سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4- 1978ع

مضمون

صفحو :13

- هر جاءِ هر ماڳ مڪان (تي ماڻهو يا سندن خيال جيتوڻيڪ جدا جدا آهن، مگر سڀني جو خالق) ڌڻي هڪ (واحد) آهي.

- البت ان کي اهي ڏسي سگهندا، جن پنهنجو پاڻ وڃايو آهي ۽ پنهنجي هستي ۽ خودي کي ختم ڪيو آهي.

[25]

حقيقي مون سيڻ، وَسن شهر حَقيق ۾،

ڳالهه چون حَقيقيّان، چوَن حَقيِقي ويڻ.

1. ڇاپي جي پهرين سٽ ۾ اصل لفظ ’سهر‘ آهي، جنهن کي ’شهر‘ ئي پڙهڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته قاضي قادن ’شهر‘ کي ’سهر‘ ڪونه چيو هوندو.

2. بيت جي معنيٰ صاف آهي، ۽ مؤلف (هه) پڻ صحيح لکي آهي. هيٺين طرح ڪبي ته به سهڻي ٿيندي:

- منهنجا سچا سڄڻ (سدائين) رهن ئي سچ جي شهر ۾

- اهي جيڪي ڳالهائين ٿا، سو سڀ حق طرفان يا حق مطابق آهي، ۽ هو (سڀڪنهن کي) سچا (حق ۽ انصاف) اکر يا گفتا چون ٿا.

[26]

شَفيِقي مون سيڻ، وَسن شَهر شَفيق ۾،

ڳالهه چون شَفيقَيان، چون شَفيِقي ويڻ.

1. ڇاپي ۾ بيت جي پڙهڻي هيٺين طرح آهي جيڪا مؤلف (هه) گهڻو ڪري هوبهو ديوناگري ۾ لکيل اصل دستخط مطابق ڏني آهي.

سفيفي مُون سيڻ، وَسَن سَهر سَفافَ ۾،

ڳالههِ  چَونِ  سَفافِيان، چونِ سَفافِي ويڻ.

هن پڙهڻي مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته ديوناگري واري ’دستخط جي لکندڙ پاڻ يا ٻئي جنهن قاضي قادن جا بيت کيس ٻڌايا تنهن ڪنهن ٻئي ’دستخط‘ (جيڪو سنڌي- عربي صورتخطي ۾ لکيل هو) تان اهي بيت پڙهيا ۽ اتاريا ۽ پنهنجي اُتاري ۾ غلطي ڪئي جو ’شفيقي‘ لفظ کي صورتخطي جي هڪجهڙائي سببان، ’سفيفي‘ ڪري سمجهائين، لکيائين ۽ پوءِ ٻيا پويان الفاظ به انهيءَ لحاظ سان لکيائين. اصل لفظ يقيني طور ’شفيقي‘ هو، ڇاڪاڻ جو هي بيت پنهنجي سڄي سٽاء ۾ هن کان اڳئين بيت [25] سان ملي ٿو، جنهن ۾ حقيقي، حقيق، حقيقان ۽ حقيقي الفاظ آيل آهن. هن بيت ۾ ساڳي مناسبت سان شفيقن، شفيق، شفيقيان ۽ شفيقي الفاظ ئي ٺهندا.

2. ’شفيقي‘ معنيٰ ’شفيق وانگر‘ يا ’شفيقن جهڙا‘ ’شفيق معنيٰ پياري سڳي ڀاءُ وانگر قرب ڏيندڙ. انهيءَ لحاظ سان ئي (عربي فارسي ۾ ’آخري شفيق‘ معنيٰ محاورو مشهور آهي سنڌي ۾ نهايت پيار ڪندر ڀاءُ کي ’شفيق ڀاء‘ سڏيو ويو. ’سيڻ‘ جي لفظي معنيٰ آهي پيءُ- ماءُ جيڪي پنهنجي نياڻي جو سڱ ڏين. جيڪو سڱ وٺي ان کي ’سِياءُ‘ چئبو ۽ جيڪو سڱ ڏئي سو ’سيڻ‘ سڏبو. ’سيڻ‘ جي اصطلاحي معنيٰ سچا سڄڻ يا وڏي قرب وارا مِٽ ’وسن‘ معنيٰ رهن؛ ’ويڻ‘ معنيٰ  ’هنن سامهون گفتگو‘ ميار وارو ڳالهاء يا ڏکيو ڏوراپو. انهيءَ لحاظ سان بيت جي معنيٰ ٿيندي:

- منهنجا پيارا سڄڻ وڏي قرب وارا آهن، ۽ سدائين قرب واري شهر ۾ رهندڙ آهن.

- ڪا ڳالهه ٿا ڪن ته به قرب وچان ٿا ڪن، ۽ جيڪڏهن ڪو ڏوراپو ٿا ڏين ته به پيار ۽ قرب سان ٿا ڏين.

[27]

جنِيهن مُکَ مُلاءِ،  اُمِي  اُلَٿِي اَکِڙِئين،

تِنهيِن جي ڳالهاءِ، ماندوئي ساڄو ٿيو.

1. ڇاپي مطابق پهرين سٽ ۾ لفظ ’مرانءِ‘ آهي، پر صحيح ’مُلاءِ‘ ئي ٿيندو، جنهن جي معنيٰ آهي ’وٽان‘ يا ’کان‘ ٻيو لفظ ’آمِي‘ آهي، پر صحيح شايد ’اُمِي‘ (؟) ٿيندو. معنيٰ معنيٰ اوس، تپش، جلڻ، ساڙو، اُلٿي يعني لٿي. ٻيءَ سٽ جي ڇاپي ۾ لفظ ’معدوئي‘ آهي، پر صحيح ”ماندوئي“ ٿيندو.

2. معنيٰ ٿيندي:

- جن جي منهن کان (يعني پري کان منهن ڏسڻ سان) اکين جو اوس ۽ ساڙو لٿو، (۽ اکيون ٺريون).

- تن جي ڳالهاء (ٻڌڻ) سان ماندو وساڻل جسم واري تازو توانو ٿيو.

[28]

ڪُنجي ڏيئي جهَليو، جِنِهين روحَ رَساوُ،

تِنِهين  سَندي  تَلهڙي،  سونهارِي  سَڀاوَ.

1. ڇاپي مطابق ٻيءَ سٽ ۾ ’تُلهڙي‘ (ت جي پيش سان) ۽ ’سڀاو‘ (س جي پيش سان) لفظ آهن، ۽ مؤلف (هه) بيت جي معنيٰ هيٺين طور ڏني آهي:

- جن (ستگرن) منهنجي آتما جي رساو (پهچ) کي ڪنجي ڏيئي ضابطي هيٺ رکيو.

- تن جي رهبريءَ هيٺ هلندي، منهنجو سڀاء سونهارو بڻيو.

2. لفظ ’تلهڙو‘ بيت نمبر [28] ۾ پڻ آيل آهي، ۽ اتي ان جي معنيٰ ’ٻيڙو‘ يا ’ٻيڙي آهي. ’ٻيڙي جي رَسن‘ يا پڳهه جي لحاظ سان، ’ورح رساوَ‘ جي معنيٰ ’روح جي رسي کي‘ ٿيندي. ’سڀاء، معنيٰ سٿ يا سنگت (جيڪا هن حياتي جي ٻيڙي ۾ گڏ چڙهيل آهي). انهيءَ لحاظ سان، بيت جي معنيٰ هيٺين طور ٿيندي:

- جنهن (ناکئي، اڳواڻ، مرشد يا ستگر)، روح جي رسن کي ڪنجي هڻي قابو ڪيو آهي (يعني جن جي هٿ ۾ اهي رسا آهن).

تنهن جي ٻيڙي ۾ چڙهيل سنگت پڻ سهڻي اوج ۽ بخت واري آهي (يعني انهيءَ ٻيڙي ۾ چڙهڻ جي ڪري ئي اها سونهاري ٿي آهي).

[هلندڙ]

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو

قاضي قادن

هندوستان مان، تازو شايع ٿيل ڪتاب ’قاضي قادن جو ڪلام‘، ڀاءُ مرليڌرجيٽلي ڏياري موڪليو. جَسُ هجي شري هيري ٺَڪر کي، جنهن ’قاضي قادن‘ جا 112 بيت، منظرِ عام تي آندا آهن. هيءَ هڪ وڏي ادبي خدمت آهي، جا اديبن ۽ عالمن جو ڌيان ڇڪائي ٿي.

سچ پچ ته شري هيري ٺڪر جي تحقيق، سنڌي ادب ۾ نه رڳو بنيادي اضافو آهي، پر ’سنڌي لغت‘ لاءِ پڻ قيمتي مواد آهي. تنهن کان سواءِ بيتن کي اعرابن سان سولو ڪري، معنيٰ ۽ شرح سان سينگاري، مبارڪن جو مستحق ٿيو آهي. انهيءَ چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته هيري صاحب، ٻين محققن لاءِ، تحقيق جو ميدان گهڻي ڀاڱي هموار ڪري ڇڏيو آهي. ڪيترا اهڙا به الفاظ سندس ڪتاب مان ملن ٿا، جي اڳين شاعرن ۽ سگهڙن پڻ ڪم آندا آهن جيڪڏهن ڪو اديب، هينئر ”سنڌي ادب جي تاريخ“ لکندو ته شري هيري ٺڪر کي ضرور ياد ڪندو، ورنه تحقيق جي هڪ ڪَڙي گم نظر ايندي.

ڪتاب جي مطالعي مان صاف ظاهر آهي ته شري هيري ٺڪر، ڪتاب کي پنهنجي مغز جي مِکُ سان لکيو آهي؛ ڇاڪاڻ ته ڪتاب هر طرح سان، ادبي سينگار جو مرڪز نظر اچي ٿو ڇا لفظن جو تلفظ، ڇا لفظن جي معنيٰ ۽ ڇا سِٽِي سمجهاڻي! مطلب ته ٺڪر صاحب، ڪتاب کي سوڌي، سنواري ۽ سينگاري پيش ڪيو آهي، جنهن لاءِ، ان فن جا ڳولائو، سندس ٿورائتا ٿيندا.

ڪتاب شايع ٿيڻ کان پوءِ، هڪ ڳالهه جي وضاحت ٿي ته اصول قلمي نسخي تي ”ڪاجي ڪادن جي ڪِي ساکي“ لکيل آهي. اها ”ڪادن“ واري ڳجهارت پَنجَن سَونَ ورهين کان، سنڌ تي بيٺل هئي. جيتوڻيڪ سنڌ جي عالمن، اديبن، پارکن ۽ ڳوليندڙن ’ڳجهارت‘ کي ڀڃڻ لاءِ، ڌڪن پٺيان ڌڪ پئي هنيا، پر تڏهن به بيهجي ويئي هئي. پڇاڙي وارو هنڌائتو ڌَڪ، سنڌ جي مشهور محقق محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هنيو، جنهن ڪري ”قادن“ واري ڳجهارت ڀَڄي پيئي، جو قلمي نسخي تي به ’قادن‘ لکيل آهي. يقين آهي ته ’قاضي قادن جو ڪلام‘ مان ڳوليندڙن کي تحقيق لاءِ، ڪيتريون ئي نيون ڳالهيون نظر اينديون. دادا جئرامداس دولترام لکي ٿو:

”هيري ٺڪر جي هن کوج- ڪشالي مان هڪ وڌيڪ ڦل ملڻا آهن، جو سنڌ هند جا سنڌي عالم، نه رڳو سندس پورهئي جو نتيجو ماڻيندا، پر منجهائن جن کي اِن قِسم جي کوج جي سڪ ڇڪ آهي، سي سندس ڪتاب مان سنڌي ٻوليءَ جي اوسر ۽ وڪاس جي اتهاس تي چڱي روشني وجهي سگهندا.“

ڪيترن شاعرن جو ڪلام، اسان وٽ موجود آهي، پر سندن اصلوڪي آستاني جو ڪو پتو ڪونهي. البته ڪلام جي آڌار تي چئي سگهون ٿا ته فلاڻي ڪ فلاڻي پاسي جو هوندو، پر تڏهن به ”يقين“ جو لفظ، انهن سان لاڳو ڪري نه سگهنداسين ”لَڇوُ“ شاعر، سنڌ ۾، مشهور ٿي گذري آهي، پر سندس باري ۾، ڪا هَٿيڪِي خبر ڪانه آهي؛ فقط سندس ڪلام جي لفظي مواد کي ڏِسي چئي سگهيو ته ’ٿر‘ پاسي جو آهي:

سي تَرانگيُون نه تَنجَن، ڪوٽين جَنِي ڪوُنگرا،

سِرانـــگَ  جِنِي  جِي  سـومرا،  رَتولــي   رَجَـــن،

ليڻَن   جو   لَڇُو  چــئي،  ڀيــڻا   اُتـــي   ڀُـــڄَن،

گنگوا   گجن،   پـر   لــئي  ٿينـــدي   ســـومــرا.

جوڳيسرَ به مشهور شاعر ٿي گذريو آهي:

گَگن گَجي آئيا، مَٿي ٿَرَ ٿمِي،
ڪي گَجا، ڪي گُجا، ڪي گُگَر مَنجهه گَهيِ،
گُجاوَتُيون گَجميرَ جون، آيون چَڙهه چَڙهِي،
ڀاريُون تن ڀِٽن تي، ڪَن، ڪَن پيون سُونگَ سَهِي،
آهِـــي   ۽   پــــَهِي،   سَڀــــُئي   ساريان   سومرا.

جوڳيسير جي ٻولي ٻڌائي ٿي ته ٿَرَ جو شاعر آهي.

شري هيرو ٺڪر به قاضي قادن جي بيتن جي ڪسوٽي مقرر ڪندي چوي ٿو:

”قاضي قادن جي تازو مليل بيتن جي ٻِولي سرائڪي/ ملتاني ۽ پنجابيءَ کان متاثر ٿيل سنڌيءَ آهي. سرائڪي/ ملتاني اثر ٻوليءَ جي وياڪرڻ واري روپ يا جوڙجڪ تي ڇانيل آهي. ٻوليءَ جي شَبداوَلِي (Vocabulary)اُن کان گهڻو متاثر نه ٿي آهي. قاضي قادن بکر جو رهندڙ هو، جو اُتر سِنڌُ ۾ آهي. اهو علائقو جاگرافيائي طرح ملتان جا صدين کان پاڻ ۾ سياسي، روحاني ۽ سڀيِتُڪ لاڳاپا رهيا آهن ۽ ملتان صوفين جو ڳڙهه به رهيو آهي. اِنڪري قاضي قادن جي سنڌي ٻوليءَ تي اهو اثر سڀاويڪ آهي“.

شري هيري ٺڪر، قاصي قادن کي پرکڻ لاءِ مٿين ڪسوٽي قائم ڪئي آهي، پر تڏهن به، اڃا ڪي ٻيون ڪسوٽيون به آهن، جن تي ڪنهن به شاعر جي ڪلام کي پرکي، جدا ڪري سگهجي ٿو:

1. قافيا

قاضي قادن جا سَتَ بيت مليا آهن، تن مان ڪوبه اهڙو بيت نه آهي، جنهن جي قافيه ۾ ڏَڏُ پيل هجي. جئن:

1- جوڳِي جاڳايوس،  سُتو هوس نِنڊَ ۾،

تِهان پوءِ ٿِيوسِ  پِريان سَـندي پيچري.

2. سَڄڻ  مَنجهِه  هُئَام، مون ويٺي واءُ ٿيا

هيڏانهن هوڏانهن هٿڙا، هيِئين جاڙ وِڌام.

”قاضي قادن جو ڪلام“ مان ڪن ٻين جا قافيا:

1- مَئن ڀانيي سونُ، هي جَرَ پوسُ جَرڪَڻون،

وِيئن   وَرائــي  ونُ،  ڪُہ  لڳي  ڪارو  ٿيو.

قافيا آهن: ’سونُ‘ ۽ ونُ‘.

درحقيقت ’سون‘ سان قافيو ’هون‘، ’اون‘ وغيره ٿي سگهن ٿا. ’سون‘ سان ’ون‘ جو قافيو نٿو ٺهي. جيڪڏهن ”قاضي قادن جو ڪلام“ ۾، قلمِي نسخي واري پڙهڻي- ديوناگري لِپيءَ واري- به آندل هجي ها ته صحيح تلفظ لاءِ ويچار ڪري سگجي ها. آءٌ سمجهان ٿو ته اهو لفظ ’سون‘ نه، پر ’سُون‘ آهي. جيتوڻيڪ معنيٰ ٻنهي جي ساڳي آهي، پر قافيه کان ’سُوَن‘ ’سون‘، ’سونَ‘ کان اصح ٿيندو.

’سونُ‘، پراڪرات ’سُوَڻ‘. سنسڪرت ’سُوَرڻ‘=سُ = چڱو+ وَرڻ= رنگ. سهڻي رنگ وارو.

اڳين سگهڙ شاعرن به گهڻو ڪري ’سُوَن‘ ڪم آندو آهي. هي بيت پيش ڪجي ٿو:

سَوَن  سَرسا  سهڻي،  سُت  پاٿرَ  نِينِي نار،

سِههَ ڳچي، ڪَٽ ڪيسري، اُرگ اَليهَرَ وار.

[سُوَن= سونُ (Gold). سرسا=سرس، وڌيڪ. سُت= پُٽ. پاتر= پَٿر=. ست پاٿر= پٿر جو پُٽ؛ سو ٿيو ”سرمون“. نيني= نيڻ= اکيون. نار= عورت. سِهه. = ڪُونجَ. ڪَٽ= ڪَمر، چيلهه. ڪيسر= شينهن. ارگ=نانگ. اليهر=نانگ]

شاعر چوي ٿيو ته، ”اها عورت، سونَ کان به سونهن ۾ سرس هئي. کيس اکين ۾ سرمون پيل هو. سندس ڳچي، ڪونج جيان ڊگهي ۽ ڪمر، شينهن جيان لڪدار هئي، ۽ وار، نانگ جيان ڪارا، ڊگها ۽ خوفناڪ.“

پهرين بيت جي ٻيءَ مصرع ۾، ”ون“ لفظ آهي، جو پڻ ’رنگ‘ جي معنيٰ ۾ آهي وَن. سنسڪرت ’وَرَڻ‘= رنگ.

2. توڙي هوءَ نه وِسَهُون، مَئِن، سَهسين ماڙوهين،

اکين   کِينَ   ماع،   جتي   هوئِن   مـان   پـــرين.

آءٌ سمجهان ٿو ته بيت جا قافيا آهن: وِسهون ۽ متان. اهي قافيا ڏَ ڌَ وارا آهن ’وِسهون‘ بدران ’وِسا‘ ’ويسا‘ يا ’وِساهه‘ هوندو تڏهن ته ’متاع‘ سان ميل کائيندو. وسا، ويسا يا ويساهه=، ويساهه، اعتبار.

3. جئن ڦڦڙ ماههَ ۾، ايئن روزا عيد نماز،

اڃا   آهي  ڪــا   ٻِـــي،   الله   دي   حـاج.

قافيا آهن: نماز ۽ حاج.

قلمي نسخي ۾ ’نماز‘ بدران ’نماج‘ هوندو، تڏهن ته ’حاج‘ سان قافيو ملندو.

قاضي قادن جهڙو عالم، اهڙا قافيا ڪم آڻيندو؟ تنهنڪري گمان غالب آهي ته اهي بيت قاضي قادن جا نه آهن.

2. ساڳيءَ معنيٰ وارا لفظ، ٻن محاورن ۾.

توڙي هوءِ نه وِسَهُون، مَئِن سهسين ماڙوهين،

اکيون  کِــينِ  متاع،  جتي  هوئن  مان  پرين.

کِينِ = کائِن.

سيچاڻو اَتي سِينهن، ڏُوَوئَن وَسن جهنگ ۾،

سو کَڙُ کاون ڪيئن، ماس جنهن ڪو لِکيو

کاون= کائون.

ساڳيو شاعر، هڪڙي هنڌ ’کِينِ‘ ۽ ٻئي هنڌ ’کاون‘ ڪم آڻي، سو بعيد از قياس آهي. اهو انهيءَ ڪري ٿيو آهي، جو ٻئي شاعر، مختلف خطن جا آهن، جن پنهنجي تَر جي محاوري پٽاندر جدا جدا لفظ استعمال ڪيا آهن.

3- لفظن جا ساڳيا حرف، مختلف صورت سان.

الف-  سَهباز بازُ ٿيو، پَنکِي نه ماري،

اَکِ  کوڙي  عرس  ۾،  لُڏي  مُناري.

’شهباز‘ بدران ’سهباز‘ ۽ ’عرش‘ بدران ’عرس‘ ڪم آيل آهي.

ب- حقيقي مون سيڻن، وَسَن سَهر حقيق ۾،

ڳالهه  چون  حقيقـان،  چــون  حــقيقي  ويـڻ.

’شهر‘ بدران ’سهر‘ ڪم آيل آهي.

ج- روز  محشر ڏينهڙي، سَتر سج تپن،

سَڀوئي جَرُ ڀانئيان، جي مون پِرين مِلن.

’محشر‘ ۾ ‘ش‘ صحيح آندل آهي.

د- جن محبت مَنَ ۾، تي مَئِلي ئي سوڀَن،

تَن  ۾  ٻَليَئِه  مشعلان،  سَه  سدا  سپرين.

’مشـعلان‘  ۾  ’ش‘  صحيح  آندل  آهي.

جيڪڏهن شاعر ساڳيو هجي ها ته اهڙن لفظن ۾، يا ته ’س‘ قائم رکي ها، يا ’ش‘ قائم رکي ها. هِت ڪن بيتن ۾ ’ش‘ بدران ’س‘ ڪم آيل آهي ته ڪن بيتن ۾ صحيح ’ش‘ ڪم آندل آهي، جنهن مان کُليو اشارو ملي ٿو ته شاعر، مختلف خطن جا آهن. قاضي قادن هڪ جَيد عالم، سو ڪيئن ’شهباز‘ کي ’سهباز‘، ’عرش‘ کي ’عرس‘ يا ’شهر‘ کي ’سهر‘ لکندو!

هينئر شري هيري ٺڪر جي، ڪن لفظن جي معنائن تي، ويچار ڪجي ٿو:

1. نه سو لاهُو، نه سِرو، نه اُر وار نه پار،

موُڙ هو وَتِين، تن کي، سو من منجهه نهار.

ٺڪر صاحب لکي ٿو:

آر=ڇاتِي. وار= هِيءَ ڀَرِ. پار=هُوءَ ڀَر.

هن طرح معنيٰ لکي ٿو:

(برهم جو) نه آهي لهوارو (پڇاڙي)، نه ان کي سرو (منڍ) آهي ۽ ڇاتي آهي. نه ان کي هيءَ ڀَر يا هُوءَ ڀَرِ آهي. (تون) مُنجهي ڪري، ان کي ڳوليندو ٿو ڦرين. هن کي مَن ۾ جهاتي پائي ڏِس.

مٿئين بيت جا فقط ٻه لفظ- آر ۽ وار- غور طلب آهن.

سنڌ جي سدا ملوڪ سگهڙ شاعرن، پنهنجي ڪلام ۾، ’اَر! ڇاتيءَ جي معنيٰ ۾ برابر ڪم آندو آهي:

اَلِيهَر اُڊلِيا اَر تي، پَلرَ ٿيو پَينَن.

[الهير= نانگ. هت معنيٰ: ڪارا. ڊگها ۽ خوفناڪ وار. اُڊليا= ليٽيِا، ڪِريا اُر=ڇاتي، اُرهه. پلر= هجرم. پينن نانگن. پين= نانگ]

شاعر، عورت کي ڦڻي ڏيندي ڏسي ٿو. جڏهن سمورا وار، اڳيان ڇَڙڪ ڇُڙي ۽ سنوارجي بيٺا، تڏهن ٿو شاعر چوي!

عورت جي ڇاتيءَ تي ڪارا، ڊگها ۽ خوفناڪ وار ڪِري پيا ۽ ائين پيو نظر اچي، جو ڄڻڪ ڪارن نانگن جو هجوم لَڙڪِي رهيو آهي.

انهيءَ ’اَر‘ لفظ مان، سنڌيءَ ۾ ’اُرَههُ‘ ٺهيو، جو اصل ۾ سنسڪرت اُرَس (ڇاتي) آهي؛ پر هٿ ”اَر“ ڇاتيءَ جي معنيٰ ۾ نه آيو آهي. ”ار+وار“ کي هڪ ئي لفظ ’اروار‘ سمجهڻ کپي.

سنڌ جو مشهور سَنت سامي چوي ٿو:

الف- ساري  چڙهيو  سِير  تي،  اَروار پار ٻيسئي.

ب- جنهن جو منهن محبوب ڏي، سي اروار نه پار.

شاعرن جو سرتاج ڀٽائي چوي ٿو:

الف- ”اورارا آهون ڪريان، پهچان شال پَرار“.

  (سر سهڻي)

”اورار“ =اورينءَ ڀَرِ کان. پرار=پرينءَ ڀر (درياهه جي).

”اروار“، ”اورار“ يا ”اوروار“ ٽيئي لفظ ساڳي معنيٰ- هِيءَ ڀَرِ- رکن ٿا.

”اروار“ سنسڪرت ”آوار“ آهي، جنهن جو ضد ”پاڙ“ آهي.

آوارپار= آوار=هيءَ ڀر+پار=هوَءَ ڀَرِ. سنڌي لفظ ’آرپار‘ به اِتان ئي نڪتو آهي.

2- روز  محشر  ڏينهـڙي، سَتر سج تپن،

سَڀوئي جَرُ ڀانئيان، جي مون پرين مڙن.

ٺڪر صاحب لکي ٿو:

جَرُ= جَلُ، پاڻي.

”قيامت جي ڏينهن سَتر سج تپن ٿا (حد درجي جي تابش ٿئي ٿي)، پر اُن ڏينهن جيڪڏهن منهنجو پرين کي ملي وڃي ته مان جيڪر ائين محسوس ڪريان ته ڄڻ چوڌاري پاڻي هئڻ جهڙي ٺنڊڪ لڳي پيئي آهي.“

اها معنيٰ، شاعر جي حقيقي خيال جي ترجماني نٿي ڪري؛ ڇاڪاڻ ته بيت ۾، ’سج‘ جو ’جَرُ‘ سان (ٺنڊڪ جي معنيٰ ۾) ڪو واسطو نظر نٿو اچي. آءٌ سمجهان ٿو ته قلمي نسخي ۾ ”جهُڙُ“ آهي، جنهن کي ”جَرُ“ سمجهيو ويو آهي.

معنيٰ هيئن ٿيندي:

قيامت جي ڏينهن، جڏهن سخت گرمي ٿيندي، تڏهن جيڪڏهن منهنجو محبوب مون سان ملندو ته منهنجي لاءِ (اها سج جي گرمي به) جهُڙُ ٿي ويندو.

3- توڙي وڃن رُومَ، نانِهه نصيان اڳرا،

  ماني  وَتئين ٿوم، جي لِکيا ڇِپَن ۾.

ٺڪر صاحب ’وتئين‘ جي معنيٰ لکي ٿو: ڀٽڪي، ڦِري:

آءٌ سمجهان ٿو ته ’وتئين‘ بدران ’وتي‘ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: اُتي (مٿي، مٿان). سنڌيءَ ۾ عام چوڻي آهي:

توڙي وڃي روُم، ته به ڍوڍي اُتي ٿُوم.

بهرحال 112 بيتن جو دور مقرر ڪرڻ سولو ڪم نه آهي؛ ڇاڪاڻ ته بيتن ۾، شاعرن سڳورن جا نالا ئي نه آهن. ڪن اُهڃاڻن مان ٽاڻي واڻي چئي سگهبو ته ڪهڙي دور سان تعلق رکن ٿا. ’قاضي قادن جو ڪلام‘ ۾ هڪ بيت آيل آهي، جنهن ۾ ”ساڱرو“ واهه جو ذڪر ڪيل آهي:

”جي مهراڻ مَيا ڪري ته ساڱرو جهلي نه سَٽَ.“

اهو ساڳيو ”ساڱرو‘، ”شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام“ ۾ پڻ آندل آهي. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته ”ساڱرو“ واه جو پَتو لهون ته ڪهڙي دور جو آهي.

هڪ سگهڙ کان سنڌ جي واهن تي، هُنَرَ جو بيت مليو آهي، جنهن ۾ ’ساڱرو‘ واهه به آندل آهي:

مارک مون ڌڻيءَ، شاهو، بِجر کي،
خيرو، محمد علي ڪندو، ڄام واهن تي،
آوَت ڪرين ٿو سومرا، ڪلياڻ اُتي،
اي ”امام بخش“ اُتي، ساڱرو ٿئي نه سومرا.

تنوير عباسي

قاضي قادن جو ڪلام

مؤلف: هيرو ٺڪر.

پوڄا پبليڪيشنس، 16313/8-C، لارينس روڊ، دهل 110035.

قيمت: رواجي 00/12 پڪو جلد: 00/15

مهاڳ: جئرامداس دولترام دعائون: رام پنجواڻي

صفحا: مقدمه: 83 متن 60.

قاضي قادن جا وڌيڪ بيت هٿ اچڻ سنڌي ٻوليءَ جي ادبي تاريخ ۽ تحقيق لاءِ نوان باب کوليا آهن. اهو اسان جي ادب لاءِ هڪ نيڪ فال آهي، ۽ اسان جي ادبي روايتن جي قدامت جو وڏو ثبوت پڻ.

شري هيري ٺڪر، هڪ مٺ (مڙهيءَ) مان هن ڪلام کي هٿ ڪري ان جون پڙهڻيون قائم ڪري ان کي ڇپايو آهي، جنهن لاءِ کيس ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جهڙا محقق ۽ عالم به مبارڪون ڏئي چڪا آهن.

قاضي قادن جو ڪلا، ڀارت جي هرياڻا صوبي ۾ راڻيلا نالي ڳوٺ مان هٿ آيو آهي، جتي هڪ پستڪ ۾ ڪبير، سورداس، دادو ديال، شاهه حسين ۽ ٻين جي ڪلام سان گڏ ارڙهين صديءَ ۾ لکيو ويو هو.

هن واقعي مان ظاهر ٿئي ٿو، ته سنڌيءَ جو وڏو ادبي ذخيرو ديوناگري لپيءَ ۾ موجود آهي. ڪجهه سال اڳ سراج پڻ برٽش ميوزم لائبريريءَ مان، ديوناگري لپيءَ ۾ لکيل سنڌي بيت (جيڪي شاهه عبدالطيف کان به اڳ جا هئا) ڳولي ڪڍيا ۽ انهن جي باري ۾ ”نئين زندگي“ ۾ هڪ مضمون لکيو.

ان حقيقت کي آڏو رکي اهو لازمي ٿيو پوي، ته سنڌي قديم ادب تي کوجنا ڪرڻ لاءِ اسان جي عالمن ۽ محققن کي ديوناگري لپي سکڻ کپي ۽ ان ۾ لکيل پراڻن ڪتابن کي پڙهڻ گهرجي.

ٻي ڳالهه، جيڪا هن واقعي مان واضح ٿي ٿئي، ته هندن جي پوتر جاين تي، مسلمان شاعرن جو ڪلام، هندن جي مذهبي توڙي ادبي شخصيتن سان گڏوگڏ رکيو ويو آهي. اها ان دور جي بي تعصب سماج جي خوبي آهي. جتي سورداس، ميران ٻائي، ۽ گرونانڪ آهن ته اتي شيخ فريد، شاهه حسين ۽ قاضي قادن پڻ آهن.

قاضي قادن جي ڪلام کي هرياڻا توڙي برهانپور تائين مشهوري ملي. ان زماني ۾ سنڌ جو علم فضل ڪيڏو نه ڦهليو، اها ڳالهه به خوشيءَ جهڙي آهي.

قاضي قادن تي هير ٺڪر جي ڪتاب ڇپجڻ سان ئي ادبي ماحول ۾ چُر پُر آئي . سنڌ جي مشهور محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کيس مبارڪون ڏنيون. هو صاحب تفصيلي تبصرو ڪجهه وقت کان پوءِ لکندو. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ”قاضي قادن“ نالي جي صحت تي ئي بحث ڪيو آهي، ۽ ڀڳت گرڌاري لعل لکيو آهي ته اهو ڪلام، جيڪو هيري ٺڪر ڇپايو آهي، سو ماڳهين ميان مير جو آهي، نه قاضي قادن جو.

انهن سڀني مسئلن جي تحقيق ۽ ڇنڊ ڇاڻ لاءِ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تفصيلي محققانه تبصري جو انتظار رهندو. جنهن جي باري ۾ هن صاحب ”هلال پاڪستان“ واري ڇپيل خط ۾ اظهار ڪيو آهي. بهرحال انهن مسئلن تي ٿوري ڇنڊڇاڻ ڪجي ته بهتر آهي.

قاضي قاضن يا قاضي قادن

اول اول، سڀني تاريخن ۾ ’قاضي قاذن‘ يا ’قاضن‘ لکيل آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ ۾ ’قاضي قادن‘ لکيو آهي، جيڪو ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي لکڻ موجب بنا دليل ۽ بنا سند جي آهي. ڊاڪٽر عبدالمجيد مختلف قديم ڪتابن جي حوالن سان ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اصل نالو ”قاضي قاضن“ آهي. هيري ٺڪر جي باري ۾ هن صاحب لکيو آهي ته، هن ’قاضي قادن‘ ڊاڪٽر بلوچ جي تقليد ۾ استعمال ڪيو آهي. حالانڪ هيري ٺڪر صاف لکيو آهي ته اصل هٿ آيل قلمي نسخي ۾ ”ڪاجي ڪادن“ لکيل آهي. اهو قلمي نسخو، جيڪو راڻيلا جي مَٺ ۾ موجود آهي، اهو قديم آهي، ان ڪري ان جي لکجڻ جو وقت به قاضي قادن کي سڀ کان ويجهو آهي، ان ڪري ان جي روايت کي ئي تسليم ڪرڻ گهرجي.

ميان مير جو مسئلو:

ڀڳت  گرڌاري  لعل  انهن  شعرن  کي  قاضي قادن جا

تسليم نٿو ڪري، ۽ لکي ٿو ته اهي سندس ڀاڻيجي ميان مير سنڌيءَ جا آهن، جيڪي اڃا تائين ڀڳت ميان مير جي نالي ڳائيندا ٿا رهن. هو صاحب لکي ٿو ته پاڻ ڀڳت هريداس جو چيلو آهي، هن صاحب اهو به لکيو آهي ته ميان مير سنڌي، قاضي قادن کان ملڪي مسئلن جي اختلاف تان ڪاوڙجي، پنجاب هليو ويو هو.

پهرين ڳالهه، ته دارا شڪوهه جو مرشد، ميان مير سنڌي، قاضي قادن جو ڀاڻيجو نه، پر سندس ڏوهٽو هو ۽ قاضي قادن جي وفات وقت هڪ سال جو هو. ان ڪري هن جو قاضي قادن سان ملڪي مسئلن تي ڪاوڙجي پنجاب لڏي وڃڻ ممڪن ئي ناهي. ٻيو ته ميان مير سنڌي جو دؤر قاضي قادن کانپوءِ جو دؤر آهي ۽ ان وقت جي سنڌي ٻولي جيڪا اسان کي ملي ٿي، قاضي قادن جي ڪلام کان پوءِ جي ٿي لڳي. قاضي قادن جي هٿ آيل بيتن جي زبان مان ئي لڳي ٿو ته اها زمان قديم آهي. ان ڪري، بنا ڪنهن سَند جي، ۽ تاريخي حوالي جي، انهن بيتن کي ميان مير سنڌيءَ جي نالي منسوب ڪرڻ زيادتي آهي.

قاضي قادن جو سياسي ڪردار:

قاضي قادن جي شخصيت سنڌ جي تاريخ ۾ تڪراري رهي آهي. هو سمن ۽ ارغونن جي دورن ۾ رهيو؛ سيد مهدي جونپوريءَ جو مريد ٿيو؛ شاهه بيگ جي لشڪر جي ڦَر لٽ ۽ سندس ٻار ٻچا قيد ٿيا ۽ هو چرين وانگر کين ڳوليندو وتيو- نيٺ ڪوشش ڪري اها ڦڙلٽ بند ڪرايائين؛ سيد حيدر سنائي تي سندس مرشد قتل جي فتويٰ ڏني، ۽ پاڻ سندس خاص صلاحڪارن مان هو.

قاضي قادن شاعري، ۽ سندس سياسي ڪردار ٻه متضاد شيون آهن؛ پر اهڙا مثال ٻيا به آهن جو ڪي بلند پايي جا شاعر سياسي طور تي بلڪل ئي اُبتو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. غالب جو مثال آهي، اقبال اوڊابر جا قصيدا لکيا، ۽ خود اسان جي دؤر ۾ به مثال ملي سگهن ٿا.

قاضي قادن جي شاعري:

قاضي قادن جي شاعريءَ جي اڀياس ڪرڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته هو ننڍي کنڊ جي شاعراڻين روايتن کان پوريءَ طرح واقف هو، ۽ ان جو اونهو اڀياس ڪيو هئائين. هو هو ته شريعت جو صاحب؛ پر تڏهن به صوفين وانگر ڪتابن جي علم کي ننديو اٿائين:

زيران زبران آيتان، ڪتيبان  جي  پڙهئه،

ايهه سبائي سک، جان جان پريان نه مڙئه.

...      ...      ...

پڙهندو پئي  ويو  ڪوڙين  لک  قُراڻ

لکي  لوڪ  نه  سگهيو، پاڻي اندر پاڻ.

..... .... .....

قاضي قادن جي شاعريءَ ۾، ڪيترا هڙا موضوع آهن، جن جي روايت هن وٽان ئي شروع ٿي آهي، ۽ اهي موضوع اڳتي هلي سنڌي شاعرن جا پسنديده موضوع ٿي پيا—

شاهه عنايت ۽ شاهه لطيف ته انهن موضوعن تي سڄا سر لکيا-’ڪارايل‘ جي هنج جي اوائلي صورت قاضي قادن وٽ اجها هيءَ آهي:

در   پورا   ســي   گهــران،   حــقيقـتاً   هــنــجهه،

ڪوڙين هنڌان ڪڻ چڳڻ، سر پاڻيءَ جي منجهه،

ڪلياڻ جي ’ويد ۽ واڍوڙ‘ جي ابتدائي شڪل به قاضي قادن وٽ ملي ٿي:

اُنهان  اندر  ماهه،  ٻاهر  ڌڪ  نه  پڌرا،

ويد ڪريندو دانهه، پسان سي واڍوڙيا.

قاضي قادن هن بيت ۾ سسئيءَ جو نالو ته نه کنيو آهي. پر ان جو پس منظر سسئي پنهونءَ جو داستان ٿو ڀانئجي:

لڳي  وڃان  پير، دانهان ڪندي ڏونگر،

سو ئي سڄڻ ميڙ، جنهين هئون ڏکڻي.

ساڳيءَ طرح بيت 34، 35 ۾ رامڪليءَ جي جوڳين، ۽ بيت 60، 61 ۾’مُلان، ۽ بيت 72 ۾ ’ڏهيسر‘ جو ذڪر آهي_ انهن موضوعن ۽ مضمونن، جن جي قاضي قادن شروعات ڪئي، اهي صدين تائين سنڌي شاعريءَ تي اثر انداز رهيا_ ائين ٿو لڳي ته سسئي، ڪلياڻ، ڪارايل ، رامڪلي، سورٺ ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جا ٻيا سُر، قاضي قادن جي شاعريءَ کان متاثر ٿيل آهن.

قاضي قادن جي شعر جو گهاڙيٽو:

دوهي ۽ سورلي مان بيت جي ارتقا جا ابتدائي اهڃاڻ پڻ قاضي قادن جي شاعريءَ ۾ لڀن ٿا. دوها ڇند به قاضي قادن وٽ آهي، جيئن؛

جتي سنسار سچ سان سه جا سائين ساڻ هوءِ،

تو  پڌر  هي ٻيڙا تري، جه ٿانءَ نير نه  ڪوءِ.

مورٺا ڇنڊ جا مثال پڻ ملن ٿا _ جن ۾ قافيو ٻنهي مصراعن جي وچ ۾ ٿو اچي؛

سيڻان   هنڌو  سـڱيو،   پپيهو  آيو،

لَکي لوڪ نه سگھيو، اسان ڳالهايو.

دوها سورٺا ميل جا مثال پڻ آهن؛

سچي سائينءَ سان تون مَه ڪر ڪوڙي  ڪوڙيان،

جي  تون  منجھ  هـيانو،  وو سڀو  ڪلي  پرکڻو.

ٻن سٽن وارا بيت گھڻا آهن، پر قاضي قادن وٽ ٻن سٽن کان وڌيڪ سٽن وارن بيتن جا مثال پڻ موجود آهن:

سچ   پيارا   سـائينيان،  سائينءَ  سچ  سهاء،

سچي  منگل  نه  دهئه،  سچي  سـرپ نه کاء،

سچ سمنڊان سر چڙهئه، ڪوڙ ڪکائين باهه،

جڏهون ڪڏهون ڪوڙ کي، ڏيندو سچ سزاء.

.....         ......                ......

تون  آڌار  سڌار تون،  تـون  اڏائون  اڏ،

تون ئي اکڙين مون، تون ئـي  اندر  هڏ،

ڳل لڳي ڳالهه چوان، ڪيهي حاجت سڏ.

ٻن سٽن کان وڌيڪ سٽن وارن بيتن ۾ قافيو سڀني سٽن جي پڇاڙيءَ ۾ ٿو اچي.

قاضي قادن جي هٿ آيل بيتن ۾ مان، هيٺين بيتن ۾ سندس مشاهدي جي قوت، اصليت ۽ فڪر جي باريڪين جا اهڃاڻ ملن ٿا:

جي سالورو سُڌ لهي، ڪنولان سندي ڪاءِ،

تو   پيو  پاتال   ۾،    هوند   نه   مِٽي   کاءِ.

....             ...                ...

روز  محشر  ڏينهڙي،  ستر  سج  تـپن،

سڀوئي جو ڀانئيان، جي مون پرين مڙن.

...              ...              ...

ماو مصليٰ  ويرُ، هائي ويئي وساريون،

عيد ڪــريندو  ڪير،  ماکي  سڄڻ  گڏيو.

...              ...             ...

جيئن ڦڦڙ ماهه ۾، ائين روزا عيد نماز،

اڃا  آهي  ڪاءِ  ٻــــي،  الله   دي   حــاج.

شري هيري ٺڪر هن بيت جي معنيٰ ٺيڪ نه ڪئي آهي. چوندا آهن ”ڦڦڙ نه گوشت“ معنيٰ ماس ۾ ڦڦڙ کي گھٽ اهميت آهي، تيئن روزن ۽ عيد نماز کي ’ٻي حاج‘ کان گھٽ ڀانئجي_ هن بيت جو مفهوم شاهه لطيف جي بيت ”ائُ پڻ چڱو ڪم“ سان ملي ٿو اچي.

ڏيهه لٿا سنجھا پئي، اڳـون آئي رات،

کڙا پڪاري  پاتڻي، ٻـيڙا ڪپر وات.

...                 ...                 ...

پريان سندي ڳالهڙي مر منجھين ئي هوءِ

ٻڌائين  ٻين  کي،  ڪيهو  ڪاج  سـريوءِ.

...                ...                  ...

ڪڏهن  ٻيڙيءَ  ٻور،  ڪڏهن  ڦل  نه  هڪڙو

ڪڏهن پريان جا پور، ڪڏهن سڪان سڏ کي.

.... ..... .....

جي سائين سون سچ، تو ڀَو ڪوڙا ستڙي

اڀا   ٿي   نچ،   تـــوڙي   آڱـــــرڙا   بــــلئه.

.... ... ...

مٿي ڏنل بيتن جي اڀياس ڪرڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته  سنڌي شاعري قاضي قادن جي دؤر ۾ به ايتري رچيل ۽ ترقي يافته هئي جو ان ۾ ڳوڙها ۽ پيچيدا خيال، ڀانت ڀانت جا موضوع، ۽ مشاهدي، ۽ مطالعي جا نتيجا اچي ٿي سگهيا، ۽ فيلسوفيانه توڙي صوفيانه، ڀڳتي توڙي ويدانت جا مضمون سمائجي ٿي سگهيا.

شاهه لطيف تي قاضي قادن جو اثر

هر شاعر تي، پنهنجي ابتدائي دؤر ۾ کائنس اڳ جي مشهور شاعرن جو اثر پوندو آهي. ڪي ادبي روايتون هونديون آهن، جن جو بنياد ڪي شاعر وجهندا آهن ته ٻِيا وري انهن روايتن کي سنواري، سينگاري، ڇِلي گهڙي، فن جي بلندين تائين پهچائيندا آهن، قاضي قادن، شاهه ڪريم ۽ شاهه عنايت جي روايتن کي، شاهه لطيف پنهنجي فن سان سوڌي سنواري، ڇِلي گهڙي، چوٽ تي پهچايو، قاضي قادن جي شاعريءَ ۾ اهي اهڃاڻ ٿا ملن جن روايتن تي هلي سنڌي شاعريءَ لاءِ کوٽائي ڪري پيڙهه ٻڌي، شاهه ڪريم ۽ شاهه عنايت ان تي اوساري ڪري ڍانچو تيار ڪيو، ته شاهه لطيف ان کي رنگ روپ هڻي سينگاري، سنواري ان کي هڪ خوبصورت عمارت بنايو.

قاضي قادن جا بيت آهن:

لائي  لام  الف سان ڪات لکين جيئن

مون هنيڙو پريان سان لڳو آهي تيئن.

........

ڪايا مهه ڏيئي، پيئا جي درياهه ۾،

پسندا سيئي، ماڻڪ  اکڙين  سين.

............

ڪي ويجهائي ڏور، ڪي ڏوري ٿي ولها،

هوئي جر سالور، لڌي  نه  ڪنولانههِ ڪر.

.... ... ....

عين قصر در لک ڪوڙين سهسين کڙڪيان

جان ئي ڪرين  پرک،  تان ئـي سڄڻ سامهان

.........

پِتو ڦِٿو پيٽ ۾، وڍي ملان ماهه

ڏوئين ڏتي ڌوڙ ۾ الله اوري آءٌ.

.... .... ....

ستو سڄي رات، مهه ڍڪي مئَن جيئن

نه تو سنبل تات نه جهوري تو  آهه ڪا.

هنن بيتن ۾ ليڪ ڏنل محاورا شاهه لطيف وٽ به ملن ٿا. ان مان ظاهر ٿو ٿئي ته قاضي قادن جو اثر شاهه لطيف جي دؤر تائين به رهيو.

شري هيري ٺڪر جي لکڻ موجب ”ساهتڪ کيتر ۾ ڪرامتون نه ٿينديون آهن“ (ص 23) هر شاعر ڪنهن ماحول ۽ پس منظر جي پيداوار هوندو آهي- قاضي قادن تي پنهنجي همعصرن ۽ اڳ وارن شاعرن ڪبير، سورداس، شيخ فريد، گرونانڪ ۽ ميران ٻائيءَ جو اثر آهي (ص29). ڪئي بيت گرو گرنٿ ۾ پڻ دادو ديال جي نالي آهن (43 ص) جن جي ٻولي سنڌي آهي. هيري ٺڪر وٽ جيڪي دادو ديال جا بيت آهن، تن مان هو صاحب اهو نتيجو ٿو ڪڍي ته اهي بيت هن قاضي قادن کان متاثر ٿي چيا آهن. اهي سڀ ڳالهيون شري هيري ٺڪر جي ڳالهه ته ”ادبي کيتر ۾ ڪرامتون نه ٿينديون آهن“ جي ثابتي آهن. قاضي قادن پاڻ کان اڳ وارن شاعرن کان اثر ورتو، ۽ پاڻ کان پوءِ ايندڙ شاعرن تي اثر وڌائين.

هيري ٺڪر جي هيءَ ادبي کوجنا، سنڌي ادب تي هڪ احسان آهي. بهتر هو ته اصل نسخي جا فوٽو ڏنا وڃن ها. ان تصنيف سنڌي عالمن ۽ ماهرن لاءِ نيون راهون کوليون آهن هن ڏس ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ماهرن، پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، شري موتي لعل جوتواڻي، شري منگهارام ملڪاڻي ۽ ٻين ماهرن کي قلم کڻڻ گهرجي ۽ پنهنجا رايا ڏيڻ گهرجن.
دوست ڏيپلائي

ٿاريلا ۽ ٿر

 

برسات کان اڳ- برسات ۾ - برسات کان پوءِ

ٿر ٿوهر گهر جهوپڙا، هُـو پهرن  مٿي  پٽ  پاڪ،

وهن  وراڪن  ۾،  جن  جي  اجوکــــي  اوطــــاق.

ويچارا ٿر جا ٿاريلا. رائي رتين ريلن جا رهاڪو. سندن ملڪ بر. وٺو ته وهه واهه! نه ته دربدر. رات ڏينهن سندن مهاڙ مال ڏي. جُوءِ ۾ نه اٿن جر ۽ نه جاگير. ڪي وڻ تي ڪي ڪڻ تي ته ڪي وري ڌڻ تي. ڇن پٽ پوي ته کيتن ۾ الله جي آسري اوڙون ڏين. مينهن وٺي وڻ ڦٽن. ڪڻ ٿين. به خوب کير ڏين. ”برسات کان اڳ“ ڦوڳ به ڦلاريا. ڦوڳيءَ مان ڦَڪ ڀري ماڇڪن ڏي موٽيا. ”چيٽ چٽيا ويساک ورهايا“ پائر ۽ پارڪر ۾ پيرون پچي لال ٿيا. هاڻي ته وڻ وڻ هيٺ وهانءِ لڳي وين. ساڏوهين ۾ سيڙهڪن جي ڏنگڙن ڏارن تي چڙهيو، لامن ۾ لڙڪيو- پيا ڏيهاين کي ڏور ڪيون ڏين. ….“پيلوُ پڪا لامان لڙيان، آءٌ ته ملون چن يار….“ سائو سڱر ساڻيهه جو سيڪي خوب کاڌائون. هاڻي کوکا به کيربا ۽ پيرون به اچي پورا ٿيا. هر ڪنهن پئي اُڀ ڏي نهاريو. موسم مينهن جي سنڀاريو چي: ادا ڏيو خبر چار ته ڪهڙا آهن سال جا آثار! ڀائو، سال ته مولا کڻي موچارو ڪندو پر چوندا ته ’چيٽ چمڪيو نه ڀلو، وٺو ڀلو نه ڄيٺ راجا رُٺو نه ڀلو، سرتو ڀلو نه سيٺ! شڪ ٿو پوي ته ان ڏهاڙي چيٽ ۾ کنوڻ پئي ٺلها چمڪا ڪيا. مولا خير ڪري، سياڻن سچ چيو آهي، ته چيٽ جو چمڪڻ چڱو ناهي، چيٽ جو وسڻ… راجا رُٺي نقصان آهي. سيٺ راضي ته چيو. سيٺ جو رنج معنيٰ قرض جو انڪار. وکت پاس ٿي ويندو. قرض کنيو ته ڄڻ ڳهيو. پر ادا، ماروڙين مَڪَ به جام جهلي آهي. سال سڻائو اچي کپي. ڪيڙي ماڪوڙِ، پکي پکڻ ۾ به سٽا ۽ سهاڳ ٿو ڏسجي. پر هڪڙِي ڳالهه آهي، هن سال وڻ ڦرپاڇوٽو هو… شايد سال پاڇاٽ ڪري؛ پر ڪڏهن به آرڇو نه اچڻ کپي. جهنگ جهاڙي وڍي کيٽ بڻايو. مينهن اِجهو آيو ڪي آيو. چوندا آهن ته ”ورهيه کري ته جهَڪَ ڪري مڙس کري ته بَڪ ڪري، ڌرتي کري ته اَڪ ڪري“. چوڌاري اِهي چميگويون ۽ چؤٻول….. ”روهڻ تپي، مگسر وائي- ادا مينهن وهلو آئي“. ورهڻ. مگسر- آڊ… اهي برسات جا نِکٽ آهن. ويچارا ماروئڙا روهڻ تپي ۽ مگسر وائي ته خوش. کين ويساهه آهي، ته آڊ ۾ برسات ضرور پوندي … پر جي آڊ جي نکٽ به ملڪ کي اَوسر ۽ اَريج بنايو، ته چوندا: ”اکاڙا ٻيج واڏرڪا ويڄ، سوڙها رکو ٻڙڌيا کوري رکو ٻيج…“ اَکاڙ جي ٻيج جي رات آسمان ۾ بادل يا کنوڻ ڏٺائون ته پڪ ٿيندن ته سال سورهن آنا، پرجي: ”آکاڙ ٻيج واڏرنا ويڄ، پهلي بيچو پڙڌيا پاڇي چٻو ٻيج“ ٻيج جي رات آسمان چٽو- کليل ڏٺائون ته دل لهي ويندن، چوندا ته مينهن ملڪ کان موڪلائي ويو. ڍڳا ڍور وڪڻي ٻچن جو سمر ٺاهيو. آڊ کان پوءِ به برسات جا نِکٽ آهن وڏو وايو. ننڍو وايو. آسريس. منگهه آڊ جو نکٽ وٺو ته ملڪ سورهن آنا؛ پر جي واين ملهايو ته پڻ ملڪ ٿيو سوايو… پاڇاٽين وسن ۾ به سانگيڙا سرها… پر جي واين به ڇنڊ پٽ تي نه وڌي، ته چوندا آسريس ڏيسا ڏيس…“ آسريس ۾ ملڪان ملڪ مينهن وسندو؛ پر جي آسريس به الله توهار چئي موڪلائي ويو ته چوندا ”منگهه تاڻي ٻڌو تنگ“؛ اهي اکر ماروئڙن جا نا اميدي جا آهن…. پنهنجا سندرا ثابوت ٻڌو.. اَڃا به کين اميد هوندي… ”ست- ستاويهه سترهن- چوڏهن چار- هن ونيءَ جا ور گهڻا نو ٻيا به نهار…“ اهي جملي 72 ڏينهن ٿيا، جن کي ٿاريلا ٻاهتر وچون. ائين تڏهن ٿيندو جڏهن، روهڻ نکٽ ۾ کوٽي کنوڻ ڏسندا… چي روهڻ ڏجهي پيئي ٻاهترو پوندو… مطلب ته ٻاهتري ۽ اڌڪ کان ٿاريلڙا گهڻو ڇرڪن.. اڌڪ ٻيو ته چوندا سال پاڇاٽو آهي. هن سال ٻه سانوڻ آهن..اَلاجي ڪهڙو سانوڻ سانگيڙن کي وسي وسون ڪري ڏي.. ڌنار ويچارا ڌڻ نهاريندي ڪيڙي ماڪوڙي ۽ مال جو اوسر وغيره به نهارين. جي ماڪوڙي جو اوسر، آنا کڻي ڪنهن اُتاهين دڙي ڏي ڏٺائون، ته پڪ ٿيندن ته برسات جلد پوندي… پر جي ڍولير پکيءَ جو ڪنهن پٽ تي آکيرو ڏٺو ته غور سان نهاريندا ته ڪهڙي طرف اونو ڪيو اٿس… جنهن به طرف کان آکيري جو اولو ڏٺائون ته چوندا برسات اُن طرف کان ايندي …چي ”ڍولير اولو رکيو آهي…“ ٻڪرين وٿاڻ تان رات جو اوڀر طرف اوسر ڪئي، ته ڄڻ کين مينهن جي مبارڪ ڏنائون… ڍڳن ڍورن پگهر ڪري ڪونٽ ڪارا ڪيا ته چوندا، ته ضرور مال جي ڪونٽن جي مر برسات سان ڌوپندي .... مطلب ته ماروئڙا پنهنجي ڍنگ ڍول ۾ سارنگ کي پيا سارين. وسڪاري جي وائي واتون مور نه وسارين … ماروئڙا چوماسي هوائن تي به گهڻو ويساهه رکن- چي …سامونڊي ساڻي ته مينهن نڪو پاڻي…“. ”ڪا مهوڙي ٿي لاگي- ڀتو کڻيو ڪلا ئي ڀاڳي“ ”سوريو ٿي بايو، پڙڌ ڇوڙهيو نٿي آيو“. اها ڪهاوت ٻنيري ۽ ٻنيري جي زال جي وچ ۾ ٿي هئي… ٿاريلا اتر يا اوڀر جي هوا لڳي ته سمجهندا برسات ضرور پوندي. ڪامهوڙي (اتر جي هوا) سوريو (اوڀر جي هوا) آڙنگ اُڀ ۾ ڏٺائون ۽ ان سان گڏ ڪامهوڙي- سوريو لڳو ته پيا وهسندا مندائتي مينهن جون مبارڪون ڏيندا….

ويچارا! ٿاريلڙا سج جي اُڀرڻ ۽ لهڻ کي گهڻو جاچين.. چي …اڄ پٽاڙجي اُڀريو آهي، متان دل لاهيو.. اڄ موگهون ڪڍيون اٿس.. مينهن جي مبارڪ ملي ويئي.. ”سوموار، شڪر، وسپت جي جرڪونڊو هوءِ- ٽي پهري، ٽي ڏهاڙي جو ريلتو جوءِ…“ سومر، جمعو ۽ خميس ڏينهن جي، سج ۽ چنڊ کي پڙ ڏٺائون، ته پير ڀري پاڙيسرين کي مينهن جون وڌايون وڃي ڏيندا..چي..”مولا مهر جا مينهن وسائيندو.. بر ۾ بهاريون ٿينديون..؟ وري جي جهرڪين گهر ڇڏيا ته دل لهي ويندن.. چي.. ”الا ڪا پت جي گذاري ..جهرڪيون گهر ڇڏي ويون آهن..“ تاڙن جي تنوار، مورن جي ٽهوڪيءَ کي به ماروئڙا ڪن ڏين … چي .. برسات ساري اٿن… ”موران ميهه نه وسري- جيئن هاريءَ کي ڀتوار…“ مورن کي مينهن جڏهن ياد پوندو، تڏهن فرياد ڪندا… ۽ هاري کي ڀتي جو انتظار هوندو آهي- مور جي اک ڪاري ڪڪر ۾ کتل، ته ٻنيري جي نظر ڀتو آڻيندڙ جي گس ڏانهن مڙيل.. مطلب ته عجيب رنگ آهي.. جيئن سِپ سنواتيءَ جي انتظار ۾ وات پٽيو پئي انتظار جون گهڙيون گهاري… تيئن ويچارا ٿاريلڙا ڪڪر ۾ اَس لڳايو پيا دل کي خوش ڪن.. سپ کي جيڪڏهن سنواتي (مينهن- ڦڙو) ملي ته منجهانئس موتي پيدا ٿيندو… پر جي بر جي بانڪن کي باري تعاليٰ بر ۾ بهاريون ڪري ڏنيون، ته هو ٿاريلڙا موتين کان مُلهائتا، ڀاڳوند، پنهنجي مالڪ جا ڳُڻ ڳائيندا…

اُٺي جو واءُ وريو. ڌڻ ڌڪي دڙن ڀيڙو ڪريو. ڪڪر ڌڙو ڌڙ ڌاروڙا وڏ ڦُڙو وسائي رهيا آهن.. ڇمر پٺيان ڇمر ڇوهيندا ۽ ڇٽڪارون ڪندا پيا اچن… ڪارا ڪڪر وسڻ جا ويس پايو کلندا، کِوندا، گَجندا- گُڙندا، لس لهريون ٻڌيو، چوڌاري چڙهي ريا آهن.. اِجهو.. مينهن اچي ويو. وڏ ڦڙي جا واڪا ته ٻڌو- ڄڻ ته ڇڄ ڀريو پيو ڇٽڪاري- لهر لڳي ويئي…1ڀيڄ مولا! گوڏي جيڏو ريج!‘ بجليءَ جا ڪڙڪاٽ ۽ شرڙاٽ، سندن دل تي ذرو به اثر نه ڪندا آهن… هر ڪنهن جي واتؤن ”الله الصمد“ جو آواز پيو نڪرندو.. مينهوڳيءَ ۾ مال کي سُريليون سينڍون هڻيو، پيا وٿاڻن ڏي ورائيندا. جهُڙ ٿئي ته جهنگ ۾ رهن- ٿڪي ٽٽي ڌڻ جي سنڀال لهن…ڀتل ڌڻ وٺي صبح جو کڏون کوٻا نه ڀري. ائين ٿيو ته ماڻهو ٿڪون هڻندا… لوڪ جو لعنتاڻو سهڻو پوندو.. ڦَرڦُلو، رهي کُهِي من تان مور نه لاهيندا.. ڀلي کڻي ست جُهڙي سنڌ جي… جهُڙ ۾ جهل ئي نه پوي… مَر پيا ميگهه وسن..: مجال! جو کڻي ٿڌڙي ڇُهي لڳي ڇرڪ ڀرين… سندن لڱن جا لُونءَ ڪانڊارجن، جيئن ڀِڄن، تيئن بهار ٿين. ڳاٽ ڳوڇارون ڳولي، وڻن جا ور ۽ ڀرجهلي، واڙيون ۽ وٿاڻ بڻائيندا.. متان ڌڻ کي ڇهو ڇني نه ماري. ڀيڙين جو ڀرم آهي. ننڍيون وڏيون نظر ۾ ته آهن.. سنهون ڌڻ آهي چڀڙن جي ڀري… ڇٽي ته داڻو داڻو ٿي ويندي… مينهوڳي رات ۾ ڳولڻ ڏکيو ٿي پوندو.. ويچارو سنهون ڌڻ ته آهي ئي ڪتي ٻليءَ جو کاڄ! جي نظر کان ٿڙيو ته اُڀري جو سندن اوکاڄ به نظر نه ايندو.. پل جي گٿي سَو سَٽون پائي. ڌڻ پنهنجي سنڀالجي، ڏوهه ٻئي کي نه ڏجي. عجيب چوٻول آهن. بنا اجهي ڍنگهر جي ڍار. الله جي آسري. اکين جي اونگهه ڦٽائي، روزيءَ جي تلاش ۾ سرگردان رهن. سري ٻانهن ڏيئي پولڙين ۾ پاسا ورائڻ وارن جي زندگي ته ڄڻ جهاد اڪبر آهي.. سندن جهوپڙا ٽِم ٽِم ڪيو ٽِمن، پَٽ پُسيو چڪون چارا ٿين.. پر سدائين سرها سنوار.. چي.. ”مينهن ۽ مهمان، گهڙي پل جا مهمان- مينهن جي پُسائي حاڪم جي ماري تي ڪهڙو ارمان.“ الله جي رحمت جيترو وسي، اُن وس آهي… تڙ- ترايون، تليون، حَرُ تار ٿيو ڇوليون هڻيون پيون ڇلڪن… بادل بس ئي نه ڪري. پر مجال! جو ٻاڙو ٻولن! چي… نوائي ۽ اُجالو ٿئي.. ڌڻ به ساهي پٽي ۽ اکين جي اونگهه به اُجهايون.. اجوکين اوطاقن ۾ کين اُلڪو نه اُڻ تڻ.. ٿر جي واري. وسندي مينهن پڌري پاڻيءَ جي ڇنڊ به نه ڇڏي.. ڀل کڻي ڪيترو به وڏو ڦڙو واڪا ڪريو پيو وسي.. پر مٿس چڪ چارو مور نه ٿئي.. پَٽ پَٽيهر پايو، ڀلي پَٽ تي پيو پاسا وراءِ. سنگهاريون سانجڻ ليءِ آڌي ڏيو اُٿن. وڏ ڦڙي وسندي، ولوڙا ولوڙي، جهڻ جهُڳي جهُوجهُو… ڪري پيون جهيلائتو جهونگارين… مکڻ ڀريا هٿڙا ڏسيو پيون مَرڪن ۽ مُرڪن.. کير ڦڙِي جي هاج لاهيو، ماٽورا مکڻ لسيءِ چُلهن تي چاڙهين… وسندي مينهن، گهر جي سڀ سانجڻ سهيڙ کن ۾ کڻيو پوري ڪن… پئي پرک پرهه جو چونريون، چڙوا- مٽ ماٺورا- ٽاماين جا سر ۽ ٽيلهڙا کڻيو، وڏي لاڏ ڪوڏ سان ٽلنديون وڏيءَ ويل وڃيو وٿاڻن تي سهڙن... مينهن وسندي مال جي ڏهائي به ڏکي... برسات جا اوهيرن تي اوهيرا ... اُپٽڻ جي به ويساند نه؛ پر سانگي سدائين سرها... مال کي مهلائتو ميڙي، ڏوڀ ڏُهائي ڪري، ڀٽارين کي ڀتل ڀاڻ جي بدبوءِ مان ڪڍي، ڪندا ٻُڪر ٻنڌ ۽ هُڙڪن جي هنج حوالي.. ته مال پَل پهر ريتي ٻڌل رونڻا جهلي ساهه پٽي؛ پر جي جهڙ ۾ جهل نه پئي، ته پيرن تي اَبهي رات وهائيندا. کير چڪو ملي وين ته مهل ٿي. ان جا ڪيڙا مُور ناهن. گَس پنڌ ويندي جي چار گُوها وات ۾ وڌرائرن، ته ڄڻ مهلائتي ماني ملين. سانگيڙا ڊيهون ٻڌي ساٿ ڏيو سهڙن. ستئِي سيمون چرندا، پر مال کي سيم مان سوهي سموهي سهڙائيندا ساٿ جهلي. متان ڪا ڪنهن کي مشڪل پوي. ڀيڙن جو ڀرم آهي. ڇنڊ ڦڙيءَ جو ڌڻ کان ڇِنل ٽُٽل ڇيهه ٿيڻ نه ڏيندا. ورائي ڪندا ولر ڀيڙي، پوءِ ڪنهن جي به کڻي هجي. پرائيءَ پنهنجيءَ جو ويڇو مور نه رکن… چي.. متان ڪنهن غريب جي وٺي مينهن وڃي هلي. مينهوڳيءَ ۾ ڌنار ڌڻ کي تڙ ترايون نه ڏيکاريندا ۽ نه وري ورائي وٿاڻن تي آڻيندا..چي ڌڻ ڪارڻ جهُڙ ۾؛ جهنگ ننگ آهي. ڪُک پن ڪُرٽيو پيون قوت ڪنديون.. رائي رتين ريلن ۾ رکيو ڇا آهي… ڏکن جي رات پوري ٿي.. سکن جو سج اُڀريو .. پرهه باکون ڪڍيون … هاڻي اوير ناهي.. ڌرتي ته ڏسو؛ ڦُٽي ڌؤنرا ٿي پيئي آهي.. اوڀڙ اوٻارا ڏيو پيو اٿي.. جهنگ پچي پوندا… رهيون کهيون ريلن ۾ رؤنشا ڪنديون.. واهه، جوڙيندڙ جي جوڙا ڌڻولي ڌڻ ري دلگير رهن.. ڀل کڻي ٻي ڪنهن ڪار ڪرت مان لک لهن پر سندن روح کي راحت تڏهن اچي … جڏهن مال مچي..!

اُهي خشڪ واريءَ جا دڙا، ڀيانڪ ڀٽن وارو وايو منڊل، خاردار خشڪي جا وڻ، جي پنهنجي بدحالي تي ماتم پٽي رهيا آهن، ٿر جي ويچاري واري جنهن کي بي رحم طوفان دربدر ڪري رهيو هو،، اهي اگهاڙا ڪنڊن ڀريا وڻ اڄ مڃر ۽ مور سان مخمور ٿي جهولي جهمي رهيا آهن، رائي رتيون ريلون ۽ ڀٽن جا گوڇار ۽ تڙڪول جهڙا چَتونءِ، پک چهچ ساوا، گلن ڦلن جي هٻڪار ۽ ولين واس ماروئڙن جي ملڪ کي مست بڻائي ڇڏيو آهي. بر ۾ بازاريون لڳي ويون، پکا پکن سامهان آڏي وس چرو ويڙهيچن اچي پراڻا پڊ وسايا، ڀاڻن وٿاڻن تي ڀيڙيون ڀٽاريون ڏسيو دل پئي بهار ٿئين.. چوڌاري چڙن جي چُڻ ڀُڻ ٻڌيو پيا سرير ۾ سرها ٿين، ۽ ديس جي دڙي دڙي تي پيا دونهون دونڪائين، مال تان مڇر مهو ٽري! مال جي مک ٺري ته چارئي پهر پيون چرنديون، چڙا چينگهارينديون، مجال! جو گوڏو ٻيڪڙين، پرهه جو پويان پير ڪنديون، اوهه اڪيڙو ڪنڊن، ڌنار جون روڪيون نه رهنديون، جيتر ميڙائو ۽ ڏهائي نه ٿيندين، ڏهائي ڪري سڻايون ڪندا سائي سيم ڏي، پوءِ ته ويٺو ڏس. ته ڪي وري کيٽن ۾ ساوا سلا اُسرندا ۽ اوڄون ڏيندا ڏسي پيا وهسندا، اڻ اُڀري اٿن، ته وري تارن ڀري رات ۾ موٽن، جڏهن پوک جا سلا سمهه ۽ ست ڀريا سمجهن تڏهن سڏ وجهن ڇيڙ ڇٻيڙ ۽ آڀت جو، گهر گهر مان ننڍو وڏو اَڻ اُڀري لَسيءَ لِپ پِيو کَهو ڪلهي کڻيو کيٽ ڏي پيو ويندو، کيٽ ۾ گڏيا پوءِ ويٺو ڏس ۽ ٻڌ! همَرچي جي هونگار لڳي ويندين، کَها کرب پيا هلائيندا، پگهر واٽون ڪري پيو وهندو، دم اندر ۾ پورو نه پيو ٿيندو، پر مجال! جو چيلهه سڌي ڪن، چيلهه سنئين تڏهن ڪندا جڏهن پنهنجو مُهاڙو پورو ڪندا، کيٽ ڄڻ ته ٿيٽر بڻجيو وڃي، هَمرچي جي هُنگهه، جهُول اصل جيءَ ۾ جڙجي ويندي، سلا لڏاڻيا ته ڄڻ آيا، مٿان پوک پڪي ته پوءِ ڪندا ڪرهولن ۽ کنين ٺاهڻ جو سعيو، کنيون کوب بڻائي، ڪڙڇ ڪڍي ڪندا تيار، پوءِ ويچارا ٿاريلا چنڊ ڏسي چڱو وار نهاري، وجهندا کيٽ ۾ لابارو. پرهه ڦٽيءَ جو ڪاهي پهچندا کيٽ ۾. اول بادشاهه پير جو پڪل پوک مان پورو ڪڍندا، پوءِ ڪندا لابارو شروع، کيٽ لائيءَ تي مور نه لُڻائين، پنهنجو پاڻ لُڻن ۽ چونڊا چارا ڪن، لُڻندي جي ڪچو اَڀون  هٿ لڳي وين ته بيهي هڻندا تري، اَڇو اَن ڪري هڻندا ڦڪ وات ۾، کائيندا ۽ کلندا وتندا، کيٽ ۾ گرميءَ گهُٽ ۽ پوک جي آهٽ جي پرواهه مور نه ڪن، جي کڻي تونس تياپين ته پاڻيءَ ڪاڻ پاٿارءَ ۽ پيهي پاسي مور نه موٽندا، نمي کڻندا کيٽ مان پڪل ڇانهون، هٿ جي ٺونگي يا اَرڪ سان ڀڃي اڌو اڌ ڪري بيهندا کائڻ.  منٽن ۾ ڪوري کڻي ڪٽوري جهڙو بڻائيندا، وري ڪُريون مَور زيان نه ڪندا، چونڊي ميڙي کڻي کُپر ۾ وجهندا، سڄي ڏينهن  ۾ ساهيءَ پٽڻ لاءِ اوتارو هڪ ڀيرو ڏسن، سندن اوتارو ڏسڻ وٽان آهي، ميوي جي مارڪيٽ پيو معلوم ٿيندو... گدرا، ڇانها، چڀڙ، ريڀڙ ڍنگ سان رکيا هوندا، مزمان مڙو آيو ته پوءِ ويهي ٺونگا هڻي ٺڪائيندا، چي: جي ڪچو آهي پر ڀلو، هي پڪو پر ڀوڏ. ٻنيرن جا ٻارڙا ته اوتاري ۾ اُڀري کان لٿي تائين رهن- ۽ ٻيا خوبان کيٽ جي تلاش وٺن. سندن کاڌيءَ تان ڇانهين جي رس جا ريلا وهندا نظر ايندا، ميوا ۽ رس جا رتل ڪپڙا سندن بت کي اٻالا ۽ اَڻاوا مور نه لڳندا، پر کين ويتر ٻيا وڻندا ۽ سيبائيندا.

ٿاريلن جا کيٽ ڪا سيٺ ورند مل جي واڙي ته ناهي جت چڀڙ، ريڀڙ به تُراڙي جي پُڙتُرِن، هتي ته جهنگ پچيو پون، پيو کاءُ ۽ کڻ، ليکو رکندي لڄ اَچي، مهمان کي کيٽ مان ڇانهو چڱو چوکو چونڊي ڏين ته ڀل کائي خوش ٿئي، چار چؤنڪ ڳالهين جا ٻڌائي اُٿي. کيٽ ۾ گدرن تي ماڻهن جو والهوٽو لڳيو وڃي، پيا اٺ ۽ گڏهه گدرن جا لڏين، پر مجال جو ٻنيرو کڻي منهن ۾ سَر وجهي، پر سدائين پيو کلندو ۽ هٿ ڏس ڪندو....

سي ٿاريلا ٿَرن ۾، جي مان گهَٽُ گهُري

وطنُ وَسَ وَســـنديتُون، هُنيڙي نِتُ هُري

اَندر  چِت  چُـري،  وِره  ويڙهيــچَنِ  جـو.

   (شاهه)


(1)  سنڪشپت شبد ساگر- صفحو 93- ڪاشي ناگري پرچارڻي سڀا.

(2) پدم چندر ڪوش- صفحو 74- پنڊت گنيش دت شاستري.

(1) ڏيڏر.

(2) منهنجو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com