سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1986ع

مضمون

صفحو :5

عزيز ڪنگراڻي

وائي

هيل به نه آئين يار، پل پل تنهنجي پچار،

الا اوسيئڙو آزار.

ساوڻ رُت رسيلي آئي، اکڙيون ميگھ ملهار،

الا اوسيئڙو آزار.

اکڙين مان هن اوٿر اٿليا، اوندھ انڌوڪار،

الا اوسيئڙو آزار.

گوڙ گجي ٿو کنوڻ کنوي ٿي تنهنجي اچڻ جا پار،

الا اوسيئڙو آزار.

بادل بڻجي ڪڏهين ايندين ڪنان پورب پار،

الا اوسيئڙو آزار.

لڙڪ لڙي پيا ڳاٽ ڳڙي پيا وڏ ڦڙو وسڪار،

الا اوسيئڙو آزار.

توريءَ جھوري جئڙو جھوري ساجن لهه ڪا سار،

الا اوسيئڙو آزار.

ياد پون ٿا وار اوهان جا، ڪڪر ڪارونڀار،

الا اوسيئڙو آزار.

نيڻين ننڊ ”عزيز“ نه آئي، دل ۾ درد هزار،

الا اوسيئڙو آزار.

 

”انسانن ۾” آدميت“پيدا ٿيڻ کان پوءِ، جڏهن منجھن”اجتماعيت“جو روح جاڳي اٿي ٿو، تڏهن انسانيت جو ضمير زندھ ٿيو پوي، جو انهن جي مجموعي مفاد لاءِ هر هميشه برسر پيڪار رهي ٿو. اهڙي طرح اتحاد مان انتظام ۽ انتظام مان زندگي جا چشما ڦٽي نڪرن ٿا، جي مرده جسمن ۾ به جان وجھيو ڇڏين. “

_علامه آءِ. آءِ. قاضي

مقالا

 

”... پاڻ کي هڪ وڏو اديب سمجھندي به جيڪڏهن ڪنهن ڪلاسيڪي بلوچي شاعرن، ڄام د رڪ يا مست توڪلي جو نالو به نه ٻڌو هجي، وارث شاھ جي هير،ميان محمد بخش جي سيف الملوڪ يا شاه حسين ۽ بلهي شاھ جي ڪافين مان اڻڄاڻ هجي، محبت خان ۽ درخانه ئي جي دلڪش افساني مان بي خبر هجي يا پختو جي مشهور معروف شاعرن خوشحال خان خٽڪ ۽ رحمان بابا جي دواوين کي ڇهيو به نه هجي، لطف عليءَ جي سحر آميز سيفلنامي يا خواجا غلام فريد جي دلپذير ڪافين کي پڙهڻ ۽ سمجھڻ جي ڪوشش نه ڪئي هجي، يا قاضي قادن جو نالو به نه ٻڌو هجي ۽ حضرت شاھ عبداللطيف جي فڪر انگيز ۽ اثرائتي ڪلام مان واقف نه هجي _ ته اهڙي اديب گھڻو ڪجھ وڃايو ۽ تمام گھٽ پرايو!اهڙو اديب ڪهڙيءَ ريت `پاڪستاني اديب` سڏائڻ جو حقدار ٿي سگھي ٿو؟“

 _ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

رسالي جي جامع مستند متن لاءِ صورتخطي

 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

(هن موضوع تي هيٺين مختصر وضاحت ان مقدمي جو حصو آهي، جيڪو شاهه جي رسالي جي مستند ۽ معياري متن، جلد-1، مسودي جي صورت ۾ لکيل آهي.)

   زير طبع جامع مستند ۾ صورتخطي، سنڌي ٻولي جي مزاج مطابق ۽ گهڻي ڀاڱي هاڻوڪي صورتخطي موافق رکي وئي آهي ته جيئن بيتن ۽ واين کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي. اڳين ڪاتبن  ’شاهه جي رسالي‘ جي قلمي نسخا سندن پنهنجي دور واري صورتخطي (جيڪا سندن دور کان اڳ هلندي پئي آئي) ۾ لکيا. انهي صورتخطي جو عڪس ڪنهن حد تائين  ’ٽرمپ‘ ۽ بمبئي وارن ٻين اوائلي ڇاپن ۾ پڻ نظر اچي ٿو، جيڪ سن 1282هه ۽ 1292 هه ۾ شايع ٿيا.

(الف) ڪاتبن جي اختيار ڪيل صورتخطي

هن سلسلي ۾ هيٺيون وضاحتون غور طلب آهن:

(1) جدا جدا ڪاتبن، جدا جدا وقتن تي جيڪي رسالا اتاريا يا نئين سر لکيا، تن ۾  ’خاص سنڌي اچارن‘ وارا حرف ڪيئن لکيائون، تنهن تي ڪنهن حد تائين اسان ڪتاب ”شاهه جي رسالي جا سرچشما“ ۾ روشني وڌي آهي. گهڻو ڪري هر ڪاتب، نج سنڌي اچارن وارا اکر (ب، ٽ، ٺ، ڳ، ڱ، ڏ، ڊ، ڍ، ڄ، ڃ، ڻ وغيره) توڙي ٻيا ڪي حرف ۽ لفظ ٿوري گهڻ فرق سان لکيا آهن. ڪاتبن جي اهڙن جزوي اختلافن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ جو سندن پنهنجي انفرادي لکڻي جي باوجود انهن لفظن کي بنا شڪ شبهي جي چڱيءَ طر سڃاڻي سگهجي ٿو. مثلاً:

جِيّ =جئن                جيئن ڪِي= ڪيئن

تِيَّ = تئن                تيئن پِرِيَ = پرين

سِيَّ= سيئن               مَنَهِي= مَنَهِين

(2) ڪي لفظ جدا جدا ڪاتبن اهڙين صورتن ۾ لکيا آهن، جو انهن کي جدا جدا نموني سان پڙهي سگهجي ٿو. اهڙيءَ حالت ۾ صحيح نتيجي تي پهچڻ لاءِ قلمي نسخن کي پڙهڻ جا جيڪي اصول آهن، تن کي سامهون رکيو ويو آهي. پرک جا مکيه معيار ٻه آهن: هڪ اصل صورتخطي مطابق جدا جدا پڙهڻين کي سمجهڻ ۽ ٻيو انهن پڙهڻين مان وڌيڪ سهڻي معنيٰ واري پڙهڻي کي تجيح ڏيڻ يعني ڏسبو ته اصل صورتن مان گهڻين ۾ زير زبر ڪيئن آيل آهي، يا لفظ جي سٽاء ۾ ڪهڙا اکر ڪيئن بيٺل آهن. ٻيو ته ڏسڻو آهي ته اهڙيءَ سٽاء مان ڪهڙيون جدا جدا پڙهڻيون نروار ٿي سگهن ٿيون ۽ ڪهڙين مان ڪا معنيٰ نڪري ٿي. ان بعد سوچڻو پوندو ته ڪهڙي معنيٰ وارو لفظ سٽ ۾ ٺهي ٿو. جيڪڏهن اصل صورتخطين مان هڪ کان وڌيڪ لفظ ٺهن ٿا ۽ انهن مان معنيٰ به نڪري ٿي ته پوءِ ڀيٽ ۾ نسبتا وڌيڪ سهڻي معنيٰ وارو لفظ کڻڻو پوندو. جدا جدا ڪاتبن (ب، د-ا، ظ، ت، ج ح خ رسالن ۾) ساڳئي لفظ کي ڪيئن جدا جدا صورتن ۾ لکيو آهي، تنهن لاءِ هيٺيون مثال غور طلب آهي:

کَنئُو (ب)                         ڳنيُوْ (ظ)

کَنِڻو (د-ا)                         ڳڻيئوْ (ح)

کنيو (ت، ج)                      کنِڻَوْ (خ)

مٿين صورتن مان کَڻئو، کَنيو، ڳڻئو گَڻيو، ڳنيو (ڳنهيو) لفظن جو گمان نڪري ٿو. انهن سڀني لفظن مان معنيٰ به نڪري ٿي: پهريان ٻه لفظ (‘کڻڻ‘ مان) ساڳي معنيٰ وارا، پوءِ ٻه لفظ (ڳڻڻ مان) ٻي ساڳي معنيٰ وارا آهن، ۽ آخري لفظ (ڳنهڻ وٺڻ مان) جدا معنيٰ وارو آهي، بيت جي هيٺ ڏنل سٽ جي لحاظ سان ڏسبو ته  ’کڻڻو، توڙي ڳنيو‘ ٻئي لفظ معنيٰ وارا آهن، پر جيئن ته لفظ جي اصل صورتخطي ۾  ’ڻ‘ واريون صورتون گهڻيون آهن، انهيءَ ڪري  ’کڻڻو‘ واري صورت کي ترجيح ڏبي:

”ڪچو کان ڪنڀار، اوڳِي کڻئو اُٿئين“

   ڊاڪٽر گربخشاڻي هيءُ لفظ ”ڳنهيو“ ڪري پڙهيو آهي، جنهن مان به معنيٰ نڪري ٿي، پر اها پڙهئي قلمي نسخن وارين  ’اصل صورتن‘ مطابق ناهي، ڇاڪاڻ جو اصل صورتن مان ٽن ۾ پهرئين حرف مٿان  ’زبر‘ ڏنل آهي، ۽ ٻين ۾ به پهرئين اکر هيٺان  ’زير‘ ڏنل ناهي، انهيءَ ڪري هيءُ لفظ  ’زير‘ سان نه پڙهبو، باوجود انهيءَ جي جيڪڏهن ڪو پڙهندڙ چاهي ته هو پنهنجي ذوق موجب ڪابه پڙهڻي اختيار ڪري سگهي ٿو. انهيءَ لاءِ اسان متن جي پويان هر بيت ۽ وائي جِي تفصيلي تشريح ۽ سمجهائڻي ڏني آهي، جنهن ۾ لفظن جون اهي جملي اختلافي صورتون، جن مان ڪا معنيٰ نڪري ٿي، تن کي احتياط سان قلمبند ڪيو آهي.

(3) ڪن سنڌي لفظن کي جن ۾ نج سنڌي اُچارن وارا حرف اچن ٿا، تن کِي ڪاتبن گهڻو ڪري جدا جدا نموني ۾ لکيو آهي. اهڙن لفظن جي اصلي صحيح صورت کي سمجهڻ البت ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ جو ڪن مختلف صورتخطين مان جدا جدا پڙهڻين جو پڻ گمان نڪري ٿو. انهيءَ ڪري اسان متن جي آخر ۾ ڀيٽ ۽ سمجهائڻي هيٺ ڪن لفظن جون اهڙيون اختلافي صورتون، جن مان ڪا معنيٰ نڪري ٿي، سي احتياط سان قلمبند ڪيون آهن، ته جيئن هر پڙهندڙ پنهنجي ذوق ۽ ترجيح موجب مناسب پڙهڻي اختيار ڪري.

(4) حضرت شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ گهڻو ڪري ’ڀٽ شاهه‘ جي ڀيڻي واري عام ٻولي ڪم آندي آهي، ڇاڪاڻ جو اهو سندس قريبي مادري زبان هئي. مگر ان سان گڏ ڪيترن ئي بيتن ۽ واين ۾ سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن جي ٻولين جا الفاظ ۽ اصطلاح پڻ آندا اٿس، جن مان ڪن جي ته چٽي سڃاڻپ ٿي سگهي ٿي، پر ڪن ٻين کي سمجهڻ ايترو سولو ناهي. شروع ۾ جن فقيرن شاهه جو ڪلام ياد ڪيو ۽ لکايو، يا جن ڪاتبن لکيو، سي به سڀ ساڳئي پاسي جا رهندڙ ڪين هئا ۽ انهيءَ ڪري هنن ڪي نه ڪي لفظ پنهنجي ڀاڱي واري لب و لهجي موجب لکيا. مثلا:

- جَنهْ، جِنُ                 - جِيهُڙو، جِهِڙو، جِهَڙو، جَهِڙو

- تَنهُ، تِنُه          - ڪيتّرو، ڪيتِرو

- ڪَنُه ڪِنُه       - لاتَ، لاتِ

- پُڻُ، پُڻَ، پِڻُ     - ڪَڏهين، ڪڏِهين

- ساڻُ، ساڻ، ساڻ - ٿيين، ٿئين

- اّڳَرو، اّڳِرو        - سُپِرين، سُپَرين

مختلف قلمي رسالن ۾ اهڙن جدا جدا لهجن ۾ لکيل ڪن لفظن متعلق اهو چوڻ مشڪل آهي ته ڪهڙا اصلي شاهه صاحب واري ٻوليءَ جا آهن ۽ ڪهڙا پوءِ ڪاتبن پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ مطابق لکيا آهن. اهڙي حالت ۾ ڀٽ شاهه جي تر واري ٻولي‘ مطابق اچار ڏنا ويا آهن، پر جيڪڏهن هر پڙهندڙ اهڙا الفاظ پنهنجي لهجي موجب پڙهي ته به غلطي ڪا نه ٿيندي، ڇاڪاڻ جو معنيٰ هر حالت ۾ ساڳي ئي رهندي. تنهن هوندي به مقامي لهجن ۽ محاورن جي لحاظ سان، يا صورتخطي ۾ ڪمي پيشي جي لحاظ سان، جدا جدا ڪاتبن جيئن ڪنهن لفظ کي لکيو آهي، تيئن ان جون سڀ صورتون اسان جدا هڪ  ’الف-بي وار پٽي، ۾ ڏيکاريون آهن، جيڪا رسالي جي معياري متن جي مڪمل ٿيڻ تي آخر ۾ ڏني ويندي ته جيئن سنڌي صورتخطي جي اوسر تي پڻ روشني پوي.

(5) آڳاٽي ’سنڌي ٻولي‘ ۾ ’غُنٻي نون‘ وارا اُچار بالڪل گهٽ هئا؛ اهي پوءِ آهستي آهستي وڌيا، تان جو ’ڪتابي يا درسي زبان‘ جي گذريل سوا سئو کن سالن واري دور ۾ اهڙن اُچارن جي گهڻائي ٿي. شاهه جي رسالي جا ڪي قلمي نسخا ٻه سئو ورهيه يا اڃان به اڳ لکيا ويا، جن ۾ گهڻا لفظ ’نون غُني‘ بنا ائين لکيل آهن جيئن اهِي آڳاٽي ٻوليءَ ۾ ڳالهائبا هئا. مثلاً:

جِيَ (جئن)،    تِي (تئن)،     تِه (تنه)،    ڪه (ڪنه)،   مُه (مُنه)،

لَئُه (لَنُنُه، لَوُن‌‌‌‌‌‌‌‌‌‌‌‌‌)، پِري (پرين)،   جا (جان)،   تا (تان،    وٽا (وٽان)،

ڌارا (ڌاران)، منجها (منجهان)، مِرُنا (مِرُئان، مروئان)، ماڙهُو (ماڻهو) وغيره، پر شاهه صاحب واري دور ۾ ’غني نون‘ جون آچار البت ڪجهه وڌي چڪو هو ۽ ’شاهه صاحب جي ٻولي‘ (ڀٽ شاهه جي تَر واري) ۾ ڪن لفظن جي آخر ۾ ’اُنُ‘ ’اِينُ‘ يا ’اَونُ‘ واري غُني آواز کي، موجود، دور واري صورتخطي بدران، حرف ’م‘ يا ’تنوين‘ ذريعي نروار ڪيو. ’م‘ جا مثال جئن ته: ڪڏهم (= ڪڏهن، ڪڏهين)، جڏهم (جڏهن، جڏهين)، اڳهم (اڳهن، اڳهين)، پريم (پرين، سائم سانئم (سائين)؛ ’تنوين‘ جا مثال جيئن ته: اڳه (اڳهين)، اُن (آنَينُ)، ڌَءِ (ڌئين)، پِڪ (پِڪين)، اوڏاه (اوڏاهين) وغيره. وڌييل دم‘ وارين صورتن ۾، لفظن جي پوئين ڀاچي ’هم‘ کي ’قديم سنڌي جي نشاني‘ سمجهڻ صحيح نه ٿيندي، جئن ڊاڪٽر گربخشاڻي سمجهيو (۽ انهيءَ ڪري رسالي ۾ متن ۾ پڻ انهن لفظن کي ائين لکيو). سندس خيال ۾:

”ڀٽ واري نسخي ۾ ڪيترن لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ ’هين‘ جي بدران  ’هم‘ آيل آهي. هن جهوني سنڌيءَ جو هڪ نشاني آهي. شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ڪلام، ۽ پڻ ڪن قديم مولودن ۾ به، اها پڇاڙي ۾ استعمال ڪيا آهي.“

(رسالو، جلد، سر ڪلياڻ جي پنجين بيت جي تشريح، ص 230) جيڪڏهن جهوني سنڌي، مان سندس مراد  ’جهوني سنڌي صورتخطي‘ هئي ته پوءِ صحيح آهي؛ مگر ’هم‘ ’جهوني سنڌي ٻولي‘ جي نشانمي ڪانهي ۽ نڪي ان جو شاهه ڪريم جي ڪلام يا قديم مولودن سان ڪو واسطو آهي. البت هيءَ آڳاٽي ڪتابت يا جهوني صورتخطي جي نشاني آهي، جڏهن  ’غُنو نون، گهٽ لکبو هو يا ماڳهن ڪو نه لکبو هو؛ پوءِ ڪن ڪاتبن لفظن جي آخر ۾ غُنائي واري اُچار کي ’م‘ ذريعي نروار ڪيو، ڇاڪاڻ جو ’م‘ جي اُچار ۾ به غنائي وارو آواز آهي. قلمي نسخن مان نه فقط ڀٽ واري نسخي ’گنج‘ جي ڪاتب پر ٻين نسخن جهڙوڪ ص ل نص هه پ ظ ح ع به (1283) د حس ن جي ڪاتبن پڻ اها صورتخطي آندي آهي. رسالي کان سواءِ ٻين آڳاٽن سنڌي ڪتابن جي ڪن قلمي نسخن ۾ پڻ اها صورتخطي استعمال ٿيل آهي. سمجهڻ لائق هيءَ ڳالهه آهي ته شاهه صاحب جي ٻولي  ’جڏهم، ڪڏهم‘ ڪانه هئي، پر اها ڪن ڪاتبن جي اڳئين دور واري روايتي صورتخطي آهي. مثلاً:

- اّڳهِمُ، اگهِم اُڳِهين (ص ل هه پ ظ ج ع د حس نه نسخن مطابق)

آکَه= اّڳَهِينُ (ڻ- 2)

آڳَهِينُ (ش ب ۽ ٻيا پوئين دور جا نسخا)

اهڙيءَ طرح (ل) جي ڪاتب آخري  ’اون‘ توڙي  ’آنُ‘ واري آواز کي  ’هُمُ‘ ۽  ’هُم‘ جي صورتخطي سان، ۽ (ح) جي ڪاتب آخري  ’اِبنُ‘ واري آواز کي  ’م‘ جي غنائي سان پڌرو ڪيو آهي:

- سامُهم (ل) = سامهون - ٿِهمُ (ع) = ٿئين

- تِهَمُ (ل) = تِهانُ - پانِهم (پ) = پاڻهين

- هُهٻمُ (ح) = هئين - تونهم، مونهم، توڏاهم (نص هه پ) =

- ٿٻيهمُ (ح) = ٿئين تونهني، مونهني، توڏاهين

البنت ٻن ڪاتبن ساڳيا لفظ  ’نون غني‘ سان لکيا آهن. جيئن ته: سانُمُهُن (ٺ)= سامهون.

(6) جيئن ته جدا جدا ڪاتبن، سنڌي اچارن وارن حرفن کي اڪثر جدا جدا صورتن ۾ لکيو آهي، تنهن ڪري جيستائين ڪنهن به ڪاتب جي خاص لکڻيءَ کي ڌيان ۾ نه رکبو تيستائين لفظ کي صحيح طور پڙهڻ ۾ غلطيءَ جو امڪان رهندو. اڪثر پڙهندڙ جيڪي گذريل سئو کن سالن واري ڪتابي صورتخطيءَ سان مانوس ٿي چڪا آهن، تن کان اهڙي غلطي ٿي سگهي ٿي. ڪن ڪاتبن  ’ٿ‘ کي  ’ٽ‘ جي صورت ۾ لکيو ۽ انهي لحاظ سان هيٺين سٽ هن طرح لکي ته:

پاٻوهيو پڇن، ڪٿي هٽ حبيب جو.

مگر ڪاتب جي مراد هئي ته:

پاٻوهيو پڇن، ڪٿي هّٿُ حبيب جو.

حضرت شاهه صاحب به ائين ئي چيو: يعني ته عاشق وڏي چاهه مان ٿا پڇن ته حبيب جو  ’هٿ‘ ڪٿي آهي، جنهن سان هو پنهنجي عاشق کي ڀالو هڻي ٿو، ۽ جيڪڏهن پاڻ پنهنجن عاشقن کي ماري ته هوند اسين به سندس هٿ آڏو اچي بيهون ۽ قربان ٿيون، شاهه صاحب جي ٻئي بيت ۾ اها معنيٰ صاف آهي:

هڻ حبيب هٿ کڻي، ٿيڪ مَ ٿورو لاءِ.

مگر موجده صورتخطي جي ڪري، ڪاتب جي لکيل ’ٽ‘ کي ’ٿ‘ بدران موجوده ’ٽ‘ ئي ڪري پڙهيو ويو، يعني ته ’هٿ‘ کي ’هٽ‘ ڪري سمجهيو ويو.

(ب) ٻولي جي تاريخي روايت ۽ مختلف ڀاڱن ۾ رائج مقامي اچارن مطابق صورتخطي

هن سلسلي ۾ هيٺيون وضاحتون توجهه طلب آهن:

(1)        اڳين ٻوليءَ ۾ ’غني نون‘ وارو اچار گهٽ هو، انهيءَ ڪري ڪن ڪاتبن ڪي لفظ ’تون غني‘ کان سواءِ لکيا آهن، جيئن ته:

- تُهجو = تنهنجو                - کا = کان

- مُهجو = منهنجو               - هّٿان = هٿان

- مُٿان = مٿان            - منجها = منجهان

(2) ڪي لفظ اهڙا آهن جن ۾ ’ڀٽ شاهه جي تر واري ٻولي‘ مطابق ’و‘ يا ’ي‘ ساڪن آهي. ٻهراڙيءَ جي نج ٻوليءَ ۾ اهي اڃان به ائين ڳالهائن ٿا، پر ڪتابي ٻولي، جي اثر سببان ’پڙهيل طبقو‘ انهن کي متحرڪ ’و‘ يا ’ي‘ سان آچاري ٿو. مثلاً:

- چُون چِيُن = چّوّن        - چُوْندا =چَوندا

- هُون = هُجَن، هُئَن     

- پِيندا = پَوَندا

- ٿين، = ٿيُتن           

- ڏِين = ڏيَن

- رُون = رُئَنِ

(3)ڪن لفظن کي اڳين صورتخطي واري سٽاء مطابق لکڻ ضروري آهي ته جيئن سنڌي صورتخطي جي تاريخي ارتقاء جا نشان باقي رهن:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com