سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1986ع

مضمون

صفحو :3

تاج جويو

وائي

ساڀيائون سُڏ ڪن،

جيون ۽ جوڀن؛ رسمن جي زنجير ۾ !

لاشن سان لائون لهي،

آشائون ڦٿڪن: رسمن جي زنجير ۾ !

نينهُن ڪري ڪئن نينگري،

سينڱون ٿيون سڃجن؟ رسمن جي زنجير ۾ !

چنڊ ڳچيءَ ۾ ڳٽُ آ،

منهن ڪارا مرڪن! رسمن جي زنجير ۾ !

مريادا ۽ ماڻهپو،

ناڻي تي وڪجن! رسمن جي زنجير ۾ !

”محسن“ ڪڪڙائي

موڙَ تان، مُرڪندي گُڏي ويئي،

ڄڻ ته ڌرتي هُئِي ڌُڏِي وِيئِي.

قرب سان، قرب ٻک وجهي بيٺو، هوڏّ سان، هولڏ جي هُڏي ويئي.

سڀ ڪبوتر ٻِلو ڪري ويو چٽ، کنڀ ئي کنڀ ٿي کُڏي ويئي.

گهر ڇڏي، هّڙ کڻي، پئي نڪري، ڀل منجهان، ڀلي ڪري ڀُڏي ويئي.

واپسيءَ ۾ رڳو هيو پڇتاءُ، پّر، وڃڻ ويل ّ ٿٻي ڪُڏي ويئي.

شرم- ٻوٽيءَ مغال شرميلي، فِلم تي، شرم ۾ ٻُڏي ويئي.

ياد جا کنڊرات، ڇا کوٽيون، گل جي خوشبو هئي، اُڏي ويئي!

عيد تي، بي حساب ڪوسَ ڪري، تيز ڪاتي به ٿِي مُڏي ويئي!

”ڀنڊُ واران“ جي ذڪر تي  ’محسن‘، پٻين، هر هر پِئٻي لُڏي ويئي!

سروپچندر ”شاد“

گيت

ٽِيڪــو ڀـــلــي لـڳـاءِ،

پيشانيءَ تي گوري!

سج جون شاخون شرمائن، چنڊ پڻ شرماءِ؛

ٽيڪو ڀلي لڳاءِ.

هيءَ مهاڳ نشاني آهي، هن کي ڪينَ لِڪاءِ؛

ٽيڪو ڀلي لڳاءِ.

پنهنجي همت، غيرت جو، جلوو ڪو پَساءِ؛

ٽيڪو ڀلي لڳاءِ.

ٻُڌي جنهن کي ڇِرڪٻي، ڇَمَ ڇَمَ ڇير وَجھاءِ؛

ٽيڪو ڀلي لڳاءِ.

آهي جو ڪُجهه، سچ آهي، سچ جو سازُ وڄاءِ،

ٽيڪو ڀلي لڳاءِ.

نثار ”بزمي“

انشاءِ الله

سنڌ جي ڌرتِي سَنڍ نه ٿيندي، انشاء الله،

ڄامن جا پَئي ڄامَ ڄڻيندي، انشاء الله.

 

هن ڌرتيءَ تٻي دولهه ڄَمندا، دودا جھمندا،

جذبن جا واپاري ڄمندا، جوڌا ڄمندا،

جن کي ڏسندي راحت ايندي، انشاء الله.

 

ديس ڇڏي پرديس نه وڃبو، هٿع ئي رهبو،

هٿ ئي رهبو، ڀونءِ ڀليءَ کان پاڻ نه پلبو،

ماءُ به ٻچڙا ڪونه ڇڏيندي، انشاء الله.

 

نينهن نغارا وڄندا رهندا هن ڌرتيءَ تي،

ناڪ ماڻهو نچندا رهندا هن ڌرتيءَ تي،

هڪ دل ٻيءَ سان حل ونڊيندي، انشاء الله.

 

ماروئڙن جا مال ڀٽارا ڍاوا هوندا،

ڌرتي سائي هوندي وڻ ٽڻ ساوا هوندا،

ٽارِي ٽارِي ٻُورُ جهليندي، انشاء الله.

 

قسمت پنهنجي چمڪي پوندي جرڪي پوندي،

سانگيئڙن جي سونهن ڏسي پوي مرڪي پوندي،

سنڌڙيءَ جي هر ڳالهه مڃيندي، انشاء الله.

 

سنڌ ڀٽائيءَ جي پئي وسندي، ها ها وسندي،

ڏينهن قيامت تائين رهندي، ها ها رهندي،

قرب جا ڪٿا ڪونه ڪٽيندي، انشاء الله.

 

مِينهن مُندن تي وَسندا رهندا ميلا مچندا،

هاري ناري سرها ٿيندا کِلندا ڪُڏندا،

ٿاڌل ٿر ڏي ڊوڙ ڀريندي، انشاء الله.

 

لُنگي هوندي اجرڪ هوندي ڇَلڙا هوندا،

ڀاڳ ڀرين جا ڀاڳ سدائين ڀلڙا هوندا،

ڏک جا ڏاڻ نه جيجل ڏيندي، انشاء الله.

 

ڀِٽَ تي ”بزمي“ ڀيرا هوندا ماڻهو مڙندا،

راهَ راهَ تي رابيلَن جا گلڙا ٽِڙندا،

پيار کي هر ڪا دل پاليندي، انشاء الله.

رحيم بخش ”قمر“

نعتيه ڪلام

گناهن جو چڙهيو دل تي زنگينو، يا رَسُوُلَ اللهِ،

اُڪارج سير مان منهنجي سفينو، يا سُوُلَ اللهِ.

شَفِيُعُ المُذُنَبِيُنُ تون رَحُمةُ لِلُعالميُن آهين،

سندءِ رحمد جو هر ڪنهن لئي خزينو، يا رَسُوُلّ اللهِ.

گلن، غُنچن ۽ ٻوٽن کي ۽ وّڻ وّڻ کي به واسيو ته،

کٿوريءَ کاڻ تنهنجي پِڪَ، پسينو، يا رَسُوُلَ اللهِ.

پرين تنهنجي ئي پاڙي ۾، ڪري شل موت منهنجو رب،

پيرانديءَ کان ٿئي منهنجو دفينو، رَسُوُلَ اللهِ!

ٿيو تشريف فرما جنهن مهيني ۾ مٺا آهين،

مُبارڪ آهي بيشڪ سو مهينو، رَسُوُلَ اللهِ!

ڪيو ته ماڻهپو ماڻهن کي مُهيا مصطفيٰ مدني،

ڪيو ڪافور قَلُبَن مان تو ڪينو، يا رّسُوُلَ اللهِ!

مِٺو نالو مُحمد تنهنجو، دل ۽ روح ۾ آهي،

مدينو ٿي ويو سارو ئي سينو، يا رَسوُلَ اللهِ!

مُحَمدَ مصطفيٰ صّلِ عَليٰ، نور- خُدا آهين،

”قمر“ ۽ سج، ستارن ۾ قّرِيُنُوُ، يا رّسُوُل اللهِ!

انيس انصاري

(1)

تنهنجي خاطر خاڪ اُڏايم

تنهنجي خاطر چاڪ چِڪايم

تنهنجي خاطر يار پيارا

تنهنجي خاطر ڪاڪ لُٽايم

(2)

تنهنجي خاطر فال وجهايم

تنهنجي خاطر چال چلايم

تنهن جي خاطر يار پيارا

تنهنجي خاطر حال وڃايم

(3)

تنهنجي خاطر تير سَهايم

تنهنجي خاطر نير وهايم

تنهنجي خاطر يار پيارا

تنهنجي خاطر پِير پُڇايم

(4)

تنهنجي خاطر ننڊ ڦِٽايم

تنهنجي خاطر يار پيارا

تنهنجي خاطر ڪنڌ ڪپايم

مدد علي سنڌي

تيز جهوٽا سوچ جا،

هلندا ٿا وڃن،

يادن جي گهاٽن جهنگلن ڏانهن

يادن جا گهاٽا جهنگل،

جن ۾ بيٺل،

يادن جي سدا ساون وڻن جا پاڇا.

جن ۾ تون ۽ مان، بيٺا آهيون هٿ-هٿ ۾ ڏئي،

اهي سدا ساوا وڻ،

سدائين ساڳيا نه هوندا،

ڪڏهن ته تون ۽ مان ،

انهن وڻن جيان هئاسين،

۽ هاڻ جڏهن،

مان، مان نه آهيان

۽ تون، تون نه آهين،

تڏهين مان آهيان،

بڙ جو ڪوئي سڪل وڻ

اداس ويران ۽ سنسان وڻ

ساون ساون گهاٽن وڻن ۾ گهيريل!

اياز گل

عيد ڏينهن به دُوري آهي،

ڪيڏي نه مجبوري آهي.

ڪهڙي نئين تمنا ڪرڻي پهرين ئي اَڻپوري آهي.

آدم جو اولاد ته آهيان، سيد ڪوءِ ضروري آهي؟

جذبا پنهنجي راڄ- دروهي، پل پل ڪائي سُوري آهي.

دوست! اڌوري جيون وانگر، هر ڪا آس اڌوري آهي.

ڇا جي ڪپڙا گندا آهن!؟ دل جو شهر کٿوري آهي.

ذوالفقار سيال

سرها سرها ساهه کڄن ٿا،

ٿوهر جهڙا لفظ لڳن ٿا.

ڇا ٿيو آهي هي ماڻهو کي، ڪنڪر کي هيرو سمجهن ٿا.

کاريءَ هيٺان سج لڪائي، طوفانن ۾ ڄار وجهن ٿا.

پاڇن کان هت دوکو کائي، پوءِ به سپنا نيڻ ڏسن ٿا.

روز گهٽن ٿا جذبا دل جا، پنهنجو جيون ڪي وڪڻن ٿا.

قدمن جا نيشان اسان کي، تنهنجي در جي راهه ڏسن ٿا.

پيار جي جهوليءَ ۾ اي ساجن، ڪيڏا ڳاڙها ڪنڌ ڪرن ٿا.

زلف تڪي راهو منزل جون، ڪيڏا چنڊ لهن، اڀرن ٿا.

ادل سومرو

گيت

خواب ملن خيرات

ته منهنجي رات سجائي ويندي.

جي مان ڳايان گيت

۽ موٽي ميتُ

ته منهنجي لات سجائي ويندي.

جي مان ٻوليان سچ

مچي ڪو مچ

ته منهنجي بات سجائي ويندي.

هر سٽ بڻجي سگههَ

ڪين وڪامي اگههَ

ته منهنجي ڏات سجائي ويندي.

ٿڌڙو ٿي پئي ٿّرَ

بوههّ جو برُ

اُها برسات سجائي ويندي.

مير محمد پيرزادو

گيت

بين وڄي ٿي پن ۾،

تانگهه وڌي ٿي تن ۾!

مون لئه مينگهه- ملهارون آهن، تنهنجون نينهن – نهارون يار،

سڪندن جي لئه ڄڻ ڪي ساٿي، تنهنجون سهڻيون سارون يار،

موج ٿئي ٿي من ۾،

تانگهه وڌي ٿي تن ۾!

مينهن ڪڻين جي پايل ڇمڪي، سارنگ ڪيئي رنگ رچايا،

نچندي نچندي، ڪڏندي ڪڏندي، کنوڻ ڪڪر مان کجڪا لايا،

کلندي آئي کن ۾،

تانگهه وڌي ٿي تن ۾!

طوطا جهومي جهومي ڳانن، ٽاريءَ ٽاريءَ ناچ نچن،

هيڙها  ’هُو هُو‘، ڪوئل  ’ڪُو ڪُڪو‘، ڳيرا  ’ڳُٽُ ڳُٽُ‘ ڪن،

پرت پچارون پن ۾،

تانگهه وڌي ٿي تن ۾!

هير اٺي جي هنج ۾ لوڏي، ياد ڏياري يارن جي“

جن ڦٽائي خوب وڃائي، مٺڙي ننڊ مون پارن جي،

ڳالهه ڪري ڪا ڪن ۾،

تانگهه وڌي ٿي تن ۾!

توريءَ مينهن ميارون ڏئي ٿو، آجيان ڪيان ڪيئن آءُ اڪيلي،

جوڀن مون سين جاڙ ڪري ٿو، ويتر ماري جڏهن ٻيلي،

ڇاٽ پوي ٿي ڇن ۾،

تانگهه وڌي ٿي تن ۾!

واجد

نفرتون ڇا لئه ڀلا،

ڪلفتون ڇا لئه ڀلا.

سونهن ۽ سچ واسطي، تهمتون ڇا لئه ڀلا.

ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ سان، سهمتون ڇا لئه ڀلا.

واڪ ڏي واجهائيندڙ، عظمتون ڇا لئه ڀلا.

فاصلن جا فلسفي! قربتون ڇا لئه ڀلا.

ڄور جيئن رت پيندڙ! محنتون ڇا لئه ڀلا؟

قوم جون ڳالهيون ڪندڙ، اجرتون ڇا لئه ڀلا؟

وير ۾ وٽ کائيندڙ، محبتون ڇا لئه ڀلا؟

ڪوڙ کي ئي ٿيون رّسّن، نعمتون ڇا لئه ڀلا.

ظلمتن سان جهيڙيندڙ، شهرتون ڇا لئه ڀلا.

مور جهڙي من اندر، وحشتون ڇا لئه ڀلا.

جنتن ۾ ڄاپندڙ! غربتون ڇا لئه ڀلا؟

جيئري مُردي پڇيو، تربتون ڇا لئه ڀلا؟

مختيار ملڪ

ڏور جو جتي پيو ڏس آهي،

اوڏانهن ئي اسان جو ڏس آهي.

ساڀيا ۾ ملڻ جي مشڪل آ،

سپنن تي ته پنهنجو وس آهي.

جيون جي ڪهاڻي ڪيئن لکان،

هن قلم ۾ ٿوري مس آهي.

مرڪن ۾ اسان جي منزل آ،

گوندر ۾ اسان جو گس آهي.

ڪنهن سان نه اوري حال سگهان،

هن نينهن ڪيو نروس آهي.

 مهر پروين

نينهن نپٽو آهه نانگو، نينهن لائڻ جي نه ڪري،

جان جوکي ۾ جنجهوڙي، جيءُ جلائڻ جي نه ڪر!

 

ڏس زمانو ٿو ڏئي، دودن کي دوکا دلربا،

ڀروسو ڪنهن تي ڪري، تون نيچ نائڻ جي نه ڪر.

 

تون ٿو ڀائين ڀاڳ پنهنجو، محب مڙني کان مٿي،

ڀاڳ بگڙيو ڀي پوي ٿو، ايئن ڀانئڻ جي نه ڪر!

 

پيئي ٻڌان جا تنهنجي دل مان ڌُنَ اٿي ٿي،  ’عشق عشق‘

عشق اوکو ۽ اڙانگو، تنهن کي ڳائڻ جي نه ڪر!

 

لوڪ آ منهن موڪ، آهي لوڪ جي ايءُ فيصلو،

آزمايل کي وري تو آزمائڻ جي نه ڪر!

 

عشق ناهي  ’راند – راڻن‘، آهه اوکو ۽ اڙانگ،

ور ڏيئي واسينگ ڏي، تون وک وڌائڻ جي نه ڪر!

 

ڪين ڪر دنيا تي باور، ڪين رک تهِن سان پيار،

‘مهر‘ گهر محشر جي ڏينهن لئي، هٺ هلائڻ جي نه ڪر!

ج.ع. منگهاڻي

گيت

ڪيترا آسرا،

ڪيترا پيچرا،

پنڌ هيڏو اڃان، آئون ڪيڏانهن وڃان!

سڀڪو آسائتو،

جيڏانهن تيڏانهن جهتو،

هٿ تنهن کي سڃان، آئون ڪيڏانهن وڃان!

خيال چئي مان اڏان،

حال چئي مان لڏان،

ڳالهه ڪنهن جي مڃان، آئون ڪيڏانهن وڃان!

سج وانگر جلان؟

چنڊ وانگر لڪان؟

ماڳهين من کي پڃان، آئون ڪيڏانهن وڃان!

لوڪ جون لالچون،

پيار جون پارتون،

ڇا ’نگهاڻي‘ مڃان، آئون ڪيڏانهن وڃان!

پشپا ولڀ

ماڻهو

ريل ۾ ويٺلو هر ڪو ماڻهو

دور ديس کان آيل، آسمان جو ماڻهو

ريل کان ٻاهر بيٺل ماڻهو

ٽئين دنيا جو پيڙيل، ويچارو ماڻهو.

مون ته هميشه ائين ئي ڏٺو آهي

ريل ۾ ويهي ڏٺو آهي

نيڻ نهار تائين ڦهليل زمين کي ڏٺو آهي

پنهنجي چوڌاري ساون وڻن کي

ڦيرا کائيندي ڏٺو آهي

۽ ٻنيءَ جي وچ ۾ بيٺل ڪولهياڻيءَ کي

پنهنجو منهن ڍڪيندي

حسرت سان ڏسندي ڏٺو آهي

ها، هوءَ جنهن جي مٿي تي گاهه جي ڀري آهي

جنهن جو ٻار رُڳي هڪ ميري قميص پاتل آهي

مُڙي مُڙي ڏسندي پيئي وڃي

سندس ڪجهه رهجي ويو آهي شايد.

۽ هيءُ اٺن ڏهن ورهين جي نينگر

جا ڪنڊن سان واڙيل گهرن جي پاسي ۾ بيٺي آهي

جنهن جي هنج ۾ ننڍڙو ڀاءُ يا ڀيڻ آهي

ٽا... ٽا ڪرڻ سيکاري رهي آهي.

رستي جا گهر آهن جن جو ڍڪ صرف

ڪنڊا آهن ۽ شايد زندگي به!

ڪنهن بي پاڙي ول جيان

جتي ۽ جيئن جاءِ ملي

مٿي چڙهي هلي

گهر آهن صرف ٽين جي پّترن جا

گهر آهن کوکن جي پيٽن مان جُڙيل

پاسي ۾ سيمنٽ جو ڪارخانو

جو سندن ڦڦڙن کي ڇارڻي بنائڻ ۾ رڌل آهي

۽ ڪارخاني جا مزدور

Industrial waste جا انبار هُنن جي

گهرن اڳيان لڳائي

سندن ساهه ٻوساٽڻ لاءِ تيار بيٺا آهن.

بشير احمد شاد

ڪو اسانجي ڏسي سادگي سادگي،

موت کي ٿا سڏيون زندگي زندگي.

ڪالهه توکي ڏسي هو خدا ياد پيو،

دل چيو ڪا ڪجي بندگي بندگي.

چنڊ کي منڊ پيو تارا تائب ٿيا،

يار تنهنجي ڏسي روشني روشني.

پُر پيالا اکين جا پيار يئه جڏهن،

مون وساري ڇڏي ميڪشي ميڪشي.

جنهن هنڌان تون مٽين جنهن طرف تون وڃين،

چوطرف ٿي وڃي چاندني چاندني.

ساهه جو آ سڳو تو حوالي پرين،

موت ڏين يا ڏئين زندگي زندگي.

مرڪ تنهنجي مٺا مونکي موهي رکيو،

روح ۾ وئي رچي دلڪشي دلڪشي.

شاد جي جيءَ ۾ جاءِ جوڙي ڇڏي،

يار بخشي خوشي دائمي دائمي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com