سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1986ع

مضمون

صفحو :16

حوالا

(1) Studies of Indian Life and Sentiments, CHP Diversity of Language, PP 52-55, London 1910.

(2) Modern Review July 1918 Balochistan, P.45 (ii) R. Hughes Buller, Makran the Languages.

(3) مروج الذهب: مسعودي، جلد پهريون، ص 3، پئرس.

(4) عجائب الهند: بزرگ بن شهريا، ص 3، پئرس.

(5) ڪتاب الفهرست: ابن نديم، ص 24، مصر.

(6) ڪتاب المسالڪ والممالڪ: اصطخري، ص 77، ليڊن.

(7) سنڌي زبان جي تاريخ: ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي.

(8) A. W. Hughes: Balochistan Brahvis, KURGALLI

(9) Sir John MarshallL Mohen-jo- daro Indus Civilization, Vol: I, Preface, P. 5.

(10) A. Wx HughesL Balochistan, CHP Archaeology.

(11) شاهه جو رسالو: مرزا قليچ بيگ، سال 1951ع، فصل 7، ص 357، بيت 2.

تلاءُ پٿر ڪريو. پاڻيءَ جون لهرون اُٿيون؛ چئني طرفن ڊوڙندي وڃي ڪناري سان ٽڪريون. پاسي ۾ هڪ وڻ هو، اُن جي سڪل پن کي به جوش آيو. اُن به کڻي پاڻ اُڇلايو؛ ليڪن تلاءُ ۾ نه لهرون اٿيون نه ڪو آوازئي آيو. مان ڏسي رهيو هوس. کلي چيومانس: ”بيوقوف نه ٿيءُ، پن! دنيا ۾ اهوئي حرڪت پيدا ڪري سگهي ٿو، جو پاڻ ۾ وزن رکي ٿو!“ پن شرمندو ٿي پاڻيءَ ۾ ٻڏي مئو.

ـــــــــ خليل جبران

 

ڪهاڻيون

نسان ۽ ان جي سماجي زنگيءَ جي هر پهلوءَ جي ترجماني جيتري افساني ۾ ٿي سگهي آهي، اوتري نه شعر ۾ نه تاريخ ۾.

افسانو انسان جي ڪنهن نه ڪنهن جذباتي عمل ۽ رد علم جي اهڙي ته سادي ۽ سولي تصوير ٿو پيش ڪري، جنهن کان پڙهندڙ جو ذهن هر حال ۾ متاثر ٿئي ٿو. ائين ٿيڻ سان، ان تاثر جو سلسلو وسيع ٿيندي ٿيندي، انساني حيات جا ٻيا به ڪيترائي حصا ۽ شعبا پنهنجي گرفت ۾ آڻي ٿو. ايتري قدر جو پڙهندڙ پاڻ کي ان معاشري جو اهڙو جزو سمجهڻ شروع ڪري ٿو، جو سمجهي ٿو ته اهي سڀ حالات ڄڻ ته مٿس ئي گذري رهيا آهن.

انڪري، ائين چوڻ ۾ ڪو به مبالغو ڪونه آهي ته فرد ۽ معاشري کي اگر ڪا صفت ۽ ڪو فن پنهنجائپ جي ڏوريءَ ۾ ٻڌي سگهي ٿو ته پوءِ اهو آهي’افسانه نگاري‘.

”مريم“

ـ

 

قاضي خادم

مريم جو تعارف ڪرائڻ لاءِ ايتروئي چوڻ ڪافي ٿيندو ته هوءِ هڪ عام شڪل جي غريب ڇوڪري هئي، جنهن کي ڳوٺ جي هڪ معزز خاندان، ترس کائي گهر ۾ ڪم حاج تي لڳائي ڇڏيو هو. هوءَ لاوارث به هئي تنهنڪري انهيءَ خاندان کيس رهڻ جو اجهو به مهيا ڪري ڏنو سو. وڏي اڱڻ جي ڪنڊ تي ٺهيل پڪسريءَ ڪوٺيءَ ۾ هن جو ميرو هنڌ، ٽِين جي ننڍڙي پيتي ۽ ٻيو نه ڄاڻان ته ڇا اُتي پيل هوندو هو.

هوءَ سڄو ڏينهن ڪم ڪار ۾ لڳي پئي هوندي هئي. ”مريم پاڻي ته ڪوسو ڪر، مريم چلم ته تازي ڪري، مريم سلائيءَ واري کان قميص ته وٺي اچ، مريم هي ته ڪري..... هو ته ڪر...“ سڄو ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن ڪِرت ۾ رُڌل هوندي هئي، ۽ ٻاهران اوطاق تان ڪو نوڪر چاڪر گهنڊ وڄائي سڏيندو هو ته مريم ئي اوڏانهن ويندي هئي.

ائين ئي، نه ڄاڻان ڪيئن هن جو نينهن سکئي ڪوريءَ سان وڃي اٽڪيو. بس، مريم ته سڄي بدلجي وئي. ڪم ۾ تيزي، چال ۾ ڦڙتي ۽ ڳالهين ۾ سواد اچي ويس. البته جنهن مهل گهنڊ وڄندو هو ته ٻئي ڪنهن جو ٻڌندي به ڪانه هئي. جيڪي ڪجهه هٿ ۾ هوندو هوس ڦِٽو ڪري ٻاهر جو رخ ڪندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪنهن در جي چانئٺ ۾ اٽڪي ٻوٿ ڀر ڦهڪو به وڃي ڪندي هئي. پر ان وقت اهڙين ڳالهين جي کيس ڪابه پرواهه ڪانه رهندي هئي. اهائي تات هوندي هئس ته ڪيئن به ڪري ٻاهر پهچي، جتي سکيو مسڪين صورت بنايو هن جي انتظار ۾ اکيون در ۾ لايو بيٺو هوندو هو.

هن جي ۽ سکئي جي تعلقات جي اوچتو خبر تڏهن پئي جڏهن سکيو سِلهه ۾ مبتلا ٿي ويو ۽ هن اهو ٻڌي روئي روئي کڻي اکيون سڄايون. رئيسياڻيءَ سمجهي ورتو ته مريم جي جواني عشق جي سلهه ۾ ڦاٿي آهي. هن آخر پڇيس ۽ جڏهن خبر پيس ته مريم سکئي سان ڦاٿل آهي ته حيران ٿي وئي، چي؛ ”مئي، هن مڙهي ۾ ڏٺو ڇا اٿئي؟“

”امان جيجي، جيڪي ڏٺو سو مون“ مريم اوڇنگارون ڏيندي چيو.

”مئي، ڪو خلم جهڙو ڪم ته ڪونه ڪيو اٿئي.“ رئيسياڻيءَ همدرديءِ وچان پڇيو. هن کي لاوارث ڇوڪريءَ جي بي ڊپائي تي پيار اچي ويو.

”خبر ناهي جيجي، خبر ناهي.“ مريم وڌيڪ ڪجهه نه چيو، پر نالو پئجي ويس مريم سکئي واري.

مريم سکئي واري ته سڏجندي رهي پر سک سندس نصيب ۾ ڪو نه هو. هوءَ پنهنجي حصي جو کاڌو ۽ کير کڻي روز سکئي جي گهر ويندي هئي، جيڪو رئيسن جي ڪوٽ جي ٻاهرين وڏي در وٽ هو. اتي هوءَ سکئي جي کّٽّ جي سيراندي ويهي هن سان ڳالهيون ڪندي هئي، کيس ماني کارائيندي هئي ۽ کير پياريندي هئي ۽ سکئي جي ماءُ هن کي سخت ناپسند ڪرڻ کان پوءِ روڪي نه سگندي هئي. کيس پٽ جي آخري خواهش جو خيال هو جيڪا هر وقت هن جي اُجهامندڙ نگاهه مان جهاتيون پائيندي نظر ايندي رهندي هئي.

اهو ڏينهن به اچي ويو جڏهن سرڪاري ڊاڪٽر سکئي کي سُڪو جواب ڏنو: ”هن مرض جو ڪو به علاج ڪونهي، بس دعا ڪريو دعا.“

مريم دعائن ۾ لڳي وئي. فجر نماز پڙهي زور زور سان چوندي هئي ”اي الله... هن کي ٺيڪ ڪري... آءُ بادشاهه پير جي مٺائي ورهائيندس... لاکيڻي لال لطيف جي صدقي سکئي. کي ٺيڪ ڪر...“ ائين هن جون دعائون نيرن پچائڻ تائين هلنديون هيون ۽ نيرن پچائي پنهنجي حصي جي ماني کڻي هوءَ سکئي ڏانهن ويندي هئي ته رئيسياڻي ٿڌو ساهه ڀري ڏک سان هن ڏانهن ڏسندي هئي، ڇو جو کيس خبر هئي ته مريم جو زندگيءَ ۾ ٻيو ڪو سهارو ڪونه هو. هوءَ اڪيلي هئي، لاوارث هئي. بس اهو هڪ انسان هو، جنهن کي هن پنهنجو ٿي سمجهيو. جنهن لاءِ هن پنهنجي ٽِين جي پيتيءَ ۾ پئسا پئي گڏ ڪيا ته جيئن ٺيڪ ٿئي ته بادشاهه پير جي مٺائي ورهائي.

پر هي سڀ محنتون برباد ٿي ويون. هن ڏينهن جيئن هوءَ ماني پچائي رهي هئي ته اوچتو سندس دل جو ڌڙڪو تيز ٿي ويو. خيال آيس ته پڪ ڪجهه نه ڪجهه ٿيو آهي. اهو سوچيندي، ڇڏيندي ماني پٽ تي، وٺي ڊڪ پاتائين. اڃا وڏي در جي اندران ئي هئي ته ڪنن تي مخصوص قسم جي پار ڪڍي روئڻ جو آواز پيس. هوءَ اتي ئي پٽ تي ويهي رهي، قدمن اڳيان وڌڻ کان ناڪار ڪري ڇڏي. ڪافي دير هوءَ پٽ تي بي خيالي ۾ ويٺي رهي. ”سکيا، ته رهين نه‘، هن سوچيو ’منهنجو ڪير ڪونه هو...هاڻي به ڪير ڪونهي‘. هوءَ اٿي ۾ ماٺ ڪري واپس اندر وئي ۽ رڌڻي ۾ وڃي پهرين ته تّئي تي پيل سڙيل ماني ڪڍي ڦِٽي ڪيائين، جيڪا ڪاري ٿي چڪي هئي ۽ ساڙ جي ڪري سڄي رڌڻي ۾ دونهون ڀرجي ويو هو، پوءِ ٻي ماني تّئي ۾ وڌائين ۾ گنديءَ سان اکيون صاف ڪري ڪم ۾ لڳي وئي. ان ڏينهن کان پوءِ ڪنهن هن جي واتان سکئي جو نالو نه ٻڌو ۽ نه ڪنهن ان جو نالو ورتو، پر هن جو نالو ”مريم سکئي واري“ پئجي ويو.

سکئي جي موت کان پوءِ مريم پاڻ وڌيڪ دل سان ڪم ڪرڻ لڳي. هاڻ هن ٻارن کي ڪپڙا پارائڻ، اسڪول پهچائڻ ۽ واپس آڻڻ جي ڪم، پنهنجي ذمي کنيو. رئيسياڻيءَ کي ته اصل کٽ تان لهڻ ڪونه ڏيندي هئي. مجال آهي جو چلهه جي ٽوپي ٿڏي ٿئي يا چلم جو پاڻي سڪي. ماني پچائڻ، ڪپڙا ڌوئڻ، ٻهاري ڏيڻ، سڀ ڪم هن جي ئي ذمي هو. ڪڏهن ڪڏهن رئيسياڻي پيار مان چوندي هئس، ”مئي، منهنجا ته کٽ تي وهاري وهاري سنڌ ئي سڪائي ڇڏيا اٿئي“ ته هوءَ وڃي ٽنگن کي زور ڏيڻ لڳندي هئس. پوءِ سڄو ڏينهن ڪم ڪار ڪرڻ کان پوءِ رات جو واندي ٿي پنهنجي ڪمري ۾ ويندي هئي ته اندران ڪنهن ڪنهن مهل ائين آواز ايندا هئا، ڄڻ ڪنهن سان ڳالهائيندي هجي ۽ جڏهن به ڪنهن ٻار اوچتو جهاتي پائي اندر ٿي ڏٺو ته هوءَ ڇرڪ ڀري پنهنجي ٽين جي پيتي بند ڪندي ٿي نظر آئي.

ڏينهن تي ڏينهن گذرندا ويا، رئيس ۽ رئيسياڻيءَ سوچيو ته هن غريب جو گهر وّسائجي. سو هڪ چڱو گهر ڏسي هن جا ڏينهن پڪا ڪيائون. اها خبر جڏهن مريم کي پئي ته هن روئي روئي کڻي حشر مچايو. چي، ”هن گهر مان منهنجو لاش ويندو.“ پر رئيسياڻي جي زور ڀرڻ تي چپ ٿي وئي ۽ ائين چپ چپات ۾ هن جو ۽ عدلوءَ جو نڪاح ٿي ويو ۽ هوءَ ڳوڙها وهائيندي، لڇندي، ڦٿڪندي پنهنجي ٽين جي پيتي کڻي حويليءَ مان نڪتي. رئيسياڻيءَ کي ائين لڳو، ڄڻ هن جي پنهنجي ڌيءَ پرڻجي ٻئي هنڌ هلي وئي هجي، دل کولي رنائين. پر نيٺ ماٺ اچي ويس.

رئيسياڻي صبح جو سوير اٿي ته جيئن گهر جي ڪم ڪار جي نظرداري ڪري. مريم ته هئي ڪانه جو هوءَ آرام سان ستي پئي هجي ها. هوءَ جيئن ئي کٽ تان لهي ٻاهر نڪتي ته رڌڻي مان دونهون نڪرندي ڏٺائين. پڪ ٿيس ته رات باهه وسائڻ وسري وئي هوندن، سو وٺي ڀڳي رڌڻي ڏانهن. پر اتي اچي پنڊ پهڻ ٿي وئي. مريم آلين ڪاٺين کي ڦوڪون ڏئي باهه ٻاري رهي هئي، جنهنڪري ايترو ته دونهو پئي ٿيو جو اکيون به ڪونه ٿي کليس.

”مئي، تون ڇو آئينءَ.“ رئيسياڻيءَ کان ايترو ئي اڪلي سگهيو.

”جيجي، ٻار جو اسڪول ويندا.“ مريم رئي جي پلاند سان تئي کي اگهندي ائين چيو، ڄڻ ته ڪا ڳالهه ئي ڪانه هئي.

”پر...پر، مڙسهئن ڪيئن ڇڏئيه.“ آخر رئيسياڻيءَ چئي ڏنو.

”توهان وٽ اچڻ لاءِ مون کي ڪنهن جي موڪل جي گهرج ناهي جيجي.“ مريم هڪ لحظي لاءِ هن ڏانهن ڏسي چيو ۽ پوءِ مانين پچائڻ ۾ لڳي وئي.

مريم جي شاديءَ جو صرف اهو اثر ٿيو هو، جو هوءَ رات جو دير سان گهر هلي ويندي هئي، پر صبح جو سج جي ڪني ڪڍڻ کان اڳ ۾ ڪم تي اچي ويندي هئي. رئيسياڻيءَ هن کي ڏاڍو سمجهايو، پر هوءَ نه مڙي. اصل ڪجهه ٻڌڻ لاءِ به تيار ڪونه هئي. آخر رئيسيانيءَ به ٿڪجي ڪجهه چوڻ ڇڏي ڏنس.

هڪ صبح جو رئيسياڻي اڃا ننڊ ۾ ئي هئي ته ائين لڳس، ڄڻ ڪو سندس کٽ وٽ بيهي روئي رهيو هجي. هن جي اک کلي وئي، ڏٺائين ته مريم رئي پئي. هوءَ اٿي ويهي رهي. ”ڇا ٿيو مريم.“ هن پڇيو.

”جيجي...“ مريم اچي اوڇنگارن ۾ پئي.

”پر مُئي، ٿيو ڇا؟“ رئيسياڻي وري پڇيس.

”هو ٻي ڪري آيو.“ مريم چيو.

”ڇا؟ ڇا؟... عدلوءَ ٻي شادي ڪئي... پر ڇو ڪيائين!“ رئيسياڻيءَ کي ڪجهه سمجهه ۾ ڪونه پئي آيو ته ڇا چوي.

”مون کي چوندو هو ته هتي نه اچان... بس مون ڪو نه مڃيو. رات ٻي وٺي آيو ۽ هينئر مون کي ٽي طلاقون ڏنائين.“ مريم چيو.

”طلاق...پر آءٌ ٿي رئيس کي چوان.“ رئيسياڻي ٻيءَ کٽ تي ستل رئيس کي اٿارڻ لڳي. ”

”نه جيجي نه... آءُ هتي رهنديس.“ مريم چيڪي مٽيءَ جي ڀتر وانگر ڀري پئي.

رئيسياڻيءَ هن ڏانهن ڏٺو. هن جا ڦٽل وار، ڳوڙهن سان وهنتل ميرو منهن، هن کي رحم اچي ويو. ”نڀاڳي، الائي ته نصيب ۾ ڇا اٿئي، چڱو وڃي ماني ٺاهه.“

”ها جيجي“، مريم خوش ٿي وئي ۽ ٻاهر اڱڻ ۾ پيل ٽين جي پيتي کڻي پنهنجي پراڻي ڪوٺي ۾ رکڻ هلي وئي.

مريم ڪجهه ئي ڏينهن ۾ سڀڪجهه وساري ڇڏيو، پر رات جو جڏهن پنهنجي ڪمري ۾ ويندي هئي ته ڪڏهن ڪڏهن اهڙا آواز ايندا هئا، جو لڳندو هو ته ڄڻ هوءَ ڪنهن سان ڳالهائي رهي هجي. پر جڏهن به ڪنهن ڏٺو ٿي ته هوءَ سندس ٽين جي پيتي بند ڪندي ئي نظر ٿي آئي.

ائين مريم جي زندگي هڪ دفعو وري پنهنجي پراڻي ڍنگ تي اچي وئي. هوءَ هڪ مشين جيان روز پنهنجي معمول جيان ڪم ڪندي صبح کي شام ڪندي هئي ۽ وري رات مان ڏينهن. رئيسياڻيءَ جو هر ڪم خودبخود ٿيندو هو. هن کي ڪنهن شيءِ جي طلب ڪرڻ لاءِ صرف دل ۾ سوچڻو ئي پوندو هو. اهم ڪم خودبخود ٿي ويندو هو.

ٻار به هاڻي وڏا ٿي ويا هئا. مريم جي سينڌ مان به اڇن وارن جهاتيون وجهڻ شروع ڪري ڏنيون هيون. پر هن کي انهن جي پرواهه ڪانه هئي. بس پنهنجي ڪم سان ڪم هوس. سڄي گهر تان قربان پئي ٿيندي هئي. رئيسياڻي چوندي هئس، ”مئي، تون ڄائي ڇو هئين.“ ته هوءَ مرڪي زورَ ڏيڻ لڳندي هئس.

مريم کي اڃا به ڪڏهن ڪڏهن ڪي پاڙي واريون ’مريم سکئي واري‘ ڪري سڏينديون هيون، پر هن ڪڏهن به ان تي اعتراض ڪونه ڪيو؛ بلڪ هن کي ته پنهنجو نالو ئي مريم سکئي واري لڳندو هو. سکئي جي ياد هن جي سيني ۾ دفن هئي، جتان ڪڏهن ڪڏهن ڀڙڪو کائي نڪرندي هئي ته اکين جون ڪنڊون آليون ٿي وينديون هئس ۽ سيني مان ٿڌو ساهه ڀڙڪو کائي نڪري ايندو هئس. ان وقت هوءَ هروڀرو ڪونه ڪو ڪم ڪرڻ ۾ جنبي ويندي هئي.

وقت جي گذرڻ سان مريم ۾ ڪو به ڦيرو ڪونه آيو. پر اڃا هن جي قسمت ۾ چڪر هو. بقا محمد جمعدار نئون نئون هن ڳوٺ ۾ آيو هو، هو روز شام جو ٿاڻي جي ٻاهران ڪرسي وجهي ويهندو هو ۽ هرايندڙ تي نظر رکندو هو. ائين هڪ ڏينهن جيئن مريم ٻارن کي اسڪول ۾ ڇڏي موٽي ته بقا محمد تي نظر پيس، جيڪو هن کي ڏسي مڇون مروٽڻ لڳو. پهرين ته مريم کي ڏاڍو ڊپ لڳو، ڇو جو پوليس کان هن کي هميشه ڊپ لڳندو هو، پر جڏهن ٻه چار دفعا ائين ٿيو ۽ بقا محمد هڪ اڌ دفعو ڏند ٽيڙي هن ڏانهن ڏٺو ته هن جو ڊپ به ڍرو ٿيو. ائين ڳالهه وڌڻ لڳي، آخر هڪ ڏينهن هن رات جو رئيسياڻيءَ کي زور ڏيندي چيو، ”جيجي هڪ ڳالهه چوان.“

”چئه وري ڇا آهي“ رئيسياڻيءَ چيو.

”هو آهي ڏاڍو چڱو“ مريم شرمائيندي چيو.

”مئي، تون شرمائين پئي“ رئيسياڻي حيران ٿي وئي، ”آهي ڪير؟“

”جماندار بقامحمد“ مريم چيو.

”مئي تون پوليس واري سان ڪيئن اٽڪينءَ“ رئيسياڻيءَ حيرت مان چيو.

”سڀ لکيو آهي جيجي“ مريم ٿڌو ساهه ڀريندي چيو.

ائين، مريم سکئي واري جمعدار بقا محمد سان پرڻجي شهر ۾ هلي وئي. ويندي مهل ايترو ته رني جو رئيسياڻي ته ٺهيو پر پاڙي واريون به اچي روئڻ ۾ پيون. هن سڀني کان ڀاڪر پائي موڪلايو. ٻارن کي ور ور ڪري پئي چميون ڏنائين ۽ نيٺ پنهنجي ٽين جي پيتي کڻي ڪوٺڙيءَ جو در بند ڪري ٻاهر وڃڻ لڳي.

”هن ڪوٺڙيءَ ڏانهن ڏسي، مئي، اسان جو ته هانو ڇڄندو“ رئيسياڻيءَ چيو ته مون کي ڇڏي نه وڃ، مئي.

مريم هلي وئي. ڪجهه ڏينهن ته رئيسياڻيءَ کي گهر کائڻ پيو ايندو هو. ڪم ڪاج لاءِ ته ٻيون به ملي ويون، پر اها مريم ڪٿي جا هر ماني پچائڻ مهل ان جي کائڻ واري جو نالو کڻندي هئي. جيڪا هر ڪم بنا چئي ڪندي هئي. جنهن جون نگاهون سڄي گهر ٿي پهرا ڏينديون هيون. هن جي قدمن جا سرڪاٽ چوطرف پيا گونجندا هئا. ڪجهه نه ڪجهه پيو کڙڪندو هو. ڪڏهن به خاموشي ڪانه هوندي هئي. ڪڏهن ٻارن کي پئي تيار ڪندي هئي ته ڪڏهن رڌڻي ۾ ديڳڙا پئي کڙڪائيندي هئي. پر هاڻ اهي آواز صرف مخصوص وقتن تي اچڻ لڳا. نه صرف ايترو پر شاديءَ کان پوءِ جمعدار بقا محمد پنهنجي بدلي ڪرائي ڇڏي هئي، جتان مريم جي باري ۾ ڪا خبر به ته ڪونه ٿي آئي، نه ئي هن جو پتو ڪنهن کي معلوم هو.

مريم شاديءَ جي سال کان پوءِ هڪ ڏينهن اوچتي موٽي آئي. رئيسياڻيءَ کي هن جي اچڻ جي خبر تڏهن پئي جڏهن صبح جو سوير رڌڻي ۾ کڙڪو ٻڌائين. هن سمجهيو ته شايد نوڪرياڻي سوير اچي وئي آهي، پر وري به ائين لڳس ڄڻ ڪا خاص ڳالهه ٿي هجي. تنهنڪري هوءَ اُٿي رڌڻي ۾ وئي ۽ حيران ٿي وئي. ڇا ڏسي ته مريم اڇا اُجرا ڪپڙا پايو ٿانوّ پئي ملي، هن کي ڏسندي ئي اٿي ۽ ڊڪ پائي چنبڙي ويس. رئيسياڻيءَ کي ائين لڳو ڄڻ سندس وجود جو ڪو ٽُٽل ٽڪرو ساڻس اچي مليو هجي.

”مئي تون ڪٿان آئين؟“ رئيسياڻي اکر ته اهي چيا پر لڳو ٿي ته چيو هجائين ”ڪٿي هئنءَ هيترا ڏينهن.“

”جيجي... جيجي... آءُ هتان ڪڏهن به ڪونه وينديس.“ مريم روئندي چيو.

”ڇو، وري ڇا ٿيو؟ مڙسهين ڪٿي آهي؟“ رئيسياڻيءَ پڇيو.

”ڪجهه به ڪونه ٿيو آهي جيجي...ڪجهه به ڪونه ٿيو آهي. بس آءُ ڪونه وينديس.“ ائين چئي هوءَ ڪم ۾ جنبي وئي. رئيسياڻي هن کي ڏسندي رهي، ٻار هن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿي آهن وري ڪوٺڙي کولي پنهنجي ٽِين جي پيتي ان ۾ رکي.

ڳوٺ ۾ چوٻول ٿي ويو ته مريم سکئي واري اچي وئي—واپس اچي وئي. ڪن چيو ته مئيءَ کي ڪٿي به سک ڪونهي، ڪن چيو ته پڪ چال خراب هوندس جو مڙس ڪڍي ڇڏيس. مطلب ته جنهنکي جيئن آيو ٿي، تيئن ٿي چيائون. ٻئي طرف جمعدار بقامحمد ٻه چار پنڌ ڪيا. دڙڪو داٻ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين پر رئيس به ڪو عام ماڻهو ڪو نه هو، تنهنڪري دال نه ڳري. آخر هو به ٽي طلاقون ڏئي پنهنجي راهه وٺي رمندو رهيو.

رئيسياڻي سخت حيران هئي ته آخر ڳالهه ڇا آهي. مريم جو اصلي مسئلو ڇا آهي، ڇو هن کي پنهنجو گهر راس نه ٿو اچي. آخر هڪ دفعي جڏهن رات جو واندي ٿي ڪري پنهنجي ڪوٺڙيءَ ۾ وئي تڏهن هوءَ به آهستي اٿي پٺيان ويس. اڄ هن مريم سان کلي ڳالهائڻ ٿي چاهيو، سمجهائڻ ٿي چاهيائين، حالانڪ هن دل سان چاهيو ٿي ته مريم وٽس ئي هجي پر کيس به سکيو ڏسڻ ٿي چاهيائين. تنهنڪري ئي سڀني جي سمهڻ کان پوءِ هن جي ڪوٺڙي ڏانهن وئي ته جيئن اڪيلائيءَ ۾ هن کي سمجهي به سگهي ۽ سمجهائي به سگهي. هن آهستي آهستي ڪوٺڙيءَ جو دروازو ڌڪوڏئي کوليو. هن کي ائين لڳو ڄڻ مريم ڪنهن سان ڳالهائي رهي هجي. پر مريم در جو کڙڪو ٻڌي ورتو. هوءَ پنهنجي ٽِين جي پيتي کوليو ويٺي هئي، پر کڙڪو ٻڌي هڪدم کڻي پيتي بند ڪيائين. ’جيجي تون هن حيران ٿي چيو.

”ڇا آهي پيتيءَ ۾.“ رئيسياڻيءَ جي آواز ۾ حڪم هو.

هن آهستي آهستي پيتي کولي. پيتيءَ ۾ ڇيٽ جي گلابي گلن وارو وڳو پيو هو ”جيجي... سکئي هي مون کي شاديءَ رات پائڻ لاءِ ڏنو هو...“ هن روئي ڏنو. ”مون هي ڪونه پاتو جيجي. مون ٻين جا ڏنل وڳا پاتا...آءُ هاڻ ڪو به وڳو ڪونه پائينديس. منهنجو وڳو هي آهي جيجي منهنجو وڳو هي آهي.“

هوءَ روئندي رهي ۽ رئيسياڻي ماٺ ڪري ٻاهر نڪري آئي ”مريم هاڻي ڪيڏانهن به نه ويندي.“ هن فيصلو ڪري ڇڏيو.

لڙڪن واريون اکيون ۽ مرڪڻ وارا چهرا

ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ

اسان جي شاديءَ کي ڀريا ٻه سال گذري چڪا آهن. ايتري عرصي ۾ مندون ته ڇا، پر ماڻهو به مٽجي ويندا آهن، ليڪن هن ۾ ڪائي تبديلي ڪانه آئي. ويتر وقت گذرڻ سان گڏ هو ڄڻ دل لاهيندو رهيو آهي. هن ۾ شاديءَ کان اڳ مون ايتري دلچسپي نه ورتي هئي، جيترو سندس هينئر حال آهي. گهر ۾ پير پائيندو ته ائين اچي گهوريندو ڄڻ آءُ ڪا وڃائجي وئي هيس ۽ هن وڏيءَ جاکوڙ کان پوءِ مون کي ڳولهي لڌو هجي. صبح جو ناشتو ڪري، اٽيچي کڻي اچي منهنجي اڳيان بيهندو. ڄڻ آءٌ ڪا سينٽ آهيان جنهن کي پنهنجي جسم سان لائي پوءَ چانئٺ ڇڏيندو. ان وقت هن جو روپ ڏسڻ وٽان بڻجي پوندو آهي. مان هن جي اکين منجهان سندس اندر جو انسان ڏسي وٺندي آهيان؛ اهو انسان جيڪو شاديءَ کان اڳ به سندس نيڻن ۾ نظر ايندو هو: معصوم، پياسو ۽ شڪرگذار!

اڄ هو جيئن ٺهي سنڀري اچي منهنجي اڳيان موڪلائڻ لاءِ بيٺو ته آءُ هن سان چڙي پيس. ڀلا چڙان به ڇونه؟ هن طرفان گهڙيال جي گهنٽي پئي مٿو کائي ته اجها ٿي مون کي به گاڏي کڻڻ لاءِ اچي. آئون به ته هن وانگر گهر کي جنت بنائڻ لاءِ ملازمت جي دوزخ کي منهن ڏيندي آهيان. مون کي پنهنجي دفتر ۾ وقت تي پهچڻو پوندو آهي. اڃا ڪلهوڪي ڳالهه آهي جو دير سان پهچڻ تي ٻه پٽيون ٻڌڻيون پيون ۽ ڏينهن جو آغاز ئي موڊ آف سان ٿيو.

ان ڪري اڄ جڏهن هو اٽيچي کڻي اچي اڳيان بيٺو ته پنهنجي ڪاوڙ روڪي نه سگهيس ۽ کيس چئي ويٺس ته: ”تو ته ٻارن کان به لنگهائي کنئي آهي. مريو ڪانه ٿي وڃان جو سڪ ۾ هنيانءُ ٿو ڦاٽئي. ڏند ڪڍي توکي الله واهي نه چيم، تنهنجي ٽاءِ نه ٺاهيم ۽ وارن ۾ اڱريون نه ڦيرايم ته ڪهڙو آسمان ڪرندو. ڇڏ پچر ته مان پنهنجي به تياري ڪريان.“

هن جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا. هو صوفا سيٽ تي ڊهي پيو، روئڻ لاءِ سڏڪا ڀرڻ لاءِ! ڄڻ هن کان ڪنهن سڀڪجهه کسي ورتو هجي!! مون جيستائين پنهنجي تياري نه ڪئي، هو اتي ئي ويٺو رهيو، بنهه پٿر جي مورتي بڻيو. مون گهڙيءَ ۾ ڏٺو اڃا ويهارو منٽ باقي هئا. انهن ويهن منٽن ۾ هن رٺل انسان جي ويهه صدين جا غم لهي پئي سگهيا، ان ڪري اچي سندس ڀر ورتم، هن جو ڀرجهلو ٿيڻ لاءِ؛ هن کي آٿت ڏيڻ لاءِ، هن کي پرچائڻ لاءِ ۽ پنهنجي شڪست مڃڻ لاءِ.

هن اٻاڻڪيون اکيون کڻي مون ڏانهن ڏٺو. منهنجي  لونء لونء هن جي سڪ ۽ سچائيءَ جي ساک ڏيڻ لڳ. مون پنهنجو رومال ڪڍي هن جا گرم گرم لڙڪ اگهڻ شروع ڪيا ۽ آهستي آهستي هن پٿر جي مورتيءَ ۾ جان پوڻ لڳي. هو ڳالهائڻ لڳو: ”تون ئي ته مون لاءِ سڀڪجهه آهين، تون ئي ته منهنجي پناهه آهين. گهر جي چائنٺ ڇڏڻ کان اڳ چاهيندو آهيان ته تنهنجي اکين جي طلسمي تالاب مان پنهنجي وجود کي وهنجاريو وڃان، جيئن ڪنهن جو به جادو اثر نه ڪري. مان پنهنجي اکين ۾ تنهنجي وجود کي اتارڻ چاهيندو آهيان، جيئن دنيا ۾ توکان سواءِ ڪنهن ٻئي کي ڏسي نه سگهان...“ هن جي اکين ۾ وري گرم گرم لڙڪ تري آيا.

 مون هن جي گردن کي پنهنجي ٻانهن جو سهارو ڏيندي کيس دلداري ڏني : ”لڙڪن وارين اکين سان هر شيءِ ڌنڌلي نظر ايندي آهي. اگھي ڇڏ انهن لڙڪن کي، پسڻ جي ڪوشش ڪر مون کي اصلي روپ ۾ تنهنجي لڙڪن کي ته مون انهيءَ ڏينهن مرڪن ۾ بدلايو هو، جڏهن تو منهنجي لڙڪن مان پنهنجي ڀريل وجود جي مٽي ڳوهي هئي ۽ منهنجي حوالي ڪيو هيئي پاڻ ته جيئن آئون ان مان هڪ مڪمل مورتي جوڙي سگھان...“ ۽ پوءِ مرجھايل مکڙي گل جيان ٻهڪي پئي. سندس وجود جي خوشبوءَ سان هر شيءِ مهڪي پئي هئي. هو ائين خوش نظر اچڻ لڳو، ڄڻ صدين جي تلاش کان پوءِ کيس خزانو هٿ آيو هجي. هن پنهنجي ٻانهن ۾ ٻڌل گھڙي ڏانهن ڏٺو: ”او! اٺ منٽ دير ٿي وئي.“ پوءِ تڪڙو تڪڙو گھر کان ٻاهر نڪري ويو. هن کي ويندو ڏسي مون کي ائين لڳو، ڄڻ هن جي لؤن لؤن ٺري پئي هجي، ٽڙي پئي هجي. هن کي جيوت جا سچا پچا رنگ ملي چڪا هجن.

 ساجن جي ههڙي هلت ڏسي ڪڏهن ڪڏهن دنيا جي سمورن مردن لاءِ دل ۾ عزت ۽ ا حترام جا جذبا جاڳي پوندا آهن. ڌاڙيل، لٽيرا، ٺڳ، بي ايمان ۽ دغاباز مردن جا سمورا گناهه ساجن جي ههڙي هلت صدقي ڌوپي ويندا آهن. جيڪڏهن يقين ايندو اٿم ته دنيا جا سمورا مرد ساجن جهڙا نه ٿيندا آهن، پر ان ڳالهه جي به ترديد نه ٿي سگھندي آهي ته ساجن دنيا جي مردن جهڙو نه آهي. هي بنهه نرالو آهي. ماڻهن ۾ موتي داڻو.

 ساجن کي آئون ٽن سالن کان سڃاڻان، يعني شاديءَ کان به هڪ سال اڳ. مون کي اهو ڏينهن چڱي طرح ياد ٿو اچي، جڏهن هڪ مهيني جي موڪل کائڻ کان پوءِ آئون پنهنجي اسڪول ڏانهن وري هيس. منهنجي سهيلين ٻڌايو هو ته اسان جي اسڪول ۾ ساجن نالي هڪ نئون استاد آيو آهي. بنهه ڄاڻ جي کاڻ، اخلاق جو مجسمو ۽ ذهانت جو ڀنڊار. آئون جڏهن اسڪول پهتس ته هو ٽن ڏينهن جي موڪل تي ويل هو. اهي ٽيئي ڏينهن مون پنهنجي سهيليءَ کي مٿو کائيندي محسوس ڪيو. هو ساجن جي واکاڻ مان ئي نه ڍاپندي هئي. ليڪن مون ساڻس ڪڏهن به اتفاق نه ڪيو. مون کي محسوس ٿيندو هو ته

 منهنجي سهيلي پاڻ ڄاتو، پنهنجي خيالن جي پنجوڙ ۾ ڦآسندي پئي وڃي. هو يڪ طرفو ساجن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳي.

مون کي هن جي حال کي ڏسي رحم ايندو هو. خواهش ٿيندي هيم ته پنهنجي سهيلي کي ڪنهن کڏ ۾ ڪرڻ کان بچايان. هڪ ڏينهن ته کيس کهرو ٿيندي چئي ڏنو هيم ته ”مرد بي درد ٿيندا آهن. هنن کان متاثر ٿيڻ معنيٰ آهي ، پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻڻ.“

 نيٺ خير جا ٽي ڏينهن گذريا، ساجن به آيو. اسٽاف روم کان وٺي ڪلاس روم تائين، سندس شخصيت کان وٺي ڪردار تائين، هن جي قول کان وٺي فعل تائين، مون سندس ۽ فڪر سان مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو. هٿرادو پنهنجائپ جي ڄار ۾ هو پنهنجو پاڻ وڪوڙائيندو ويو. هن پنهنجي وجود جي ڪتاب کي اسان اڳيان کولڻ شروع ڪيو. هن جي زندگي جو هر هڪ باب عظمتن، نيڪ نامين ۽ چڱائين سان ڀريل نظر آيو، سواءِ هڪ باب جي جيڪو اڌورو ۽ اڻپورو هو. سواءِ هڪ ڪهاڻيءَ جي جنهن کي هن عنوان ڏيڻ ٿي چاهيو.

هو وقت گذرڻ سان پنهنجي شخصيت کي پاڻيءَ جيان اسان اڳيان پَلٽڻ لڳو، تان جو اسان کي محسوس ٿيڻ لڳوته هن جي شخصيت جو پاڻي اسان جي پيرن کان ٿيندو دماغن جي تهن تائن پهچڻ لڳو آهي. پوءِ اسان ٻئي سهيليون ساجن جي شخصيت، مسئلن ۽ پنهجائپ واري رويي تي بحث ڪنديون هيوسين. ساجن پنهنجي شاديءَ جي مسئلي تي حد کان وڌيڪ سنجيدو ٿي ويندو هو. هن سان همدرديءَ خاطر ساڻس انهي ءَ موضوع تي خيالن جي ڏي وٺ به ٿيندي، مگر فيصلي جي ڇڙي منهنجي هٿ ۾ هوندي هئي، جنهن سان آءُڪنهن به وهم و گمان کي نه رڳو پنهنجي پر پنهجي سهيليءَ جي ذهن تائين به پهچڻ ڪانه ڏيندي هيس. ڪنهن عرصي کان پوِ ساجن اسان لاءِ ڪا ڳجهارت نه رهيو هو. مون کي ياد ٿو پوي ته هو چوندو هو ته: ”مان انهيءَ پناهه جو تلاشي آهيان. اهڙي پناهه جيڪا منهنجي گناهن کي باهه بنجي ساڙي ڇڏي ۽ پاڻي بڻجي منهنجي صلاحيتن جي سائي سلي کي سدا بهار ٻوٽو بڻائي. هو چوندو هو ته اڌوري ۽ اڻپوري هئڻ جي باوجود هن سالن تائين پنهنجي ضرورتن ۽ پاڻ کي پنهنجي خول ۾ بند ڪري رکيو هو. انهيءَ وهم گمان ۽ شڪ جي نالي ۾ ته هن کي بنهه هن جهڙو اڌ نه ملندو. هن تي ڪو به رحم ڪري کيس پناهه نه ڏيندو ۽ هن جي اڌوري وجود کي ڪو به مڪمل نه ڪندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com