سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4- 1978ع

مضمون

صفحو :9

درياهه جو پٽ

ڳالهه ٻولهه

بچو ڍاڍا موج ڀرئي مهراڻ جي ڪنڌيءَ تي، حاجي پور ڳوٺ ۾ ڄائو، جيڪو آڳاٽي دؤر ۾ مصروف بندر رهيو آهي. لُڙ لهريون هن لاءِ هندورو هيون. هيرن کيس لوليون ڏنيون. ريٽن ۽ ٻيٽن ۾ هن ڊوڙون پاتيون. ڪنڌيءَ ۽ ڪيٽن جي ٻيلن کيس تاتي نپائي وڏو ڪيو. بچو ڍاڍا جو پيءُ آچار مهاڻو به پنهنجي وقت جو وڏو شڪاري هو. هو وڏن ماڻهن، خاص ڪري صاحب لوڪن کي شڪار ڪرائيندو هو. هٿن سان واڳون وٺندو هو. ان تي کوڙ آفرين ناما مليس؛ جيڪي هاڻ هٿ نٿا اچن. ائين بچو ڍاڍا ابي ڏاڏي شڪار جو ڪوڏيو آهي:

”پوين پاڻين ۾، ڇينارن ۾ واڳون درياهه تي ٿي ويو، بابو ۽ سندس سنگتي سومار مهاڻو مير واهه تي رڇ هڻيو ويٺا هئا مڇيءَ لاءِ، واڳون ان ۾ اچي لڳو، ٻنهي ان کي هٿ سان ورتو؛ پر مون ڪڙهيءَ ۾ واڳون جھليا- چيلهه جيڏي پاڻيءَ ۾ ڍنگر ڍار جوڙو ويٺو هو؛ ڏاڍيون لڙپون ڪيائون، بُت رتو رت ڪري ڇڏيائون؛ پر اڳيان به آئون هوس، کنڀي کڻي آيوسانِ.“

سُڪي ۽ پاڻيءَ جي ڏيهي- پرڏيهي پکين ۾ بچو ڍاڍا هنن پکين جو شڪار ڪيو آهي:

”نيرڳي، ڊگهوش (اڇو پيٽ)، ٿُرهندو (چوٽي ڳاڙهي، ڪنن وٽان اڇا کنڀ)، هنجر (وزن ٻه سير گوشت)، کيناٽي، چيخلو، چيهه، ٻڏڻو (شيريون اکيون)، چڪور (اچي ڳچي، ڳچيءَ تائين گُلي رنگ، هئڊي چهنب)، آڙي (اڇو ٽڪو نراڙ تي)، سانهه (cause)، راتوڙيو (بلٽريءَ جهڙو آواز ڪندو آهي، خاص ڪري رات جو)، تلور، ٻاٽيهر، پٽ تتر (جابلو)، تتر (ڪارڙو- ڀورڙو)، پيڻ، لاکو ڄاڃي (سهڻو پکي، چهنب پيرن ڏانهن)، ڪونج، ڪرونت (جوڙ ۾ تلور سان ملندو آهي)، سيلڻ (ڪمرو ڀؤنتريو)، سينڍيو (چهنب ڪنڍي، ٻولڻ ماڻهوءَ جي سينڍ جهڙو)،...“

وهيي جي شڪار بابت چيائين:

”وهيو شڪار جو ناهي، عام شڪار آهي ۽ سواد ۾ به گهٽ آهي؛ شڪار اهو جو اوَلو هجي- رولاڪي ۽ اوجاڳي وارو هجي.“

ڀلا ڪڏهن ڪو ڪهڪاءُ...؟

”نه. شڪاريءَ لاءِ هرڪو شڪار آهي- بس.“ ڪجهه پل سوچن جو جھنگ هٽائيندي چيائين ”هڪ رات بندوق کڻي جھنگ ۾ لٿس، مرن جي گهوم جي شڪار تي. هي شوق نه ڏسي اونداهي، نه سهائي؛ ان رات ست مرون ماريم- تڏهن ڪهڪاءُ اچي ويم، نيٺ به ساهه واري شئي هئي! پر اهو شوق نيٺ عضوو ٿي ويو ۽ ڌار نه ٿي سگهيو.“

ڦاڙهو جتي کائي، تتي اوجھ ڏي..؟

”ڦاڙهي جو لنگهه تاڙبو آهي. ڪچي ٽاري گهڻو ڪري ٻٻر جي ڇڏبي آهي. چڻا مٽر ۽ ساوا ٻوٽا پٽي ڇڏبا آهن، هير پوڻ کان پوءِ کُڏڻي تي شڪار ٿي ويندو آهي. ٻيو ته جھنگن ۾، درياهه جي ريٽن- ڪيٽن ۾، ڪچي جي سَرن ۽ ڪانهن ۾ ڦاڙهي جا پيئا پيا ڳولبا آهن، پوءِ ان جي پاڻي پيئڻ جا ٽيم جاچبا آهن- ائين هو بندوق جو بک ٿي ويندو آهي.“

بچو ڍاڍا، جانورن ۾ ڦاڙهي، مرونءَ، سهي، گدڙ، لوڌڙي، جھنگ ٻلي، واڳونءَ ۽ سيڙهه جو شڪار ڪيو آهي. تڙيءَ، اوسر ۽ گهوم جي شڪار ۾ کيس انيڪ عجيب غريب تجربا ۽ مشاهدا ٿيا آهن، هتي انهن مان رڳو ٻه پيش آهن:

(1)

”تڙيءَ جو شڪار هجي. اوچتو هڪ بلا منهنجي ڏاکڻي پاسان نڪتي: منهن لوڌڙي جهڙو، مٿي تي پلي/ مڇيءَ جهڙا ڇلر، بُت تي سنهيون ڪانيون چار چنبا، هيٺان ٻه وَڄَ چم کان ٻاهر نڪتل، ويڙهه به انهن سان ٿي ڏنائين؛ وزن ڏهه کن سير، ڊيگهه ڪَسا چار فوٽ. اها بلا تَر جي نه هئي. چيم: ننڍو آهي، بندوق نه هڻانس؛ پر منجھان ڏاڍي ڌپ هئي مون کي ڏسي شور ڪري وڙهڻ لڳي، سومون ڌڪ چٽيو- مڻڪي ۾ لڳس ۽ ڀڙڪو کائي مون آڏو اچي ٽٽي.... اها ڌپ اڄ به جهڙوڪر اکين آڏو پئي ڦريم!“

(2)

”لوپ ڀريل هجي. پارو پئي وٺو. پاڻي به ڄميل هجي. پکي ته صبح جو لهڻا هئا، پر آءُ آڌيءَ جو بندوق ڪلهي تي رکي، لانگوٽو هڻي، وڃي لوپ ڀيڙو ٿيس. رات سُهائي هئي. چنڊ هُڙڪيو پئي. تارن ۾ ٿڙڪاڻي هئي. آءٌ پاڻي ڀڃندو، پير پس.......گوڏي، چيلهه......نيٺ ڇاتيءَ جيڏي پاڻيءَ ۾ آئس- اتي هڪ ٻڏل کورو هو؛ پر پڳهه پڌرو هوس، جنهن تي ماڻهو ويهي ٿي سگهيو. اتي ويٺي به ڪا ويرم لنگهي؛ پر رات به ڄڻ پاڻيءَ وانگر ٿر ٻڌي بيٺي رهي.... نيٺ مسين مسين ڀنڀرڪو ٿيو.... ڏسان ته پريان پاڻيءَ ۾ ڪا شئي... جيئن واڳونءَ جي هلڻ تي لهر لڳي... تيئن لڳم. چتايم؛ اها بلا اچي مون ڏي پئي: جنهن شڪار تي نڪتو هوس، اهو به ساريون کائي اَڇ تي اچي لٿو هو؛ اتي ڌيان ورهائجي ويو. بلا ويجهي آئي ته ڏٺم، ته ان جي تارونءَ تي ڪارا وار، جهڙا گهوڙي جي ڪنڌ تي هوندا آهن، تهڙا کهرا! بلا آئي به مون ڏانهن پئي، اتي سيءَ کان هٿ به بندوق تي سُڪي ڄمي ويا هئا؛ پر ساهه پيارو آهي- مون ڌڪ چُٽيو- مڻڪي کان 6 انچ هيٺ ايس-جي ڪارتوس جا ٻه ڇيرا لڳس. ان تي هن اهڙو آواز ڪيو، جيئن شينهن جي گجگوڙ هجي! پاڻي نه چريو ته سمجھيم ته پوري ٿي. هوريان هوريان ڪري پاڻيءَ ۾ لٿس- ۽ لهر لهر بلا کي ويجھو پوندو ويس پڇ کي پير سان جھلي، مٿي کڻي هٿ ۾ جھليومانس- ايڏو وزن به نه هوس، نه ئي ڊيگهه هوس: ڊيگهه چيلهه توڻي، سنهڙا ڏند، واڇن جو چم لڙڪيل، ڪڪڙن جي پاپڙين جيان- گِري رکيو مانس کوري جي پڳهه تي... ۽ پوءِ لڳس شڪار کي...“

ماستر واحد بخش جي ڏنل ڄاڻ

جي آڌار تي لکيل

مٽيءَ منجهه مڻيا

(خاڪو)

ڀلان ڀليءَ جو ڇيهه ڪونهي؛ پر ڪڏهن ٽِکڙ جي به ڀل ڀائي هئي. تڏهن ٽکڙ وسندل ننڍي شهر واري ڏيکائي ڏيندي هئي، ڀاروءَ جي مٺائيءَ جو چسڪوءَ اُن دؤر جي ماڻهن جي چپن تي اڄ به اهڙو ئي آهي. اُستي دائود موچيءَ جي جوڙيل ٽه- ٽؤنري جُتيءَ جي هاڪ هوندي هئي! چون ٿا: جُتيءَ جي ٻنهي پادرن کـي تـوريـو، ته ماسي جو به تفاوت نه هوندو هو. اٺ ته اُڏاڻا هئا. سيٺ مورئي، حافظ سليمان، حاجي وليءَ ۽ اسحاق ويڙهيچي جا- جـتي گربيون ۽ سوسيون ٺهنديون هيون. ڀليڏني، حاجي جمعي، يعقوب لُٽاڻيءَ جي اجرڪن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. اهي ئـي دڪان ڪچهرين جا اڏا هوندا هئا. ڏور، بيت، ڳجهارتون، چرچا گهٻا.... منڊل لڳو پيو هوندو هو! رات جو وري ناني حافظ شاهه جي اوطاق ۾ راڳ رهاڻ... موٽئي ۽ عيسيٰ شيديءَ جـا آلاپ پيا ٻُرندا هئا. ڏاڏي غلام شاهه جي اوطاق ۾ پهلوانيءَ ۽ زور آزمائيءَ تي پئي ڏي وٺ ٿيندي هئي. سيد وڏي (سيد عبدالحڪيم شاهه) جي اوطاق ۾ فيصلا ٿيندا هئا ۽ سڀني سـان نياءُ ٿيندو هو. ڏاڏي ميران محمد شاهه (اول) جي اوطاق ۾ حڪمت هلندي هئي. منهنجو ڏاڍو علامه اسدالله شاهه ”فدا“ مسجد جي بلي هوندو هو... حامد، دلگير ۽ مخلص جي ٽکڙ سُکي ستابي هئي- ماڻهو آگوندرا هئا.

اڄ انهيءَ سائي ستابي جي ٽکڙ جي هڪ گهڻ- ڳُڻي، شاهه ڪاريگر ۽ رڄ مڙس جي ڏيٺ ڪرائڻي آهيم اوهان سان. اُنجو نالو هو اُستو محمد پٽ جعمو ڪنڀار. ويس اُجرو، اڇي پڳ، صدري، سلوار ۽ پهراڻ؛ ڪلهن ۾ اڇي چادر، هٿ ۾ لٺ، پيرن ۾ سنڌي جُتي _ پوءِ سليپر يا بوٽ. کلمک، رهائي رسائي وارو، حاضر جواب، ڪچهريءَ جو ڪوڏيو... مِٽي ته هن جو مرَڪ هو. چَڪَ تي مِٽيءَ جي پنوڙي کي وڻيس جيڪو روپ ڏئي. هر ڪاريگر ڪنهن نه ڪنهن وڙ تي مهارت رکندو آهي؛ پر اُستو محمد ڪيترن ئي وڙن تي مهارت رکندو هو. پوءِ اهي پاڻيءَ جا ٿانو (دلو، مَٽ، گھُگھي، ناند، گھاگھر) هجن يا کير جا (دَکي، ڊالڙو، ڏُهائي، ٽِڀو،ماٽي، گھَڙي). کليل هوا ۽ ڇان ۾ رکيل هن جي ٿان ۾ پاڻي پنجن منٽن ۾ ٺرندو هو. کير جي ٿانو ۾ ملوڪت اها ته، جي ڀُلپ ۾ ڏُڌَ هاڻي ٿان ۾ کير رکبو، ته کرندو نه! کير ۽ پاڻيءَ جي ٿان لاءِ مِٽي پوهه جي مهيني ۾وليندو هو.

ڀاڳيا سمجھندا آهن ته، هڪ ئي ماٽي ڪتب آڻڻ سان، مکڻ به گھٽ لهندو ته ڌؤنرو ۽ ڏُڌ به ڪَڻ ٻڌندو؛ ان ڪري، ٽي الڳ ٿان هوندا آهن (هئا!)؛ ڊالڙِي ۾ ڄمائبو، پوءِ ولوڙڻ ويل ماٽيءَ ۾ لاهبو، ولوڙي تازو ڏُڌ مکڻ ڪڍي ، ٻي ماٽيءَ ٽڀي، يا ٻئي ڪنهن ٿان ۾ رکبو؛ پر آُستي محمد جي هڪ ئي ماٽي انهيءَ  Process ۾ ڪم ايندي هئي؛ نه ڌؤنرو ۽ ڏُڌ ڪَڻ ٻڌندو هو، نه ئي مکڻ گھٽ لهندو هو! طبي لحاظ کان کير جا خاص ٽڀا ٺاهيندوهو. اهي چاليهه ڏينهن ڪتب آڻبا هئا؛ هر روز نئون ٽڀو ڪتب آڻبو هو.

چُلم ۾ ڪماليت اها ته نڙ ڦيرائڻ سان چلم ڦيرائڻي نه پوندي هئي، نه ئي اُن جو دُن سرڙاٽ ڪندو هو، چلم جي ٽوپي ڇنڊ بي هئي، ته اڌ تماڪ بچائي ڏيندي هئي.

نيلن جو ڪم ڄاڻندو هو، ان ڪري ٿانون ڍڪڻ ۾ ساڳيو هنر رکندو هو. هونئن عام جنڊيءَ تي هڪ ڄڻو ويهندو هو؛ اها ڳاري ڏيڻ تي ڍيٻو کائيندي هئي، جنهن ڪري خرار ڏر تي ئي ان جا سل لسا ٿي ويندا هئا ۽ ريون ۽ آڻ (سڄيون ساريون) به گھڻو ڇڏيندي هئي؛ اُستي محمد جي جڙيل جنڊيءَ تي ٻه ڄڻا ويهندا هئا؛ واري سان ان جا وٽا ڀري اُن ۾ وجھندا هئا؛ جيئن اسپيڊ ساڳي رهي؛ اُن جا سل به عام جنڊيءَءَ جي ڀيٽ ۾  تائين هوندا  هئا، ان ڪري وڌيڪ هلندي هئي، اڌ ڦيري ۾ مال ڪڍندي هئي، ريون ۽ آڻ به گھٽ ڇڏيندي هئي. اها جنڊيءَ وقت ۽ محنت جي ڌار بچت ڪندي هئي ۽ ٽن خرارن تائين هلندي هئي. عام جنڊيءَ ڍيٻي کي هڪ پاسان گسائيندي هئي، ۽ نئين جنڊيءَ چاڙهڻ مهل ان کي ٺيڪ ڪبو هو، پوءِ جيسين3/2 ڪَلر سُڪي، تيسين ڏينهن کوٽي ٿيندو هو؛ پر هن جي نئين جنڊيءَ چاڙهي، ڪم چالو رکبو هو؛ ڇا ڪاڻ ته پراڻي ۽ نئين جنڊيءَ جي ڳاري ۾ وار به ويڇو نه هوندو هو؛ ان ۾ مڪڙي به ساڳي بنا ڪنهن چَپر يا ڇِلَ جي ٺهڪي بيهندي هئي. (تن ڏينهن ٽکڙ ۾ انَ ڏرڻ جون پنج کريون هيون).

ڪؤنري ۾ مَلوڪت اها ته، ان جي تُن مان ڳاڙو نه ٿـيـنـدو، پـر ان مـان سـيڙهه نڪرندي.  ڪؤنري (ڪَري) جي ڳـچيءَ ۾ تر تائين ٽُنگ هـوندو هو؛ پـر پـاڻـيءَ وجهـڻ مـهـل، ســمـورو پاڻيءَ ڪؤنريءَ جـي ڀانـڊيءَ ۾ هليو ويندو هو. ملتاني ڪَري ڏٺي هئائين. ان ۾ سنڌي ڪؤنري کان هي شيون نرالـــيون هــيون: پـڙڳـي، ڳن ۽ آرو پــار ٽُنگ؛ پر ان ڪَريءَ کي اونڌي ڪـرڻ سان، ڳــچيءَ مــان پاڻـيءَ وهيو ٿي؛ پر هن جي ڪؤنري کـــي اونڌي ڪرڻ سان به ان مــان پاڻــي نٿي وهيو. اها ايجاد هن هڪ مس- ڪُپڙيءَ کي ڏسي ڪـئي. ائين سفر ۾ پاڻيءَ جو زيان نه ٿيندو هو- گهر جو سنهو ٿــلهو رازڪو، ڪم به ڪري وٺندو هو. چولڻ جــي ڪــري لوهارڪــو هنر به هٿ ڪيائين. پاڻي ڏيڻ نه سکيو؛ پر لوهه کي تـــپائي ٺـپي چــولڻ ٺاهيائين، جنهن سان چُلم جي ٽـوپـين جــا خـانا ٺاهـيائـين.

اُستي محمد جون ’ڀَڀوئي گهگهيون‘ به ڏسڻ وٽان هيون. اها ڊزائين رکڻ وارين چمڙي جي دٻين تان ورتائين. بادام روپي انهن گهگهين پيٽ وچان آرو پار ڏر ۽ پاسي کان ڳن به رکيائين. اها گهگهي کڻڻ به سولي هوندي هئي ۽ پيٽ وچان ڏر جي ڪرڻ پاڻي به ٿڌو رهندو هوس. ڪاشي: قبرن تي مصلا سندس ٺاهيل آهن، جن تي اکر حفظ هارون دلگير جا لکيل آهن.

سَون ٺاهڻ جو مهوس به هوس. سونُ ته نه ٺاهي سگهيو، پر ان ڏس ۾ جيڪي ڌاتو ڳاريائين، تن مان ٻيا ڪم ورتائين. ڪُتر جي مشين جي پَٽي ۾ ڦاسي، جمعي نوراڻيءَ جي ٻانهن جي نري ٻن هنڌان ڀڄي پئي. ٻانهن رجهي ڍونڍ ٿي وئي ۽ ڊاڪٽر اُن کي ٺونٺ کان وڍڻ جي رٿ ڪئي. استي محمد ڀرپور هڏيءَ کي ڪڍڻ، ان هنڌ انهن ڌاتن ۽ دوائن کي ڳوهي ڀرائي ڪري ڇڏي ۽ ٻانهن سگهي ٿي وئي. ڀڳل هڏي تي پٽي چاڙهڻ ۾ به کيس ڪمال حاصل هو. ۽ پَٽو نه ته ڦوڦينڊا ڪندو هو، نه ئي سوڄ ۽ ڦٽ ڪندو هو هڪ پَٽو چاليهه ڏينهن هلندو هو ۽ لهڻ مهل اهو هنڌ پگهريل هوندو هو. ڪرنگهي جي سنڌن نڪرڻ تي هو ڪاٺ جي نري ۾ مريض کي چاليهه ڏينهن رکندو هو. سونَ ٺاهڻ جي مهوس مان اهو به پرايائين، جو سوَن کي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ کان سواءِ ئي ٻڌائيندو هو، ته ان ۾ ڪيترو مَٺ يا ڦيٺ گڏيل آهي. اک ۽ هٿ جي ڪٿ سان سونَ جو رنگ ۽ وزن پرکيندو هو. سوڀو سونارو ته آنڪي ڀريندو هوس، ته متان سندس جوڙيل ڳهڻي جو ڳُجهه نه کولي.

ٽڪسال به ڄاڻندو هو. سڪي ٺاهڻ جو سانچو هووٽس. جهرڪن وٽ سندس سڪا پڪڙيا. وٺ پڪڙ ٿي، سوڀي سوناري کي جهليو ويو. استي محمد جي ساک ڳوٺ جي سيّد وڏي پاڻ ڏني؛ پر پوءِ استي محمد ساڻس سچي ڪئي، ۽ ان ڳالهه کان پوءِ، پنهنجي هٿ سان مٽيءَ مان ٺاهيل اهو سانچو سنڌو ۾ اڇُلايائين.

استو محمد مهل جو مڙس هو. اڙيءَ اوڌيءَ ڪنهن سان ڀلائي ڪرڻ ۾ به ڀلوڙ هو. 1948ع ۾ جڏهن ڏڪار پيو، تڏهن حج لاءِ گڏ ڪيل 2200 رپين مان اَن وٺي ڳوٺ ۾ ورهايائين ۽ هارين نارين کي ٻج به وٺي ڏنائين. پڄاڻيءَ تي استي محمد جي خوش طبعيءَ جا ٻه واقعا:

(1) گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪڻو به نه هو. سنگتين کي ’ڪارڙو ڪمارڙو‘ ڪرائي، سڄو ڪوٺ پنائي چڻا، مٽر، ڪڻڪ ۽ چانورن جون جهولڻيون آڻي گهر ڏنائين. سنگت دڪان ۾ پَتي تي ويهي رهي. لڙندي وچينءَ جو جڏهن سنگت کي بک اچي تپايو، ته استي محمد سان ڳالهه چوريائون، تڏهن هن وراڻيو: ”ٻيلي، توهين ويٺا پَتي تي، آءٌ ويٺس چَڪَ تي، جيڪي رڌو سو ٻارن کائي ڇڏيو.“ اهو ٻڌي سڄي سنگت مڇرجي پئي، چي: ”ڳوٺ سڄو اسان کي پنايئي ۽ ڀڀ وڃي ٻارن جو ڀريئي.“ مستري اسحاق ته مٿس بندوق به ڀري آيو؛ پر پوءِ جهيڙو ٽري ويو.

(2) ماڇين ۾ هجي شادي. خليفي اسماعيل گدوءَ کي به صلاحيائين. سو به لڳو سندس ڪَڍَ. اُتي رڌل گوشت کٽ تي پٿاريل هو. پهر ڪا به نه هئي. استي محمد خليفي کي گوشت پوتاري ۾ به ٻڌريو ۽ ٻئي جي کائڻ لاءِ به چيائينس. پاڻ ڇَني ۾ وڃي ڪنهن چڙباز ڪاڄيتي کي ڳولڻ لڳو، هڪ ڪپڙي لٽي ۾ ٽاٽ، وَڙي لڳل بوسڪيءَ جي پَٽڪي واري کي تاڙيائين: ’هن کي چڙ نڪ تي رکيل آهي.‘ اُن کي چيائين: ”توهان جو ڪاڄ ته ڪنو ٿي ويو، کٽ تي پيل گوشت، هو مينگهواڙ هڪڙو گهر ڇڏي آيو آهي، ٻيو کنيو آهيس ۽ ٽيون کائي ويٺو.“ پوءِ ته وٺ وٺان ۽ ڇڏ ڇڏان هجي. خليفي ويچاري سان جيڪا ٿي هوندي سا پڙهندڙ سمجهي سگهن ٿا. چڙباز ڪاڄيتي سان به ڏاڍي ٿي. ڪيڏانهن ويس وڙيءَ لڳل پٽڪو، ڪيڏانهن ويس اُها ٽيش ٽاش! وڃ چانورن واري پاڻيءَ ۾ ڦهڪو ڪيائين. ۽ پوءِ ڌوئي پئي سُڃاتائونس! اهڙيون ملهون استي محمد سان به گهڻيون ٿيون؛ پر اُهي ڪنهن ٻئي ڀيري!

ـــ امداد حسيني

اطهر قريشي

ٽي شعر

تو بن مٺڙا منهنجو مَن.
پن ڇڻ ۾ جئن پيلو پن،
تنهنجا سپنا ڀي تو جهڙا،
پل پل پايل جي ڇَن ڇَن،
پاڻ يگن کان ڀٽڪيا آهيون،
پاڻ پٺيان ڏس يُگ ڀٽڪن.

 

ذوالفقار سيال

ترائيل

ڪوڙن آڏو سچ چوان ٿو
نانگن ٻِر ۾ هٿ وجهان ٿو
هرڪو چهرو تو جهڙو آ
ڀلجي اڪثر آءٌ پوان ٿو
دل جو ڌڙڪو زور وٺي ٿو
تنهنجي ڀر سان جيئن گذران ٿو.


نظام الدين ’زائر‘

ترائيل

شعر لکان ٿو رَت ولوڙي.
ڪجهه به نه سمجهي ڪوبه نه ڄاڻي،
پيڙائن ۾ پاڻ پتوڙي.
شعر لکان ٿو رَت ولوڙي.

 

درد ۽ غم سان ناتو جوڙي
پنهنجي ساهه کي مُٺ ۾ آڻي،
شعر لکان ٿو رَت ولوڙي.
ڪوبه نه سمجهي ڪوبه نه ڄاڻي.

آزاد جتوئي

ٽيڙو

جيون آ جهوٽو

ائين جيئن

سگريٽ جو سوٽو.

شاهه حسين جون ڪافيون

(پنجابي)

محبن جي مزمانيءَ خاطر، رَتُ ولوڙي ڀَتُ ڪريان!
جگر، بڪيون، سڀ ٻيرا ڪيئڙم، تو آڏو ته قبول نه پيئڙم،
حاضر حال اهو ئي ٿيئڙم، پاڻيءَ ڪٽورو آءٌ ڀريان-
ڪاڳر آهه قريبن مُڪو، اکر اکر ٿي ٻاڻ لڳي ٿو،
سگهه سرير وڃائي ويٺو، روئي روئي رَڇَ ڀريان.
تن من ڪيئڙم پُرزا پُرزا، پوءِ به مهر نه آيءِ مٺڙا،
هاءِ چُڪي ويا سارا چارا، آڌر نِڌر آءُ ڪئين ڪريان.
چوي حسين فقير نماڻو، ٻيو ڪجهه ناهي آهي راڻو،
دانا، بينا، سمجهو، سياڻو، ڌيان اهو ئي، آءٌ ڌريان.

 

چارئي چُنيءِ پانڌَ، ڀِنا ڀِنيءَ رات.
ڪَتي نه ڄاڻان پوڻيون، ڏانءُ مون ۾ ڏات.
ويٺي نت وسائيان، برهه سندي برسات.
هڪ انڌيري ڪوٺڙي، مٿان انڌي رات.
چوي حسين فقير الا، بازي ٿي وئي مات.

 

آيل چوءِ ڪَتِ ڙي.

مون نِتِ ڪَتڻ ليءِ سکيو،  پر  ليک  اڳيئي  لکيو،

رهي نه ڪائي مَتِ ڙي.

ٻن پئي چرخو، کوءِ پُوڻيون. هـڻان آرٽَ کي لت ڙي.

هنجون  هاري  سڀڪوئي،  عاشـق  روئن  رَت  ڙي.

چوي  حسين فقير نماڻو، ساهه  ڇڏي  ويو ست ڙي.

ترجمو: امداد حسيني

اسٽيفن زويگ

ولي رام ولڀ

امن جي آس ۾

آسٽريائي ليکڪ اسٽيفن زويگ ۽ سندس ايلزبيٿ شارلوٽ زويگ گڏجي وطن کان ڏور برازيل جي پيٽرو پولِس شهر ۾ 25- فيبروري 1942ع تي پنهنجي هٿن سان پنهنجو انت آندو. هڪ ڏينهن اڳ لکيل سندس آخري سنديس هو:

”پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجي زندگيءَ جي انت آڻڻ کان اڳ، مان برازيل جي خوبصورت سرزمين کي تهدل سان ساراهڻ ضروري ٿو سمجهان، جتي مون کي مڪمل آرام ۽ منهنجي لکڻين کي پورو تحفظ مليو. هن ديس لاءِ منهنجو پيار ڏينهون ڏينهن سرس ٿيندو رهيو. منهنجو روحاني گهر يورپ پنهنجي هٿان ناس ٿي چڪو آهي ٻي ڪنهن ديس ۾ مون شايد پنهنجي لاءِ نئون اَجهو اَڏڻ نٿي گهريو، ڇو جو منهنجي پنهنجي ٻوليءَ جو ديس مون کان کسجي ويو هو.

”پر زندگيءَ جا سٺ ورهيه گذارڻ کان پوءِ نئين سر زندگي شروع ڪرڻ لاءِ غير معمولي قوت جي ضرورت آهي ۽ مون ۾ جيڪا به قوت هئي، اها اڳيئي ڊگهي عرصي جي رولُو زندگيءَ ۾ خرچ ٿي چڪي آهي. انهيءَ ڪري بهتر ائين ٿو سمجهان، ته انهيءَ بي وطن زندگيءَ کان بس ڪجي- زندگي جنهن ۾ مون لاءِ ذهني پورهئي جي يعني خالص سُک ۽ شخصي آزاد دنيا جي سڀ کان وڏي خوشي هئي.

”مان پنهنجن سڀني دوستن کي سلام ڪريان. شال کين ڊگهي رات کان پوءِ ڪنهن پرهه پسڻ جو موقعو ملي. مان جلد ۽ بي صبر، کانئن اڳ اُسهان ٿو.“

سندس تصنيفون جرمن ٻوليءَ ۾ آهن جي گهڻو ڪري سڀيئي انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل آهن. تازو سندس ڪتاب The Right to Heresy جو ’فڪر جي آزاديءَ‘ جي عنوان سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيو آهي. هتي سندس اُتم- ڪٿا World of Yesterday (سُڀان جي دنيا) مان ڪجهه ٽڪرا پيش ڪجن ٿا.

- ولي رام ولڀ

انگلنڊ ۾ گهاريل اوائلي ورهين ۾، مون پاڻ کي اوترو ئي بي وطن محسوس ٿي ڪيو، جيترو سُورينٽو ۾ گهاريل گورڪيءَ جي زندگي. پنهنجي ديس لاءِ جيڪا اُداسي منهنجي اندر ۾ ڇائنجي ويئي هئي، اها چئن سالن تائين قائم رهي. مان ڪڏهن به پنهنجي ديس موٽي سگهيس ٿي، منهنجو بهشڪار نه ڪيو ويو هو. منهنجا ڪتاب سليز برگ ۾ منهنجي گهر ۾ حفاظت سان رکيل هئا. منهنجو آسٽريائي پاسپورٽ رد نه ٿيو هو. منهنجو ديس اڃا به منهنجو ديس هو، مان اتان جو رهواسي هئس، اهڙو رهواسي جنهن کي سمورا حق حاصل هئا. اڃا منهنجي بي وطن زندگي شروع نه ٿي هئي. اها هڪ اهڙي ڀوائتي ڪيفيت آهي، جا تصور ڪرڻ کانسواءِ سمجهائي نٿي سگهجي. هڪ اهڙي اندر ڄاڻندڙ ڄاڻ هئي، جا هر گهڙي ياد ڏياريندي رهندي هئي، ته جتي به پير ڄمائيندين، اُکرجي ويندين، دساڙيو ويندين. کليل، ڪڏهن نه سمجهي سگهندڙ اکيون، سموري شعور کي لوڏي وجهن ٿيون؛ پر اڃا ته شروعات هئي!

مان فيبروري 1934ع جي پڇاڙيءَ ۾ لنڊن پهتو هئس ۽ خبر نه هئم، ته ڪيستائين انهيءَ شهر ۾ رهڻو پوندو! مون لاءِ هڪ ئي ڳالهه اهم هئي: لکڻ جو ڪم جلد شروع ڪريان، پنهنجي سوچڻ ۽ ڪم ڪرڻ جي آزاديءَ ۾ ڪا رنڊڪ وجهڻ نه ڏيان. ناڻي سان گهر نه ورتم؛ پر هڪ ننڍو گهر مسواڙ تي ورتم، جنهن ۾ ميز ۽ ڪتابن جا ٻه ڪٻٽ رکي سگهجن، جن کان سواءِ منهنجو جيئڻ جاڙ هو. ذاتي ملڪيت جو مطلب هو نوان ٻنڌڻ- ۽ وري هڪ ليکڪ کي انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو گهرجي به ڇا؟ ماڻهن سان ملڻ جو سوال ئي نٿي پيدا ٿيو. منهنجي زندگي بي خبري ۾ ئي دائمي روپ ڌاري رهي هئي.

جڏهن مان پهريون ڀيرو پنهنجي نئين گهر ۾ گهڙيس. ته ڀتين جا پاڇا اونڌاهيءَ سان گڏجي ويا هئا. انهيءَ ننڍي گهر ۾ جڏهن پير پاتو هئم، ته گهرو ڌڪ لڳو هو، ان پل مون کي ائين لڳو هو ڄڻ مان ٽيهه وريهه اڳ واري ويانا واري گهر ۾ پهچي ويو آهيان. پنهنجو پاڻ کي سنڀالڻ ۾ مون کي ڪجهه کن لڳا، ڇو ته ويانا گهر واري جي باري ۾ مون ورهين کان سوچيو ئي نه هو. ڪٿي ائين ته ناهي ته اها ڪيفيت اهڃاڻ هئي منهجي زندگيءَ جي- زندگي، جا مڪمل روپ مان هوريان اُسرڻ کان پوءِ هاڻي سُسي رهي آهي. مان پنهنجو پاڇو بڻبو پئي ويس؟ ٽيهه روهيه اڳ جڏهن مون گهر ورتو هو، ته اها زندگيءَ جي شروعات هئي. تڏهن مون ڪجهه اهڙو لکيو به نه هو. پنهنجي ئي ديس ۾، مون کان يا منهنجي لکڻيءَ کان ڪو واقف نه هو- ۽ اڄ اهو هڪ عجيب سنجوڳ آهي، ته منهنجا ڪتاب پنهنجي ئي ٻوليءَ ۾ غائب ڪيا ويا هئا. منهنجون نيون تخليقون جرمني ۾ نه هيون. منهنجا دوست مون کان پري هئا. منهنجو دائرو ختم ٿي چڪو هو. منهنجو گهر، منهنجا ڪتاب، منهنجي پينٽنگس جا ڪتاب مون کان کسجي چڪا هئا. مان بلڪل اڳي جئن هڪ ڌارئي ديس ۾ ويٺو هئس. گذريل ٽيهن ورهين ۾ مون جيڪي حاصل ڪيو هو، گڏ ڪيو هو، سکيو هو، جو ڪجهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جن ڳالهين مان خوشي حاصل ڪئي هئي- اهو سڀڪجهه مون کان هوا جي هڪ لهر سان کسجي ويو هو. منهنجي ڄمار پنجاهه ورهيه هئي ۽ اڄ مان هڪ نئين شروعات جي سامهون بيٺو هئس. هڪ ڀيرو وري ميز تي ويٺس، لئبرريءَ ۾ ويٺل هڪ شاگرد جيان. بيشڪ اوتري سهجتا، اوتري وشواس، اوتري اُتساهه سان نه هئس. منهنجي وارن ۾ ڪٿي ڪٿي اڇن وارن جو گمان هو ۽ منهنجي ٿڪل آتما، نا اميديءَ سان ڀريل ڌنڌلي صبح جي انتظار ۾ ٻُڏي ويئي هئي!

ٽي ورهيه پوءِ ڏاڍي بيتابيءَ سان گذريا، چنتائن ۽ ڊپ سان ڀريل منهنجي زندگي، هڪ وشال سنگرهه بڻجي چڪي هئي. پرديس ۾ پنهنجا ويچار به ظاهر نٿي ڪري سگهيس. آسٽريا ۾ منهنجي ويچارن ڪڏهن ڌاڪو نه ڄمايو هو. هن ديس ۾، جتي مون پاڻ کي مهمان ٿي سمجهيو، مان ڪئين ٿي چئي سگهيس، ته هٽلر سموري دنيا کي لاءِ هڪ ڀوائتي مصيبت آهي. هٽلر پنهنجي تقريرن ۾ ’امن لفظ هر هر اُچاري، دنيا کي دوکو ڏيئي رهيو هو. ڄاتم ٿي ته هو سموري دنيا تي حڪومت ڪرڻ چاهي ٿو، جرمنيءَ تي سوڀ پائڻ رڳو پهريون قدم هئس.

لنڊن مون لاءِ رڳو رهڻ لاءِ هڪ هنڌ هو، منهنجو روح اتي نه هو. انهن ورهين ۾ مان ٻه ڀيرا آمريڪا ويس. جيستائين جهاز پاڻيءَ ۾ آرام سان هلي سگهن ٿا، جيستائين دنيا کليل آهي، خراب ڏينهن اچڻ کان اڳ، جيترا به انومان ٿي سگهن، گڏ ڪرڻ جي خواهش ئي مون کي هر هر سمنڊ پار وٺي ٿي ويئي.

پر اهي سفر يورپ لاءِ منهنجون چنتائون گهٽ نه ڪري سگهبا.  لڳو ٿي، انساني سڀاءُ انسانيت کان هڪ اڄاڻ وير وٺي رهيو هو. مان يورپ مان ڪيترو به پري ڇو نه هليو وڃان ها، اُن جي نيت مون سان گڏ رهي ها.

ڪيترا ڀيرا مان ڪجهه ڏينهن لاءِ آسٽريا ويس. فقط آسٽريا جا رهاڪو ئي هٽلر جو ويانا ڏانهن وڌڻ جو مطلب سمجهي سگهيا ٿي. هڪ ڀيانڪ ڪيفيت کي هن سوڀ ۾ بدلائڻ گهريو ٿي. هن ڀيري مون کي لڳو ٿي، ته آسٽريا کي مان آخري ڀيرو ڏسي رهيو آهيان. مون کي پڇاڙي چٽي ڏسڻ ۾ پئي آئي. هر صبح سڀني ماڻهن اميد ڀريل نظرن سان اخبارون ڏٺيون ٿي؛ پر مان اندر ۾ ڊنل هئس، ته هڪ ڏينهن وڏن وڏن اکرن ۾ لکيل هوندو- ’آسٽريا ختم ٿي ويو‘. مان پاڻ کي دوکي ۾ رکندو آيس، ته منهنجو ناتو آسٽريا کان ڇڄي چڪو آهي؛ پر وري به چنتا منهنجي دل کي ڏڪائيندي رهي. 1937ع ۾ آخري ڀيرو آسٽريا ويس- پنهنجي ماءُ سان ملڻ.

1938ع ۾ آسٽريا کان پوءِ سموري دنيا وڳوڙ، بدامني ۽ وحشتپڻي جي هيراڪ  ٿي ويئي هئي. جو ڪجهه هڪ ڏينهن اڳ ويانا ۾ ٿيو هو، اهو بين الاقوامي بهشڪار لاءِ ڪافي هو؛ پر 1938ع ۾ ته سنسار جو ضمير خاموش ٿي چڪو هو، يا وري وڦلي رهيو هو- وسارڻ ۽ معاف ڪرڻ کان اڳ.

ڪيڏو عجيب صبح هو اهو. ريڊئي ڪمري ۾ جو سنديش تفصيل سان ڦهلائي ڇڏيو، اهو ٻڌي اسان چپ چاپ ڪمري جي اندر ئي پوئتي هٽي ويا. هئاسين. اهو اهڙو سنديش هو، جنهن کي صدين تائين ڦهليل رهڻو هو، جنهن کي سنسار کي پورڻ روپ ۾ بدلائڻو هو، اسان سڀني جي زندگيءَ کي بدلائڻو هو. هڪ اهڙو سنديش، جنهن جي معنيٰ موت هو، هزارن جو موت، انهن سڀن جو موت جن هاڻي ٻڌو هو- دک، پيڙا، ڌمڪي ۽ نراسائيءَ سان ڀرپور، جنهن جو صحيح مطلب ورهين، گهڻن ورهين کان پوءِ پوريءَ طرح سمجهه ۾ ايندو: جنهن جو مطلب هو هڪ ٻي لڙائي- هن ڌرتيءَ تي ٿيل پهرين ڪنهن به لڙائيءَ کان خوفناڪ. هڪ ڀيرو وري هڪ جُڳ جو انت ٿي ويو هو، هڪ نئون جَڳ نئين سر شروعات ٿي ويو هو. ڪمري ۾ سناٽو ڇائجي ويو هو، موت جهڙو سناٽو. اسان هڪٻئي ڏانهن ڏسڻ جي همٿ وڃائي ويٺا هئاسين.

ٻاهر پکي لاتيون لنوي رهيا هئا- ڄڻ ڪجهه به نه ٿيو هجي. اهي هڪ ٻئي سان پيار ونڊي رهيا هئا، هلڪي هلڪي هوا گُهلي رهي هئي ۽ سونهري آس ۾ وڻن جا پَن جهومي رهيا هئا، چپن جئن هڪ ٻئي کي ڪوملتا سان ڇُهي رهيا هئا- سموري سرشتي انسانيت جي دُکن کان بي خبر هئي.

پنهنجي ڪمري ۾ وڃي مون هڪ ننڍڙي بئگ ۾ ڪجهه سامان وڌو. شايد اسان آسٽريا جي سڀني رهاڪن کي جرمن واسي مڃيو ويندو. انگلنڊ ۾ هاڻي اسان تي به اهي پابنديون لاڳو ٿينديون. شايد اڄ رات مون کي پنهنجي ڪپڙن ۾ سمهڻ نه ڏنو ويندو. هڪ ڪلاڪ اندر هڪ ئي ڌڪ سان هيٺ ڪريو هئس. مان هاڻي هن ديس ۾ هڪ ’ڌاريو‘ نه هئس- هڪ ’ڌاريو دشمن‘ هئس. هڪ پرڏيهي دشمن هئس. انهيءَ ڪيفيت ۾ منهنجي ڌڙڪندڙ دل جو سنٻنڌ نه هو. انگلنڊ، جرمني تي حملو ڪري ڇڏيو هو ۽ منهنجي زندگيءَ جو مطلب ئي بدلجي ويو هو.

مان جرمن ٻوليءَ ۾ سوچيندو هئس، لکندو هئس؛ پر منهنجا خيال، منهنجا احساس انهن ملڪن سان لاڳاپيل هئا، جن دنيا جي لاءِ آزادي ۽ امن گهريو ٿي. هن لڙائيءَ کان پوءِ سڀ نئين سر شروع ٿيندو. جو گذري چڪو هو، اُهو ناس ٿي چڪو هو، جيڪا ڳالهه مون سڀ کان وڌيڪ گهُري ٿي، اهائي ڳالهه اڻپوري رهجي ويئي هئي، پنهنجي موت کان وڌيڪ مون کي انهن جي ڳڻتي هئي، جي ايندڙ لڙائيءَ ۾ مارجڻ وارا هئا ۽ اهو مون سان ٻيو ڀيرو ٿي رهيو هو. مون دل سان اُتما جي سموري زندگي انساني ايڪتا لاءِ ڪٺن محنت ڪئي هئي ۽ هن وقت به اسان کي ايڪي جي ضرورت هئي. مون کي لڳو، ڄڻ مان اوچتو اڪيلو رهجي ويو آهيان. هڪدم نڌڻڪو ٿي ويو آهيان.! انهيءَ ڏينهن آخري ڀيرو مون شهر جو چڪر هنيو، آخري ڀيري شانتي ڏٺم. اُس ۾ وهنتل آرام ۾ شانت شهر اڳي کان جدا نٿي لڳو. پاڻ کان پڇيو هئم، ڪٿي ائين ته ناهي، ته کين خبر ئي نه پيئي آهي؟ پر اهي انگلنڊ جا رهاڪو هئا ۽ پنهنجي اندر کي قابو ۾ رکڻ جا ماهر هئا. کين پنهنجي حالت کي اڃا به طاقتور ڪرڻ لاءِ نه جهَنڊن جي ضرورت هئي، نه دهل وڄائڻ جي نه ڪنهن هل ڪرڻ جي. اهو ڏينهن آسٽريا جي انهيءَ 1914ع جي جولاءِ کان ڪيترو جدا هو ۽ مان به ڪيترو جدا هو ۽ مان به ڪيترو بدلجي چڪو آهيان. تڏهن مان هڪ اڻ سوچيندڙ جوان هئس. اهو سجايل، سنواريل، ڀريل دڪان مون کي 1918ع جي خالي دڪانن جي ياد ڏياري رهيو هو.

لڳم، هلندي هلندي مان سپنو ڏسي رهيو آهيان، جنهن ۾ ٿڪل ٽٽل عورتون، راشن جي دڪانن اڳيان قطار ۾ بيٺون آهن. مائرون ڪارن ڪپڙن ۾ اداس آهن. ڦٽيل، منڊا، محتاج سپاهي.... سڀڪجهه سپنو بڻجي چمڪندڙ اُس ۾ ڀُوت بڻجي منهنجي اکين اڳيان اچي بيٺو. مون کي پنهنجا پوڙها سپاهي، لڙائيءَ تان موٽيل ٿڪل ٽٽل ڦاٽل ڪپڙن ۾ ويڙهيل سپاهي ياد اچي ويا. منهنجي تِکي ڌڙڪندڙ دل، گذريل لڙائيءَ کي ايندڙ لڙائيءَ جي اعلان ۾ هڪ ڀيرو وري محسوس ڪيو. ايندڙ ڀوائتو طوفان اڃا اسان جي نظرن کان لِڪل هو. ماضي ختم ٿي چڪو هو، جو اسان حاصل ڪيو هو، ڦرجي ويو هو، ناس ٿي چڪو هو، ۽ اهو هاڃو اسان جي زندگيءَ کان گهڻو پوءِ تائين جاري رهندو. ڪجهه نئون، هڪ نئين سنسار ٺاهڻ کان اڳ، ڪيترن فرڪن ڪيترن پيڙا اسٿان تان لنگهڻو پوندو آهي.

اُس تمام تکي هئي. گهر موٽندي ڏٺم، ته منهنجو پاڇو منهنجي اڳيان بلڪل ائين ٿي لڳو، ڄڻ هاڻي هاڻي گذريل مهاڀاري لڙائيءَ جو پاڇو ڏٺو هئم. مان اڄ تائين انهيءَ پاڇي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري نه سگهيو آهيان. اهو هر وقت منهنجي هر خيال جي ڪڍ لڳو رهندو آهي. شايد انهيءَ پاڇي جون ڪاريون گهَريون روپ ريکائون منهنجي اُتم- ڪٿا جي صفحن ۾ به ڪٿي نه ڪٿي لکيل آهن؛ پر پاڇي جو جنم روشنيءَ مان ٿئي ٿو. جنهن پرڀات ۽ سنڌيا، لڙائي ۽ امن جو لاهه ۽ چاڙهه ڏٺو آهي، تنهن جيون ڏٺو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com