سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1986ع

مضمون

صفحو :10

قاضي محمد عاقل:

هن بزگ ڪوٽ مٺڻ ۾ ديني مدرسو قائم ڪيو، جنهن جي پري پري تائين هاڪ. انهيءَ مدرسي ۾ حضرت خواجه محمد سليمان تونويءَ به تعليم حاصل ڪئي، جيڪو وڏو چشتي بزرگ ٿي گذريو آهي.

قاضي محمد عاقل حضرت خواجه نور محمد مهاروي جو مريد هو.[1] کيس ٻه فرزند ٿيا: حضرت خواجه خدا بخش ۽ خواجه تاج محمد.

حضرت خواجه غلام فريد:

حضرت خواجه خدابخش کي سکن ڏاڍو تنگ ڪرڻ شروع ڪيو. انهن ڏينهن ۾ نواب بهاول خان دائود پوٽو، بهاولپور جو حاڪم هو. هو حضرت خواجه صاحب جو مريد هو. خواجه صاحب سندس عرض تي لڏي وڃي چاچڙان ۾ سڪونت اختيار ڪئي. هن بزرگ کي خواجه صاحب سندس عرض تي لڏي وڃي چاچڙا ۾ سڪونت اختيار ڪئي. هن بزرگ کي خواجه غلام فريد نالي فرزند ٿيو، جيڪو سرائڪي زبان جو باڪمال شاعر، وڏو عاشق رسول، فياض، صوفي ۽ اهل الله ٿي گذريو آهي. حضرت خواجه غلام فريد جي ولادت 26- ذوالحج سنه 1261 هه (1845ع) تي ٿي، ۽ 6- ربيع الثاني سنه 1319 هه (1901ع) تي وفات ڪيائي. ساڍن تيرهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ مولانا فخر جهان جو مريد ٿيو. سنه 1277 هه (1871ع) ۾ حضرت خواجه فخر جهان جي وفات کانپوءِ سجاده نشين ٿيو. 1292 هه (1873ع) ۾ 80 رفيق سان گڏ، حج جي سعادت حاصل ڪيائين، ۽ انهن جو سمورو سفر حج جو خرچ پاڻ برداشت ڪيائين. بهاولپور جو حاڪم نواب صادق محمد خان رابع سندس مريد هو. نواب صاحب جي پنهنجي مرشد سان بي انتها محبت هئي، جيڪا عشق جي حد تائين پهتل هئي. حضرت خواجه صاحب ڪيترن ئي خدا جي ٻانهن کي روحاني فيض پهچايو. سندس فيض جو درياءَ ڇوليون هڻندو، سنڌ ۽ بلوچستان جون سرحدون لتاڙي، پري پري تائين وڃي پهتو.

حضرت خواجه صاحب جي شعر ۾ وڏو سوز ۽ گداز، تاثير ۽ رواني آهي. عشق رسول، حسن ۽ عشق، فراق ۽ وصال، حسن حقيقي جي تانگهه ۽ طلب، محبوب حقيقي سان ملڻ جي آرزو، وحدت الوجود جو فڪر ۽ فنا ۽ بقاءِ سندس شعر جا مضامين آهن. سندس شعر جي وڏي خوبي اها آهي، جو اُن ۾ نبي آخرالزمان ﷺ جن سان عشق ۽ محبت جو اظهار نهايت پراثر ۽ دلگداز انداز ۾ ملي ٿو:

اٿان مين مٺڙي نت جان بلب،

اوتان خوش وسدا وچ ملڪ عرب.

پنهنجي محبوب سان پنهنجي انتها محب جو ذڪر ڪندي سنڌ، پنجاب ۽ هند جا نالا هن طرح آندا اٿس:

تتي ٿي جوڳڻ چوڌار ڦران، هند، سنڌ، پنجاب تي مار ڦران،

سُڃّ، بّرُ تي شهر بازار ڦران، متان يار مِليم ڪنهين سانگ سفر.

پاڻ سڳورن سان پنهنجي عشق ۽ محبت جو اظهار ڪندي، پنهنجي حالت ۽ ڪيفيت جو اظهار هن ريت ڪيو اٿس:

واهه سوهڻا، ڍولڻ يار سڄڻ، واهه سانول هوت حجاز وطن،

آ ڏيک فريد دا بيت حزن، هِمِ روز ازل دي تانگهه طلب.

عشق حقيقي راهه ئي نرالي آهي، جيڪا ظاهري علم ذريعي سمجهي نه ٿي سگهجي. حضرت خواجه صاحب فرمائي ٿو:

سڻ سمجه ري زاهد، جاهد تون، هِنِ عشق دي ڪلمات عجب!

هي ڳالهه عجب، هي حال عجب، هي چال عجب هي گهات عجب!

حضرت خواجه صاحب اصل نسل جي لحاظ کان سنڌي هو، انهيءَ ڪري سندس شعر ۾ سنڌي زبان ۽ شعر جو اثر نمايان نظر اچي ٿو. نه فقط ايترو، پر سندس ڪجهه ”سنڌي ڪافيون“ به ملن ٿيون. هڪ سنڌي ڪافي نموني طور هت پيش ڪجي ٿي:

عشق تنهنجي جا هي انصاف، مان ظلم نڀائيندس،

ته به تنهنجا ٿورا ڳائيندس.

1- سجدو جانب تنهنجي جانب، تنهنجي گرد طواف،

قدم قدم تي سيس نوائيندس.

2- تنهنجي سيرت صورت سهڻي، ڇا چوان اوصاف،

جندڙي تو تان گهوري گهمائيندس.

1-                 تن من سهڻا ملڪ هي تنهنجي، سچ آهي، ناهي لاف،

قسم اوهان جي سر جو کائيندس.

4- ذڪر ۽ فڪر آهي، تنهنجو دم دم، چوندس صاف جو صاف،

عبد معبود مان توکي ڀائيندس.

5- ٻانهي گولي يار جي آهيان، ناهي ”فريد“ خلاف،

انهن کي ڀائيندس خواهه نه ڀائيندس.

حضرت خواجه نور محمد مهاروي:

هيءُ بزرگ ذات جو کرل هو ۽ سندس والد جو نالو ”هنوال“ هو. 14- رمضان المبارڪ 1142 هه (1729ع) تي چوهاٽه (پنجاب) ۾ تولد ٿيو. سندس ولادت کان ٿورو ئي پوءِ سندس والد لڏي اچي مستقل طرح ”مهار“ ۾ رهيو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪري، تعليم جي تڪميل لاءِ دهليءَ آيو. تعليم دوران حضرت شاهه فخرالدين جي صحبت ۾ ويو، ۽ ان کان ايترو متاثر ٿيو. جو سنه 1165 هه (1752ع) ۾ سندس مريد ٿيو. کانئس روحاني فيض پرائي، جلد ئي خلافت جو خرقو ڍڪيائين. بيعت کان ٿورو عرصو پوءِ پنهنجي مرشد سان گڏجي پاڪ پٽڻ آيو. پاڪ پٽڻ پهچڻ کان پوءِ، پنهنجي مرشد جي ارشاد موجب ”مهار“ ۾ اچي رهيو. ”مهار“ ۾ خانقاهه قائم ڪيائين، ۽ ڪيترن ئي خدا جي ٻانهن کي روحاني فيض ڏنائين. هن بزرگ جي صحبت ۾ ايترو ته تاثير هو، جو ڪو به وٽس ايندو هو ته متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نه سگهندو هو. اهوئي سبب هو، جو هن بزرگ جي ذريعي پنجاب جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ چشتي طريقي جو روحاني فيض پهتو. بيشمار خدا جي ٻانهن کي روحاني فيض پهچائي 3- ذي الحج 1205 هه (1791ع) تي وفات ڪيائين. هن بزرگ جي روحاني فيض جو اثر ڪجهه قدر سنڌ تائين به پهتو.

امين شاهه چشتي:

هيءُ بزرگ پوئين دور جو آهي، ۽ غالباً 11 صدي هجري جي آخر ۽ ٻارهين صدي ۾ ٿي گذريو. چشتي سلسلي جي صابري شاخ جو وڏو بزرگ هو. عراق، شام، عرب ۽ حجاز جو سير و سفر ڪندي، شڪارپور ۾ آيو ۽ رهي پيو. ڪيترن ئي ماڻهن کانئس روحاني فيض پرايو. شڪارپور ۾ سندس مزار زيارت گاهه خاص ۽ عام آهي. مشهور عام، مقرر ۽ اهل قلم مولانا عبدالڪريم چشتي جو وڏو ڏاڏو خليفو مولانا عبدالڪريم ”ڪرم“ ولد حافظ صاحبڏنو، جو حضرت حافظ خواجه امين الدين چشتي بخاري جو خليفو هو.[2]

شيخ نجم الحق والدين عرف جامين لڌا:

چٽي طريقي جو وڏو بزرگ هو، ۽ دهليءَ ۾ رهندو هو. حضرت عبدالعزيز ڪشڪي جو مريد هو. سندس مرشد، سندس روحاني مرتبي جو وڏي تعريف ڪندو هو. مرشد جي وفات کان پوءِ دهلي ڇڏي، سنڌ ۾ آيو ۽ ٺٽه پرڳڻي جي هڪ ڳوٺ ۾ اچي رهي پيو. ڪيترن ئي خدا جي ٻانهن کانئس روحاني فيض پرايو. وفات به هتي ئي ڪيائين، ۽ هتي ئي مدفون ٿيو. سندس طريقت جو شجرو هن طرح آهي:

”شيخ نجم الحق مريد شيخ عبدالعزيز ڪشڪي جو، اهو مريد قاضي يوسف خان ناصحي جو، اهو مريد شيخ حسن جو، اهو مريد شيخ بدراخي حامدشه جو، اهو مريد شيخ حسام الدين مانڪپوري جو، اهو مريد شيخ نور قطب عالم جو، اهو مريد شيخ علاوالحق بنگاليءَ جو، اهو مريد شيخ سراج الدين عثمان جو، اهو مريد حضرت سلطان المشائخ حضرت نظام الدين احمد بدايوني جو“.

حضرت شيخ نجم الحق جڏهن دهليءَ ۾ رهندو هو، ته سندس ڪيترائي مريد ٿيا، جن مان شيخ بهاوالدين شاهه آبادي وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي. حضرت شيخ نجم الحق يارهين صدي هجري ۾ ٿي گذريو.[3]

شاهه عبدالرحمان سنڌي لکنوي:

نسب ۽ وطن: هيءُ بزرگ اصل ۾ سنڌي هو، ۽ شڪارپور ضلعي جي ڳوٺ ”روپاهه“ جو ويٺل هو، جو ”مخدومن جي ڳوٺ“ جي نالي سان مشهور هو. سندس وڏا اصل عرب جا راهاڪو هئا. سندس وڏو ڏاڏو عرب شاهه، عرب مان لڏي اچي سنڌ ۾ متوطن ٿيو. سندس نسب جو سلسلو عرب شاهه سان هن طرح ملي ٿو:

”شاهه عبدالرحمان بن سيد محمد حسن بن علم الهدا بن حسن محمد بن دين محمد بن عرب شاهه سنڌي.“

شاهه عبدالرحمان جو پڦاٽ مولانا عبدالحڪيم[4] بن شيخ محمد وڏو عالم، فاضل ۽ بزرگ هو. سندس علم ۽ فضل جي شهرت پري پري تائين پهتل هئي. ڪابل جي بادشاهه سندس نالو ٻڌي، کيس قضا جي سّندَ ۽ پنج ڳوٺ هديه طور ڏيڻ گهريا؛ پر بزرگ اها ڳالهه پنهنجي توڪل جي خلاف سمجهي ۽ قبول نه ڪئي.

   ولادت ۽ ننڍپڻ: حضرت شاهه عبدالرحمان جي ولادت پنهنجي ڳوٺ ۾ 1161 هه (1748ع) ۾ ٿي. ننڍپڻ کان ئي ڏاڍو ذهين، نيڪ ۽ پرهيزگار هو. سندس هم سبق عبدالخالق ۽ ٻيا طالب ڪيڏي به محنت ڪندا هئا، پر تڏهن به ساڻس پڄي نه سگهندا هئا. خود سندس استاد علامه عبدالحڪيم کي به سندس غير معمولي ذهانت تي عجب لڳندو هو. شاهه صاحب قرآن شريف پنهنجي مامي آخوند هدايت الله وٽ پڙهيو ۽ صرف ونحو، فقهه ۽ عقائد جا ڪتاب پنهنجي پڦاٽ علامه عبدالحڪيم صاحب وٽ پڙهيا.

شاهه عبدالرحمان ننڍي هوندي ئي خانداني طريقي مطابق سيد محمد صالح جو مريد ٿيو. محمد صالح، سيد محسن شاهه جو ڏوهٽو هو، جو سيد عبدالقادر جيلاني جي اولاد مان هو. بلوغت کان پوءِ علامه عبدالحڪيم کان اويسي نسبت حاصل ٿيس.

علم جي تحصيل لاءِ سفر: کيس علم پرائڻ جو ڏاڍو شوق هو. انهيءَ خيال کان 19 سالن جي عمر ۾ 1180 هه (1766ع) ۾ والدين ۽ علامه عبدالحيم کان اجازت وٺي، وطن جا وڻ ڇڏي نڪري پيو. پهريائين پنجاب جي شهر خيرپور ۾ آيو، جتي حافّظ محمد فاضل وڏو عالم هو. ان کان چار سال درميانه درجي جا ڪتاب پڙهيائين. اتان ”مهارون“ ويو، ۽ مولانا اسدالله وٽ هڪ سال پڙهيائين. ان کان منطق ۽ حڪمت جي تعليم حاصل ڪيائين. اتان ”انگهه شاهه بلاول“ نالي ڳوٺ ۾ ويو، جيڪو اوديته الجبال پهاڙي واديءَ جو ڳوٺ هو. اتي مولوي ڪليم الله جي خدمت ۾ چار سال رهيو.

انهن ڏينهن ۾ ”مهارون“ ۾ شاهه محمد نذير وڏو بزرگ رهندو هو. ان کان صلاح پڇيائين ته ”علم جي تحصيل لاءِ جيڪڏهن بخارا جو سفر اختيار ڪيو وڃي ته اهو ڪيئن رهندو؟“

شاهه صاحب کيس صلاح ڏني ته تنهنجي لاءِ شاهه جهان آباد وڃڻ بهتر آهي. وڌيڪ چيائين، ته جيڪڏهن اتي سٺا استاد نه هجن، ته پوءِ ”رامپور“ وڃجانءِ. بزرگ جي مشوري موجب شاهه جهان آباد آيو، ۽ مولانا فخرالدين چشتي نظامي جي مدرسي ۾ داخل ٿيو. ڪجهه وقت بعد مولانا فخرالدين جي صلاح موجب رامپور آيو ۽ مولانا محمد صاحب ۽ مولوي شير محمد صاحب کان علم حاصل ڪندو رهيو. هتي چار سال چار مهينا رهي، صدراشمس بازغه تائين تعليم حاصل ڪيائين، ۽ حديث جي علم ۾ سند حاصل ڪيائين. رحمت بخش هتان کان سندس ساٿي ٿي رهيو. انهن ڏينهن ۾ بهار جي مولانا عبدالعلي بن نظام الدين لکنوي جي علم ۽ فضل جي پري پري تائين شهرت هئي، ”بهار“ ڪلڪتي جي لڳ، ضلعي بردوان م هو. شاه صاحب، تعريف ٻڌي وڏانهن رخ رکيو، ۽ صفر 1199هه (1784ع) ۾ “بهار “ ۾ پهتو. مولانا عبدالعلي صاحب مدرسي ۾ پڙهائيندو هو، ان جو نالو “مدرسه منشي صدرالدين“ هو، شاهه صاحب مولانا عبدالعلي صاحب جي خدمت ۾ هڪ سال رهيو. تحصيل علم کان پوءِ مولانا عبدالعلي سندس دستاربندي ڪرڻ گھري، پر شاهه صاحب انڪار ڪيو. ان مدرسي ۾ دستاربندي وقت سند به ڏني ويندي هئي، ته خلعت ۽ ٻه سوء رپيا نقد به مدرسي طرفان ڏنا ويندا هئا. سند واري کي انگريزي حڪومت ۾ نوڪري به ملي سگھندي هئي. شاهه صاحب انهن ڳالهين کان انڪار ڪندي چيو، ته ”مون کي خلعت ۽ دنيا جي لالچ ڪانهي ۽ نه نوڪري جي هوس آهي؛ دستاربندي جي ضرورت ئي نه آهي“.

درس و تدريس: سن 1200 هه (1785ع) ۾ مولانا عبدالعلي صاحب کان موڪلائي، ڪن دوستن جي مشوري تي مدني پور صوبي بنگال ۾ قيام ڪيائين؛ ۽ طالبن کي درس ڏيڻ شروع ڪيائين. هتي ڏهه مهينا رهي، طالبن کي درسي ڪتاب پڙهايائين. ان کان موٽي پنهنجي وطن سنڌ ۾ آيو، ۽ حيدرآباد ۾ ڪجھ سال درس ڏيڻ ۾ مشغول رهيو.هڪ ڏينهن جيئن سبق پڙهائي رهيو هو، ته غلام محمد نالي هڪ درويش مجزوب صفت اچي سندس ڀرسان ويٺو.ويهي کيس چوڻ لڳو : ”مولوي صاحب ! ظاهري علم جو درس گھڻو ڏنئي، هينئر اسان جي حصي ۾ اچ.“ شاهه صاحب کيس ڪو جواب نه ڏنو. ڪجھ مهينن کان پوءِ اهو درويش وري آيو، ۽ ڪيتري دير تائين مولانا ۾ نظر وجھي ڏسندو رهيو. ڪجھ وقت کان پوءِ وري اهي لفظ چيائين، جيڪي پهرين ڀيري چيا هيائين. مولانا صاحب هن ڀيري به خاموش رهيو، پر دل ۾ هڪ اثر پيدا ٿيس . ان جو نتيجو اهو نڪتو، جو ڪجھ وقت کان پوءِ مولانا صاحب پاڻ پڇيو، ته اهو مجذوب ڪٿي آهي؟ کيس معلوم ٿيو، ته درويش وفات ڪري ويو. اهو ٻڌڻ سان بي قرار ٿي ويو ۽ پڙهڻ پڙهائڻ جو شغل ختم ڪري، خانه ڪعبه جي زيارت لاءِ حجاز جي سفر تي نڪتو.

حجاز جو سفر: سن 1205هه (1790ع) حيدرآباد کان سورت بندر تي پهتو، ۽ 20- رجب تي جهاز ”رحمان بخش“ تي چڙهيو. 9-رمضان تي جدي پهتو، ۽ اٺ جي ذريعي 12- رمضان تي مڪي شريف پهتو. اتي ٽي مهينا رهي، حج ادا ڪري، 15- ذوالحج تي مديني منوره لاءِ روانو ٿيو ۽ 2- محرم سن 1206هه تي اتي پهتو. موٽ تي ڪڇ ڀڄ بندر تي لهي پنهنجي وطن سنڌ آيو. ان سفر ۾ حاجي غلام محمد ۽ مولوي رحمت بخش ساڻس گڏ هئا. گھر پهچڻ تي کيس معلوم ٿيو، ته سندس والده جي وفات ٿي چڪي هئي، ۽ سندس والد کيس ڳولهڻ لاءِ هندستان ويو هو. عزيزن کيس شاديءَ لاءِ چيو، پر نه مڃيائين. ڳوٺ ۾ ڪجھ وقت رهي، علامه عبدالحڪيم کان طريقت جي تعليم حاصل ڪيائين.

سياحت: وطن ۾ آرام ڪونه آيس . آخر وطن ڇڏي، پهريائين پاڪ پٽڻ شريف پهتو، ۽ اتي شيخ فريد الدين شڪر گنج جي مزار تي 50 ڏينهن قيام ڪيائين. اتان جوڌپور آيو، ۽ هڪ مسجد ۾ رهيو، جيڪا درگاهه کان ٻاهر آهي. هتي محمد حنيف نالي هڪ مجذوب جي خدمت ۾ ڪجهه وات رهيو. ٽي مهينا هتي رهي، ريواڙيءَ آيو، جتي درس و تدريس جو سلسلو جاري ڪيائين. اتي به چار مهينا رهي، جيپور ۾ الور کان ٿيندو دهليءَ آيو. اتي ٽي مهينا حضرت خواجه قطب الدين بختيار ڪاڪي، ڏهه ڏينهن مخدوم نصيرالدين چراغ دهلوي ۽ هڪ سال ٽي مهينا حضرت محبوب الاهي سلطان المشائخ شيخ نظام الدين اولياء جي درگاهن تي قيام ڪيائين. دهلي ۾ مولانا فخرالدين نظاميءَ[5] جي خليفي شاهه محمد عظيم صاحب کان فيض پرائي، سلسلي نظاميه، چشتيه فخريه ۾ اجازت ۽ خلافت حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ گنگوهه آيو، ۽ حضرت قطب العالم جي مزار جي زيارت ڪيائين درگاهه جي سجاده نشين عمارالاسلام ۽ شاهه قطب الدين شاهه خصوصي تعلقات پيدا ٿيس. شاهه قطب عليءَ ته کانئس فيض به حاصل ڪيو.

گنگوهه جي پسگردائيءَ ۾ ابنيت، ڪڙهام، ٺسڪه، ڪرنال ۽ ٿانيسر وڃي بزرگن جون زيارتون ڪيائين. ان کان پوءِ منگلور ضلعي سهارنپور ۾ آيو، جتي مفتي محمد سليم جي خليفي شاهه نورالهديٰ کان قادريه چشتيه صابريه سلسلي ۾ اجازت ۽ خلافت حاصل ڪيائين. اتان ٿي، ديوبند ۽ سهارنپور کان ٿيندو، ڪلير شريف ۾ آيو، جتي حضرت سيد علاوالدين احمد جي درگاهه تي چاليهه ڏينهن قيام ڪيائين. ان کان پوءِ پاڻيپٽ آيو، جتي حضرت شاهه شرف الدين بوعلي قلندر جي زيارت ڪيائين. ان کان پوءِ نهٽور ضلعي بجنور آيو، جتي بلاقي مراد آباد جي خليفي حافظ محمد امين صاحب قادري جي مزار جي زيارت ڪيائين ۽ ان جي فرزند شاهه غلام محمد قادري وٽ مهينو قيام ڪيائين. اتان امروهه آيو، ۽ شاهه عبدالباري چشتي نقشبندي مجددي وٽ خانقاهه ۾ مقيم رهيو. خليفي شاهه غلام غوث صاحب قادري نقشبندي مجددي وٽ ڇهه مهينا رهي، فيض حاصل ڪيائين، ۽ کانئس نقشبند به مجدديه سلسلي ۾ اجازت ۽ بيعت حاصل ڪيائين. اتي شاهه حنيف الله چشتي نقشبندي مجددي سان به ملاقات ڪيائين. اتان ٿي مراد آباد ۽ ڪاشي پور جي رستي سان ڀڙائچ آيو، ۽ حضرت سيد مسعود سالار غازيءَ جي مزار جي زيارت ڪيائين، ان کان پوءِ تانسه آيو، جتي حضرت سيد شاهه عبدالرزاق قادري جي مزار جي زيارت ڪيائين، ۽ ان بزرگ جي ڏوهٽي غلام علي کان قادريه رزاقيه سلسلي ۾ خلافت ۽ اجازت حاصل ڪيائين. هٿان ٿي ”رودولي“ آيو، جتي مخدوم عبدالخالق جي دررگاهه ۾ ڪجهه وقت قيام ڪيائين. هن کان پوءِ ”اوڌ“ ۾ آيو، جتي شاهه جمال گوجره جي زيارت ڪيائين. هتان ٿي ٽانڊه جي بزرگن جي اچي زيارت ڪيائين. اتان ٿي، فيض آباد کان ٿيندو، ڪڇوڇه پهتو، جتي سيد اشرف جهانگير جي مزار جي زيارت ڪيائين. اتان ٿي سلون آيو. ۽ ڪريم عطا جي خانقاهه ۾ ڪجهه وقت قيام ڪيائين. اتان مانڪپور پهچي، مخدوم حسام الحق ۽ ٻين بزرگن جون زيارتون ڪيائين. ان کان پوءِ ڪڙهه کان ٿيندو، الهه آباد آيو ۽ شاهه محمد اجل جي خانقاهه ۾ ڪجهه ڏينهن رهيو. ان کان پوءِ راءِ بريلي آيو، جتي شاهه عليم جي خانقاهه ۾ قيام ڪيائين.

لکنو ۾ قيام: آخر نواب سعادت علي جي زماني ۾ 1214 هه (1799ع) ۾ لکنو ۾ آيو. ٽي ڏينهن شاهه پير محمد قادري جي مزار تي رهي، حضرت مخدوم شاهه مينا جي مسجد ۾ اچي سڪونت اختيار ڪيائين، ۽ ست ورهيه اتي رهيو. 7- محرم 1222هه تي اچي مسجد پندائن ۾ اچي قيام ڪيائين ۽ آخري عمر تائين اتي رهيو. ذوالقعد 1145 هه (1830ع) تي وفات ڪيائين. مسجد جي سامهون کيس مدفون ڪيو ويو، جتي هينئر سندس درگاهه آهي.

مولانا صاحب ڪيترن ئي طالبان حق کي فيض پهچايو. مولانا امير علي لکنوي شهيد به سندس ئي خليفو هو. سندس ٻيو وڏو خليفو هو، شاهه حسين بخش فرخ آبادي. انهن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي سندس فيض مان مستفيض ٿيا. انهن جو تفصيل مولانا صاحب جي سوانح عمري ”انوارالرحمان“ ۾ موجود آهي. هي ڪتاب مولانا صاحب جي مريد مولوي نورالله اعظم پوري (بڇرايوني)، مولانا صاحب جي وفات کان ٻه سال اڳ 1243 هه ۾ فارسيءَ ۾ لکيو. مولوي صاحب جا پويان هي ڪتاب هر پنجين ـــ ڏهين سال کان پوءِ ڇپائي، مفت تقسيم ڪندا آهن.

مولانا صاحب جون ڪجهه تصنيفون ۽ تاليفون به يادگار آهن. وجودي فڪري متعلق ڪتاب ”ڪلمته الحق“ عربي ۾ آهي ۽ نولڪشور وارن ڇپايو هو؛ هينئر ڪمياب آهي. هن ڪتاب جي هڪ حصي جو اردو ترجمون ”وحدت الوجود“ جي نالي سان لاهور مان ”الله والي کي قومي دکان“ وارن ڇپايو هو. هن ترجمي جا ٻه حصا مولوي حافظ غياث الدين جا ۽ هڪ حصو عرفان احمد انصاري جو ترجمو ڪيل آهي، جيڪو مولانا عبدالرحمان جي سلسلي جو مريد هو. هي اردو ترجمو 1339 هه (1920ع) ۾ ٿيو.

هي ڪتاب مولانا صاحب 1235 هه ۾ تصنيف ڪيو. منجهس وحدت الوجود جي فڪر کي نهايت وضاحت سان ۽ فلسفيانه نوع ۾ سمجهايو ويو آهي. ابن عربي جي ڪتابن: ”فصوص الحڪم“ ۽ ”فتوحات المڪيه“ کان پوءِ وحدت الوجود بابت هي ڪتاب ئي انهيءَ علمي معيار جو آهي. ڪتاب ۾ ڪلمي جي معنيٰ تي به وڏو بحث آهي، ۽ ڪلمي جي مروج معنيٰ تي سخت تنقيد آهي. انهيءَ ڪري ان وقت جي عالمن ۾ هن ڪتاب تي وڏو چوٻولو پيدا ٿيو. حضرت مولانا عبدالعزيز محدث دهلوي ڪتاب تي تنقيد ڪندي، ڪتاب جي بحث کي غلط ٺهرايو. شيخ عبدالحڪيم لاهوري هڪ رسالي ۾ علامه صاحب جي توحيد واري فڪر جو رد لکيو، شاهه اسماعيل شهيد ابن شيخ عبدالغني دهلوي هنن ٻنهي عالمن جي وچ تي پئي فيصلو ڪيو.

ان کان سواءِ مولانا صاحب جون ٻيون تصنيفون ۽ تاليفون به آهن، جهڙو: مفتاح التوحيد، جهدالفضل، سرالانسان وغيره. اهي قلمي حالت ۾ آهن ۽ لکنو ۾ سندس درگاهه تي محفوظ آهن.

مولانا صاحب جيتوڻيڪ وجودي مشرب جو هو، تڏهن به شريعت جي اتباع ۾ ڪوتاهي نه ڪندو هو. فرمائيندو هو: ”من مقتدي فعل رسول الله ﷺ و عمل اّنحضرت ﷺ همين بود“. آخري عمر تائين توحيد وجودي جو غلبو رهيس، پر جڏهن به هوش غالب ايندو هوس ته پنهنجي همعصر مولانا نياز احمد جو هي شعي پڙهندو هو، جيڪو وحدت الشهود جو ترجمان آهي:

شهود حق طلبي از وجودِ خود بگزر

که جز وجود تو اورا حجابِ ديگر نيست.

مولانا عبدالحي پنهنجي ڪتاب نزهته الخواطر (ج7) ۾ سندس متعلق لکيو آهي! ”هي بزرگ عالم ٻين عالمن کان نرالي طبعيت جو ماڻهو هو، مسجد جي صحن ۾ ساز ۽ سرود تي راڳ ٻڌندو هو، عالمن جي سخت منع ڪرڻ جي باوجود وجد ڪندو هو. سيدن ۽ عالمن جي بي انتها عزت ڪندو هو. امام حسين ۽ امام حسن جي نالي تي جيڪي تابوت ٺاهيا ويندا هئا، انهن جي تعظيم جو قائل هو؛ ۽ چوندو هو ته انهن جي اهانت نه ڪئي وڃي، ڇو ته انهن کي حسنن رضي الله عنها جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.“

هن بزرگ جو احوال هيٺين ماخذن جي مدد سان لکيو ويو:

1-                  وحدة الوجود (اردو ترجمه)، ڇپايل: الله والي کي قومي دکان.

2-                 مولانا عبدالحي: نزهته الخواطر، جلد 8.

3-                 محمد خصلت صابري جو مضمون، شايع ٿيل ماهنامه تاج ڪراچي، جون 1960ع.

4-                 مولانا شاهه عبدالرحمان جي سلسلي جي مريد انيس الرحمان (ڪراچي) طرفان لکي موڪليل معلومات.

حضرت مولانا اشرف علي ٿانوي:

حڪيم الامت حضرت مولانا اشرف علي ٿانوي ٿانه ڀون (هندستان) ۾ سنه 1280 هه (1863ع) ۾ تولد ٿيو. وڏو عالم، فاصل ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو. طريقت ۾ حضرت حاجي امداد الله مهاجر مڪي کان خط جي ذريعي بيعت ٿيو: جيڪو چشتي طريقي سان وابسته هو. حضرت ٿانوي به رجب سنه 1362 هه (1943ع) تي وفات ڪئي. ظاهري تعليم سان گڏ ڪيترن ئي خدا جي ٻانهن کي طريقت جي تعليم به ڏنائين. نه فقط ايترو پر تصوف متعلق ڪتاب به لکيائين. هن بزرگ جو فيض به سنڌ تائين پهتو. سنڌ ۾ ڪيترائي نوان ۽ پراڻا سنڌي سندس مريد آهن.

غلام احمد نظامي:

سنڌي زبان جو بلند پايه شاعر ٿي گذريو آهي. گهڻو ڪري قومي شعر چيو اٿس، ۽ مسلمانن جي عظمت رفت جو ذڪر ڪري، برصغير پاڪ وهند جي مسلمانن کي غفلت جي ننڊ مان بيدار ٿيڻ لاءِ وڏي واڪي سڏيو اٿس. چوي ٿو:

 

’نظامي‘ غلامي ملي ڇو اسان کي،

خدا خوب ڄاڻي ٿو پنهنجي ڪمن کي.

 

پاڪستان جي تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن هو. پنهنجي شعر جي ذريعي، سنڌ جي مسلمانن کي پاڪستان جي تحريڪ ۾ سرگرم عمل ٿيڻ لاءِ سڏيو اٿس. اهوئي سبب آهي، جو کيس بچا طور سنڌ جو ”قومي شاعر“ سڏي سگهجي ٿو. هو ذات جو ميمڻ هو، ۽ 15- جون 1895ع تي لاهوري محلي لاڙڪاڻي ۾ تولد ٿيو. جلد ئي لڏي وڃي ڪراچيءَ ۾ سڪونت پذير ٿيو. اتي پهريائين پنهنجي ڀاءُ وٽ ”سنڌ بلوچستان“ هوٽل ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. آخر ٻنهي ڀائرن ”سنڌ اسلاميه هوٽل “ قائم ڪيو. 23- فيبروري 1951ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪيائين. شعر ۾ پهريائين ”اصغر“ ۽ ”خاڪي“ تخلص ڪندو هو. ان کان پوءِ حضرت خواجه حسن نظامي کان متاثر ٿي، ”نظامي“ تخلص اختيار ڪيائين يعني پنهنجي نسبت چشتي طريقي سان ڳنڍيائين.


[1]   ديوان فريد، جلد اول، ص 22.

[2]  اولياء اسلام: مولانا عبدالڪريم چشتي، ص 51. (2) روضة الاقطاب: محمد بلاق، اردو ترجمه مطبع محب هند فيض بازار دهلي، 1309 هه، ص 44-45 (محمد بلاق، حضرت سلطان المشائخ نظام الدين اولياءَ جو ڀاڻيجو هو.

[3]   نزهته الخواطر (ج 7) ۾ علامه عبدالحڪيم کي سندس ڀاءُ ڄاڻايل آهي.

[4]   نزهته الخواطر (ج 7) ۾ علامه عبدالحڪيم کي سندس ڀاءُ ڄاڻايل آهي.

[5]   شاهه فخرالدين ولد شاهه نظام الدين اورنگ آباد سن 1126 هه (1717ع) ۾ اورنگ آباد ۾ تولد ٿيو. نسبت جي لحاظ کان صديقي هو ۽ سندس لقب صديقي هو. ننڍڻ ۾ ئي پنهنجي والد بزرگوار جي هٿ تي بيعت ڪيائين. سن 1160 هه يا 1165 هه ۾ لڏي اچي دهليءَ ۾ رهيو. شاهه عبدالعزيز محدث دهلوي جو همعصر هو ۽ ان جي وڏي عزت ڪندو هو. سن 1199 هه (1786ع) ۾ وفات ڪيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com