سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جولاءِ-ڊسمبر 1998ع

 

صفحو :25

  

ڪهاڻيون

 

 

”ٻارن عورتن، نوڪرن، ڪمزورن، غريبن ۽ بي سمجهن جون غلطيون دراصل مائٽن، مُڙسن، مالڪن، طاقتورن، مالدارن ۽ عالمن جون غلطيون هونديون آهن. جيتريقدر ٿي سگهي، ماڻهن کي صحيح رستو ٻڌايو. ماڻهن جي گمراهيءَ جو ذميوار اسان جو سماج آهي، جيڪو انهيءَ اونداهيءَ کي عام ٿو ڪري، جيڪا گناهه ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي. انهن گناهن جي ذميواري گناهه ڪرڻ وارن تي نه، بلڪه انهن تي آهي، جيڪي معاشري کي اوندهه سان ڍڪيو ڇڏين.“ _وڪٽر هيوگو


 

حميد سنڌي

 

زماني جو دستور

 

        جڏهن به ڳوٺ وڃان ته صبح جو سوير پنڌ ڪندي وڃي قبرستان نڪران. وڏڙن لاءِ ”قُل“ پڙهي وران ته ڏينهن ٿيو وڃي. هيل ويس ته نيم اهوئي. جيئن ئي اسٽيشن وارو چوڪ ٽپيم ته ڏٺم ته هڪ ڪچي پر ننڍڙي گهر مان ٽپڙي سوري هڪ ڏهن ٻارهن سالن جو نينگر ٻاهر نڪتو. ڇٻو ساڻ هجيس، کڻي مٿي تي رکيائين. نڪرندي ئي هوڪو ڏنائين: ”هَلُ! مٺا انگور اٿئي..... ماکي مکڻ انگور.....“

مون تي نظر پيس ته سڌو مون ڏي هليو آيو. مان به بيهي رهيس.

”سائين انگور وٺو... سُٺا مِٺا اٿو.....“

ڇٻو لاهي کڻي اڳيان ڪيائين، گول ڳاڙها ساوا انگور هئا. مون ورائي ڏانهس نهاريو. مون کي ڄاتل سڃاتل مهانڊو لڳو. ”ڪنهن جو پٽ آهين؟“

”سائين شمس الدين جو.“

”مامي شمن جو؟“

”ها سائين.“

”پڻهين ڪيئن آهي؟“

”بابو بيمار آهي، ڪم به ڇڏي ڏنو اٿائين. هاڻ ميوو کپائيندو آهي، پر ڪجهه ڏينهن کان سندس بيماري ڪري آءُ ڇٻو کڻندو آهيان.“

”اڙي... اڙي.....! تون چؤنڪ وٽ بيهه، مان قبرستان کان موٽان ته کانئس پُڇڻ هلبو ۽ توکان انگور به وٺبا. ٺيڪ....!“

”جي سائين.“

هُو هوڪو ڏيندو اڳتي وڌيو. ”هَلُ.... مٺا انگور اٿئي... ماکي مکڻ انگور اٿئي....“

مان جيئن اڳتي وڌيس ته مامي شمن جي شبيهه سامهون هئي. خيالن ۾ سندس ڇوڪراڻو زمانو سامهون هيو. ڪي يادگيرين جون ڇوليون هيون، ڇڪي کنيون پئي ويون.

مامو شمن امڙ جو سؤٽ هيو. امڙ غريب گهراڻي جي هئي، وڏ گهراڻي ۾ اچي ويئي. ٻار هيو ته کيس گهر ۾ ڏسندا هياسين. وڏڙو ٿيو ته ڏيڍيءَ ۾ امڙ سان ملندو هيو. جوانڙو ٿيو ته حويليءَ جي در تي بيهندو هيو. سندس سڳي ڀيڻ به حويليءَ ۾ ڏنل هئي. اها به اتي ئي سڄي ڪٽنب سان رهندي هئي. هو ڪڏهن ڀيڻ سان ته ڪڏهن امڙ سان ملڻ ايندو هيو ته حويليءَ جا سخت قانون ڪڏهن کيس ڏيڍيءَ تائين اچڻ ڏيندا هيا، ته ڪڏهن ڏيڍيءَ کان ٻاهر وڏي دروازي وٽ روڪي ڇڏيندا هيا.

مامو شمن مون کان ڪو سال ٻه کڻي وڏو هوندو، پر راند روند ۽ گهمڻ ڦرڻ ۾ گڏ هوندو هو. جڏهن کجين جي باغن ۾ ڪم ڪندو هو ته وٺي باغ گهمائيندو، هيٺ ڪريل ڌوئي پوئي کارائيندو.

جڏهن پڙهڻ سانگي ڳوٺ ڇڏيم ته ڦِڏن سِڏن اکرن سان ٽي پئسي وارو ڪارڊ ضرور موڪليندو هو. يتيمي ۽ غريبي ڪري هو نه پڙهيو نه ڪڙهيو، پر عجيب اهو ته نئڙت نياز، اُٿي ويٺي، ڳالهه ٻولهه ڄڻ ته ڪنهن پڙهيل ڳڙهيل داناءُ ماڻهوءَ سان ويٺا ڳالهايو.

گرمين ۾ موڪلن ۾ ڳوٺ اچبو ته هيءُ پيو حويليءَ تي لامارا ڏيندو ۽ هٿ اچي ويومانس ته سڪ سان باغ گهمائيندو، مِٺا سُٺا ٻول ٻڌائيندو. سوٽ ماسات سان گڏ ٿي اِٽي ڏڪر يا بيٽ بال کيڏندا هياسين ته ڪنڊ تي هٽي بيهندو جو اسان جا مٽ مائٽ شايد سندس يتيمي، غربت يا باغائي هجڻ ڪري کيس گهڻو ويجهو اچڻ ڪونه ڏيندا هيا. ڇوڪرا به کيس گهڻو تڻو راند ۾ شامل نه ڪندا هيا، پر پوءِ سڀ گهرا ٿيندا ويا. چرچي گهٻي ۾ مامي شمن تي کِلن جا هوڪرا هوندا هيا. مامي کي بيٽ بال راند جو شوق هوندو هو. ڪڏهن ته زوري فيلڊنگ ڪندو هو ۽ اسان کي بال کڻي آڻي ڏيندو هو. اسين به کيس ڏاڍو ڊوڙائيندا هياسين. جڏهن ٿڪبو هو ته مون کي مٿس قياس ايندو هو.

”ماما تون هاڻي ويهي رهه.“

هو سهڪندي چوندو هو، ”ڀلا منهنجو وارو ڪڏهن ايندو.“

هُن غريب جو وارو مڙئي گهٽ ايندو هو. ٻيو مامي شمن کي ڳائڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. ان وقت جا مقبول فلمي گانا پنهنجي بي سري آواز ۾ پيو ڳائيندو هو. گهڻو تڻو هوٽلن تي ويهي ٻي آني واري ڪوپ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺو گانا ٻڌندو ۽ انهن ڳائڻن سان ويٺو ڳائيندو. پيسا نه هوندس ته ڪٿان به پٽي سٽي هوٽل تي ويهندو ضرور. ائين کيس هوٽل تي ويهڻ جي چُوس پئي. ڪڏهن سُري ايندو:

”مائٽ! ڀلا ٻه چار آنا آهن.“

خرچي ئي ٻه آنا ملندي هئي، ڪڍي کڻي تِريءَ تي رکندو هيومانس. کڻي ڊوڙ پائيندو. ٻئي ڏينهن ملندو ته نوان گانا ڊُڻ ڊُڻ... ڪري ڳائيندو. محمد رفيع جو ته عاشق هوندو هو، ان جو ڳايل هيءُ گانو:

”غريب جان ڪي مجهه ڪونه تم بهلا دينا.“

ور ور ورجائيندو ”غريب جان ڪي..... غريب جان ڪي.....!“

مان جيڪڏهن جهونگاريندو هيس، ”غريب جان ڪي!“ ته يڪدم کڻي وات تي هٿ ڏيندو:

”مائٽ تون ته نه چئه!“

”ڇو!“

”تون غريب ٿوروئي آهين. غريب ته مان آهيان، شمس الدين غريب!“

خبر تڏهن پئي ته ”غريب“ سندس تخلص ٿي ويو ۽ فلمي گانن جي طرز تي ڪلام چوندو. جڏهن جو چيائين ”غريب ڄاڻي وڃجانءِ نه هٿڙو ڇڏائي...“  ته سڄي سنگت کڻي منهن مٿو پٽيو. سوٽ گلڻ ته ڪڍ هوندو هيس.

”اڙي شمس الدين غريب! ڪارا بيڊولا! ڪهڙي توکي هٿڙو ڏيندي؟ چئه ته ’غريب ڄاڻي ڀلي وڃجانءِ هٿڙو ڇڏائي.‘ يار اسين جو ويٺا آهيون، ڀلي اچي.“

سوٽ گلڻ کيسي کي کڙڪائيندو ٻه چار ڊينگلا رپيا کڻي ڏيکاريندس. بنهه رُسي ويندو. يار پرچائي وٺي ايندس ته اُهڙي جو اُهڙو.

”مون تي ٽوڪون ۽ چٿرون ڀلي ڪريو، پر سوٽ! منهنجي محبوب لاءِ ڪجهه نه چئو.“

سندس غريبي حال کي ڏسي اسان مان هرڪو ٻه چار آنا ڏيندو هيس ته خوش ٿي ويندو.

هڪ ڏينهن ونگ تي چڪر پئي ڏناسين، ته مون وڏا گول ڳاڙهسرا انگور ڏٺا. وڌي وڃي هٿ وڌم. رپئي جا کڻي ورتم.

”سوٽ هيءُ تو ڇا ڪيو؟ اجايا پيسا ڀريئه. مان ٿو توکي انگور آڻي ڏيان. مان اڄڪلهه انگورن جي باغ ۾ ته ڪم ڪندو آهيان.“

ٻئي ڏينهن دونو انگورن جو گهر ڏئي ويو. مون کي احساس ٿيو. عيد جي تازي خرچي ملي هئي، ٻه رپيا کڻي ڏنا مانس. ڏاڍو خوش ٿيو.

گهر پهتس ته امڙ يڪدم چيو، ”شمن هيءُ ڪهڙا انگور ڏيئي ويو آهي، کٽا ٽڙهه!“

وري جو ڪنهن ٻڌايس ته مون کيس ٻه رپيا ڏنا آهن ته بنهه بِرُ ٿي ويئي.

”هنن کٽن انگورن جا ٻه رپيا! کٽا انگور باغ تان چورائي، اسان جا ٻار ٿو ڦري! بيهه، ته مان ٿي ڏسانس!“

مامي شمن کي ڏيڍيءَ ۾ گهرائي اهڙي دٻ ڏنائينس جو مامو بنهه گم ٿي ويو. نيٺ هڪ ڏينهن منهن ۾ مليو.

”ماما هيءُ ڀلا ڇاهي.“

”بس سوٽ، ڳالهه ڇڏي ڏي. غريبن جا انگور هميشه کٽا نڪري پوندا آهن.“

ڳوڙها ڳڙي پيس. اسان به پڙهائي سانگي گهڻو تڻو ٻاهر، وقت ائين گذري ويو. مامو بنهه وسري ويو. ڪڏهن عيد براد تي ملندو ته بنهه منجهيل ۽ مرڪون کسيل. وڌيڪ ڪارو پيو لڳندو. ڏکن ڏوجهرن هڻي کيس پورو ڪري ڇڏيو هو. ڪڏهن ڪٿي پورهيو، ڪڏهن ڪٿ نوڪري يا وري ڇٻو مٿي تي. مَڙهي ماءُ مرڻ کان اڳ هڪ يتيم مائٽياڻي کڻي پرڻايس. بنهه وٺجي ويو. ٻار ٻچا ٿيس ته ڪُٻو ٿي ويو. ڪاڏي ويا گانا بجانا، ڪاڏي ويون هوٽلون، ڪاڏي ويا ٽهڪ ۽ مُرڪون! جي وقت کي جهل ڪانهي ته زماني کي به روڪ ڪانهي. مامو اڄ بيحال هيو. سندس پٽ به ڇٻو کنيون پيو هوڪا ڏئي. سوچن جي دهشتي درياهه مان نڪري واپس چونڪ وٽ پهتس ۽ ڏٺم ته نينگر ڪونه هيو. پٺ ورائي مامي جي گهر ڏي ڏٺم. دم نه جهلي سگهيس، ”ڪهڙي منهن سان وڃان، يا ڪا ٻي ويل وڃان. سندس نينگر به ته ڪونهي.“ اِهي ويچار ويچاريندو گهر پهتس ته ڏسان ته در کان ٿورو پرڀرو مامي شمن جو پٽ ڇٻو کنيون بيٺو آهي.

”اڙي بابا! تون هت بيٺو آهين. مان توکي اتي پيو ڳوليان. پڻهين بيمار آهي، پڇڻ هلونس ها.“

هو سُري آيو، ”ها سائين، بابا بيمار آهي، توهان انگور وٺندو..... ڏاڍا مِٺا سُٺا اٿوَ.....؟

ڇٻو کڻي آڏو ڪيائين. اهي ئي ڳاڙهسرا گول ساوا انگور. مان ڄڻ ته ڪي زمانا پوئتي هليو ويس. يادگيريون وڻ ويڙهيءَ وانگر ويڙهي ويون. ڏاڍي ڏکيائيءَ سان جان ڇڏائي سُڪائيندڙ وڻ ويڙهيءَ وارين ولين جي ڄار مان نڪري آيس. شڪر جو ان وقت اڃان بيٺو هو. مون يڪدم کيسي مان سؤ رپين جو نوٽ ڪڍي کيس ڏنو. ”هيءُ مامي کي ڏجانءِ.“

هو ڪا گهڙي نوٽ ڏسندو رهيو، پوءِ انگورن جو سڄو ڇٻو کڻي مون ڏانهن وڌايائين.

”سائين! هيءُ توهان جا انگور.“

مان هٻڪي بيهي رهيس. اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيم. جهڪي ٻه ڇڳا انگور جا کنيم. پني ۾ ويڙهيم. نينگر جي مٿي تي هٿ ڦيريم، ڳوڙها ڳڙي پيا. تڪڙو پٺ ورائي گهر ۾ گهڙيس. سامهون وڏي ڀيڻ بيٺي هئي. امڙ ته هاڻ هئي ڪانه. گهر جي وڏي به اهائي هئي ۽ ڳوٺ ۾ گهر ‎به اها سنڀاليندي هئي.

”ڀائو، ٻاهر مامي شمن جو پٽ هو نه، هوڪا پئي ڏنائين.“

مون اخبار ۾ ويڙهيل انگور کيس کڻي ڏنا. ڳالهائڻ جي سگهه ڪانه هيم. منهنجو ڀاڻيجو جيڪو اڳ ٻاهر بيٺو هو، اندر گهڙي آيو.

”امان، ماما وڏي اِهي سؤ رپين ۾ ورتا آهن.“

انهيءَ وچ ۾ ادي وڏيءَ ٻه انگور کڻي وات ۾ وڌا، کٽا ٽڙهه لڳس.

”سو رپيا! پر ڀائو، هيءُ ته انگور بنهه کٽا آهن.“

مان ڀر ۾ پيل کٽ تي ويهي رهيس. مان وڏو زمانو لتاڙي وڏو سفر ڪري آيو هيس. بنهه ٿڪجي پيو هئس.

”امان منهنجي! زماني جو دستور ائين ئي آهي، غريبن جا انگور هميشه کٽا نڪري پوندا آهن.“

 

انيس انصاري

 

ميڊم فاخره

 

        ميڊم صابره جي سختي ڏاڍي مشهور هئي. ڇوڪرين ۽ ٽيچرس جي ڀاءُ يا پيءُ کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به ساڻن ملڻ جي اجازت ڪانه هوندي هئي. البت شادي شده ٽيچرس جي حالت ۾ انهن جي مڙسن کي انهن سان ملڻ ڏنو ويندو هو. ڪزن جي نالي کان ته بيزار هوندي هئي. روبرو ملڻ ته وڏي ڳالهه هئي، ڪاليج جي ٽيليفون تي به مٿي ذڪر ڪيل عزيزن کان سواءِ ٻين کي ساڻن ڳالهائڻ به نه ڏيندي هئي. البت ضروري ۽ بي ضرر نياپا پاڻ (سندس غير حاضريءَ ۾ وائيس پرنسپل) وصول ڪري واسطيدارن کي پهچائيندي هئي. ان ڪاليج جي خصوصيت اها به هئي جو چوڪيدار کان سواءِ سمورو اسٽاف عورتن تي مشتمل هوندو هو. کيس معلوم ٿيو ته ميڊم فاخره کي سندس فرسٽ ڪزن ڪار ۾ ڪڏهن ڪڏهن لفٽ ڏئي گهر پهچائيندو آهي. هڪ ڏينهن ذڪر ڪندي فاخره کيس ٻڌايو ته سندس سوٽ شاهد گارمينٽ فيڪٽري جو مالڪ آهي. هو آفيس مان موٽندي کيس ڪڏهن ڪڏهن ان جي گهر القصر ڇڏي، چانهه پي پنهنجي ڪلفٽن جي بنگلي تي ويندو آهي. اهو به ٻڌايائينس ته هو ساڻس شادي ڪرڻ وارو آهي.

ميڊم صابره شرلاڪ هومز ته ڪانه هئي جو وتي پيرا کڻندي. هوءَ ان ڳالهه تي محڪم هئي ته سندس جوابداري ڪاليج جي ٻاهرين گيٽ جي چائنٺ تي اچي ختم پئي ٿي. شاهد جي گاڏي به ته چائنٺ کان ٻاهر بيهندي هئي.

هڪ ڏينهن ميڊم فاخره جي والده پرنسپل سان ڳالهائڻ گهريو. ميڊم صابره جي هيلو چوڻ تي شڪايت ڪيائين ته فاخره هفتي ۾ هڪ اڌ ڏينهن ڪاليج ۾ فنڪشن يا ميٽنگ ڪري گهر دير سان پهچندي هئي. وڌيڪ چيائين، ”ميڊم! اهڙن فنڪشنن يا ميٽنگن جو تعداد گهٽائي نٿو سگهجي؟ اڄ به فاخره ڪونه پهتي آهي. مناسب سمجهو ته فنڪشن يا ميٽنگ مان کيس گهرائي وٺو، مون کي ساڻس ضروري ڳالهائڻو آهي.“

ميڊم صابره چيو، ”ڀيڻ! اسان وٽ ٽن مهينن ۾ ڪو فنڪشن ٿيو ئي نه آهي. البت پگهار ملڻ واري ڏينهن ڪجهه دير ضرور ٿيندي آهي. ڪشش جو معاملو آهي نه؟ ڪاليج اڄ به وقت تي بند ٿيو هو ۽ ميڊم فاخره کي سندس سوٽ شاهد صاحب ڪار تي وٺڻ آيو هو.“

”پوءِ ٺيڪ آهي. مون کي به کيس اهو نياپو ڏيڻو هو ته ڪاليج مان سڌو چاچي جي گهر سندس طبيعت جو پڇڻ وڃي. مان سَنڌن جي سور جي ڪري گهڻو نڪري به نه سگهندي آهيان.“

فاخره گهر پهتي ته سندس والده دستوري آءُ _ ڀڳت ڪانه ڪيس ۽ ان کي چيائين ته ڪپڙا تبديل ڪري وٽس اچي جو ساڻس کيس ڪجهه ڳالهائڻو هو.

 

”فاخره! تنهنجي لاءِ مٽي آئي آهي.“

”امان! مان پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ کان اول شادي نه ڪنديس.“

”ڊاڪٽريٽ شاديءَ بعد به ته ڪري سگهجي ٿي نه؟“

”نه امان! شادي بعد ماڻهو جهنجهٽ ۾ ڦاسي وڃي ٿو.“

”ڇوڪري! ٻڌ ته سهين، رشتو ڪير ڪرڻ ٿو گهري.“

”ڪير به هجي، مان شادي ڪانه ڪنديس.“

”پوءِ رشتو گهرندڙ کڻي تنهنجو سؤٽ شاهد ڇو نه هجي!“

فاخره جون لوندڙيون ڌنوڻ لڳيون. پهر وٺي ويس. ڪرڻ تي هئي ته ماڻس وڃي جهليس. آهستگي سان صوفي تي ويهاريائينس ۽ گلوڪوس جو گلاس اچي هٿ ۾ ڏنائينس.

فاخره کي سوٽ ڪونه هو.

 

”فاخره! ڪالهه اوهان جي والده اوهان لاءِ پڇيو هو. مون کيس ٻڌايو ته هوءَ ڪاليج بند ٿيڻ بعد پنهنجي سوٽ شاهد سان گڏ رواني ٿي وئي آهي. اوهان کي جي اوڏانهن وڃڻو هو ته پنهنجي والده کي اڳواٽ ٻڌايو ته ها، کيس ڏاڍو انتظار ٿي پيو هو.“

”ها ميڊم! شاهد صاحب ٻڌايو ته چاچي سائين جي طبيعت اوچتو وڌيڪ خراب ٿي ويئي هئي. بيمار ته ڪافي ڏينهن کان آهي، ان ڪري اوڏانهن هلي ويئي هيس.“

”اوهان جي والده کي به اهو نياپو ڏيڻو هو ته اوهان ڪاليج مان سِڌو اوڏهن وڃو.“

فاخره کي هاڻي معلوم ٿيو ته سندس والده کي شاهد بابت ڪنهن ٻڌايو هو.

 

فاخره جا والدين هروڀرو پراڻن خيالن جا به نه هئا. هو پنهنجي اڪيلي نياڻيءَ جي شادي سندس مرضيءَ مطابق ڪرڻ چاهين پيا. البت فاخره جي والده کيس چيو ته جيسين معاملو پڪو نه ٿئي تيسين شاهد صاحب سان ڪاليج بعد نه ملي. فاخره پنهنجي والده کي يقين ڏياريو ته شاهد صاحب سان سندس ڪابه ويجهائي ڪانه هئي.

فاخره سلجهيل ڇوڪري هئي ۽ هئي به يقين جي قابل.

ٽن ڏينهن بعد آنٽي ڪرمان کي شاهد صاحب کان ”شينيل _5“ پرفيوم عيد جو تحفو مليو.

هڪ ڏينهن فاخره ماءُ کي ٻڌايو ته شاهد صاحب جا وڏا فوت ٿي چڪا هئا. سوٽن سان ملڪيت تي سندس ڪيس پئي هليا. ان ڪري سندس گهر جا ڀاتي رشتي گهرڻ لاءِ اچي نه سگهندا. البت شاهد صاحب ڪن دوستن سان گڏجي ايندو.

ماڻس چيس، ”ڌيءُ! اڄ ڪلهه سٺا رشتا ڏاڍا مشڪل سان ٿا ملن. ماڻهن تي اعتبار به نٿو ڄمي. ڳوٺ ۾ شادي ڪري ٻي اچي ٿا شهر ۾ ڪن. ان کان سواءِ ماڻهن جو حسب نسب به ڏسجي. منهنجو ته خيال آهي ته شاهد صاحب جي ڳوٺ ماڻهو پڇا ڳاڇا لاءِ موڪلجي. هتي به پڪ ڪجي ته سندس چال چلت ڪيئن آهي، آمدني وغيره ڪيتري اٿس.“

منهن سُڄائي فاخره چيو، ”امان! سندس ڪيريڪٽر جي گواهي مان ڏيندس. ايترن ڏينهن جي واقفيت هوندي ڪڏهن هن گٿو لفظ زبان مان نه ڪڍيو آهي ۽ نه ويجهي ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي اٿئين. ڪلفٽن ۾ بنگلي رکندڙ، قيمتي ڪار ۾ گهمندڙ ۽ گارمينٽ فيڪٽري جي مالڪ بابت اوهان ڪهڙي پڇا ڪندا. مون تي يقين ڪيو امان.“

ماڻس کڻي بس ڪئي.

ڪاليج ۾ فاخره جي ويجهي دوست ڪنوينٽ ۾ پڙهيل ڪرسچن مس پنڪي هئي. هڪ ڏينهن ڪامن روم ۾ ٻئي سهيليون اڪيليون ويٺيون هيون.

Madam Pinki said, “Fakhur! I feel jealous about your fiancée. Such elegant personality! What an expensive car he drives. Will you please exchange him with my fiancee John?”

فاخره چيس: ”چپ بي شرم!“ پنڪي چيو: “All was in a joke” ٻئي ڄڻيون کلڻ لڳيون.

 

فاخره هروڀرو ايڏي فارورڊ به نه هئي. ان ڪڏهن شاهد سان سندس آفيس ۾ ڪونه ڳالهايو هو. ميڊم صابره جي هڪ سهيلي آمريڪا مان آئي هئي، جنهن کي هن ٽريٽ ڏيڻ ٿي چاهي. فاخره سان ان ذڪر ڇيڙيو ته کيس شاهد صاحب جي گاڏي ٻن اڍائي ڪلاڪن لاءِ ڊرائيور سميت گهربل هئي.

فاخره فيڪٽريءَ جو نمبر ملايو.

”رسيپشنسٽ!“

”مان مالڪ سان ڳالهائڻ چاهيان ٿي.“

”اوهان جو نالو.“

”اوهان فون ملايو.“

”او. ڪي. ميڊم.“

”هيلو! عرفان اسپيڪنگ.“

”عرفان صاحب! مان فيڪٽريءَ جي مالڪ اسان ڳالهائڻ گُهران ٿي.“

”ڳالهايان ٿو.“

”مذاق ڇڏيو. مان شاهد صاحب سان ڳالهائڻ گهران ٿي.“

”اوهان ڪير ٿا ڳالهايو؟“

”اوهان جو ان ۾ ڇا؟“

”اوهان ميڊم فاخره ته نه آهيو.“

حيرانيءَ مان، ”ها.“

”معاف ڪجو ميڊم، شاهد صاحب ضروري ميٽنگ ۾ آهي. اوهان پنجن منٽن بعد فون ڪجو يا پنهنجو نمبر عنايت ڪيو.“

”مان بعد ۾  فون ڪنديس.“

ڪنيڪشن ڪٽجڻ سان ئي عرفان شاهد کي چيو: ”شاهد! ميڊم فاخره فون ڪئي هئي. فيڪٽري جي مالڪ سان ڳالهائڻ پئي گهريائين.“

”تو ڇا چيس“: شاهد پڇيس.

”چيومانس ته مالڪ ميٽنگ ۾ آهي. پنجن منٽن بعد فون ڪجو.“

 

...ڪاليج جي فون جي گهنٽي وڄڻ لڳي. ميڊم صابره فون کنئي.

”ميڊم! مان شاهد ٿو ڳالهايان. ميڊم فاخره سان ڳالهائڻو آهي.“

پهريون دفعو ڪاليج جي فون مان ڪنهن ڪزن سان ڳالهايو ويو.

”فاخره! توهان آفيس فون ڪئي هئي. ان مسخري عرفان کنئي هئي. ڪا بدتميزي ته ڪانه ڪئي هئائين.“

”نه شاهد. فون ان لاءِ ڪئي هيم ته ميڊم صابره کي ڊرائيور سميت اوهان جي ڪار کپي. هوءَ آمريڪا مان آيل سهيلي کي ٽنڪل ريسٽوران ۾ ٽريٽ ڏيڻ گهري ٿي.“

”گاڏي ڪڏهن کپي؟“

”سڀاڻي.“

”ٺيڪ آهي. پر اهو چڱو نه ٿيندو ته پريهن موڪل به آهي، ان ڏينهن سڄي ڏينهن جو پروگرام ٺاهي هاڪس بي تي هلون. اتي منهنجي هٽ به آهي.“

”ٽريٽ ۽ ڪيمل رائيڊ منهنجي طرف کان ٿيندي. وڏي گاڏي کڻنداسين. ڊرائيور موڪل سبب ڪونه هوندو. ڊرائيو مان ڪندس. اوهان ميڊم کان پڇو.“

ميڊم اها ڳالهه نه نه ڪرڻ بعد فاخره جي زور ڀرڻ تي منظور ڪئي.

هاڪس بي تي بندوبست ڏاڍو سٺو هو. ميڊم صابره، مهمان مس ڊمپل عزيزي، ميڊم پنڪي ۽ ميڊم فاخره ڏينهن سٺو گذاريو.

ٻئي ڏينهن تي ميڊم صابره، مس ڊمپل ۽ ميڊم پنڪي فاخره کي اهڙي ”سٺي ڪزن“ تي مبارڪ پيش ڪئي.

”امان، مان شاهد صاحب کي آچر جي شام جو چانهه لاءِ چيو آهي. اجازت کپي.“

ماڻس مسڪرائيندي چيو: ”اها اجازت وري ڪهڙي؟  تو ته اڳي ئي چانهه لاءِ چئي ڇڏيو آهي نه؟“

”امان!“

 

آچر جي ڏينهن تي شاهد بهترين ڪپڙن ۽ قيمتي ڪار ۾ اچي القصر ۾ پهتو. فاخره جا والدين ان جي شخصيت کان ڏاڍا متاثر ٿيا.

ڪراچيءَ ۾ اهڙي ڌوم ڌڙاڪي سان شادي ويجهيءَ ڇَڪ ۾ ڪانه ٿي هئي. ٻهراڙيءَ مان شاهد جا مائٽ اختلافن ڪري شادي ۾ شريڪ ڪونه ٿيا. البت اها ڪمي شاهد جي دوستن پوري ڪئي.

هني مون ڪوهه مريءَ ۾ گذارڻ جو فيصلو ٿيو. اتان جي مشهور هوٽل ”هائيٽس“ ۾ ڪمرو بڪ ڪرايو ويو.

نئين شادي ڪيل جوڙي جا ٽي ڏينهن کل خوشيءَ ۾ گذريا. چوٿين ڏينهن دستوري روزانه اخبار سان گڏ ماهوار ”گليمر“ رسالو به ناشتي سان گڏ بيرو ڪمري ۾ ڇڏي ويو. شاهد صاحب شاور هيٺان هو. گلمير جا پنا اٿلائيندي ”تازه شادي ڪيل جوڙا“ جي صفحي تي ٻين سان گڏ شاهد ۽ پنهنجي تصوير ڏسي فاخره جي چپن تي مسڪراهٽ مڙي آئي. تصوير هيٺان تعارفي لفظ پڙهي فاخره جي هٿ مان رسالو ڇڏائجي ويو.

لکيل هو: ”عرفان گارمينٽ فيڪٽريءَ جي مئنيجر شاهد حميد جي شادي خانه آبادي ميڊم فاخره حق سان.“

وڌيڪ هوءَ پڙهي نه سگهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com