مرڪز عام طرح جملي جي آخري کليل ڪلاس جي لفظ (31) (اسم، فعل، صفت ۽ ظرف) جي زور ڏنل حصي تي پوندو آهي. عام طرح واريءَ اهڙيءَ جهيلار کي پُڇڙي واري مرڪز واري جهيلار (End focus intonation) چئبو آهي، جيئن، جيڪڏهن چئجي:

1. Dylan Thomas was born in Swansea.

1. ڊلن ٿامس سوانسيءَ ۾ ڄائو.

ته انگريزي جملي جي آخري لفظ ”سوانسي“ جي پهرئين ”سوان“ تي زور پوندو، اهو ڄڻ عام طرح اطلاع جو مرڪز ٿيندو، ۽ اهو ئي جهيلار جو مرڪز.

        پر جڏهن ڪو خاص مقصد ادا ڪرڻو هوندو آهي ته کليل ڪلاس جي آخري لفظ بدران جملي ۾ ٻيو ڪوبه لفظ، پوءِ ڀلي کليل ڪلاس جو هجي يا بند ڪلاس جو، اطلاع جو مرڪز ٿي سگهندو آهي ۽ انهيءَ ڪري جهيلار جي نيوڪلئس به ان تي ئي ڪرندي آهي. اهڙي مرڪز کي تقابلي مرڪز (Contrastive focus) چئبو.

مٿئين ”ڊلن ٿامس سوانسيءَ ۾ ڄائو“ واري مثال ۾ ڏٺوسين ته عام بياني جملي ۾ ”سوانسيءَ“ جي ”سوان“ پد تي زور پيو. پر جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ اها ڳالهه چڱيءَ طرح نه ٻڌي، ۽ پڇڻو پويس ته ”سوانسيءَ ۾ ڪير ڄائو؟“ ته ان کي جواب ڏيڻ لاءِ چئبو.

2. Dylan Thomas )was born in Swansea)

(ڊلن ٿامس ”سوانسيءَ ۾ ڄائو هو“) اهڙيءَ طرح ٿامس جي ”ٿام“ تي زور پيو.

(واز اِن سوانسي“ کي ڏنگين ۾ رکڻ جو مطلب آهي ته چوڻ واري کي اختيار آهي ته انهيءَ فقري کي حذف ڪري يا چوي.)

پر فرض ڪيو ته ڪنهن ٻڌندڙ جي اها ڳالهه صحيح نه ٻڌي، ڄمڻ جي بدران ڀانيائين ته ڊلن ٿامس سوانسيءَ ۾ پرڻيو هو. پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيائين ڇا ”ڊلن ٿامس سوانسيءَ ۾ پرڻيو هو؟“ ڳالهه ٻڌائيندڙ، سواليءَ جي تصحيح ڪندي چوندو:

3. NO, he was BORN in Swansea.

(”نه“، هو سوانسيءَ ۾ ”ڄائو“ هو.“ زور جا ٻه مرڪز ٿيا ”نو ۽ بارن“)

عام طرح اسم ۽ ان جي صفت مان اسم تي زور ايندو؛ ’ڊلن ٿامس‘ واري فقري ۾ ڊلن ڄڻ ٿامس جي توصيف ٿو ڪري (ڪهڙو ”ٿامس“؟ ڊلن). ان ڪري عام ڳالهايل جملي ۾ ”ڊلن“ تي زور ڪونه ايندو. پر جيڪڏهن ڳالهه ٻڌندڙ کي پڪ نه بيٺي ته ايڊورڊ ٿامس جي ڳالهه پئي هلي يا ڊلن ٿامس جي؛ ۽ پڇڻو پويس ته ”ڇا ايڊورڊ ٿامس سوانيءَ ۾ ڄائو هو؟“ ته ان جي تصحيح لاءِ چئبو:

4. No, Dylan Thomas (was born in Swansea)

(”نه ڊلن ٿامس“ (سوانسيءَ ۾ ڄائو هو).

اهڙي طرح لفظن ۽ فقرن تان ته مرڪزي زور بدلجي ٿو، پر ويندي هڪ لفظ جي پدن تائين اها ويڙهه هلي ٿي. (ڏسو ڪُورڪِ ص 939) ۽ مرڪز بدلجڻ جو هڪڙو سبب ’نئين اطلاع‘ کي اهميت ڏيڻ به آهي.

 

موضوع جو جهيلار جي مرڪز تي اثر:

جهيلار جي مرڪز (Focus of intonation) کان سواءِ جملي جو ٻيو هڪ اهم جزو آهي موضوع (Theme) جو، جنهن جي باري ۾ سڄو جملو چيل هجي. ظرف وارن لفظن يا فقري کي ڇڏي، جملي جي منڍ ۾ جيڪو به لفظ يا فقرو ايندو هجي، اهو ٿيو موضوع. هيءُ فاعل به ٿي سگهي ٿو، انگريزيءَ ۾ سوال جو آپريٽر (do, did, does يا موڊل) ٿي سگهي ٿو، سواليه لفظ (ڪير، ڇا، ڪٿي، ڪيڏانهن وغيره) ٿي سگهي ٿو، يا خود فعل ٿي سگهي ٿو. مرڪز ۽ موضوع جملي جا ٻه مکيه جزا آهن. موضوع هميشه جملي جي شروع ۾ ٿو اچي ۽ مرڪز، جيئن اڳي ڏٺوسين، آهي ته ريچڪائي پر عموماً جملي جي آخر ۾ ايندو آهي. موضوع ڄڻ ڳالهه کڻي ٿو، مرڪز ان کي توڙ تائين پڄائي ٿو. جيئن ته موضوع جملي جي مُنڍ ۾ ٿو اچي، ان کي اطلاع جو گهڻو بار کڻڻو پوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن، جيئن مٿي چوٿين جملي ۾ ڏٺوسين، ائين به ٿيندو آهي جو جملي جو مرڪز به اهو ئي هوندو آهي، جيڪو ان جو موضوع هوندو آهي.

4. Dylan Thomas was born in Swansea.

يا جي ڪنهن کان پڇجي ته اهو رسالو ڪنهن ڏنئي، ته چوندو:

5. Bill (gave it to me).

”بل“ (اهو مون کي ڏنو): موضوع به بل، ٽون جو مرڪز به بل)

هونئن عام حالت ۾ ”بل گيو اِٽ ٽو مي“ واري جملي جو زور جو مرڪز ”گيو“ تي پوي ها. هنن جملن ۾ ته ڊلن ۽ بل هونئن به عام طرح جملي جي منڍ ۾ اچن ها، هينئر به منڍ ۾ آهن. پر ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي جو جملي جي منڍ ۾ جملي جو اهڙو ڪو لفظ آڻي رکبو آهي، جيڪو هونئن عموماً منڍ ۾ نه هوندو آهي، جملي جي ڪنهن ٻئي حصي ۾ هوندو آهي. هن طريقي کي ”موضوع کي منڍ ۾ آڻڻ، (Thematic fronting) يا چٽيل (چٽو ڪيل) موضوع (marked theme) چئبو آهي. اهڙيءَ طرح جملي جي منڍ ۾ آندل جملي جا جُز اسلوب ۽ اثر ۾ مختلف هوندا آهن. جيئن ڪُوِرڪ ۽ سندس ساٿي چون ٿا:

”ڳالهايل ٻوليءَ ۾، ائين اڪثر ٿيندو آهي ته جملي جي ڪنهن جُزي کي جملي جي منڍ ۾ آڻي ان تي زور جي نيوڪليس وڌي ويندي آهي، ۽ اهڙيءَ طرح اهو جزو موضوع ۽ اطلاع، ٻنهي طريقن سان چٽو ٿيندو آهي.“ (32)

“In formal speech, it is quite common for an element to be fronted with nuclear stress, and thus to be ‘marked’ (or given special emphasis) both thematically and informationally.” (32)

انهيءَ حساب سان ڪڏهن فاعل جو وڌاءُ فاعل

1. a. JOE his NAME is.

1. الف: جو نالو آهيس.

عام طرح چئجي ها، ’هز نيم از جو‘ ۽ ’نيم‘ تي زور پوي ها.

1.b. An utter FOOL I felt TOO.

  ڪرندڙ     ڪرندڙ

1.ب: صفا احمق مون ڀانيو (پاڻ کي).

عام طرح چئجي ها ”آءِ فيلٽ ائن اَٽر فول“ ۽ فول تي زور پوي ها.

2. ڪڏهن مفعول جو وڌاءُ فاعل جي جاءِ تي اچو ويهي:

1.a. Relaxation you call it!

2. الف: ويساهين تون انهيءَ کي ٿو چوين

عام طرح ’يو ڪال اٽ رليگزيشن!“ چئجي ها.

3. ڪڏهن مفعول اچو فاعل جي جاءِ تي ويهو رهي.

3.a. Really good Cocktails they made at that hotel!

3. الف واهه جا پيالا ٿي ٺاهيائون انهيءَ هوٽل ۾.

هونئن عام طرح چئجي ها: ”دي ميڊ ريئلي گڊ ڪاڪٽيلز ائٽ دئٽ هوٽل“

هن طريقي جي توضيح ڪندي ڪُورڪ ۽ سندس ساٿي لکن ٿا ته:

ائين ٿو معلوم ٿئي ڄڻ موضوع وارو جزو پهريون ٻول آهي جيڪو ڳالهائيندڙ جي ذهن ۾ اچي ٿو ۽ جملي جا باقي ٽڪرا پوءِ ويچاريل جي حيثيت سان ڄڻ ان ۾ پوءِ وڌائجن ٿا.“ (34)

It is as if the thematic element is the first thing that strikes the speaker, and the rest is added as after thought.” (34)

زير بحث موضوع جو فاضل مصنف لکي ٿو:

”هن ڏس ۾ اسان جا نقاد ۽ ابتي ٻوليءَ وارا اديب ڪنهن انگريزي يا فرانسيسي ڪهاڻيڪار جا مثال يا ڪو مثال دليل طور ڏئي سگهندا، جن ۾ ٻوليءَ جي اصولن کي ڦيرايو ويو هجي.“ (35)

ٻوليءَ جا اهي اصول ڪهڙا آهن، تنهن لاءِ فاضل مصنف لکي ٿو:

”سنڌي ٻوليءَ جي عام نحوي سٽاءُ موجب ڪنهن به جملي ۾ پهرين فاعل پنهنجي جاءِ وٺي بيهندو آهي ۽ ان کان پوءِ مفعول ايندو آهي ۽ آخر ۾ فعل روزمره: گفتار واري ٻوليءَ جو هر جملو انهن اصولن ۽ قانونن جو پابند هوندو آهي.“ (36)

ٻوليءَ جي اصولن کي ڦيرائڻ جي ته اسين ڳالهه ڪونه ٿا ڪريون، پر هي مٿيان جملا ۽ هيٺ ڄاڻايل ٻيا مثال ڪنهن ڪهاڻيڪار جي افساني يا ناول تان نه، پر عصر حاضر جي متعبر لسانيات جي ماهرن جي لکيل ان گرامر تان ورتل آهن، جيڪو اڄ لسانيات جي دنيا ۾ مستند مڃيو وڃي ٿو.

ڪُورڪ ۽ سندس همڪار (37) پنهنجي هن گرامر ۾ موضوع (جملي جي شروع وارو جزو) جي جاءِ تي ايندڙ اهڙن لفظن جا گهڻا مثال ڏنا آهن (38)، جيڪي عام گرامر ۾ هوند جملي جي ڪنهن ٻئي حصي ۾ اچن. ڳالهايل ٻوليءَ جا ڪي مثال مٿي ڏٺاسين. انهن کان سواءِ خطيبانه (rhetorical) ٻولي ۽ لکيل ٻوليءَ جا به اهڙا مثال ڏنا اٿن.

1. خطيبانه ٻوليءَ ۾ جاءِ مٽايل موضوع جا مثال:

1. His FACE I’m not FOND of…..

هن جملي ۾ حرف جر آف (of) جو واڌارو (هز فيس His FACE) موضوع جي حيثيت سان استعمال ٿيو آهي. هن ۾ فيس ڪرندڙ جهيلار سان چئجي ٿو ۽ فانڊ لفظ ڪِري _اڀرندڙ ٽون سان ڳالهائبو. سنڌيءَ ۾ چئجي ”سندس ٻُوٿ جو آءٌ گهورو ناهيان.“ عام طرح هوند هيءُ جملو چئجي ها:

آءٌ سندس ٻُوٿ جو گهورو ناهيان. (I am not fond of his face)

2. But his CHARActer I desPISE.

”پر سندس لڇڻ آءٌ ڌڪاريان ٿو.“

جملي جي هن حصي ۾ CHARA ۽ PISE وارن پدن تي زور آيو ۽ اهي ٻئي ڪرندڙ ٽون سان اچاريا ويا. هن جملي ۾ اتهامي مفعول (ڊائريڪٽ آبجيڪٽ) موضوع جي جاءِ تي استعمال ٿيو آهي. هونئن هوند عام طرح سان چئجي ها.

-but I despise his character.

پر آءٌ سندس لڇڻ ڌڪاريان ٿو.

3. RICH I may be (but…..)

 (هموار)  

I may be rich )but…”)

(آئون کڻي سکيوهجان ها.....)

4, Leave him I coudn’t

(ڇڏي (ته) کيس (آئون) نٿي سگهيس.......)

پريڊيڪيشن جو فعل موضوع جي حيثيت سان. هونئن عام طرح هوند چئجي ها:

(I couldn’t leave him)

(but atleast I could make his life a misery; I have promised to do it)

5. So do it I SHALL.

هونئن عام طرح چئجي ها:

(And I shall do it)

2. لکيل علمي ٻوليءَ ۾ جاءِ مٽايل موضوع جا مثال:

1. Most of these problems a computer could take in its stride.

هونئن عام طرح چئجي ها.

(A computer could take most of these problems in its stride)

2. This later topic we have examined in chapter 3, and need not reconsider.

هونئن عام طرح چجي ها:

(We have examined this later topic in…)

2. To this list, may be added ten further items of importance.

هونئن چئجي ها:

(Oe may add ten further items of importance to this list / Ten further items may be added to this list…)

هن بحث مان ٻه ڳالهيون ثابت ٿيون:

1. ساڳي لفظي ترتيب واري جملي ۾ جهيلار جو مرڪز جاءِ مٽائي سگهي ٿو. ڄڻ ته جهيلار لفظي ترتيب جي پابند ناهي.

2. ڪنهن خاص مقصد ادا ڪرڻ لاءِ جملي جي منڍ ۾ جملي جو ڪو اهڙو حصو آڻي رکي سگهجي ٿو، جيڪو عام طرح منڍ ۾ ايندو آهي. ”موضوع کي منڍ ۾ آڻڻ“ (thematic fronting) واري انهيءَ طريقي سان جملي جي لفظي ترتيب لازمي طرح بدلبي آهي ۽ اهڙيءَ طرح ٻوليءَ جي فطري نظام ۾ ڪو ڪهرام ڪونهي مچندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com