سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4- 1978ع

مضمون

صفحو :3

 اياز گُل

اڃا اسان جو دؤر آ- اڃا اسان جو دؤر آ!

اڃا ته پيار جو شهر وسي پيو،

انهيءَ تي مينهن نينهن جو وسي پيو،

اڃا ٿي سينڌ سونهن جي سنوارجي،

اڃا ته ڪنهنجي واٽ پئي نهارجي،

اڃا ته پنهنجو پيار ٿو وسارجي،

ڍَڪي اکين ۾ ساهه جان تو سارجي،

اڃا وچن وطن سان پيو ٿو پارجي،

اڃا ته ساهه ديس تان ٿو وارجي،

اڃا ته مَچُ ڏات جو ٿو ٻارجي،

۽ رات مان ڪو سج ٿو اُڀارجي،

اڃا اسان جو دؤر آ- اڃا اسان جو دؤر آ!

زينت بروهي

ڏهڪاءُ

سُندر نار جي ڇير جو ڇمڪو

ڇنل ڇپر جو ڀاڳ

ڪارو نانگ نِڀاڳو ڏائڻ

ڏنگي نه هُن جو ماڳ!

 

خواب اڌورو سور سمورو

ماروئڙن ليءِ مُور

سُندر نار جي ڇير جو ڇمڪو

سانگيئڙن ليءِ سُور!

ڇنل ڇير ۾ ليئڙا پائي

چوڏهينءَ رات جو چنڊ

(ڄڻ) سورج ڪارڻ ٽوڙڻ چاهي

اونداهين جو منڊ!

 

(پر) ڪارو ڪانگ نڀاڳو ڏائڻ

ڳولي پيو سو پير

جنهن آ هُن جي ننڊ ڦٽائي

جنهن پاتي آ ڇير!

شهناز ميمڻ

سپنا

ڌوپجي ويا سڀ

لُڙڪن جي ڌارا ۾

جيئن

پاڻيءَ جي لهر ۾

لُڙهي وڃي

هڪ وارياسو گهر!

شاني

ساهه مُنجهي ٿو

هانءُ ٻُڏي ٿو- انهيءَ سوچ سان

ته جنهن پل آنءُ مران

مرڻ کانپوءِ

توهين ڇڏي مون کي

هيڪل، تنها قبر منجهه

هليا ويندؤ

۽ آنءُ

اُن پل جو سوچي

ٿڌي ٿيان ٿي

۽ ٽُٽي پوي ٿي

سوچ جي تاڻيل تند ذهن مان

۽ مري ٺري وڃان ٿي اُن پل آنءُ

ٻُڏي وڃي ٿو منهنجو هانءُ!

مختار ملڪ

غزل

جنهن جي دل ۾ دُک جو ديرو، اُن ليءِ ساڳيو سانجهه سويرو.

چاهت جي چانڊوڪي جنهن ۾، چئبو مَنُ اُهو ڪئن ميرو!

ڪلهه جنهن سِر تي هنج لٿا ها، اَڄ اُت ڪانوَن جو آکيرو.

پيرَ پرينءَ جي ماڳ وڌن ٿا، آءٌ تِکو يا چنڊ تکيرو.

گندي پاڻيءَ ۾ گُل ڄاوا، هونئن ته ڌپ جو گهر گهر گهيرو.

گيت

آءٌ ويٺو واجهايان؛ پر- واءُ نه خوشبو آڻي-

سائين، ڪنهن ليءِ چئبو هاڻي!

 

ڀُلجي سوچيم: توکي ويندس مان سپنن ۾ ماڻي-

سائين، ڪنهن ليءِ چئبو هاڻي!

 

روز جيان ئي، اَڄُ به ناهي، ڪوئي سنجهان ٽاڻي-

سائين، ڪنهن ليءِ چئبو هاڻي!

 

سوڀيا ۽ سرُهاڻ ڪٿي آ؟ واءُ ڇڏيا گُل ڇاڻي-

سائين، ڪنهن ليءِ چئبو هاڻي!

رسول بخش قريشي

ڪجهه نظم

جن جا گناهه به ٻاراڻا

ثواب به ٻاراڻا

تن ساڻ ڀلا او راڻا

ڪهڙا ياراڻا.

 

ڊڄان پيو ته،

ڪٿي هن دؤر جي

ڏاهن تي

سوچيندي سوچيندي

چريو ٿي نه پوان!

 

جيئن اَياڻو

سدا اَياڻو

ڏينهن هجي يا رات

تاڙي سائي تات! 

تيئن سياڻو

سدا سياڻو

چپ چوري يا چُپ رهي

قلم کڻي يا ڪات

موت مڱي پر مڃي نه مات!

راشد مورائي

وائي ۽ نظم

گيت ڪلهوڪا ڳاتل تنهنجا، هينئڙي منجهه هُرن،

اَلا ڙي، شل هي چپ چُرن!

 

پَن پَن مان پڙلاءُ اچي ٿو، ٻيهر ٻول ٻُرن،

اَلا ڙي، شل هي چپ چُرن!

 

ڳهر ڳڱاٽيا ڳوٺ ڏسان ٿو، منهنجا ڦٽ جھُرن،

اَلا ڙي، شل هي چپ چُرن!

 

سنڌڙيءَ جي سيني تي سائين، پيا ٿا سپَ سُرن،

اَلا ڙي، شل هي چپ چُرن!

 

وانگي شال وساري ويڇا، گڏجي حقَ گيرُن،

اَلا ڙي، شل هي چپ چُرن.

 

جهُونجهڪڙي ۾

واءُ جو جهوٽو

تنهنجي گهر جي سِرنهن منجهاران

خوشبو ٽيڙي

ائين ٿو ڀاسي

ڀٽائيءَ جي بيتن جو آهي ڄڻ تعبير

عالم سڀ آباد ٿيو آ

سنڌ سڄيءَ ۾ آهه سُڪار!

تاج جويو

وائي

باکَ مهل، وڻ وهنتل، اُڀريون سُوٽون سوچ جون

اکيون اوجاڳي ٻکيون، ڳَل ڀِنَل.

تالا ڀالا ڪوڙڪيون، ساهه اُڇَلَ.

آهون دانهون بند ۾، پوءِ به  اُٿَل.

پوتيءَ پوتيءَ پانڌ ۾، آس سُتلَ.

سروپ چندر ”شاد“

گيت

تنهنجو روپ سنواريان يار،

هلي آ جاني جلويدار،

هلي آ محبَ مِٺا منٺار.

 

آءُ، اکڙين ۾ سُرمي بدران، آس جا ڏيئا ٻاريان،

آءُ، چپڙن تي لاليءَ بدران، ڳاڙها گيت سنواريان،

ڇيڙيان دل جا تار، هلِي آ.

هنن هٿن ۾ مينديءَ بدران، سُونهين همٿ جي ڏورِي،

پيرن ۾ پازيب جي بدران، اڳتي هلڻ جي جهورِي،

منزل آ هُن پار، هلِي آ.

هارن بدران سُونهن سيني تي گهاوَن جا ٿال گُل،

گهاءُ اسان کي ساڃهه ڏيندا، جنهن جو مُل نه تُل،

هينئڙي ۾ هُٻڪار، هلي آ.

آءُ تن تنهنجي دِل ۾ ڀريان ڌرتيءَ جا ڏک سُور،

تنهنجِي سوچَ ۾ لوچ ڀريان ۽ لوچ ۾ نئون شعور،

گيتن ۾، گُونجار، هِلي آ.

تُنهنجي ٻوليءَ ۾ ڀريان ڪي انقلابي رنگ،

تُنهنجي ٻول ٻول ۾ ڀري ڇڏيان، آءٌ، چڻنگ،

لفظن ۾، للڪار، هلِي آ.

آءُ ته توکي پيش ڪريان آئون، فڪر جا ڳاڙه گُل،

تُنهنجي چوٽِيءَ منجهه سجايان، چڻنگ جو موٽي ڦُل!

وهه واهه هِي سينگارَ، هلِي آ.

وايون

سون سريکي سرتي، ڇو ٿي ڳوڙها ڳاڙين؟

سورُ ڏئي، ناسور ڏئي، تنهنجي دل ڪنهن ورتي؟

اُڀ ڀري ٿو ڇو آهون، ڇو ڌڏي ٿي ڌرتي؟

سُر سُر سُڏڪي سُرندي ۾، آڱر آڱر اَرتي.

پيار- رتن سا ماڻيندي، جا پيڙا سان پرتي.

 

ڇوري ڇو کِلين ٿي؟ آڌيءَ ويلي تون!

ساوڻ رُت ۾ ڊيل واري، ڇاليءَ ٽورَ ٽِلين ٿِي؟

چانڊوڪيءَ ۾ نِم هيٺان، ڇا ليءِ ٽورَ ٽِلين ٿي؟

گهر گهر هوندي تنهنجي ڳال، وينگس ڇو وڦلين ٿي.

 

تون آهين ورڌاتا، ليک اُٿي تون پنهنجو لِک!

سُستي موت آ، چُستي جيونَ، اُٿ، وڌاءِ وِک.

وهم- واگهه سان، سمنڊ اجهاڳ سان، سينو ساهڻ سِک.

ماڻهوءَ لئه محنت ائن آهي، مُنڊيءَ ۾ جئن لِک

جيوَن آ پورالو سنڌؤ، تار وهي ٿو تِک.

راڄ- راڻو

ننڍڙو ڏيئو

ساري ساري رات سڙي ٿو،

تيز هوائن ساڻ لڙي ٿو،

ڪينَ مُڙي ٿو.

اونده جو هي ازلي ويري،

اونداهيءَ سان سينو ساهي،

پنهنجي جان جلائي ٿو

جڳ ۾ جوت ڦهلائي ٿو.

جيڪو ماڻهو،

ڏيئي وانگي،

پاڻ جَلي ٿو جوت وڌائي،

ماڻهوئڙن جا ڏُک گهٽائي،

هر انياءَ سان سينو ساهي:

اهو راڄ جو راڻو آهي،

سچ پچ موتيءَ داڻو آهي.

انور پيرزادو

سَچُ

سَچُ چٽو آ سج جيان

تون ڌوا اکيون بند ڪري به

ڏسي سگهين ٿو-

پر جي تنهنجين اکين مٿان

انڌائپ جا هي ڇوڙَ لهن

پر جي پنهنجيءَ اندرينءَ اک کي

کولي، ڦاڙي،

تاريخن جي ترورن جا تاءَ ڏسين،

پر جي،

تنهنجي اکين اندر

ساڃهه جو ڪو سُرمو پائي،

پر جي

تنهنجي ڌوڏن ۾

ڪو دؤر سَرائي ڦيرائي-

پر جي،

ڌوتائپ جون تيرهن تاليون

هي سڀ دور ڪرين ته،

مان سمجهان ٿو،

اکين پٽڻ کان عذر ڪري به،

انڌا ٻوڙا گونگا ڌوتا،

ماڻهو پوءِ به سڃاڻي سگهين ٿو-

ڀل ته ڪنن ۾ ڪپهه هجئي،

ڀل ته ڄنگهون ۽ ٻانهون تنهنجيون

نانهن جي نوڙيءَ منجهه وڪوڙيل

ويڙهيل سيڙهيل ٻڌل هجن-

ڀل ته ڳچيءَ ۾ گهُپيءَ چوڪو گهوگهو

پاتل ڇونه هجئي،

۽ اُرهه تي ڳوري لالچ جي ڪا لَتَ هجئي،

سَچُ ته پوءِ به سُرهو آهي،

ڪيسين ساهه مُنجهائي سگهندين-

جيسين ساهه کڻين ٿو ڌوتا،

سچ جي هن سُرهاڻ کي ناسون بند ڪري به،

سُنگهين سگهين ٿو!

نظم

رات جون رهڙون،

دڳ جا دڙڪا

تبرون تارن جون

هي سَمهُون،

چانڊوڪيءَ جون چَٿرون،

پوتيءَ جي هڪ پَلوَ ۾

ويڙهي ويڙهي

ڏوهه ثواب کي

ڏوراپا ڏئي،

جيءَ جلي ڪا

نڪتي آ!

تنوير عباسي

ماضيءَ تي ٿا پاڻ پڏايو، حال ۾ ڪهڙا آهيو؟

پوئتي ڏسبو اڳتي وڌبو، ڪيئن ڀلا سمجهايو؟

اُٺ پکيءَ جان واريءَ ۾ ٿا، پنهنجو منهن لڪايو!

پيالو مون ته ڀريو آهي پر، اوهان به هٿ وڌايو!

ماضيءَ تي ٿا پاڻ پڏايو!

سدائين ائين ڪين گهٻرائبو آ

کُليءَ دل سان ڪڏهين ته ڳالهائبو آ

 

ٻين جي اڳيان جيئن شرمائجين ٿي

اسان جي اڳيان ائين نه شرمائبو آ

 

نه شوخن سان دل کي ڪو اٽڪائبو آ

جي اٽڪائبو آ ته پڇتائبو آ-

 

سڄي عمر پڙهبو پيو آ سبق هڪ

پنو عشق جو ڪين اٿلائبو آ

 

زبان مان جڏهن ڪو اکر ڪينَ اُڪلي

انهيءَ وقت اکين سان ڳالهائبو آ

اوهان سان رڳو دل کي وندرائبو آ

 

نه کٽبو ئي آهي نه هارائبو آ 

ڪڏهن دشمنن ۾ به ڊپ ناهي ٿيندو

ڪڏهن دوستن ۾ به گهٻرائبو آ

 

تڏهن شعر تنوير لکبو آ پاڻهي

جڏهن گهاءُ دل تي ڪوئي کائبو آ

اڻپورو نظم

مان هتان جو ناهيان-

هيءَ مٽي اوپري،

هيءُ ماڻهو اجنبي،

هي ڪڙيون جي منهنجي پيرن ۾ ڏسو ٿا

سي هنن ماڻهن جي ذهنن جا وڪڙ آهن،

تير جيڪي منهنجي سيني ۾ کُتل،

سي انهن جون تيز نظرون

رت، جيڪو منهنجي زخمن مان وهي ٿو

سو انهن جو قُوت آ،

مان هتان جو ناهيان

مان هتان جو ناهيان

مان ڪٿان جو آهيان؟

مان اتان جو آهيان،

جت مُرڪ جي ديويءَ جو راڄ

جت ٽهڪڙن جا ٻار ٿا رانديون رمن

جت عشق جي ٻيڙي سدائين

حسن جي لهرن ۾ پينگهي جان لُڏي

جت خوشي چڻگائي تيلبن جان ڏکن جي رڻ ۾ ٿي

جهرمر ڪري-

هي شهر آهي ڪو ديون جو شهر

جنهن ۾ ٻارن جون رڙيون،

جنهن ۾ ڇِرڪن ڇوڪريون

ٻاٽ اوندهه ۾ جتي ٿيون تيل لئمپ جان

ڀوت جون اکيون ٻرن-

آثار آرائين

جبلن تي شام- سڏ پڙاڏن ۽ پاڇن کي جنم ڏي ٿي

هرڻين جي کُرن جا آواز

۽ پکين جا کنڀ هڪ هڪ ٿي ڪوهيڙي ۾ ڪرن ٿا

منهنجو سفر ڪجهه ڪوهه باقي آهي

پر منهنجي گهوڙي جا سُنب

وقت ۽ محبت زندهه حقيقتون آهن

انهيءَ وهم ۽ گمان جي وچ ۾ ڪٿي

منهنجي دشمنن جو به ڳوٺ آهي

جتي سدائين هوندي آهي رات

۽ ميدانن ۾ ڪاريون هوائون ماتم ڪنديون آهن

فضائن ۾ زهر جي بانس آهي

اونداهين ۾ راڪاس ڦرن ٿا

اکين کان ويندي وسنديءَ تائين

اُتي جي هر شيءِ ڪاري آهي

گهرن ۽ گهٽين وانگيان

منهنجي دشمنن جون دليون به ڪاريون آهن

پر تڏهن به اُهي سڀ مون کي ڏاڍيون پياريون آهن

فقط ۽ فقط انهيءَ هڪ شخص ڪاڻ

جو انهن ۾ آهي

پر انهن مان ناهي!

ماٺيڻو اوٺو

آدم ۽ حوا وانگر

ڪوئي جوڙو

پيار ڪندو ته

21 صديءَ ۾ به

تڙجي ويندو

دنيا جي بهشت مان

دنيا جي دوزخ مان.

ناگپال

تون ڇا آهين؟

لُڇان پُڇان ۽ توکي ڳولهيان

جيون سپنا، تون ڇا آهين؟

ايڏا ڏنگ سهي به ڏوريان

ڏونگر ڏاڍا، تون ڇا آهين؟

ڪهڙي ماڳين ملندين مون کي

منهنجا سائين، تون ڇا آهين؟

پولڪو پاتل مڌرا نيڻي

نئين نڪوري نار نکيڻي

تون ڇا آهين؟

هي نيزن تي نيهن جا نعرا

حق جي هوڪي وههُ جا وَٽا

او سقراطي سچَ اَڀاڳا

تون ڇا آهين؟

ڳليءَ ڳليءَ ۾ ڪنهن کي ڳولين

مڱتا ماريا، تون ڇا آهين؟

صبح سانجهيءَ پيٽ جا اُلڪا

او مانيءَ ڦلڪا تون ڇا آهين؟

سچَ سونهن سنينهن ليءِ ورچين

ڇا پيو  سرجين؟

او ڪوي هچارا، تون ڇا آهين.

رات جڏهن  به

سانت جي سيني مان

چيري ڦاڙي ڪا رڙِ اُٿي ٿي

ٻاٽ اوندهه ۾

تاري جي ڪا لاٽ ٽُٽي ٿي

منهنجي سوچن کي

ڄڻ ته نئين ڪا واٽ ملي ٿي!

 

سِجَ آخري ڳيتَ ڏني

مَندر ۾ آ سنک وڳو

سانجهيءَ پر ڦهلايا

دل ۾ تنهنجي ياد ڦري!

ٽيڙو

جاني هي جيون

تنهنجي ڳولا ۾

جنڊ اندر جيئن اَن.

دوهو

توسان جيءَ جڙيو او ڌرتي، توسان پنهنجو پيار،

تو بِن ڪهڙي جندڙي سنڌڙي، جهڙو ڇورو ٻار!

زبيده ميتلو

ڪجهه نظم

نيري ماٺي ڪنهن چادر مان،

سيتل سپنن جي ساگر مان،

 

موتي جيڪي ميڙيا هُئام، الا،

تن کي ڪير وکيري ويو!

 

دل جي وهندڙ لک ڌارن مان،

من جي ويڻا جي تارِن سان،

 

نغما جيڪي ڇيڙيا هُئام، الا،

تن کي ڪير وکيري ويو!

 

ويهي بيهي ڏيئي بُلڙا،

رَتو رَت ڪري هٿ، گُلڙا.

 

سورن ساڻ سهيڙيا هُئام، الا،

تن کي ڪير وکيري ويو!

هي جيون

پَن ڇَڻ ۾ ڄڻ

ڇڻيل پَن

بسنت جو ڪو واس نه وَن!

اها ئي رات بنا پرڀات

لُڏي لَمي ٿو لامن تي

ڪوئي چٻرو.... چوڌار

چيخون ۽ چرڙاٽ!

مان ۽ دونهون

کوري ۾ پَڄري

هوائن منجهه وڃون ٿا وِکري!

ڪيلاش

ٽيڙو

بيٺل پاڻي

ٻار هنيو پٿر

اُڏاڻا مڇر.

 

ڪوڙ جو ڪوٽ

سانت ۾ چمڪي ويو

پٻڻ تي پاڻي

ٽاريون ماڪ ڀِنيون

رات وڳي شرناءِ

مُکڙيون گُل ٿيون

 

مزدورن وستي

ميري گدلي ڌنڌلي

بتيءَ جي روشني

 

مُکي ڏُکي اک

شهر ۾ ريس گهڻي

ڪِرڙيءَ ويجهو مَک. 

پورهيت شل پگهر ۾

ڪيڏو سهڻو ٿو لڳي

باهه ۾ ڳاڙهو لوهه

شهر سارو

ننڍڙا ننڍڙا فليٽ

ماکيءَ مانارو

سندر ناري

وڏيري سان نه ٺهي

ٿي وئي ڪاري!

ملڪ آگاڻي

ڦوٽهڙو- سوڪهڙو

ڇَٽَ آ ٻانهي، راڻي کيڙَ!

ڇٽ جا داڻا ڪينَ ڦُٽڻ ٿا، سُڪي سڙي سڀ ساهه ڏين ٿا

ڇاڪاڻ ته سائين، هي ڪچو آهي/ پڪو ناهي/ جنهن ۾ ٻوڏ، اٿلون ۽ چاڙهه/

۽ پوءِ سائين، ٻٻر ٻٻريون، ڪامهه ڪاٺيون، ڪرڙ ڪنڊيون، ليون لاڻا لاهه ڦٽن ٿا/

باهڻ بانٺا جام ٿين ٿا/ ٽُوهه پٽن ۾ عام ٿين ٿا/ -۽ وقتي طور: چوڏس ٿي

چانڊاڻ ٿئي/ موهه ڀريو مانڊاڻ ٿئي/ پر او سائين، ان ساوڪ ۽ سبزي اندر

سوئر بگهڙ، گدڙ لومڙ جهنگ ٻلا اوناڙن ٿا/ نانگ نپٽ

ڦوڪارن ٿا/ انسانن جي انت ڪرڻ ليءِ پنهنجو بُکيو ڀَڀُ ڀرڻ ليءِ/

ڪيئي زهري ڏنگ هڻن ٿا/ مظلومن جو رَتُ پين ٿا/

سج ته روز چڙهي ٿو سائين! پر تِڙڪو ويرين وَسُ آهي/ جنهن کي چاهن

ساڙِن ٻارن جيان مارِن-/ ڌرتتيءَ، نِٽهڻ اُسَ ۾/ نِڙيءَ ۾ ڪنڊا/

پيٽ بُکيا ۽ اکيون ڍايون/ سَکڻا ساز... جن ۾ ڪوئي ساهه نه آهي/ جيوت

ليءِ اُتساهه نه آهي...

۽ پوءِ پيارا، ڪچي وارا/ پنهنجي بُکئي پيٽ ڀرڻ ليءِ/ چوري، چغلي-

ٻچاپڙائي- ...- ۽ هڪٻئي جي رت سان رانديون/ ۽ بي ڏوهي

آ ڏوهاري/ ڌرتي ڄڻ ڪو دوزخ آهي/ جنهن جو ٻارڻ هاري ناري!

ادل سومرو

وائي

وريو اڻائو واءُ، جهوني بَڙ جي لام ڪري پئي.

ڪارو ويس ڪيو آڪاس، سج گهٽايو تاءُ.

رُنا پکڙا ۽ پنهوار، گيت گيت ۾ گهاءُ.

ڪَپَرَ ڪري ويئي ڪا لهر، موتين جو ڦهلاءُ.

(گدائيءَ صاحب جي لاڏاڻي تي)

نور الهديٰ شاهه

چار نظم

دُک

ٻه ليڪا ڪڍي

صليب ٺاهي

پنهنجو پاڻ

ٽنگي ڇڏيان

جي،

دُکَ سڀيئي لکي نه سگهان!

ٻيون نظم

ڪنڌ ڪَپي

ساڄي هَٿ تريءَ تي

سجائي رکيو اٿم

سوني- روپي سِجَ جيان!

سوچ

گند جي دڙي تي پيل

مُئل ڪانوَ جو

ڦٽيل لاش ڏسي

رت جا رشتا هانوَ تي هُريو اچنم!

پيلو پنَ

وهندڙ پاڻيءَ جي ڌارا ۾

هوريان هوريان وهندڙ

منهنجي جُواڻيءَ جو پل، پل

تنهنجي هٿن جي ريکائن مان

نڪري وڃڻ کان پوءِ

ڪيڏو نه بي معنا آهي؟

 

۽، جُڳن کان پوءِ

آئون ڄڻ

سرءُ جي اُگهاڙي وڻ جي

ٻانهن ۾ اٽڪيل

پيلو پن هوندس.

امداد حسيني

ٻاهر ساگر سانت

وائي

اونڌاهيءَ ۾ تيلي ٻاري، آئيني کي جاڳايان

تيل بنا هن ڏات ڏِيي ۾، رَت به هاري

تيلي ٻاري

آئيني کي جاڳايان

 

پورَ پورَ مان نَس نَس مان، رت ست ساري

تيلي ٻاري

آئيني کي جاڳايان

جيسين سورج برف پگهاري، پاڻ پگهاري

تيلي ٻاري

آئيني کي جاڳايان

 

نيڻ نچوئي، پساهه سوئي، سَگهه سنڀاري

تيلي ٻاري

آئيني کي جاڳايان

 

جيسين سُورج اُڀري تيسين، پاڻ به ماري

تيلي ٻاري

آئيني کي جاڳايان

 

تيسين جاڳان، جيسين تِڙڪو ٻارَ اُٿاري

تيلي ٻاري

آئيني کي جاڳايان.

ٻئي ڏينهن جو دوزخ

اُهوئي آءٌ اڻسُونهون

اُهوئي شهر

اُهائي شام دونهون

 

اُهائي بُو هوا ۾

ڄڻ ته ڪو ٽائر سڙي پيو

اُهوئي سائرن هر هر رڙي پيو

ڄؤر پيئي رت چوسي

پڇاڙيءَ جي ڦُڙي تائين شفق جو

ڇَڻي پئي آسمان تان رَکَ

 

تهه در تهه ڄمي پئي

ڇتين ڀتين مٿان گهر گهر اڱڻ تي

اُهائي رات آهستي لهي پيئي ٻِليءَ پير

اُڻي ڪوريئڙو پيو ڄاڻ تي ڄارا

گهڙيءَ کان پوءِ ساڳيائي ستارا

ائين جيئن رَکَ ۾ ٽانڊا!

گهٽين ۾ لٺ جي ٺڪ ٺڪ

ڪُتن جي ڀونڪ

ڪنهن ڪنهن ويل رڪشا، ڪار جو رانڀاهه هوندو

بلب جي بيمار پيلي روشني هوندي

۽ گهر ڄڻ اجتماعي مقبرا هوندا! 

اُهوئي آءٌ اڻ سُونهون

اُهوئي شهر

اُهائي شام دونهون

 

ساڳيو بي مهر ماڻهن جو اجهل ريلو

روان آهي گهرن جي قبر ڏي

بي صبر خواهش کي سڀاڻي جا ڏٽا ڏيئي سمهارڻ ليءِ

وري ٻئي ڏينهن جي دوزخ کي ٻارڻ ليءِ!

غزل

ديوار ڊَٺي پئي آهي

۽ هُن پاسي ڪجهه ناهي

 

گوندر آهن گَسَ مِڙئي

ڏَسِ ڏنو هو ڪنهن ڏاهي

 

رات جهُڙالي ۽ جهنگل

کُڙکُٻيتو ڪو آهي؟

 

سچ کي شل تون سوڀ ڏيين

ڪوڙَ ڪَٽڪ آيو ڪاهي

 

انڌا، اکيون ڦاڙي ڏس

سورج ناهي؟ ٻيو ڇاهي!

 

مون کي ڪوتا جوڙڻ ڏي

ٺاهه ٺڳيءَ جا تون ٺاهي

 

اڄڪلهه ماڻهو، ماڻهوءَ تي

ڪُتي وانگر ٿو باهي!

(اڄڪلهه ڪُتو ڪتي تي ماڻهوءَ وانگر ٿو باهي)

اونڌاهيءَ ۾ تيلي ٻاريان

ٽانڊاڻي کي گس ڏيکاريان

 

اوڌر- ماءُ مُئي ڪانهي ڪا

ڇونه کڻي ڪا مُرڪَ اُڌاريان

 

ڪوهه نه سورج وانگر اُڀرو

اُٿو اوهان کي آءٌ اُٿاريان

 

پنهنجو ڪوئي مو ڪونهي ڪو

هروڀرو پيو ٿو اوساريان

 

ماچس مون وٽ ڪونهي آهِي

ڪيئن ڀلا ڪو ٻارڻ ٻاريان!

 

رات ايندي ته سمهي پوندس مان

ڏونگر جهڙو ڏينهن گذاريان

 

پاڻ اڳي به مليا آهيون ٻئي

آءٌ ته توکي ياد ڏياريان

 

حفيظ، الطاف، نسيم کرل

ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو ساريان!

ٽيڙو

نِپَٽِ انڌي رات

ڏيئي سان اونڌاههَ ۾

ڏُسڪي پيئي ڏات.

 

گهڻو نه تون ڳالهاءِ

گُلَ کڻي وٺ پاڻ ليءِ

گاريون ڇڏ مون لاءِ.

 

هينئڙي تنهنجا هورَ

آڌيءَ ايش- ٽري مان

اڌڙن لاءِ ڦِلهورَ.

 

جاڳ به سپني وانگَ

اڳيان اڳيان مارئي

پويان ڇيلن ڇانگَ.

 

گوري، پُشپ،. ڪمليش

ولي رام جو گهرُ ڄڻ

هڪڙو ننڍڙو ديش.

 

شاعر ۽ ايڪانت

اندر وِهُه وِلوڙجي

ٻاهر ساگر سانت.

 

ملڻ جو وارو

ڪُڪڙن جي دَسَ تي

شهري ويچارو!

 

ٽِماهي ”مهراڻ“

گورل پاتو انگ تي

ٽِڪون ٽِڪون پهراڻ. 

ڪلارڪن جي ريس

باس هيو ۽ هوءَ هئي

اندران بند آفيس.

نظم

آءٌ اڃا به اُهوئي تنها

بَر ۾ بيٺل وڻَ جيان

شاخن وانگر پکڙيل سوچون

ڌڻيءَ بنا ڪنهن ڌَڻَ جيان.

 

آءٌ اڃا ڏس رول اُهوئي

پياسي ڪنهن بادل وانگي

منهنجا اوٺي منهنجا ڳوٺي

سانگ هليا ويا ڪنهن سانگي

تيک بنا جيئن ڪوئي سورج

هٿَ هجن جيئن ريکَ بنا

تو بن آءٌ ائين ئي ڪورو

ڪاڳر جيئن ڪو ليک بنا.

 

ڪڏهن آءٌ هن لاءِ سورج هئس

هوءَ سورج مُکي

اڄ او- ڪي چئي

هُن ڏني جيئن پُٺي

تڏهن آءٌ هن لاءِ ڪجهه ڪونه هوس

رڳو رَکَ جو ڍير هوس

- ۽ پوءِ اوچتو

هوائون لڳيون

اُڏاري ويون!

سحر امداد

غزل

اُونداهيءَ اڌ رات جو، هيڪل منهنجو هانءُ،

ساري توکي سانورا، جاڳان پيئي آنءُ.

 

دونهاٽيل، گهوگهاٽيل؛ آهي رات اُماس،

کير- ڌارا ۽ تارا؛ ڏيندا روشن ڇانءُ.

 

لالي لِڱين لايان، تن من مهڪايان،

اڄ منهنجي اُجري اڱڻ، ٻولي ٿو پيو ڪانءُ.

 

بحر وزن جون گهوڙيون؛ لنگڙا لولا لفظ؛

ڪوتا: رديف، قافيا؛ ڏات نه ڪوئي ڏانءُ.

 

سور پيئڻ کان پوءِ ئي رات ڄڻيندي سج؛

پِگهري پوندي برف ۽ لهريون لهنديون لانءُ.

 

سکڻي ڪنيءَ وانگيان، گهڻو اُڀامي لوڪ،

دل ڌرتيءَ جو اڻهي، ڀريل ٺريل هو ٿانءُ.

 

جهاڳي کنڊَ سَمنڊَ سڀ، اُڪري ايندس آنءُ،

سڄڻي هان مان سِڄَ جي، پِرهه سندم آ نانءُ.


(1) ورڌاتا: تقدير لکندڙ.

(2) ليک: تقدير.

(3) لِک: ٽِڪ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com