سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جولاءِ-ڊسمبر 1998ع

 

صفحو :16

ڊاڪٽر ديدار حسين شاهه رضوي

 

”مرتضائي ٺٽوي“ جون ادبي خدمتون

 

سنڌي زبان جو قادر الڪلام شاعر، سيد غلام مرتضيٰ شاهه رضوي، ”مرتضائي“، ٺٽي جي رضوي سيدن مان هو. ننگر ٺٽي ۾ انهن رضوي ساداتن کي مهدوي سيد (1) ڪري ڪوٺيندا آهن. مرتضائي، رضوي سيدن جي حمزاڻي پاڙي (2) مان هو. انهيءَ خاندان جا وڏا سنڌ جا حاڪم ۽ هندوستان جا فوجي جرنيل ۽ سپہ سالار ٿي رهيا آهن. منجهانئن شاعر، نثرنويس ۽ اديب به گهڻا ٿيا (3). علم، ادب، اخلاق، خانداني فضيلت ۽ نجابت، سلوڪيت، ڪرامت، تعليم ۽ تربيت وغيره مرتضائي کي ورثي ۾ مليل هئا. مرتضائي صفر مهيني جي نائين تاريخ، سومار جي ڏينهن (4) 1259هجري (1844ع) ۾ ڄائو. ”فدوي“ سندس ڄمڻ جي تاريخ هن ريت جوڙي:

صفر مهيني نيڪ تاريخ نهم،
ڏات ڏاتر آيو ڏينهن سومار بخت.
نامور ڄايو غلام مرتضيٰ،
ڪيو خدا روشن علي جو يار بخت.
عمر دولت سين عطا فرزند ٿيس،
خضر مقدم مرحبا نروار بخت.
خلف صالح شال ٿيندو ارجمند،
ابن عاليشان بابسيار بخت.
سال ڄا پڻ ان سندو هاتف چيو،
’فدوي‘ کي وڌ ولد بيدار بخت(5).
 

        مرتضائي جيئن ته حڪمران گهراڻي سان وابسته هو، انهيءَ ڪري سڀئي اهل خاندان کيس پيار، قرب محبت ۽ عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا. سندس ننڍپڻ نهايت ئي قرب، دلي لڳاءُ ۽ پاٻوهه سان گذريو. جيئن ته نهايت ئي سڪ ۽ نفاست سان پليو هو، انهيءَ ڪري ننڍپڻ ۾ پڙهڻ طرف سندس دل زياده مائل نه رهندي هئي. پنهنجي ديوان ۾ انهيءَ جو اقرار هيئن ڪيو اٿس:

”ڪيو استادن ازل جي مرتضائي نڪته دان،

ظاهرا مائل نه هو تقرير ۽ ترقيم ساڻ.“

        سندس والد صاحب اهڙي ڪيفيت کان گهڻو پريشان رهندو هو. نيٺ سندس ٻانهن امام بخش شاهه فدوي جي حوالي ڪئي ويئي، جنهن سندس ذهانت پرکي ورتي ۽ مرتضائيءَ کي پنهنجي شاگرديءَ ۾ قبول ڪيائين.

مرتضائي ننڍي هوندي کان حقي پياڪ بنجي چڪو هو، پر خانداني آداب ۽ اطوار جي باعث ظاهر ظهور حقو ڇڪي نه سگهندو هو ۽ انهيءَ رڪاوٽ سبب ئي پڙهڻ کان سندس دل پاسيري رهندي هئي.

سندس استاد ”فدوي“ کانئس نه پڙهڻ جو سبب معلوم ڪري کيس حقي ڇڪڻ جي اجازت ڏني. اجازت جي باعث مرتضائي وعدي موجب تحصيل علم کي پاڻي وانگي پي ڏيکاريو. تعليم جي ميدان ۾ مرتضائي گوهر افشاني ڪري ڏيکاري. مرثيا، منقبتون، قصيدا، مثنويون، رباعيون، فرد، حمد، نعت، غزل، فارسي، سنڌي، عربي، ترڪي، هندي، سنسڪرت، ديوناگري، اردو زبانن جي مهارت ۽ انگريزي جي ڄاڻ حاصل ڪري ڏيکاريائين. سندس مطالعي ۾ نه صرف سلوڪيت، پر تاريخ جا وڏا اهڃاڻ ملن ٿا. ديوان جي اندر هڪ مڪمل غزل ’حقي‘ متعلق جوڙيو اٿس.(6)

خانداني پيشي زمينداري جي ڪري سندس گذر سفر جو ذريعو به اهو ئي رهيو. ميرن وٽان حڪومت کسجڻ ڪري نه صرف مٿن، پر سندس يارن، دوستن، همدردن ۽ ساٿين تي پڻ ڏکيا ڏينهن اچي ويا ۽ مرتضائي پڻ انهي جو شڪار رهيو. ديوان جي هڪ غزل ۾ چيو اٿس ته:

خـــدا  انگــريــز  کـــي  برباد  ڪـــر،

رعيت   نــمــاڻي  کي  دلشاد  ڪر،

وري ملڪ ميرن کي موٽي ملائي،

خــدايــا  تـــون   بيداد  جو  داد  ڪر.

مرتضائي جو پهريون پٽ سومر جي ڏينهن 15 رجب المرجب 1892 هجري، شام جو سج لهڻ وقت تولد ٿيو، جنهن جو نالو پنهنجي ڏاڏي جي نالي مطابق ذوالفقار علي شاهه رکيائين. انهيءَ موقعي تي هيٺيون قصيدو ۽ ڄم جي تاريخ جوڙيائين.

جڏهن رحمتي ڪڪر کئون ٿيو گلزار باغ،
تڏهن ويو خزان وسري وري بوئي بهار باغ،
گل ڦل ٽڙيا بهار مثل عطر ريز ٿيا،
خوش پوش نسيم ساري نشاني آئي بهار باغ.
ابر و ڪرم چمن ۾ ڪري بستيون وڌيون،
مهڪ مهڪ ڦرئي وسي ڪيو سڀ لاله زار باغ.
مکڙي جي بوءِ نرگس جادو اکين کي مست،
خوشبوء گلاب شاهه گلان کٽڻهار باغ.
الحمد هن بهار ۾ ساز رحمت خدا ،
هڪ ٿڏو او بهاريءَ ڏنو ڪردگار باغ.
ماه رجب جي پنڌرهين سانجهين جو ڏينهن

 

زڪواة(7)،

 

ڏاتر ڏنو اسان کي ولد ذوالفقار باغ.
هوئي شال عمر عزت سان صالح الولد،
بابخت سعد يار و روزگار باغ.
شڪر خدا اسان جو ٿيو مقصود دل حصول،
دل تي بهار اکين اڳيان نور و نار باغ.
هوئي مصطفيٰ جي دين تي ثابت قدم براهه،
ملت تي مرتضيٰ جي هجي نامدار باغ.
جڏهن مرتضائي سال ولادت جو ڪيو طلب
هاتف چيو ته آيو ”بلبل بهار باغ“.


 

1292هجري مطابق 1878ع

فدوي وري اها تاريخ هن ريت جوڙي،
لافتا الا علي لاسيف الا ذوالفقار.
سن 1292 هجري.

مرتضائي جي مٿين شعرن مان ظاهر آهي ته کيس شاديءَ کان پوءِ ترت اولاد نه ٿيو، انهي ڪري پهرئين پٽ جي ڄمڻ تي سندس خوشي جي حد نه رهي. انهي اولاد جو نصيب ٿيڻ مرتضائي لاءِ زندگي جي بهاري آڻي ڇڏي هوندي. پر افسوس جو سندس اهو پهريون پٽ ربيع الاول جي يارهين تاريخ، بروز اڱاري جي 1299 هجري ۾ 6 سال، 7 مهينا ۽ 25 ڏينهن زنده رهڻ بعد گذاري ويو. ظاهر آهي ته انهي صدمي مرتضائي کي تمام ملول ۽ غمگين ڪيو هوندو. انهي فراق ۾ ٻئي اولاد جي ٿيڻ جي خواهش مرتضائي جي دل تي تمام گهڻو اثر وڌو. ديوان مان سندس انهي مايوسي ۽ پر اميد خواهش جو اظهار ملي ٿو.

جيئن ته:

        ”روزي ۾ مرتضائي رهيو رنج جي جڏهن،

ڪا عيد آڻ عيش سندي ان تي خوب خوب“.

ٻئي هنڌ وري چيائين ته:

                ”اي صبا ان باغبان ايجاد جي کي سوال ڪر،

                  مرتضائي   کي  نوازج  از برائي عندليب.“

        سنڌ جي خانداني روايتن موجب، خاص طور سان نرينو اولاد هجڻ تمام ضروري سمجهيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته انهي کي ئي پشت جو قائم رهڻ، وڏن جي نشاني، وارث وسيلو ۽ نسل جي برقراري جي علامت سمجهيو ويندو آهي. ٺٽي جي رضوي خاندان ۾ تمام گهڻا افراد هئا، پر 1800ع کان پوءِ واري عرصي دوران منجهائن فوتين جو تعداد وڌندو ٿو پسجي. گهڻا ڦوهه جواني ۾ بي اولاد گذاري ويا. مرتضائي لاءِ اها سوچ ۽ پٽ جو موت، طويل علالت ۽ مٿس ماتا جو حملو ۽ ٻيا اهڙا سانحا، دل دهلجڻ وارا رهيا هوندا. اهو سمورو عرصو ارمان، افسوس، ويڳاڻپ، رنج ۽ عم وارو رهيو هوندو. اڪثريت کان خاندان جو اقليت طرف راغب ٿيڻ، مرتضائي لاءِ ڪنهن غمناڪ الميي، دلي ۽ ذهني هاڃي کان، گهٽ ڪونه گذريو هوندو.

”خاموش بي سبب نه ڪري مرتضائي ٿو،

بيمار هوڪه جنهن کان ٿيا حيران ڪيترا.“

        انهي پٽ جي وفات بعد کيس ٻن سالن تائين اولاد نه ٿيو، انهي رنج و الم واري ڪيفيت دوران وري چيائين ته:

”مرتضائي  کي  ڏي  ورائي خدا،

صالح ٻانهون سندو عجيب فرزند.“

        ڌڻيءَ جي درٻار سندس اها التجا اگهاڻي ۽ کيس 1301 هجري مطابق 1884ع ۾ ٻيو فرزند ڄائو، جنهن جو نالو نرالو حسين بخش رکيائين.

مخدوم ابراهيم خليل انهي ڄم جي قطعه تاريخ هن ريت جوڙي آهي:

”غلام مرتضوي را چون خانه شد آباد،

به پورنيڪ سيرت، نيڪ طبع، نيڪ نهاد.“

        انهي پٽ جي ڄمڻ تي مرتضائي ڪوبه ڪلام نه جوڙيو. خاموشي سان کيس دعائون ڪندو رهيو. سندس هدايت ۽ طول عمري لاءِ ڌڻي جي در خواهشمند رهيو، کيس وصيعتون به ڪندرو رهيو.

جيئن پاڻ چيو اٿس:

”حسين بخش کي هادي ڏئي هدايت ڪا،

جو عمر علم نصيبن ۾ شل ڏسان اولاد.“

        وري ٻئي هنڌ کيس نصيحت ڪندو چوي ٿو:

               ور ڪج ڪو مرڻ بعد مٿم گهوڙي چڙهي ڇو ته،

       بارش  کان  فراقن  جي  مٿي  گور  عـلف  ٿئي.“

 

هر وقت حسين بخش ڏسي مرتضوي چئو،

طالع سان وٺي طول سندم صالح خلف ٿئي.“

حسين بخش به شاعري شروع ڪئي هئي، پر عمر وفا نه ڪيس، نه ته پيءُ وارا جلوا ڏيکاري ها.

سندس جوڙيل مرثيي جو مثال هن ريت آهي:

هائي سو سرور حسين. ماريو اڃايل حسين،

مالڪ  محشر حسين،  ماريو  اڃايل  حسين.

مهدي  هادي  امام،  مهدوي  تنهنجو  غلام،

تنهن کي رسيج يا امام، ماريو اڃايل حسين.

انهي بعد مرتضائي کي ٽيون فرزند 1304هجري ۾ ڄائو، جنهن جو نالو روشن علي شاهه رکيائين. هن جي تاريخ پڻ مخدوم ابراهيم خليل هن ريت جوڙي آهي:

چون  غلام  مرتضيٰ  را  زاد فرزند نجيب،

آنڪه هر وقت، ولودش نام شد روشن  علي،

از  سر  جو  دم  خرد سال  ولود او  بگفت،

ڪرد از يمن جلي  بزم  طرب  روشن  علي.

هجري 1304 مطابق 1887ع

        پر سندس هي فرزند به ڇهن مهينن بعد وفات ڪري ويو.

        مرتضائي جي پهرئين گهر واري يعني حسين بخش جي والده ماجده سندس ٻالڪپڻي واري زماني 1306 هجري ۾ وفات ڪري ويئي. مرتضائي وڏ پڻ ۾ 1307 هجري ۾ ٻي شادي ڪئي، جنهن مان کيس ڪوبه اولاد نه ٿيو. سندس اهو حرم حسين بخش جي وفات بعد به گهڻو وقت جيئري رهي ۽ 1357هجري ڌاري وفات ڪيائين.

مرتضائي 29 سالن جي عمر ۾ 1327هجري مطابق 1910ع ۾ وفات ڪئي، سندس قبر يوسف شاهه رضوي جي گورستان ۾ اتر طرف، حمزاڻين جي پاڙي کي مليل جاءِ وٽ ٺهيل آهي. ساڻس گڏ سندس ڀائيٽي غلام محمد شاهه (منهنجي والد) جي قبر آهي، جنهن 26 اپريل 1975ع مطابق 13 ربيع الثاني 1395 هجري ۾، جڏهن آءُ پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ لاءِ ماسڪو ۾ هيس، وفات ڪئي، سندس آخري ديدار نصيب نه ٿيو، دير سان خبر پوڻ سبب سندس چاليهي تي پهچي سگهيس.

 

مرتضائيءَ جو شجرو ۽ حسب نسب

 

فقير سيد غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائي ولد سيد روشن علي شاهه ”روشن“ جو شجرو هن ريت آهي:

 

 

 

مرتضائي شعر ۾ پنهنجو شجرو هن ريت جوڙيو آهي:

 

پشت پنهنجي نظم ۾ آڻج غلام مرتضيٰ،
تان ٿئي معلوم سڀ ڪنهن کي سندي شجرو صفا.
هي غلام مرتضيٰ بن سيد روشن علي،
ابن سيد ذوالفقار ڄاڻج بي ريا.
تنهن جي والد جو اسم پڻ آهي نت روشن علي،
ان جو والد سيد افضل وئي باضيا.
ان جو والد نامور آهي سيد عبدالملڪ،
ان جو والد عبدالرحمان ابن حمزه با وفا،
سيد حمزه (8) جو والد سيد اسحاق آهي،
سيد اسحاق جو والد ڪمال الدين وا.
ان جو والد سيد جاده (9)، ان جو رڪن الدين سچار،
ڪامل و عارف حقيقي رهبر راهه خدا.
ان جو والد منجهه شهادت ٿيو شهيد نامي مريد (10)،
ابن سيد شيخ بن سيد حسن عارف هُدا.
ان جو والد موسيٰ بن علاءُ الدين شير،
ان جو والد سيد محمد مڪي (11) تاج اوليا.
سيد محمد مڪي جو پيءُ ڀلو محمد شجاع (12)،

ن جو والد سيد ابراهيم شاهي پارسا.
ان جو والد مير قاسم بن مڪارم زيد ڄاڻ،
ان جو والد جعفر بالقب اصغر صنعا.
جنهن جو والد سيد حمزه بن امير هارون،
ان جو والده ابي معاصر شه مُلڪ هدا.
ان جو والد نامور ڄاڻج سخي سيد عقيل،
ان جو والد سيد القائم امير دوسرا.
ان جو اولاد سيد اسماعيل شاهه ملڪِ فضل،
بن ابي جعفر مزڪي بن نقي المقتدا.
ان جو والد شاهدين جولد دين حضرت تقي،

ان جو والد شاهدين سيد علي موسيٰ رضا.
ان جو والد موسيٰ ڪاظم امام دوجهان،
ان جو والد جعفر صادق امام و پيشوا.
ان جو والد باقر علم لدن شاهي جهان،
ان جو والد نامدار حضرت زين العبا.
ان جو والد شاهه شهدا نامور حضرت حسينرضه،
ان جو والد شاهه دين بر حق علي المرتضا.
ان جو والد خود ابو طالب ڪه عمران نامدار،
ان جو ٿيو عبدالمطلب خاص و ابدي بها.
هي سڀئي سيد ڀلارا بادشاهي ملڪ فضل،
نامور عارف الاهي رازدان ڪبريا.
مرتضائي پشت تنهنجي آهي هن ترڪيب ساڻ،
۽ زياده پڻ نه ڪر طول طويل ري ابي ريا.

 

ٺٽي جي رضوي ساداتن جي شجري تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته، اهو خاندان نهايت ئي وسيع هو. انهي خاندان مان تمام گهڻا اوليا ٿي گذريا آهن، سميت انهن جي تمام گهڻا حاڪم، گورنر، فوجي بهادر، رهنما، ديانتدار امير، هوشيار وزير، مشاهير، مصاحب، شاعر، نثر نويس، انشا پرداز، تاريخ نويس، مرثيه گو، مناقب ۽ مثنوي نويس، قصيده گو، رباعيون جوڙيندڙ، عربي، فارسي، ترڪي، هندي، سنڌي، اردو، انگريزي ۽ روسي زبانن جا ڄاڻو، ابجد جا ماهر، پروفيسر، ڪامل استاد ۽ پنهنجي وقت جا نامور عالم ۽ فاضل ٿي گذريا آهن. انهن مان ڪافي بزرگن جو ذڪر سنڌ متعلق مستند ڪتابن جهڙوڪ: مڪلي نامه، تحفة الڪرام، مقالات الشعراء، تڪملہ مقالات الشعرا، بيان العارفين، ديوان عطا ٺٽوي، ديوان محسن ٺٽوي ۽ ٻين تاريخي ۽ ادبي ڪتابن ۾ ڄاڻايل آهي.

هن رضوي خاندان خاص طور سان پنهنجي حال ۽ حيثيت آهر سنڌ جي خدمت پئي ڪئي آهي ۽ ان جي سڌارن ۽ سنوارڻ طرف لياقت آهر ڪوشش پئي ورتي آهي. ايستائين جو سنڌ جي آزادي ۽ بقا واري مياڻي جي جنگ (1843ع مطابق 1259 هجري) ۾ مير صاحبن سان گڏجي، انگريزن خلاف جنگ وڙهندي جام شهادت پڻ پيتو.

مرتضائي جو تصنيفي ۽ تاليفي حاصلاتون:

ننڍپڻ جي زماني کان جوانعمري تائين مرتضائي کي فارسي ۾ قصيدن، نعتن، رباعين ۽ مرثين جو شاعر چئي سگهجي ٿو. 1853ع کان پوءِ سنڌي زبان، انگريزن جي دور حڪومت ۾ سرڪاري سرپرستي ۽ همت افزائي سبب خوب وڌڻ ويجهڻ لڳي ۽ سرڪاري خواه دفتري زبان فارسي جي جاءِ والارڻ لڳي.

سنڌ جي تمام گهڻن شاعرن، مصنفن ۽ خود مرتضائي به انهي اثر ۽ تبديلي کي پنهنجو ڪيو ۽ سنڌي ۾ شاعري ڪرڻ لڳو.

مرتضائي جي تصنيفات ۾ هيٺيان شاهڪار شامل آهن:

مرثيه نگاري                           اڻ ڇپيل

رباعيون، تاريخ وفات وغيره            اڻ ڇپيل

نجات القلوب                          اڻ ڇپيل

منقبتون ۽ قصيدا                     اڻ ڇپيل

مثنوي يوسف زليخا                   ڇپيل

طوطي نامو                            ڇپيل

سڪندر نامو                           ڇپيل

شاهنامو فردوسي جي

     ڪن حصن جو ترجمو                     ڇپيل

ڪريمانيچري                          ڇپيل

فارسي ڪتاب نور الهديٰ جو ترجمو   ڇپيل

ديوان مرتضائي                        اڻ ڇپيل

 

مٿين تصنيفن مان صرف دستياب مواد تي خيال آرائي ڪجي ٿي.

 

1. مرثيه نگاري:

        مرتضائي جواني ۾ مرثيه گو شاعر ٿي گذريو آهي. سنڌيءَ ۾ سائين ثابت علي شاهه رضوي سيوهاڻي کان پوءِ تعداد ۽ معيار جي لحاظ کان مرتضائي کي وڏو مرثيه گو شاعر چئي سگهجي ٿو. مرتضائي سنڌي ۾ فارسي کان به زياده مرثيا نويسي ڪئي آهي. مرتضائي ٻه سؤ کان به وڌيڪ مرثيا جوڙيا آهن، جن ۾ مجلسي (مسدس) ميداني (مربع) ۽ ٻه ٻه سٽا (نوح يا سيني زني وارا)، رباعيون وغيره شامل آهن. سندس مرثيا نهايت ئي اعليٰ درجي جا ۽ ڪمال جي شاعري جو مظهر آهن، جن مان ڪن جا مثال هيٺ ڏجن ٿا:

مجلسي مرثيي جو مثال

بند پهريون

 

جڏهن  آيا  اهلبيت  نبوت  جــا  شام  ۾،

در  نجف  دمشق  جــي  بازار  عام   ۾،

ٿيو حشر شورو حشر خواص و عوام ۾،

گــويــا  رســي  قيامت  هـــــن  ازدهام  ۾.

 

هو  شور  هي  ته آيا  اسيران  اهلبيت،

مـقتــول  مــير  وارا  غريبــان  اهلبيت.

 

آخري بند

افسوس مرتضائي کي هن قتلعام جو،
حسرت گداز درد انهي قيد شام جو،
آهي غلام خاص امام انام جو،
سو ڪربلا رسي ٿئي سلامي اما جو.
حاضر حضور روضئه شبير ۾ رهي،
جت شاهه ان جو هي به گدا ان جڳهه ٺهي.

 

هن مرثيي مسدس ۾ اهڙا ڪل 26 بند آهن.

ٻيو مثال بند پهريون

معلوم اٿو مومنان هي ڪنهن جو ڀنڻ آهي،
۽ ڪنهن جي سبب خاڪ اها سرتي وسڻ آهي،
هي درد جگر جان منجهان جلد ڪڍڻ آهي،
هن باهه جو سيني ۾ وڏو مچ مچڻ آهي،

 

فرزند رسول عربي هائي ڪٺو هائي،
عاشورو خدا نام انهيءَ لاءِ رکيو آهي.
 

آخري بند

 

جو شاهه شهيدان جي ڪري هڪڙي زيارت،
يا ماتم عظما ۾ بڪا آڻي بڪثرت،
محشر ۾ محمد کان ملي ان کي شفاعت،
مسرور محبن کي ڪري شہ جي ڪرامت

 

مرتضائي عبد جو ٻيو ناهي وسيلو،
 
جُز آل نبي حشر هلي ڪونه ڪو حيلو.

 

هن ۾ اهڙا ڪل 22 بند آهن.

ٽيون مثال

چهلم جي نسبت سان هي مرثيو جوڙيائين.

بند پهريون

مومنا اڄ آهي شاهه ڪربلا جو چاليهو،
نورعين مصطفيٰ ۽ مرتضيٰ جو چاليهو،
اڄ اڃايل ان قتيل سر جدا جو چاليهو،
ڪڙم سان ساري ڪٺل ان پيشوا جو چاليهو.

 

بي ڪفن رڻ بيدفن آهي روز اربعين،
جنهنجو لاشو بيدفن چهلم تلڪ سوئي حسين.

آخرين بند

 

اڳتي ناهي تاب تا قصو ڪريان سارو بيان،
مرتضائي صبر ڪر شاهه تي صلوات خوان،
مرغ ماهه و حشن النسا آهي سڀڪو ناتوان،
شاهه جي سڀ دشمنن تي هو سدا لعنت ڪنان،

دوستن حضرت جو هر دم پاڻ کي چائج غلام،
ڪربلا جي صابرين تي چئج صلواة و سلام.

 

هن ۾ اهڙا ڪل 25 بند آهن.

ان بعد ٻن سٽن وارا مرثيا آهن، ٺٽي ۾ اهي عام طور سان جلوس هلندي هلندي ڪٿي ترسڻ مهل جهلي تي پڙهيا ويندا آهن، انهي ڪري انهن کي پٽ وارا يا جهلي وارا مرثيا ڪري چيو ويندو آهي. مرتضائي مرثيي جي انهي صنف کي به خوب نباهيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com