سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جولاءِ-ڊسمبر 1998ع

 

صفحو :19

”ديوان جو قدري ۽ تنقيدي جائزو.“

        ديوان مرتضائي تي نظر ڦيرائڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته مرتضائي انهي دور جي پيداوار آهي. جنهن ۾ فارسي جو چرچو به عام هو. پر فارسي مان سنڌي ڏانهن راغبيت ۽ روانگي پڻ جاءِ وٺي رهي هئي. سندس ديوان انهن اثرات ۽ لاهين چاڙهين کان آجو نظر نٿو اچي. سندس ديوان ۾ غنائيت جون خاصيتون مڪمل طرح سمايل آهن.

ٻين همعصر شاعرن جيان سندس غزليات واري شاعري، پارسي شاعرن سان عقيدت جو ميلاپ ۽ سنگم ڪوٺي سگهجي ٿي. ڪافي هنڌن تي فارسي غزلن جي تضمين پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. پارسي محاورن ۽ طرز جو استعمال به عام نظر اچي ٿو ۽ پارسي لفظن جي ڀرمار به ڪافي حد تائين پسجي ٿي.

مرتضائي جي غزليات ۾ فارسي شاعري وارو خيال جهڙوڪ، گلستان، شوخي، قسمين قسمين گل، سونهن، حسن ۽ سندس جلوه گري، نازنين جون نازڪ ادائون، دلبر جي چنڊ مثل سونهن ۽ زيبائش متعلق يوسف ثاني واريون تمثليون، زلفن جا ور وڪڙ، ابرن ۽ محرابن جو ذڪر، اکين جي تيزي ۽ نظرن جي تلوارن جو احوال، وصل جي عيد کان به وڌيڪ اهميت ۽ تصوف جي انهن خيالن، جو اڪيچار ڀنڊار نظر اچي ٿو. هيرا، موتي، لعل، ياقوت، زمرد، فيروزه ۽ الماس جهڙن قميتي املهه ماڻڪن جون تشبيهي صورتون موجود آهن. انهن ۾ سندس تتبع، سعدي، حافظ، جامي ۽ رومي وغيره جي مثل نظر اچي ٿي.

ايراني ماحول جون خصوصيتون، جهڙوڪ: باغ و بهار، گل و گلزار، منظر نگاري، سحر گري، لاله، خيري، سنبل، ياسمين، نرگس، سوسن، خبازي، نسترن، عشقپچن، زنمبقن، برسات، بسنت ۽ بهار جا نظارا مرتضائي جي غزليات ۾ عام طور پسجن ٿا. خزان، گل ۽ بلبل، شمع ۽ پروانو، مئي ۽ ميخانو، ساقي ۽ شراب، پير مغان، محتسب، زاهد، شيخ ۽ ناصح وغيره جون خصوصيتون خوب نظر اچن ٿيون. جڏهن ته حمد، نعت، قصيدا، رب باري تعاليٰ جي تعريف، مٺي محمد صلي الله عليه وسلم جي ثنا، پنجتن پاڪ، ٻارهن امام جي نيڪنامي پڻ چٽيءَ طرح جا _ بجا ڄاڻايل آهي.

عشقي داستان جي روپ ۾ شهنشاهه ۽ راڻي، شيرين ۽ فرهاد، يوسف ۽ زليخا، ليلا ۽ مجنون، محمود ۽ اياز، رستم ۽ سهراب وغيره جي تمثيل پڻ ملي ٿي، سميت انهي جي، محبوب جو تصور، صنم جي بيهڪ ۽ بناوت، حسن ۽ عشق جو لڳڻ، حسن جي تعريف، قد زلف _ زلف سنبل _ زلف بلا _ زلف زنجير _زلف رخسار_رخ، خال ۽ رخ، دهن لب، دوست، تنگ ذهن، غنچه دهن، لعل و لب، شيرين لب، چشم ميگون، لولوءِ دندان، مزگان ۽ ابرو، چاهه زنخدان، سراپا عشق، معشوق ۽ رقيب، دشنام دلبر، گل ۽ خار، تربت عاشق، معشوق جا ماڻا ۽ بيوفائي وغيره جون سمتون به خوب نظر اچن ٿيون.

دعوت غزليه شاعري ۾ مرتضائي گهڻو تيز نظر اچي ٿو. انهي سلسلي تحت مرتضائي جا ڪيترا سارا غزل انهي وقت جي فارسي توڙي سنڌي اخبارن، جهڙوڪ، مفرح القلوب، سنڌ سڌار، معاون، معين الاسلام، اڪليل، آفتاب وغيره ۾ ڇپبا رهيا، انهن اخبارن به انهي وقت سنڌي غزل جي ترقي ۽ ترويج ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو.

ظاهري طور ڏسجي ٿو ته مرتضائي جيتري دعوت غزل ڏني آهي، اوتري شايد ئي ڪنهن ٻئي شاعر ڏني هجي. گهڻو ڪري همعصر شاعرن ڏي شعر موڪلي جواب گهرندو رهيو آهي ۽ ٻين وٽان موصول ٿيندڙ اشعار جو بروقت جواب روانو ڪندو رهيو آهي.

ديوان جي شاعري مان اِهو به معلوم ٿي سگهندو ته مرتضائي جي شعر ۾ فارسي واريون رعنايون ۽ جلوه آرايون موجود آهن، هن جي شاعري ۾ تشبيهون ۽ استعارا تمام گهڻا ملن ٿا. سندس ديوان جي زبان نهايت ئي رنگين بيانن سان ڀريل ۽ ضايع و بدايع جي نقطن سان ٽمٽار نظر اچي ٿي. تقريباً غزل جي قسم ۽ صنف تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. غزليه نقطه نگاهه ۽باريڪ بيني واري پيشڪش جي باعث پاڻ وڏو قادر الڪلام شاعر آهي. سندس خيالن جي پختگي، زبان جي سلوڻيت، سوچ جي بلندي ۽ فڪر جو عالي هجڻ، سندس شاعري ۾ خوب نظر اچن ٿا.

صرف ونحو جي اصولن پٽاندر، مرتضائي جي شاعري بحر ۽ وزن جي دائري کي قائم رکيو آهي. عروضي شاعري جا بلند معيار مرتضائي قائم ۽ دائم رکيا آهن. انهي وقت جي مروج تمام غزلياتي صنفن کي پنهنجي دائري ۾ خوب وڌايو ۽ ويجهايو اٿس.

پنهنجي دور جي شاعرن ۾ سندس مقام تمام مٿانهون شمار ٿئي ٿو نه صرف ٺٽي پر سنڌ جي گهڻن ئي شاعرن جو پاڻ استاد ٿي رهيو ۽ وٽانئس اصلاح ورتي ويندي هئي.

آخر ۾ اهو سگهبو ته مرتضائيءَ جي شاعري، سنڌي ادب ۾ انهي وقت وڏو واڌارو ڪيو ۽ سندس شاعري لاءِ نئين بيهڪ، ترغيب، ڪشش، نوان لاڙا ۽ رخ پيدا ڪيا، جن جي بنياد تي اڳتي هلي سنڌي شاعر، سنڌي زبان ۾ شاعري جا نوان نوان شاهڪار پيدا ڪري سگهيا.

سنڌي ادب جي خدمت طرف ”مرتضائي“ عملي قدم وڌائيندي ”بزم نشاط“ (ٺٽو) جو بنياد وڌو، جا پنهنجي نوعيت جي سنڌ اندر پهرين انجمن هئي. انهي بزم ۾ امام بخش شاهه ”فدوي“، موٽيل شاهه ”ڪمتر“ ”شاڪر“ ڇاپائي، قاضي عبدالمجيد ”مجيدي“ زمان شاهه ”ساقي“، آخوند محمد عمر ”عشاقي“، غلام محمد شاه ”گدا“، مير عبدالحسين ”سانگي“، عبدالله ٺٽوي، حافظ حامد، فضل محمد ”ماتم“ غلام دستگير عقيلي، ميون وڏل حيدري ۽ ٻيا شريڪ ٿيندا هئا. اهو سنڌ، سنڌي ادب ۽ زبان جو (پهريون) ادبي ادارو هو. انهيءَ جي پهرين گڏجاڻي ”مرتضائيءَ“ جي صدارت هيٺ 1865ع ۾ ٿي ۽ پهريون ئي دفعو سنڌيءَ ۾ ”وڏو منظم مشاعرو“ ٺٽي ۾ منعقد ڪيو ويو.

”گدا“ (39) انهيءَ موقعي تي مرتضائيءَ لاءِ هيئن فرمايو:

سيادت منزل والاهم شاهه،

غلام مرتضا سيد و ذ يجاهه،

شريف ٺٽوي سيد سخندان،

قدردان نامور منهنجو مهربان.

مرتضائيءَ جي وفات بعد سندس شاگرد ”شاڪر“ ڇاپائي اهڙي تعزيتي گڏجاڻي ۾ مرتضائيءَ جي قدرداني ڪندي چيو ته:

اي اقليم تهته توکي واهه واڌايون هجن،

تو ۾ قائم هو ۽ دائم شاعراڻي انجمن،

چون گلستانِ نشاطي بزم تو زيبا عجيب،

جمله شعرا چون همه بلبل درآن شيرين سخن.

”مرتضائي“ رونق افزا هو چراغ بزم هو،

شاد اهل سندهه هو چو نو بهاران چمن.

انهيءَ انجمن جي ترتيب تي پوءِ حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي وغيره ۾ اهڙيون ادبي تنظيمون ٺهيون، جن جي بنياد تي سڄيءَ سنڌ ۾ گهڻيون ساريون بزمون ۽ ادبي جماعتون پڻ وجود ۾ آيون، جن جو جديد دور ۾ تمام گهڻو چرچو آهي. موجوده زماني ۾، سنڌي اديبن جي نمائنده ادبي تنظيم ”سنڌي ادبي سنگت“ هڪ تناور ادبي درخت وانگر نمايان ۽ نشانبر آهي. ٿوري ويچار سان، محسوس ٿئي ٿو ته گذريل صديءَ ۾ ٺٽي ۾ مرتضائيءَ جي قائم ڪيل (1865ع) ”بزم نشاط“ ان سلسلي ۾ ڄڻ ”ٻج“ جو ڪردار ادا ڪيو آهي، جيڪو بظاهر هڪ ”ذرو“ هوندو آهي، پر ان مان ”وڻ“ جي هِڪ وسيع ڪائنات ڦهلجي ٿي.

 

حوالا، حاشيا، فوٽ نوٽ ۽ سمجهاڻيون

(1) ٺٽي ۾ سندن جد امجد سيد ميران محمد يوسف شاهه رضوي بکري المهدوي هو، جنهن جي مزار مڪلي تي عيدگاهه جي ويجهو آهي. جيئن ته کيس سيد ميران محمد شاهه جونپوري وٽان فيض رسيو هو ۽ انهيءَ قبرستان ۾ ميران محمد شاهه جي چلي جي جڳهه پڻ اڄ تائين قائم آهي، انهيءَ ڪري ٺٽي جا رضوي سادات ”مهدوي“ ڪري سڃاتا وڃن ٿا. سندس محاورو ”ميران مهدي الله جو عهدي“ اڄ به انهيءَ خاندان ۾ مشهور آهي. مخدوم نوح عليه الرحمة، مخدوم محمد آدم عرف مخدوم ٺارو ٺٽوي، شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو ۽ ان جو مرشد شاهه ابراهيم بهاري، سيد علي شيرازي ٺٽوي ۽ ٻيا، سيد محمد يوسف شاهه جا همعصر هئا.

(2) سيد محمد يوسف شاهه کي ٻه نياڻيون (هڪ شادي کان اڳ ۾ ئي وفات ڪري ويئي ۽ منهوڙي جي ٻيٽ ۾ ڪراچي ۾ مدفون آهي) هڪ پٽ ابراهيم شاهه ٿيا. ابراهيم شاهه جو اولاد هڪ شاخ پيرزادا ۽ ٻي شاخ سردار سڏجن ٿا. ٻي نياڻي جيئن ته پنهنجي ڀائيٽي سيد محمد اسحاق (جو پير پرڏيهي سڏجي ٿو. ڇاڪاڻ ته اهو روهڙي مان لڏي ٺٽي اچي سڪونت پذير ٿيو هو) سان پرڻايائين ۽ انهيءَ جي وڏي پٽ جو نالو سيد حمزه هو، انهيءَ ڪري ڌيءَ وارو اولاد حمزاڻي سڏجي ٿو. اها بي بي درگاهه اندر دروازي ڀرسان مدفن آهي.

(3) جهڙوڪ: (1) مير سيد محمد شفيع عرف لطف علي خان ملقب شجاعت علي خان تخلص همت، گورنر ٺٽو، (2) نواب مير ڪمال الدين احمد شاهه رضوي، هندوستان جي لشڪر جو سپہ سالار ۽ گورنر ٺٽو، (3) مير مرتضيٰ الهام، نواب ڪمال الدين جو لائق فرزند ۽ اعليٰ پايي جو شاعر، مدفن دهلي (4) مير سيد نجم الدين شاهه رضوي تخلص عزلت، صاحب ديوان فارسي (5) سيد ذوالفقار علي شاهه رضوي مرتضائي جو ڏاڏو ۽ ٺٽي جو گورنر نواب مير ڪمال الدين شاه جو ڏوهٽو ۽ مير مراد علي خان ٽالپر (1833_1828) واري دؤر حڪومت ۾ وزير السلطنت (6) سيد غلام مرتضيٰ شاهه، مرتضائي جي ڏاڏي جو وڏو ڀاءُ، (7) سيد موٽيل شاهه ڪمتر (8) سيد روشن علي شاهه رضوي (مرتضائي جو والد) روشن مدفن ڪربلا معليٰ، (9) سيد امام بخش شاهه رضوي فدوي مرتضائي جو استاد، (10) سيد محمد زمان شاهه رضوي، ساقي ۽ زمان، (11) ڊاڪٽر ديدار حسين شاهه رضوي (مرتضائي جو پوٽو _ پروفيسر سنڌ يونيورسٽي) ۽ ٻيا.

(4) انهيءَ ڪري هاري ناري زمين تي کيس ”سومار شاهه“ جي نالي سان ڪوٺيندا هئا.

(5) ابجد جي حساب موجب اهو سال ”ولد بيدار بخت“ مان نڪرندو.

(6)    بيشڪ سو مجلسن جو سينگار آهي حقو،

تنها سندو رفيق هوادار آهي حقو.

ني نيشڪر کان گهٽ نه چوان ميٺ ۾ ڪڏهن،

گوئي رکي گلاب سان سرشار آهي حقو.

محبوب جي ڳلن تان جڏهن دونهين هي لنگهي،

مهتاب تان ڪو ابر گذردار آهي حقو.

ڦونٽا ۽ مشڪ ڳڙ سان ڳڙاڪو ٿو ٺاهجي،

حلوه ڪنان لذيذ سو تڪرار آهي حقو.

لب تي لڳي عجيب جي واري سان جي وري،

عاشق تي وقت ان ۾ شڪربار آهي حقو.

وه مرتضائي قند بياني عجب ڪڍي،

رندن سندي سارونق بازار آهي حقو.

 

ٺٽي جي نواب، جاگيردار ۽ مرتضائي جي همعصر دوست ميون شير محمد شاڪراڻي (هن جو پٽ ميون رسول بخش شاڪراڻي مون ڏٺو هو). هڪ دفعي رونشي خاطر پنهنجي اوطاق مان مرتضائي سان ڪچهري جي رٿيل پروگرام کان اڳ ۾ ئي حقو غائب ڪرائي ڇڏيو. مرتضائي اها رمز ڏسي چڙي پيو ۽ يڪدم ئي في البديهه هجو نامو جوڙڻ شروع ڪيائين.

شاڪراڻين جي محفل ۾ آهي ماٺ ماٺوڙو،

ڪـهڙي ڪچهرين يارن، جن عار آهي حقو.

نواب صاحب هڪدم حقو آڻائي، مزيد شڪوه شڪايت کان پاڻ بچائڻ جو مرتضائي کان وچن ورتو ۽ آئنده لاءِ ڪڏهن به مرتضائيءَ جي موجودگيءَ ۾ شاڪراڻين جي اوطاق مان حقو گم نه رهيو.

(7) ٺٽي ۾ رجب جي مهيني کي زڪوات وارو مهينو سمجهيو ويندو آهي ۽ انهي جي 15 تاريخ اڃا به زڪوات ورهائڻ جو طريقو مروج آهي.

(8) سندس اولاد انهي نالي پٺيان ”حمزاڻي“ سڏجي ٿو. مرتضائي ۽ مان به انهي ”حمزاڻي پاڙي“ مان آهيون.

(9) هي سيد يوسف شاهه رضوي جو والد بزرگوار هو، جو ٺٽي ۾ درگاهه اندر سيد يوسف جي ڀرسان مدفون آهي، سيد يوسف شاهه سندس ننڍو يعني ٽيون نمبر پٽ هو.

(10) هتان روهڙي وارن سيدن جي شاخ نڪري ٿي، جيڪي ”ڪوٽائي رضوي“ ڪري سڏبا آهن. اهو ڪوٽ ۽ پاڙو مون به 1995ع ۾ وڃي ڏٺو، جو موجود آهي.

(11) سيد محمد مڪي ايران جي بادشاهه جو ڏوهٽو ۽ شيخ شهاب الدين سهرودي موجد سلسلهء طريقت سهروردي، جو نياڻو هو، مڪي ۾ ڄائو هو، انهي ڪري مڪي سڏجي ٿو. 658 هجري ۾ سنڌ ۾ آيو هو. سکر پراڻي ۾ مدفن آهي.

(12) سيد شجاع الدين رضوي ايران جي بادشاهه جو نياڻو هو. امام علي ابن موسيٰ رضا جي درگاهه جو مجاور به هو، انهي ڪري رضوي لقب مليس ۽ امام صاحب جي ممدوح آهي.

(13) مرتضائي جي لکت موجب

        سبب تاليف ڪتاب نجات القلوب

        چونڪه فقير پرسرتاپا تفصير بنده احقر العباد الله، عبد پنجتن غلام مرتضيٰ ابن سيد روشن علي شاهه رضوي، ساڪن بلديه ٺٽه در آموختن علم فارسي و عربي و ترڪي خاطر مند بودم بدل خويش گفتم که اي دل حاله اکه حيات هستي فردا بمرگ مير سيد، اگر هر هڪ يادداري و هرڪه ديده يڪي ڪتاب نشتن بايد ازين سبب برائي بيسار خوب خوب نقطه ها نوشته ميشوند

والله اعلم بالصواب

ڪتاب جي تڪميل تي پاڻ هيئن لکيائين:

        تمت تمام شد ڪتاب مستطاب ديوان محسن، منڪلام محمد محسن صباغ ٺٽوي نورالله مرقده بتاريخ مهرهم پنجشنبه شهر شوال المڪرم سنه 1292 هجري مطابق 1875ع بيد الفقير سيد غلام مرتضيٰ شاهه ولد سيد روشن علي شاهه رضوي صورت اختتام پذيرفت از ديوان ميان ابراهيم، ابن ميان عبدالڪريم نقشبندي، از دستخط محفوظ علي شڪر الاهي نوشته سه شنبه چهارم ذي الحج 1267 هجري نوشته شد.

(14) اندازن ٽي هزار فارسي اکرن جي سنڌي ۾ معنيٰ لکي اٿس، انهي کان علاوه هڪ هزار لفظن تي مشتمل ترڪي استنبولي ۽ ايراني ترڪي الفاظ جي لغت پڻ سنڌي معنيٰ سميت جوڙي اٿس فارسي ۽ ترڪي سنڌي لغت ٺاهڻ طرف اها مرتضائي جي ڪوشش بنيادي اهميت جي حامل آهي.

(15) انهي ما سنڌ ۽ بمبئي _ هڪ ڪروڙ چاليهه لک، مدراس ٽي ڪروڙ ٻارهن لک پنجهتر هزار، پنجاب هڪ ڪروڙ نو لک، بنگال ڇهه ڪروڙ اٺهٺ لک پنج هزار، شمالي مغربي علائقا ٽي ڪروڙ پنجاهه لک، برٽش برما ٻه لک پنج هزار، اجمير ٽيٽيهه هزار، وچيان علائقا نو لک پنجٽيهه هزار، باقي ٻيا علائقا وغيره.

(16) زمين جا ست نالا _ رنڪا، اخلدة، عرقه، عربيا، هوملتا، سجين ۽ عجيبا ٻڌايا اٿس.

(17)          مير مراد علي جي وفات قطعه تاريخ

        چوشد مراد علي خان ز تخت شاهي سنڌ

        شده است نور محمد بغر برسر آن.

 

(18) مرزا الغ بيگ ازبڪستان جو وڏو سائنسدان ٿي گذريو آهي. مون سندس ليبارٽريءَ جا آثار سمر _ قند جي دوري وقت 1976ع ۾ ڏٺا هئا. دنيا ۾ هي پهريون سائنسدان هو، جنهن 360 ڊگرين وارو سرڪل ۽ ڪمپاز ٺاهيو هو.

(19) انهي قصيدي جا ڪجهه بند:

                به پير عقل گفتم دوش ڪاي پيره،

ترادستي است درحل مسائل.

بماند هرچه باقر زين تو صاريف،

همان سال است اي نيڪو شمائل.

(998 هجري)

وڪر ره سال شان از فيض حق گير.

                        (998 هجري)

باشاني است ڪر طبع توسائل.

        هن ۾ اهڙا ڪل 19 بند آهن.

(20) ڳاڻيٽي موجب مرتضائي 250 کان به وڌيڪ تاريخون _ وفات، ولادت، جلوس، عمارتسازي، صلح ناما وغيره ۽ انهن جا قطعا ڄاڻايا آهن.

(21) جهڙوڪ مغلن جو شجرو بهادر شاهه بن اورنگزيب کان وٺي حضرت نوح عليه السلام تائين ڄاڻايو اٿس.

(22) هيءَ مثنوي جمادي الاول 1308 هجري برابر 1890ع ۾ ”اڪليل“، ”معين الاسلام“ فارسي ۽ ٻيون سنڌي اخبارون ڪڍندڙ، مرزا محمد صادق ڪراچي مان ڇپائي پڌري ڪئي.

(23)           ٻڌم جيڪا بلوچن بادشاهي،

                اميرن سنڌ جي سانڍيا سپاهي.

                عدالت سان شريعت مصطفائي،

                ۽ ملت سان طريقت مرتضائي.

جي شهداداڻي شاهه زمان اڄ،

رکن هردم اميري آستان اڄ.

وڏا جاگير ڌارين شهواڻي،

وڏا فياض ڏسجن ماڻڪاڻي.

تون رک تن کي هميشه رب آباد،

هجن جت ڪٿ رهن سي شال دلشاد.

هن ۾ اهڙا ڪل 55 بند آهن.

(24) مرتضائي سبب تاليف ڪتاب مستطاب يوسف زليخا لاءِ به لکيو آهي ته پاڻ ۽ سندس دوست آنريبل مير الله بخش خان (ميمبر بمبئي ليجسليٽو اسيمبلي وفات 1911ع) جي ٽنڊي محمد خان واري اوطاق تي گڏ هئا. اتي اهو خيال پيش ٿيو ته سنڌي زبان ۾ مثنوي يوسف زليخا جوڙجي. متفق فيصلي موجب اهو ڪم مرتضائي کي سونپيو ويو. اها مثنوي مولوي جامي بحر هزج فارسي ۾، فردوسي بحر تقارب ۾، شهاب الدين پوني واري جامي واري بحر موجب اردو ۾ ۽ هڪ بلوچ جا ٽڪي ۾ ٺاهي هئي، سنڌي ۾ اها کوٽ مرتضائي پوري ڪئي.

شعر اندر پاڻ لکيو اٿس ته:

  اچي يوسف زليخا جي مٿم ياد،

چوان ٿو مولوي جامي کي استاد.

نه سنڌي اڳ زليخا سنڌ اندر،

تڏهن سنڌي ڏسان ان لاءِ زيور.

محمد خان جو ٽنڊو عجائب،

رهي جت ٿو اسان جو مير صاحب.

الله بخش آهي جنهن جو نام نامي،

خدا نعمت ڏني جنهن کي تمامي.

ٻڌائي حيدري ات هي حقيقت،

ته سائل هي رکي ساري ڪتابت.

هن ۾ اهڙا ڪل 73 بند آهن.

سبب ڇاپڻ متعلق هن ريت درج ڪيو اٿس:

بحمد لله دعا کي ٿي اجابت،

اچي پوري رسي سا سڀ ڪتابت.

شروع جنهن کي رکيم بعد از محرم،

ڏهي اول کان پوءِ بعد ماتم.

ٿيو پورو جمادي الاولين ۾،

جو مثل مقبول ٿئي دنيا ۾ دين ۾.

سو تيرهن سو اٺين هجري اندر،

سندس آغاز ۽ انجام خوشتر.

هن ۾ اهڙا ڪل 15 بند آهن.

(25) جيئن سيد غلام محمد شاهه گدا هيئن فرمايو:

رهي مرتضائي ڪريم النسب،

سهي سرو باغ ولايت پناهه.

سخن سنج شيرين سخن بيعديل،

زليخا سان سنڌي ۾ جوڙيائين واهه.

سُڻڻ شرط تاريخ تصنيف جي،

گدا چئي عجب دلربا نظم آهي.

(1308 هجري)

ٺٽي واري مخدوم محمد ابراهيم خليل فرمايو:

غلام مرتضيٰ چون ڪرد تصنيف،

ڪتاب خوش پسند جمله جاها،

بسالش بي سر انديشه گفتم،

چه رائق قصد يوسف زليخا.

(1308 هجري)

انهي کان سواءِ ”معاون“ اخبار جي ايڊيٽر ميان شمس الدين ابڙو تخلص بلبل، ماستر حاجي ميان عبدالله ٺٽوي تخلص عبد، مرزا احمد علي تخلص احمد، انسپيڪٽر جهرڪ ڊويزن، محمد شاهه ولد حاجي عبدالله شاهه آمري وارو (سنڌ ميوزيم حيدرآباد جي ڊئريڪٽر سيد ظفر ڪاظمي جو ڏاڏو) تخلص مصطفائي ۽ ٻين پڻ مرتضائي جي تعريف ڪندي، ڇاپي جون تاريخون شعر ۾ جوڙيون آهن. مرتضائي خود آخر ۾ هيئن فرمايو آهي:

هزارين شڪر ايزد جمدامي،

ڏني جنهن مون کي طاقت هي تمامي،

نه شاعر هئس بل  شعرا جو طالب،

نه هو ڪو هوش همت عقل غالب.

مهابي ۾ حبيب الله اطهر،

۽ ان جي آل اقدس ڪاڻ اظهر،

طبع منهنجي کان سرزد ٿي ڪتابت،

رکم هي نظم گلشن استراحت.

رکان تحفه متل يوسف زليخا،

نه سنڌي ڪو رکي اهڙي توانا.

(26) مرتضائي نه صرف ٺٽي جي رضوي سيدن ۽ پنهنجي قبيلن جو پر حضرت قلندر شهبار، خوجن جي مرشد آغا خان (آغا علي شاهه مرتضائيءَ جو گهاٽو دوستاڻو ناتو هو)، ايران جي جعفري بادشاهن، ايشيا، يورپ، هندوستان ۽ ٻين ايراضين جي حاڪم امير تيمور گورگان ۽ سندس اولاد، روم جي حاڪم قيصر، امين ۽ ٻين بادشاهن، بني عباسين، سلطنت عثمانيه جي حاڪمن، حاڪم ميمن عربستان وارا، ايران جي بادشاهن جهڙوڪ: بيشدادي، ڪياني، مشڪياني، ساساني، ايران جي پهلوانن جهڙوڪ: رستم، هندوستان جي مغل بادشاهن، سنڌ جي والين اميران سنڌ، جن ۾ شهداداڻي، شهواڻي، ماڻڪاڻي، ٽنڊي ڄام ۽ ميرپور خاص وارا، خانائي، ياراڻي، باجڪاڻي، گهوراماڻي، بهاراڻي، قمبر خاناڻي، هٺيلاڻي، ڀاڳراڻي ٽالپرن جو شجرو مرتب ڪيو اٿس.

        روهڙي وارن رضوي سيدن، مٽيارين وارا متعلوي، لڪياري، کاٻڙوٽي، معصومي سيدن، بخارين ۽ مخدوم جهانيان پوٽا، ميرڪي سبزواري ماڙندراني لوڌي سادات، مشهدي انجوي شيرازي ۽ شڪر الاهي (اهي ٺٽي ۾ سندن ڏاڏي سيد شڪرالله قاضي القضات سنڌ جي نالي پويان شڪر الاهي سڏجن ٿا، مير علي شير قانع به هن خاندان مان هو. اصل ۾ شيراز کان آيا آهن ۽ ڪاظمي سيد آهن)، عريضي سبزواري، ڪاشاني، امير خاني، شمسي سبزواري وهڻاڻي، معشوق پوٽا، حسيني، نقشبندي، آغائي حيدرآبادي ساداتن ۽ ٻين ڪيترن جا شجرا وڏا جان فشاني سان مرتب ڪيا اٿس.

(27) ٻيو مثال:

لعل جانان تي ڏسان خال مقرر پيدا،

حوض ڪوثر تي ڏٺم هائي سو ڪافر پيدا.

مثال نئون:

اڄ سنڌ ۾ ڏسان ٿو سخندان ڪيترا،

پيدا ڪي ٿين تن جا قدردان ڪيترا.

مثال نئون:

احمد مختيار تان قربان ٿيان صديق وڃان،

حيدر ڪرار تان قربان ٿيان صديق وڃان.

ما تماهي مرتضائي جو ٻڌج حاضر جواب،

ايزدي اسرار تان قربان ٿيان صدقي وڃان.

 

 

(28) مثال:

منهنجي جاني جو جنسار عجب، هار عجب سينگار عجب،

مــنهــن مبـــارڪ حــســـن مــبارڪ، گل عجب گلزار عجب.

مرتضوي ٿيو سنڌ سڄي ۾، نــــام عــجـب نــروار عــجــب.

(29) مثال:

قاصد وڃي تون يار کي پرچائي ڪنهن طرح،

آهي رٺو اسان سان سو ريجهائي ڪنهن طرح.

چين و ختمن خراج قبولي ٿو خال جي،

اک سان عراقي آ هو ٿو شرمائي ڪنهن طرح.

معشوق مرتضائي اچي عاشقن اڳيان،

آهي رٺو صبا سوئي مراڪائي ڪنهن طرح.

(30) مثال:

 ڏس چڪاسي يار تنهنجو ناز ۽ منهنجو نياز،

دائيما دلدار تنهنجو ناز ۽ منهنجو نياز.

سڀ تڪبر ترڪ آڻي پاڻ کي گهٽ ڄاڻ جيئن،

مرتضائي کي ڏسي هن واٽ جي سڀڪا نياز،

ٻيو مثال:

 ناز غمزو تيز تندي جت رهن هي چار چيز،

 لوٽ ڦر ۽ قيد قتل آڻي وجهن هي چار چيز.

قابليت ۽ فضيلت نيڪ نيت ۽ نياز،

ڪيميا وانگر به هر جا وچ وهن هي چار چيز.

ڪرعطا علم و عمل مون مرتضائي عبد کي،

بخش ڪر يارب بحق پنجتن هي چار چيز.

 

(31)  

ڏس عرق بدن گلريز اٿس ۽ نظر نمايان تيز اٿس،

منهن سرخيءَ سان آميز اٿس گسوء جي گره شب خيز اٿس.

سو مرتضوي محبوب ڪٿي مون طالب جو مطلوب ڪٿي،

منجهه خواب ڏٺم سو خوب ڪٿي بيدار اکيون خون ريز اٿس.

(32)

ڄاپڻ ڪنان وٺي تا هن حد سماڻو آهيان،

نالي جو يار تنهنجي نوڪر نماڻو آهيان.

توريت کي طلب جي آهيم پڙهي پڄايو،

انجيل عشق وارو خواندو پراڻو آهيان.

جامع جفر جمع ٿيو منجهه قلب آهي منهنجي،

ابجد ۽ اهطمي ۽ آءُ هاڻو ماڻو آهيان.

چابڪ ٿي مرتضائي همت نه ڇڏ هنئين مان،

مهدي امام ايندي جنهن لئي ويڳاڻو آهيان.

(33)

محبوب مٺي جي حسن ڪيا حيران هزارين مان نه رڳو،

مجذوب مثل مجنون ٿيا مستان هزارين مان نه رڳو.

سج چنڊ لڪا هن تاب ڪنان منهن نور مثل مهتاب ڪنان،

هن حسن هڻي حيران ڪيا مستان هزارين مان نه رڳو.

نڪ نيلوفر جيئن ناز ڀريو وه وات چڱي آواز ڀريو،

هن سيم تنيءَ حيران ڪيا انسان هزارين مان نه رڳو.

وه مرتضوي چئو خوب غزل با نورمحمد راقم رل،

صد بار سندوء هن شعر مٿان قربان هزارين مان نه رڳو.

 

 

ٻيو مثال:      محبوب تولئي منڙو مستان آهي منهنجو،

                ابيات عشق وارو ديوان آهي منهنجو.

هر گل خيال مضمون بارنگ بربلاغت،

بلبل جي نظم هر جا بستان آهي منهنجو.

بي شڪ اي مرتضائي هيءَ طرز تنهنجي اعليٰ،

سڀ شاعرن تي مضمون فرحان آهي منهنجو.

 

                آئيني جيئن صفا ٿو رکان ڏس ضمير آءٌ،

جام جهان نما ڪري روشن ضمير آءٌ،

مون مرتضائي عبد جو نروار آهي نام،

روشن علي جو آهيان سراج المنير آءٌ.

 

(34)

   شڪر الله ڏنو دين، پيمبر مون کي،

        جو مسلم ٿو چوي مومن ڪافر مون کي.

روز ميثاق جي تقسيم جڏهن قاسم ڪي،

بعد احمد جي ڏنئون رهبر حيدر مون کي.

ذوالقربا جي مودت کان زره زور رکان،

ڇا ڪري تير تيغ ۽ خنجر مون کي.

آهيان عسڪر ۾ دخل دار حسن عسڪر جي،

صاحب الامر ڪندو سڀ تي مظفر مون کي.

مور مشڪل ۾ نه ڪج مرتضوي خوف خطر،

زور بازوء جو ميلو قالع خيبر مون کي.

ٻيو مثال:

  اکين کي ساڻ اٽڪائجي،

تڏهن بک لهي ٻيو ڪڄا کائيجي.

ڦٿو ان جي ڦاهي ۾ عالم سڄو،

خطا ٿيو پڇڻ پيچ ڪيئن پائيجي.

برابر اهو عشق ظاهر چون،

ته بل سور اندر ۾ سامائيجي.

تون مشتاق آءُ مرتضائي سان مل،

مٽياري ڇڏي ڪي ٺٽو ٺاهيجي.

(36)  

احسن حسن مقال ۾ سڀ کان عجيب ڏسجي،

گلزار وصف آل ۾ سو عندليب ڏسجي.

سانگي سٺو خيال جو معروف منجهه ملاحت،

گوهر گدا جو گفتگو ماتم غريب ڏسجي.

عاجز جي رمز عمدي ۽ طرز عبد وه وه،

بلبل گل خيال کي هر دم قريب ڏسجي.

راهي رهي ۽ راجي تائب طبع جو نازڪ،

صديق مست بيدل وافر نصيب ڏسجي.

گلشن خيال ۾ ڏس گل کي رسي خزاني،

رعنا بباغ راحت نازڪ نسيب ڏسجي.

دلدار دوست دانا مشتاق  توڻي شائق،

فائق لطيف احمد غم جو طبيب ڏسجي.

خاصو خليل سڀ کان مسڪين مان وارو،

سائل سليم حامد هاشم حبيب ڏسجي،

غازي غلام اصلي گوهر گلڻ جا گفتا،

۽ شمس الدين قريشي خاصو خطيب ڏسجي.

شوقي شڪار افگن قربي قريب گلشن،

۽ فڪر فيض محمد سڀ تي مهيب ڏسجي.

تازي سا عشق بازي آڻي سدا نيازي،

۽ مير مصطفائي لعلن لبيب ڏسجي.

عمدا علي جا گفتا آتش رفيع وه وه،

۽ حيدري بلاشڪ هوتن حبيب ڏسجي.

صاحبڏنه سونهارو سيد سدا موچارو،

گوهر فشان ڪرارو نرمل نجيب ڏسجي.

اواهه پاڪ طينت مظهر سو نيڪ نيت،

عاشق جليل خفتي بي شڪ نقيب ڏسجي.

طرزي بطرز اعليٰ آهي عجيب بهائي،

اعليٰ علي اصغر خاڪي حشيب ڏسجي.

ٿيو سست چست يڪدم ر_اقم ڇڏي رقم زد،

عباس منجهه خيالن سڀ کان خصيب ڏسجي.

وه مير مجتبائي سونٽا هڻي سمورا،

پيري ڏنو سو سيد کڏ جي قريب ڏسجي.

شاعر هي سنڌ وارا سڀئي رقم شمارا،

سڀني ڪنان ڪرارا هر هڪ عجيب ڏسجي.

سڀني کان مرتضائي گهٽ آهي گفتگو ۾،

پر ان جي دعوتن جو موليٰ مجيب ڏسجي.

 

(37) واليءَ سنڌ مير نصير خان به غزلگو ۽ مرثيه گو شاعر هو، سندس سنڌي ۾ جوڙيل مرثيي جو مثال هن ريت آهي، سندس تخلص جعفري هو.

 

خلد کان خلعت جا آئي جنهن جي تن جي واسطي،

سو پيو محتاج پٽ ۾ هئي ڪفن جي واسطي،

مرتضا آيو نجف کان من موهن جي واسطي،

مرتا کي ڪو سڏي ان جي دفن جي واسطي.

 

آخري بند:

ناهي طاقت تا ڪريان هي شرح حال ڪربلا،

ڇا چوان هي واقعو گذريو بر آل عبا،

يا خدا ڏي مون کي دل ۾ حب آل مصطفا،

جعفري سان ڪر حمايت پنجتن جي واسطي.

 

هن ۾ اهڙا ڪل 6 بند آهن.

(38) هن جي نالي تي ئي ٽنڊو محمد خان شهر اڏيل آهي.

(39) گدا هندي ۽ اردو ۾ به شاعري ڪندو هو، سندس جوڙيل اهڙن مرثين مان هڪ جو مثال هن ريت آهي:

يارو ستمگرون کي مين کيا کيا ستم کهون،

کس دل جور اهل جفا دمبدم کهون،

بالفرض اگريه قصهء درد و الم کهون،

خنجر کا مين جفا کهون يا جو رسم کهون،

اس ذکر سي تونت مير چهاتي که هاتهه هي،

کيا بولون آگي آه کليجي کي بات هي.

 

آخرين بند:

 يا بات کهه لي سرو سي عدن کو گئي صفي،

اوسرن اس امام کي کي کي راه لي،

اب آگي عرض راه مين آفت جو کچهه بني،

آفت ده عرض راه لي جاتي نهيڻ کهي.

نه تاب ملا بيان کي ني طاقت کلام کي،

کبتگ کهون گدا مين مصبيت امام کي.

هن مسدس مرثيي ۾ اهڙا ڪل 45 بند آهن:

 

ٻيو مثال

جب ديا ميدان کا قاسم کو حضرت ني جواب،

اور لگا روني وه غيرت داربا چشم پر آب،

بانده کر دست ادب اور چوم حضرت کي رکباب،

بهانجون ني عرض کر رو رو کي باجان کباب.

رنمين يه بيداد هي خيمون مين وه فرياد هي،

مامون صاحب بهانجون ني حق کيا ارشاد هي.

 

آخرين بند

يه سخن جب که چکا پهريون پکارا وه نبي،

لي تجهي سونپا خدا کو اي حسين ابن علي،

جب سدهارا وه نبي لاش اس شه مظلوم کي،

کهتي هي تکبير پهر قبل کي جانب جهک گئي.

 

اي گدا ايسا نمازي کون هي غيراز حسين،

جسکو بعد از قتل بهي آوي نه بن سجدي کي چين.

(هن مسدس مرثيي ۾ اهڙا ڪل 40 بند آهن).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com