سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4- 1978ع

مضمون

صفحو :12

[6]

سُتي، ويٺي، اُٿيي، ڳالهائيندي، ڳينَدي

اسان تُسان جي تاتڙِي، واٽَڙيين ويندي.

1- ڇاپي مطابق، پهرين سٽ ۾ ’ويندي‘ بدارن ’ويندو‘ آهي. ظاهر آهي ته اصل راوي يا صل لکندڙ اهي الفاظ صحيح ڪري نه لکيا. سنڌي ٻوليءَ جي سهڻي بيان موجب اهي لفظ ائين ئي بيهندا جيئن مٿي ڏنا ويا آهن. قاضي قادن جي ٻئي هڪ مشهور معروف بيت جي سٽ (”سڄڻ منجهه هئام، مون ويٺي راء ٿيا“) ۾ لفظ ’ويٺي‘ موجود آهي، جيڪو ثابت ڪري ٿو ته مٿيان لفظ به انهيءَ سٽاء موجب هوندا. ٻي سٽ ۾ لفظ ’سَان‘ سرائڪي جو آهي، پر لفظ ’اسان‘ سان سهڻي ڀيچ ۾ بيٺل آهي. جيئن بيت ۾ سمايل اها معنيٰ، قرآن شريف جي هيٺين آيت مطابق آهي ته:

”قُل اِنّ صَلاتِي ونُسکِي وَ مَحيَاي ومَمَاتِي لِلهِ رَبّ العالَمِين“ (=’ چئو ته، منهنجي عبادت، آرام، حياتي توڙي موت الله خاطر ئي آهي جيڪو جهانن جو پالڻهار آهي‘). انهيءَ ڪري هيءُ بيت قاضي قادن جو ئي آهي. اهڙي منزل تي پهچڻ وارن بابت شاهه جي رسالي جي بيت جي هيٺين سٽ چيل آهي ته: ’سُتا او سونهنِ، ننڊ عبا‎‎دت جن جي‘.

2- معنيٰ صاف آهي ته:

- ستي، ويٺي، اُٿيي، ڳالهائيندي، ڳائيندي توڙي واٽنِ ويندي.

- اسان کي، اي سائين!- اوهان جي ئي تات طلب آهي.

[8]

اکر ٻيا  وِسارِ،  الفُ  اڳيون  ئي  ياد ڪُرِ،

سو تون ڏيئو ٻارِ، جو نه اُجهامي ڪڏهين.

1. ڇاپي مطابق پهرين سٽ ۾ اڳيون، بدران، اڳهون‘ آهي. اهو اُچار پڻ صحيح آهي ۽ لاڙي محاوري ۾ وڌيڪ رائج رهيو آهي. پر جيئن ته قاضي قادن جي ٻئي هڪ مشهور معروف بيت ۾ ’اڳيان‘ لفظ موجود آهي (”اکر اڳيان اُڀري، واڳو ٿي وريام“)، انهيءَ ڪري هت پڻ هي لفظ ’اڳيون‘ جي اُچار سان لکڻ بهتر ٿيندو. ٻيءَ سٽ ۾ ڇاپيل لفظ ”اُجهنپئه“ آهي جيڪو راجسٿاني لهجي مطابق آهي. سنڌي ۾ ’اُجهامي‘ ئي ٿيندو.

2. هن بيت ۾ هڪ الله سان محبت ۽ ان جي يادگيري واري معنيٰ سمايل آهي. سنڌ جي عارفن ۽ الله وارن اهو سبق وري وري پئي ڏنو آهي. ميين شاهه ڪريم جي ملفوظات ”بيان العارفين“ ۾ ڏنل پهريون ئي بيت هي آهي ته:

تو چَوءُ اللهُ هيڪڙو،  وائي ٻي مَ سِکُ،

سچو اَکرُ  مَنَ  ۾،  سو  ئي  لِکئو  لِکَ.

شاهه جي رسالي جو بيت آهي ته:

اکر  پڙهه الف جو، ٻئا ورق سڀ وسار،

اندر تون اُجار، ٻيو پنا پڙهندين ڪيترا.

چون ٿا ته ڀٽائي صاحب کي جڏهن پهرين سبق مليو، ۽ استاد چيس ته چئو ’الف‘، ته چيائين ’الف‘؛ پوءِ استاد چيس ته چئو ’ب‘، ته چيائين ته ’الف‘ ئي بس آهي. هڪ سنڌي ڪافي جي مصرع آهي ته:

’اکر هڪ ’الف‘ جو ڪافي- ملان! ڏي ’ب‘ ڪنان معافي!‘

بهرحال معنيٰ جو مثال اسان کي پهريائين قاضي قادن جي مٿئين بيت ۾ ملي ٿو، جنهن ۾ چيو اٿس ته ”الف- ب“ جا باقي ٻيا اکر وساري، فقط پهريون ’الف‘ (=الله) کڻي ياد ڪر.

3. بيت جي معنيٰ صاف آهي ته:

- ٻيا سڀ اکر وسار ۽ فقط منڍ وارو اکر ’الف‘ ئي ياد رک.

- (’الف‘ يعني ’الله‘، جي يادگيري وارو) اهو اهڙو ڏيئو آهي جيڪو تون ٻاريندين ته وري نه اُجهامندو.

[8]

لائي لامُ الف سان، ڪاتِبُ لِکي جيئن،

مون هِنيَڙو پريان سان لڳو آهي تيئن.

1. پهرين سٽ ۾ ڇاپي مطابق ”ڪاتب لکين جيئن“ (=اي ڪاتب! جيئن تون ٿو لکين) آهي. هيءُ بيت شاهه جي رسالي ۾ مختلف پڙهڻين سان موجود آهي. مثلاً:

ڪاتبُ لِکي جيئن، لايو ’لام‘ ’الف‘ سين،

اسان  سڄڻ  تئين،  رهيو  آهي  روح  ۾.

هن مان ظاهر آهي ته سنڌ ۾ هلندڙ قاضي قادن جي بيتن جي روايت موجب، پهرين سٽ ۾ ’ڪاتب لکي جيئن، يا ڪاتب لکن جيئن، آهي.

’لام الف سان لاءِ لکڻ، وارو مثال پنهنجي پرين سان ويجھائي لاءِ آندل آهي.

الف / بي ۾ جڏهن آ، _با _ ٻا، واري پٽي لکجي ٿي ته ۾‎ٻين سڀني اکرن جي ڀيٽ ۾ ”لا“ ۾ ئي ’لام، سان ’الف، وڌيڪ ويجھو لڳي بيهي ٿو. ’الله، لکڻ ۾ ته ’الف، بلڪل ’لام، ۾ ئي سمايل آهي. مؤلف پڻ انهيءَ لحاظ سان معنيٰ سهڻي ڪري لکي آهي؛

_ جيئن ڪاتب (خوشنويس) ’الله، لکڻ وقت ’الف، کي ’لام، جوڙي لکي ٿو

_ تيئن منهنجي دل پڻ پنهنجي پرينءَ سان ڳنڍيل آهي.

[9]

جان،  (ئي)  پاران،  پَڌرو، ٻُڌائون (سو) سَڏُ،

مون هِنيڙو تان ئي ڪِيو، سُپيريان سان گڏ.

1. ڇاپي ۾، پهرين سٽ هن طرح آهي؛

”جان  پاڻان  جو  پڌرو،  ٻُڌو آءُ ســَڏ“

ٻوليءَ جي لحاظ سان، پاڻان جو پڌرو، توڙي’ٻُڌو آءُ سَڏ، فقرا صحيح ناهن. پهريون فقرو صحيح ٿيندو” پاڻان پڌرو“، ۽ ٻيو فقرو صحيح ائين ٿيندو ته ”ٻُڌو مون سڏ“. جيڪڏهن هن ٻئي فقري جي اها ئي معنيٰ هجي ها، ته پوءِ اصل پڙهڻيءَ مطابق پڻ ائين ئي لکيل هجي ها؛ ڇاڪاڻ جو ’مون‘ جو لفظ قاضي قادن جي ٻين بيتن ۾ موجود آهي ۽ هن سٽ ۾ به اچي سگهي ها.

اسان جي خيال ۾ اصل لفظ ”ٻُڌائون“ هو، جنهن کي ”ٻُڌو آءٌ“ ڪري لکيو ويو؛ يعني اصل ۾ هو ته ’ٻُڌائون سَڏ‘، پر اهو ڪهڙو سڏ ۽ ڪنهن جو؟ اهو سڏ ’اَلَستُ‘ (=اَلسَتُ بِربّکُم= ڇا آءٌ اوهان جو رب ناهيان) وارو هو، جيڪو رب جي طرفان ٿيو ۽ روحن ٻڌو، ۽ ”چيائون ته هائو“ (=قَالوُا بّليٰ). انهيءَ معنيٰ جي لحاظ سان به ”پاڻان جو“ يعني ”پنهنجي اندر جو“ سڏ صحيح نه ٿيندو. ’پاڻان‘ وارو لفظ اصل ۾ ’پاران‘ (=رب جي يار جو) ’پُريان‘ (=منڍ وارو، اصل وارو)، يا ’پهريان‘ (اصل وارو) ٿي سگهي ٿو، پر جئن ته ’پاران‘ جي صورتخطي ’پاڻان‘ سان ملي ٿي، انهيءَ ڪري ”پاران“ رکڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو.

وزن جي لحاظ سان ’ٻڌائون‘ کان پوءِ ڪو لفظ کُٽي ٿو، جيڪو ’سو‘ ٿي سگهي ٿو. جيئن ٻي سٽ ۾ ’تان ئي‘ آهي ته پهرين سٽ ۾ پڻ ’جان ئي‘ ۽ ’تان ئي‘ ٿيڻ گهرجي. بيت نمبر [31] ۾ پڻ ’جان ئي‘ ۽ ’تان ئي‘ گڏ آيا آهن.

ٻيءَ سٽ ۾ ”سپريان سون“ آهي. شعر توڙي وزن جي لحاظ سان ’سپريان‘ پڙهڻ ئي صحيح ٿيندو. ٻيو ته هن کان اڳئين بيت ۾ لفظ ’سان‘ موجود آهي، انهيءَ ڪري هت به ’سون‘ بدران ’سان‘ پڙهڻ گهرجي.

2. معنيٰ ٿيندي ته:

- (روز ازل کان وٺي) جڏهن کان ئي (جان ئي) روحن رب جي پار جو سڏ ٻڌو

- مون تڏهن کان ئي (تان ئي) پنهنجو من پنهنجي سهڻي پرين سان ڳنڍي ڇڏيو.

[10]

پَهريون ئي پِريام جان مون سائين، مون سيڻان،

هيِنئڙو  هيجَ  پنڌ  ڪري،  لڳو  ڪَـــہَ  ڪـــيڻانِ.

ڇاپي مطابق پهرين سِٽ جي پڙهڻي آهي:

”پهريون ئي پريانم جا، مون سان ئي مُوڙان“

1. پڙهڻي مطابق ”مون سان ئي سَوڙانِ“ وارو فقرو ٻوليءَ جي لحاظ سان صحيح ناهي ۽ پڻ ان مان سهڻي معنيٰ نٿي نڪري. غالباً اصل ۾ ”مون سائين“ هو، جنهن کي ”مون سان ئي“ ڪري پڙهيو يا لکيو ويو، ۽ پڻ ”سيڻاڻِ“ بدران ”سُوڙان“ ڪري لکيو ويو. ’سيڻان‘، ’سيڻ‘ جو جمع آهي، معنيٰ سڄڻ، جيڪي سڄڻپائي ڪن. ’سيڻ‘ جو لفظ قاضي قادن جي بيت [نمبر 25] ۾ پڻ آيو آهي. لفظ ’جا‘ اصل ۾ ’جان‘ (=جيئن) هو. ٻيءَ سٽ ۾ اصل لفظ ’ڪہُ‘ (’هه‘ جي پيش سان) آهي، جيڪو ’ڪَہِ‘ يا ’ڪَہِ‘ (’هه‘ جي زبر يا زير سان) ٿيڻ گهرجي.

2. مٿين پڙهڻي مطابق معنيٰ ٿيندي:

- اصل کان ئي (روز ازل کان وٺي) منهنجا پرين، جيئن ته منهنجا سائين ۽ منهنجا سڄڻ آهن

- (انهيءَ ڪري ئي) منهنجي دل وڏي چاهه ۽ خوشيءَ سان پنڌ ڪري، سفر جي وڏي ڪشالي واري ڏکي منزل (=ڪہ) ۾ سندسن پٺيان لڳي.

نه  سو  لاهوُ،  نه  سِرو،  نه  اورار،  نه پار،

مُوڙهو وَتِين جنہ کي، سو منَ منجهه نهارِ.

1. ڇاپي مطابق پهرئين سٽ ۾ ’اورار‘ بہ ران ’اُروار‘ آهي، ۽ ٻيءَ سٽ ۾ ’جنہ‘ بدران ’تِنِ‘ آهي. ’اروار‘ غلط آهي، صحيح ’اورارِ‘ ئي هجڻ گهرجي؛ ٻيءَ سٽ ۾ ’تن‘ بدران ’جنہ‘ هجڻ گهرجي. ’لاهو‘ يا ’لاه‘ معنيٰ لاڙ يا ڏکڻ (وارو پاسو سنڌ جو). شاهه ڪريم جي بيت جي سٽ آهي ته ”جي اُتر جي لاه، سڄڻ سڀ پرکئا“. ’اورار‘ معنيٰ درياهه جو اوريون پاسو، ۽ ’پار‘ معنيٰ درياه جو پريون طرف.

- هو (پرين) نه لاڙ ۾ آهي ته نه سِري ۾، نڪي درياهه جي هِن ڀر آهي، ته نڪي هُن ڀر.

- جنهن لاءِ تون حيران پريشان ٿي پيو هلين، سو پنهنجي من اندر ڳولي ڏس. ڀٽائي صاحب ان ساڳئي خيال کي هيٺين بيت ۾ آندو آهي ته:

”لِڪو ڪونه لطيف چئي، ٻاروچو ٻئي پار،

نائي نيڻ نهار،  ته  تو ۾ ديرو دوست جو“.

[12]

دِل اَندرِ دَرياء، پُڇين ڪِيان سَمونڊرَ ڪَل،

ماڻِڪَ  اِي  سَرياء  چُڳِي  چوکا  نه کَڻين!

1. ڇاپي مطابق پهرين سٽ ۾ اصل الفاظ ’درياوَ‘ ۽ ’ڪِيا سَمندِرَ ڪَلَ‘ آهن. ’درياوَ‘ به صحيح آهي پر اهو عام اچار آهي؛ ’درياء‘ پڙهڻ بهتر ٿيندو. ’ڪِيا‘ صاف سرائيڪي آهي، معنيٰ ’ڇا‘؛ سنڌي ۾ ’ڪِيان‘ ٿيندو (معنيٰ ’ڇو‘) ’سمندر‘ هندي آميز اُچار آهي، سنڌي ۾ ’سمنڊر‘ ٿيندو پر وزن جي لحاظ سان ’سمونڊر‘ ڪري پڙهبو. لفظ ’ڪل‘ صحيح آهي پر بيت [19] ۾ ”ڪنولانهه ڪر“ آهي، انهيءَ ڪري هت به ”سمونڊر ڪَر“ پڙهڻ بهتر ٿيندو ٻيءَ سٽ ۾ ڇپيل الفاظ ’سرياوَ) ۽ ’چوکي‘ آهن. سَرياوَ (اوهان کي سريا) بدران ’سرياء‘ (توکي سريا) وڌيڪ صحيح ٿيندو، جو مٿي پڻ جمع بدران واحد آيل آهي. ٻيءَ سٽ ۾ لفظ ’چوکي‘ آهي، پر جيئن ته ’ماڻڪَ‘ جمع ۾ آهن، ته هي لفظ پڻ ’چوکي‘ بدران ’چوکا‘ ٿيندو.

2. معنيٰ:

- درياء تنهنجي دل اندر آهي، ٻاهر سمنڊر ڇو پيو پڇين!

- ماڻڪ اِهي اتي ئي تو وٽ موجود آهن؛ سهڻا سٺا چونڊي ڇو نه ٿو کڻين!

[13]

ڪائو مُہِ ڏيئي، پيٺا جي درياء ۾،

پَسندا سيئي، ماڻِڪَ اکڙين سين.

1. پهرين سٽ ۾ اصل الفاظ ’ڪايا‘ ۽ ’درياوَ‘ آهن. بدران ’درياء‘ لکڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو، ۽ ’ڪايا‘ جي بدران ’ڪائو‘ وڌيڪ صحيح ٿيندو. ’ڪائو جي معنيٰ سمنڊ يا درياء ۾ پاڻيءَ جي لاٿ، يا ماٺائي. ’پاڻيءَ جو ڪائو ڏيڻ‘ معنيٰ لهڻ، هيٺ ٿيڻ، ماٺو ٿيڻ. سانوڻ ۾ درياء ۾ پاڻي گهڻو هوندو آهي، ۽ سمنڊ ۾ به پاڻي جو چاڙهه ۽ سختي هوندي آهي. سانوڻ گذرڻ ۽ سرء لڳڻ سان پاڻي ڪائو ڏيندو آهي. شاهه جي رسالي جو بيت آهي ته:

”سُڪِي ڍرو ڌَيُون ٿِئو، ڪنڌي ڏنو ڪائو،

پاڻي     پٽيهل    ۾    اڳيو   نه    آئــــو.“

ٻيڙياتا (ٻيڙن وارا) به سانوڻ جي موسم ۾ مڇي لاءِ، سِپِن ڪڍڻ لاءِ يا واپار لاءِ سمنڊ ۾ نه ويندا. سانوڻ کان پوءِ جڏهن پاڻي ماٺو ٿيندو ۽ هيٺ ٿيندو تڏهن ٻيڙيون تيار ڪندا:

”ڏٺي ڏياري، سامونڊين سڙهه سنباهيا“

ڏياري ڄڻ سياري جي شروعات آهي. ان بعد پاڻي ڪائو ڏيندو ۽ ماٺو ٿيندو، ۽ ٻيڙياتا ٻيڙيون تاريندا (پاڻي ۾ وجهندا ۽ هلائيندا). انهيءَ پوري ۽ صحيح موسم ۾ جيڪي سمنڊ ۾ ويندا سيئي سپون ڪڍندا ۽ سلامت رهندا. ٻيءَ معنيٰ جي لحاظ سان جيڪي لاٿ ۽ هيٺاهين وٺندا سي ئي مرادون ماڻيندا. شاهه عبداللطيف، قاضي قادن جي هن بيت کي ڄڻ وڌيڪ تفصيل سان ورجايو آهي ته:

ويا  جي  عميق  ڏي،  منهن ڪائو ڏيئي،

تن سپون سوجهي ڪڍيون پاتاران پيئي،

پــســندا   سيـــئي،   امــل   اکـڙين   سان.

2. بيت جي معنيٰ ٿيندي ته:

- اهي ناکئا جيڪي ڪائي ۾ درياء (سمنڊ) اندر گهڙيا

- سيئي وڃي ماڻڪ اکين سان ڏسندا (حاصل ڪندا).

[16]

هُنَ  سَرَ  سندا هَنجهَڙا، اِتي ئي آهين،

ڳالهين رب پَرتِيان جو منگي تنہ ڏينِ

1. ڇاپي مطابق، ٻيءَ سٽ ۾ ’تنہ ڏين‘ بدران ’سو ڏين‘ آهي، جيڪو سنڌي محاورو ناهي؛ انهيءَ ڪري ’تنہ ڏين‘ پڙهڻ بهتر ٿيندو. قاضي قادن هيءَ بيت ڪنهن ٻئي جي چيل هن کان اڳ واري هيٺين بيت [15] جي جواب ۾ چيو:

وڃي آيو ڪير، ڪنہ ڏٺو مُنہ لاهوتيين،

اچي  ڪندو  ڪير، ڳالـهين رب پَرتيان.

لفظ ’ڳالهيون‘ مان گمان اٿي ٿو ته هي بيت وچولي يا هيٺ لاڙ جي ڪنهن درويش جو چيل آهي. قاضي قادن جي مٿئين بيت ۾ ’ڳالهين‘ (=ڳالهيون) آهي جيڪو روهڙي ڊويزن جي اُترئين ڀاڱي (خلوص طرح گهوٽڪي، ميرپورماٿيلي ۽ اُٻاوڙي جي پهراري واري سنڌي) جي ٻولي جو لفظ آهي. پڻ هن بيت ۾ سرائڪي- آميز مقامي ٻولي جو لفظ ’منگي‘ آندل آهي.

2. معنيٰ ظاهر آهي ته:

- هن تلاء (الاهي راز وارو ٻيو جهان) جا هنجهه هتي پڻ موجود آهن؛

-جيڪو کانئن رب جي پرتلن (ڀلارن درويشن ۽ ولين) جي ڳالهين جي گهر ڪندو تنهن کي ئي هو ٻڌائيندا.

ائين ٿو معلوم ٿئي ته پهرين سٽ جي معنيٰ وارو ٻيو ڪو آڳاٽو بيت پڻ هلندڙ هو، جنهن جي هڪ سٽ ميين شاهه ڪريم هن طرح پڙهي ته:

”ڪہِ سَر سندا هنجهڙا، ڪيٿي ٿا چُڻن“.

ساڳي معنيٰ ۾ ٻيو هڪ بيت پڻ آڳاٽي وقت کان وٺي سنڌ ۾ هلندڙ هو، جنهن جو جواب ڀٽائي صاحب ڏنو. اڳ ڪنهن درويش چيو ته:

”هُو جي رڱ رڱين، سي کَٽِي کُنڀ کڻي وئا“.

ڀٽائي صاحب جواب ڏنو ته:

اڃا پڻ آهين، هوندا ڪلجڳ تائين ڪاپڙي،

لالائي جو، لطيف چئي، هو لاڳ چڱو لائين،

ٿا نِيت مقابل نِينِ، ماڻهو ميرا ڪپڙا.

[17]

سَرَ هيڪڙي وَسنِ، جَرَ ۾ نيِہ نه گڏئو،

سارَ نه سانُورِن، مٿي  ڪَنوُل  ڦُلاريو.

1.’سَر‘ معنيٰ تلاء، پر ’سالورن‘ جو لفظ هن وقت سنڌي عام طرح مشهور معروف ناهي. هن کان پوءِ واري بيت [18] ۾ ’سالورو‘ واحد ۾ استعمال ٿيل آهي، ۽ ان بعد ٻئي بيت [19] ۾ جمع ۾ ’سالور‘ آندل آهي. ’سالورو‘ جو جمع ’سالورا‘ هجڻ گهرجي. هن وقت سنڌ ۾ ’سالور‘ يا ’سالورو‘، هڪ سائي گاهه کي چئجي جيڪو تلاون جي پاڻي ۾ ٿئي ٿو. مؤلف (هه) ان جي معنيٰ ’ڏيڏر‘ ڄاڻائي آهي.

2. بيت جي معنيٰ مؤلف (هه) هيٺين طور لکي آهي:

- ڪنول جو گل ۽ ڏيڏر، ٻئي هڪ ئي تلاء ۾، پاڻي ۾ رهن ٿا، پر سندن وچ ۾ پريم جڙي نه سگهيو آهي.

[18]

جي سالُورو سُڌَ لَهي، ڪَنون لان سندي ڪاء

تو   پَيو   پاتال   ۾،   هوند  نه  مِٽي نه کاءِ.

1. بيت جي معنيٰ صاف آهي، مگر لفظن جي بيهڪ ۽ بيان جي سٽاء ڄڻ اڄ ڪلهه جي ٻولي واري آهي، مؤلف (هه) بيت جي معنيٰ هيٺين طرح لکي آهي ته:

- جيڪڏهن ڏيڏر کي اها ڄاڻ پوي ته تلاو ۾ ڪنول به آهن

- ته اهو جيڪر پاتال (تلاو جي تر) ۾ ويهي مٽي نه کائي.

[19]

ڪي ويجهائي ڏُور، ڪي ڏُور ئي  (اوڏا) وَلهَا،

هو جي جَرَ سالورَ، لڌي نه (تن) ڪَنو لانهه ڪَرَ.

1. ڇاپي مطابق، پهرين سٽ جي اصل پڙهڻي ۾ لفظ ’وڏا‘ کٽل آهي، ٻئي سٽ ۾ اصل الفاظ ’هوئي‘ ۽ ”لڌي نه ڪَنو لانههِ“ آهن. قاضي قادن جي هن خيال کي شاهه عبداللطيف هڪ بيت ۾ تضمين طور کنيو آهي، جنهن ۾ لفظ ’اوڏا‘ موجود آهي. انهيءَ لفظ وڌائڻ کان سواءِ وزن پورو ڪونه بيهندو. ٻيءَ سٽ ۾ پهريون لفظ ’هو ئي‘ آهي جيڪو غالباً راجسٿاني محاوري مطابق آهي. سنڌي ۾ ’هو جي‘ (= هو جيڪي) پڙهبو، ۽ ’جي‘ لفظ قاضي قادن جي مٿي ڏنل بيت [5] ۾ پڻ موجود آهي. ٻيءَ سٽ جي پوئين اڌ جي اصل پڙهڻي ”لڌي نه ڪنولانهه ڪَرَ“ آهي جيڪا وزن ۾ کٽل آهي، ۽ ائين ٿو لڳي ته فقط ”تن‘ رهجي ويل آهي. ’ڪنولانهه‘ جي بيهڪ غور طلب آهي. اهو هاڻوڪي لفظ ’ڪنؤلانِ‘ (=ڪنولن جي) برابر آهي. پر ۽ ائين لڳي ٿو ته اضافي يا جري ترڪيب وارا اهڙا جمع جي صيغي جا الفاظ، يا اهڙا الفاظ جن جي پڇاڙي ’آن‘ هجي، سي ’هه“ جي ٽيڪ سان اُچاريا هئا. ڏسو ايندڙ بيت جنهن ۾ ’آڪاسانہ‘ يا ’منجهانہ‘ آيل آهن. پڻ اڳين پڙهڻين ۾ ’اسانهجو‘ (=اسان جو)، ’اسانهجي‘ (=اسان جي) ۽ ٻيا اهڙا اُچار موجود آهن.

2. معنيٰ هيءَ آهي ته: ٻن ڌرين جي محبت جو مدار مفاصلي تي ناهي: ڪي پري رهندڙ به دل کي ويجها آهن، ته ڪي گڏ رهندڙ به ڄڻ پري آهن.

- ڪي ويجها رهندڙ به ڄڻ پري آهن، ته ڪي پري رهندڙ پيارا (ولها= گهوٽ) پڻ (دل کي) وڌيڪ ويجها آهن.

-’سالور‘ ۽ ڪنول ٻئي ساڳئي پاڻيءَ ۾ گڏ آهن، ته به هڪٻئي کان پري آهن، جو کين هڪٻئي جي ڪل ئي ڪانهي.

 شاهه عبداللطيف هيٺين بيت ۾ قاضي قادن جي بيت جي پهرين سٽ کنئي آهي ۽ اڳتي ان کي وڌيڪ سهڻو ڪيو آهي ته:

ڪي اوڏائي ڏور، ڪي  ڏور  به  اوڏا  سپرين،

ڪي چڙهن نه چت تي،  ڪي  نه  وسرن  مُور،

مينهن ڪنڍيءَ جئن پور، تئن دل وراڪو دوست سين.

                                       (بروو سنڌي)

[21]

اکيون   آڪاسالہ،   فوجون   ڪري   الَـــٿِيوُن،

سوڙهي ڳَلي منجهانہ، سوجهي پرين لهنديوُن.

1. آڪاسانہ، معنيٰ ’آڪاس مان‘ يا ’مٿان آسمان کان‘. ”اکين جو آڪاس تان فوجون ڪري لهڻ“ واري سهڻي تصوير ۽ سهڻو خيال قاضي قادن انهيءَ لحاظ سان آندو آهي، جو محبت واريون اکيون فراق سببان پاڻيءَ سان ڀريل آهن، ۽ ڄڻ ڪڪر آهن، جيڪي آگم ڪري اينديون ۽ هر جاءِ تي ۽ هر گهر ڳليءَ ۾ وسنديون ۽ پنهنجا سڄڻ ڳولي لهنديون. اکين جي آگمجڻ ۽ وسڻ وارو خيال، قاضي قادن کان پوءِ واري دؤر جي اعليٰ شاعري توڙي عوامي شاعر ۾ عام آهي- مثلا ’شاهه جي رسالي‘ جي بيتن ۾ اهو خيال هن طرح سمايل آهي:

آگم ڪِئو اچن، سڄڻ سانوڻ مينهن جيئن.

لس پيارين لوڪ، آگم ڪِئو اکين سين

(سر سارنگ)

اکين جا آگم، مون تان لاهه مَ سپرين.

    (سر رپ)

اکين جو فوجون ڪري لهڻ وارو جنگ جو خيال ۽ ڪڪرن وانگر آگمجڻ وارو مثال رسالي جي هيٺين بيت ۾ وڌيڪ تفصيل سان سربستو آندل آهي:

اکين کي آهين، وڏا واجهه وڙهڻ جا،

اُڀيون منڊي مامرو، جهيڙو نه لاهين،

جيئن سي ڪڪر اُن ۾، تيئن آگمئون آهين،

جهُڙ ڦُڙ نه لاهين وسن سانوڻ مينهن جئن.

(سُر رپ)

2. معنيٰ ته:

- اکيون مٿان آسمان تان فوجون ڪري لٿيون آهن (ائين جيئن ڪڪر قطارون ڪري وڏي گوڙ ۽ غلغلي سان ڀرجي اچن.)

- (اهي پاڻي سان ڀريل اکيون ڪڪر وانگر) سوڙهين گهٽين توڙي گهرن ۾ هر جاءِ وسنديون ۽ پنهنجي سڄڻ کي ڳولي لهنديون.

[24]

واحِدُ هَنڌين دائرين، هيڪڙو ميـئِي،

جنِهين جانِ جُدا ڪِي، پَسندا سيئي.

1. پهرين سٽ ۾ اصل لفظ ’هيڪڙو‘ آهي، جنهن کي ’هيڪڙو‘ ڪري پڙهڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو، جيئن مٿي بيت [1] ۾ آهي. لفظ ’ميئي‘ قاضي قادن واري وقت جي مقامي ٻولي جو آهي؛ ’مڙيئي‘ کي ان وقت مقامي طور بکر ۾ يا آسپاس ’ميئي‘ ڪري اُچاريندا هئا. عربي لفظ ’دائرو‘ سنڌي ۾ ٻن خاص معنائن ۾ استعمال ٿيو آهي: هڪ ’حَلقو‘ تعليم جي سلسلي جو (شاگردن جو استاد آڏو گولائي ۾ ويهڻ)، جنهن جي اصلاحي معنيٰ ٿيندي درسگاهه يا ڪنهن خاص تعليمي ۽ اعتقادي نظريي ۽ فڪر وارو گروه. ٻي معنيٰ، ڪوبه ماڳ مڪان، جتي ماڻهو ڪنهن خاص مقصد لاءِ ايندا ۽ گڏ ٿيندا هجن.

2. بيت جي معنيٰ صاف آهي، ۽ مؤلف (هه) پڻ سهڻي ڪري لکي آهي ته:


(1) سنڌ جي کاري (سامونڊي ڪناري وارن تعلقن) جي ٻولي ۾ ’سمنڊ‘ کي اڪثر درياء سڏيندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com