سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1956ع

مضمون

صفحو :7

مولوي سانجهي دي نماز جماعت ڪون پڙها، محراب وچ، مصلي تي اجرڪ تاڻ ليٽ پيا_ هر ايڏي پاسا ولائي، هر اوڏي. دير دير نال ٻانگ ڏتس. عشا دي نماز پوري ٿئي، هرڪو ڀڄ وڃ گهر وچ ارامي ٿيا.

سيالا آپڻين پور وچ ها، اتر ڀي آڪي ته اڄ نه لڳان ته ڪڏان لڳان_ ڦڦڙي پئي ڪنبي!  گهگهه انڌارا... جيڏي ڪن چا ڏي، ته چپ ئي چپ_ڄڻ ته سڄي ڳوٺ وچ ديو گهم ڳيا ها. ڪتي ڀي ڀڄ وڃ سي ڪنون سوگهي ٿئي هن. رڳا مولوي آئون ڏون کٿابي مسيت وچ کڙي، هولين هولين اليندي هن. ٿولي دير ڪنون پڇي، لوڻي مريندي، پير  پير وچ پيندي، هجري دي در تي آن کڙي. مولوي هٿ دي اشاري نال ڏونهين کٿابيان ڪو هولين پر ڪرڙائي نال آکيا:

” اڃا کڙي هئو! اڙي وارا ڪرو..... متان ڪو ڏيک نه گهني!“

”شيطان دا ڦل! هڻ گهني ڏوڪر، ته ڳڻ ڏيوانس! معتبر... جماعت ڪون دانهان ڏيندا ها!“ مولوي آپڻي منهن آکڻ لڳا.

کٿابيان چئندي ئي ٽين چئين ڏينهان دا پروٿا، پالي جهڙا پاڻي دا مٽ، انهندي اتون چا گهتيا..... رحمون غريب جي رڙ نڪل ڳئي، اڀا ٿي ول ڪر پيا. ڪرڻ نال بيوشي وچ ”خرر.... خرر“ ڪرڻ لڳا.

کٿابيان مولوي ڏي ڏٺا، مولوي کٿابيان ڏي_سڀنئي دي ڪنڌ شرم ڪنون جهڪ ڳئي. ڳوٺ دي ڪتيان وچ باهوڙ پئو ڳئي. آسمان وچ ٻلدي تاري اجهام ڳئي، چنڊ ڏيکدئين ڏيکدئين شرم ڪنون ڪڪران وچ لڪ ڳيا....

مولوي فجر دي ٻانگ ڏتي_ رب دي رحمت جاڳ اٿي، رحمون ويچارا هميشه ڪاڻ سمهه پيا. خدا دي بندي هڪ ٻئي پڇون هٿ منهن ڌوندي، ڏڪدي ڏڪدي مسيت وچ آندي ڳئي. سج ڪندي ڪڍي... پر رحمت دي فرشتي، اڄ آپڻيان ڀربل جهوليان واپس ولا ڳئي!.

سعادت حسن منٽو

سنڌيڪار:علي بخش ميمڻ

ساڍا ٽي آنا

”مون خون ڇوڪيو، ڪنهن انسان جي خون ۾ همٿ ڇو رنڱيم: اهو هڪ ڊگهو داستان آهي. جيستائين مان اوهان کي ان جو تفصيل نه ٻڌائيندس، تيسين اوهان کي ان جي خبر پئجي ڪين سگهندي، مگر  هن وقت اوهان صاحبن جي گفتگوءَ جو موضوع ”جرم ۽ سزا“ آهي، ”انسان ۽ جيل“ آهي، جيئن ته مانجيل ۾ رهي چڪو آهيا، تنهنڪري ان باري ۾ منهنجي راءِ غلط ٿي نٿي سگهي. مون کي ”منٽو“ صاحب ساب پورو اتفاق آهي ته جيل مجرم جي اصلاح ڪري نٿو ٿي سگهي. مگر اها حقيقت ايترا دفا ته دهرائي ويئيآهي، جو ان تي غور ڪرڻ سان ماڻهوءَ کي ائين محسوس ٿئي ٿو، ڄڻ ته هو هزار ڀيرا اڳ جو ٻڌايل لطيفو وري وري بيان ڪري رهيو آهي..... ۽ هي لطيفو نه آهي ته ڇا آهي؟_ جڏهن حقيقت جي ڄاڻ هوندي به هزارن جي تعداد ۾ جيلخانا موجود آهن، هٿڪڙيون آهن........ ۽ هو ننگ انسانيت ٻيڙيون!  مان قانون جي اهڙي زيور سان آراسته ٿي چڪو آهيان!“_ائين چئي، رضويءَ مون ڏانهن ڏٺو ۽ مشڪيو. هن جا ٿلها ٿلها حبشين جهڙا چپ ڪجهه عجيب انداز ۾ چريا ۽ هن جون ننڍيون ننڍيون مخمور اکيون، جي ڪنهن خونيءَ جون پئي معلوم ٿيون، چمڪڻ لڳيون.

جڏهن هن اوچتو ئي اسان جي گفتگو ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو، ته اسين سڀيئي ڏڪي وياسون. هو اسان جي ڀرسان رکيل ڪرسيءَ تي ڪريم واري ڪافي پي رهيو هو، جڏهن هن پنهنجو تعارف ڪرايو، تڏهن اسان کي اهي سڀيئي واقعا ياد اچي ويا، جي سندس قتل جي واردات سان تعلق رکندڙ هئا، سرڪاري شاهد بڻجي، هن وڏيءَ صفائيءَ سان پنهنجي ۽ پنهنجي ساٿين جي، ڦاسيءَ جي ڦندي کان، جان آزادي ڪرائي هئي. هن ان ڏينهن آزاد ٿي آيو هو، ڏاڍي مانائتي نموني هو مون مخاطب ٿيو؛ ”معاف ڪجو، منٽو صاحب! اوهان جي گفتگو سان منهنجي دلچسپي آهي، مان اديب ته ڪونه آهيان، پر اوهان جي گفتگو جو موضوع اهڙو آهي، جنهن بابت پنهنجي ڀڳل ٽٽل زبان ۾ ڪجهه نه ڪجهه ضرور چئي سگهندس.“ ان کانپوءِ وري چيائين، ”منهنجو نالو صديق رضوي آهي: لنڊي بازار ۾ جو خون ٿيو هو، مان ان ۾ جوابدار هيس.“

مون انهيءَ خون بابت صرف مٿاڇريءَ طرح اخبار ۾پڙهيو هو: پر جڏهن رضويءَ پنهنجو تعارف ڪرايو، ته منهنجي ذهن ۾ ان جون سرخيون اڀري آيون.

اسان جي گفتگو جو موضوع اهو هو ته ”واقعي جيل مجرم جي اصلاح ڪري ٿو؟“  مان خود محسوس ڪري رهيو هوس ته اهڙي گفتگو ڪري، اسين گويا هڪ چوسيل ڳنڍيري  وري چوسي رهيا هئاسون. رضويءَ جڏهن ائين چيو: ”هيءَ حقيقت ايترا دفعا ته دهرائي ويئي آهي، جو ان تي غور ڪندي ماڻهوءَ کي ائين محسوس ٿئي ٿو، ڄڻ ته هزار دفعا اڳ جو ٻڌايل لطيفو بيان ٿي رهيو آهي“_ ته مون کي وڏي تسڪين ملي ويئي، مون ائين سمجهيو ته رضويءَ ڄڻ ته منهنجي خيالن جي ترجماني ڪئي آهي. ڪريم_ڪافي  ختم ڪري، رضويءَ پنهنجين ننڍڙين مخمور اکين سان مون ڏانهن ڏٺو، ۽ ڏاڍيءَ سنجيدگيءَ سان چيو: ”منٽو صاحب، انسان گناهه ڇو ٿو ڪري، گناهه ڇا آهي، سزا ڇا آهي_ مون ان بابت ڏاڍو غور سان سوچيو آهي. منهنجي اڻپوري ءَ سمجهه موجب هيئن آهي ته هر گناهه جي پٺ ۾ هڪ تاريخ آهي..... زندگيءَ جي واقعات جو هڪ وڏو حصو ان جي تهه ۾ هوندو آهي_ ڏاڍو منجهيل ۽ ڏنگو ڦڏو. مان نفسيات جو ماهر نه سهي، پر ايتري ڄاڻ ضرور اٿم ته ڪوبه انسان، ڄاڻي ٻجهي، پنهنجي رضا خوشيءَ سان ڏوهه ڪونه ٿو ڪري، مگر حالات کان مجبور ٿي ائين ڪري ٿو. قتل جي گناهه ۾ قاتل برابر گنهگار آهي، مگر مقتول به صفا ڇٽي نتو سگهي!“

نصير چيو، اوهان بلڪل درست فرمايو آهي.“

رضويءَ وري ڪافي لاءِ آرڊر ڏنو ۽ نصير کي چيو، ”مون کي معلوم نه آهي: پر مون جيڪي ڪجهه چيو آهي سو مشاهدي جي مدنظر؛ نه ته هيءِ موضوع ڏاڍو پراڻو آهي. منهنجو  خيال  آهي ته وڪٽر هيوگو، جيڪو فرانس جو هڪ مشهور ناول نويس هو_شايد ڪنهن ٻئي ملڪ جو هجي، توهان کي ته خبر ڄاڻ هوندي_تنهن جرم ۽ سزا بابت گهڻو ڪجهه لکيو آهي. مون کي هن جي تصنيف مان ڪجهه فقرا ياد آهن...“ ائين چوندي، هو مون ڏانهن مخاطب ٿيو؛ ”منٽو صاحب،شايد اوهان جو ئي ڪيل ترجمو هو_ ڇا هو؟ اها ڏاڪڻ ڪڍي ڇڏيو، جا انسان کي ڏوهن ۽ ڏکن ڏانهن وٺي وڃي ٿي.“ مان هاڻي سوچيان ٿو ته اها ڏاڪڻ ڪهڙي آهي، ۽ ان جا ڏاڪا آخر ڪيترا آهن!

”ڪجهه به هجي: اها ڏاڪڻ ضرور آهي، ۽ ان کي ڏاڪا به آهن_ ۽ جيئن آءُ سمجهان ٿو، بنهه بيشمار آهن: انهن جي ڳڻپ، انهن جو شمار ڪرڻ ئي ناممڪن آهي.

”منٽو صاحب، حڪومت راءِ شماري ڪرائي ٿي: حڪومت آدمشماري ڪرائي ٿي، حڪومت هر قسم جي شماري ڪرائي ٿي: پوءِ ان ڏاڪڻ جي ڏاڪن جي شماري ڇو نٿي ڪرائي؟ ڇا، هي ان جو فرض نه آهي؟ مون خود ڪيو_ ليڪن ان ڏاڪڻ جا ڪيترا ڏاڪا طي ڪري پوءِ ڪيم؟ حڪومت مونکي سرڪاري شاهد بنايو، ان لاءِ ته خون جو ثبوت ملي، جو ان وٽ ڪونه هو. پر سوال هي آهي ته مان پنهنجي گناهه جي معافي ڪنهن کان وٺان؟ اهي حالتون جن مونکي خون ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو هو، هاڻ منهنجي نزديڪ نه آهن. انهن ۽ منهنجي وچ ۾هڪ سال جو مفاصلو آهي. مان ان مفاصلي کان معافي وٺان، يا انهن حالتن کان، جي پريان بيهي منهنجا ويچارا ڪڍي رهيون آهن....؟“

اسين سڀ رضوي جون ڳالهيون وڏي غور سان ٻڌي رهيا هئاسون. هو بظاهر تعليم يافته  نه پئي معلوم ٿيو، پر هن جي گفتگو مان ظاهر هو ته هو تعليم يافته آهي ۽ گفتگو ڪرڻ جي سليقي مان واقف آهي، مان ڪجهه چوان ها، مگر مون چاهيو پئي ته هو ئي چوندو رهي، ڳالهائيندو رهي ۽ مان ٻڌندو رهان. ان ڪري مون هن جي گفتگو جي وچ ۾ ڪجهه به نه ڪڇيو.

سندس ڪافي اچي ويئي، ٻه چار ڍڪ ڀري، هن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو: ”خدا ڄاڻي مان ڇا بڪندو رهيو آهيان؛ پر منهنجي دل ۾ هر وقت هڪڙي ماڻهو جو خيال رهيو آهي... ان ماڻهوء جو_جو اسان سان جيل ۾ گڏ هو. ان کي ساڍا ٽي آنا چورائڻ جي ڏوهه ۾ هڪ سال قيد جي سزا مليل هئي!“

نصير حيرت سان پڇيس، ”فقط ساڍن ٽن آنن جي چورائڻ ڪري؟“

رضوي برف جهڙن ٿڌن لفظن ۾ چيو، ”هائو... فقط ساڍن ٽن آنن جي چورائڻ ڪري_جي ان کي نصيب به نه ٿيا، ڇاڪاڻ ته هو پڪڙجي پيو، اها رقم خزاني ۾ محفوظ آهي، ۽ ڦڳو ڀنگي غير محفوظ!_ڇو جو ٿي سگهي ٿو ته هو وري پڪڙيو وڃي_ ڇاڪاڻ ته ٿي سگهي ٿو ته هن جو پيٽ وري هن کي مجبور ڪري_ڇاڪاڻ ته ٿي سگهي ٿو ته هن کان پائخانا صاف ڪرائڻ واران هن کي پگهار نه ڏيئي سگهن_ ڇو جو ٿي سگهي ٿو ته هن جي پگهار ڏيندڙن کي به پنهنجو پگهار نه مليو هجي. اهو ”ٿي سگهي“ جو سلسلو، منٽو صاحب، عجيب غريب آهي. سچ پڇو ته دنيا ۾ سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو_رضويءَ کان خون به ٿي سگهي ٿو.“ ائين چئي، هو ڪجهه وقت لاءِ خاموش ٿي ويو.

نصير هن کي چيو، ”توهان ڦڳو ڀنگيءَ جي ڳالهه ڪري رهيا هئا....“

رضويءَ پنهنجين ڀورين مڇن تان، رومال سان ڪافي صاف ڪئي. ”ها، ڦڳو ڀنگي چور هجڻ جي باوجود_يعني قانون جي نظرن ۾ هو چور هو_اسان جي نظر ۾ پورو ايماندار هو؛ خدا جو قسم، مون اڄ تائين اهڙو ايماندار ماڻهو نه ڏٺو آهي. ساڍا ٽي آنا برابر هن چورايا هئا_ ۽ هن ڪورٽ  ۾ صاف چئي ڏنو هو ته ”هيءَ چوري برابر مون ڪئي آهي ۽ مان پنهنجي حق ۾ ڪابه شاهدي پيش ڪرائڻ نٿو چاهيان. مان ٻن ٽن ڏينهن کان بکيو هوس. لاچار مون کي ڪريم درزيءَ جي کيسي ۾ هٿ وجهڻو پيو. منهنجي ٻن مهينن جي پگهار جا پنج روپيا رهندڙ هئا. حضور، هن جو به ڪو قصور ڪونه هو. هن جا پاڻ ڪيترا گراهڪ سلائيءَ جا پئسا جهليو ويٺا هئا. حضور، مان اڳ به چوريون ڪري چڪو آهيان. هڪ دفعي ميم صاحب جي ٻٽونءَ مان ڏهه روپيا ڪڍيا هئم. مون کي هڪ مهينو سزا ملي هئي. وري ڊپٽي صاحب جي گهران هڪ چانديءَ جو رانديڪو چورايو هوم_صرف ان لاءِ جو منهنجي پٽ کي نمونيا ٿي پئي هئي ۽ ڊاڪٽر في گهري رهيو هو. حضور، مان اوهان سان ڪوڙ نه ٿو ڳالهايان، مان چور نه آهيان، حالتون ڪجهه اهڙيون هيون، جو مون کي چوري ڪرڻي پئي_ ۽ حالتون ڪجهه اهڙيون هيون جو مان پڪڙجي پيس. مون کان وڏا وڏا چور موجود آهن حضور، پر اهي اڃان تائين پڪڙيا نه ويا آهن. حضور، هاڻ ته منهنجو پٽ به نه آهي ۽ زال به ڪانه آهي.... پر افسوس اهو آهي ته اڃا منهنجو پيٽ جيئرو آهي_هي مري وڃي ته جيڪر سارو جهنجهٽ ئي ختم ٿي وڃي. حضور، مون کي معاف ڪريو!،... ليڪن ”حضور“، ان کي معاف نه ڪيو، ۽ عادتي ڏوهاري سمجهي هن کي ٻارهن مهينا سخت پورهئي سان سزا ڏني“.

رضوي بي تڪلف انداز ۾ ڳالهائي رهيو هو، جنهن ۾ ڪوبه وڌاءُ يا بناوت نه هئي. ائين پئي معلوم ٿيو، ڄڻ لفظ خود بخود هن جي زبان تي اچي رهيا هئا.

مان بلڪل خاموش هوس؛ سگريٽ مٿان سگريٽ پي رهيو هوس ۽ هن جي گفتگو ٻڌي رهيو هوس. نصير وري هن ڏانهن مخاطب ٿيو: ”اوهان ڦڳوءَ جي ايمانداريءَ بابت ڪجهه چئي رهيا هئا....“

”هائو“، رضويءَ کيسي مان ٻيڙي ڪڍي دکائي_ ”مون کي معلوم نه آهي ته قانون جي نظر ۾ ايمانداري ڇا آهي. ليڪن مون کي يقين آهي مون ڏاڍيءَ ايمانداريءَ سان خون ڪيو هو: ۽ منهنجو خيال آهي ته ڦڳو ڀنگيءَ به وڏيءَ ايمانداريءَ سان ساڍا ٽي آنا چورايا هوندا. منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ماڻهو ايمانداريءَ کي صرف چڱين ڳالهين ڏانهن منسوب ڇو ٿا ڪن_ ۽ سچ پڇو ته مان هاڻ اهو سوچڻ لڳو آهيان ته آخر چڱائي ۽ برائي آهي ڇا؟ هڪ شي اوهان لاءِ سٺي آهي: مون لاءِ بري ٿي سگهي ٿي. ڪنهن سوسائٽيءَ ۾ ڪا چيز سٺي سمجهي وڃي ٿي، ٻيءَ ۾ ساڳي چيز خراب،. اسان مسلمانن ۾ بغل جا وار وڌائڻ گناهه سمجهيو وڃي ٿو، ليڪن سک اهڙي گناهه کان بينياز آهن. اگر هي وار وڌائڻ واقعي گناهه آهي، ته خدا انهن کي سزا ڇو نٿو ڏئي. جيڪو هو خدا آهي، ته منهنجو کيس عرض آهي ته ”خدا جي واسطي هي انسانن جا ٺاهيل قانون ٽوڙي ڇڏ_ هنن جا بڻايل جيل ڊاهي ڇڏ، ۽ آسمانن تي پنهنجون ڪورٽون برپا ڪر، ۽ خود پنهنجي ڪورٽ ۾ انهن کي سزا ڏي،_ ڇاڪاڻ ته ٻيو ڪجهه نه، ته انصاف ته ٿئي!“

رضويءَ جي اهڙي تقرير مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو. هن جي دل جو درد ئي در اصل تاثير جو سبب هو. هو ڳالهائي رهيو هو ته ائين پئي محسوس ٿيو، ڄڻ هو اسان سان نه، بلڪه پنهنجو پاڻ سان گفتگو ڪري رهيو آهي.

هن جي ٻيڙي وسامي ويئي هئي. شايد ان ۾ تماڪ جي ڪا ڳنڍ اچي ويئي هئي؛ ڇو جو هن پنج ڇهه دفعا ان کي مچائڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر جڏهن نه مستي ته ڦٽي ڪيائينس، ۽ مون ڏانهن مخاطب ٿي چيائين: ”منٽو صاحب! ڦڳو ساري زندگي مون کان نه مسرندو. اوهان کي ٻڌائيندس ته اوهان چوندا ته جذبات آهن. ليڪن خدا جو قسم جذبات جو هن ۾ ڪوبه دخل نه آهي_ مان هن جو دوست ڪو هوس، نه هوئي منهنجو دوست هو؛ ڇو جو هو هر وقت پاڻ کي ائين ئي سمجهندو رهيو.“

رضويءَ کيسي مان ٻي ٻيڙي ڪڍي: مگر اها ڀڳل هئي. مون هن کي سگريٽ آڇيو، جو هن ورتو_ ”مهرباني، منٽو صاحب، معاف ڪجو! مون ايتري بڪواس ڪئي آهي، جا مون کي نه ڪرڻ کپندي هئي: ان ڪري جو ماشاالله اوهان...“

مون هن کي وچ ۾ ڪاٽيندي چيو، ”رضوي صاحب، مان هن وقت منٽو نه آهيان: صرف سعادت حسن آهيان. اوهان پنهنجي گفتگو جاري رکيو، مان ڏاڍيءَ دلچسپيءَ سان ٻڌي رهيو آهيان.“

رضوي ٿورو مشڪيو ۽ هن جي ننڍڙين مخمور اکين ۾چمڪ اچي وئي_ ”اوهان جي وڏي نوازش آهي...“ وري نصير ڏانهن مخاطب ٿيو: ”مان ڇا چئي رهيو هوس؟“

مون يادگيري ڏياريمانس؛ ”اوهان ڦڳوءَ جي ايمانداريءَ بابت ڪجهه چوڻ پئي چاهيو.“

”هائو“_ائين چئي هن منهنجو پيش ڪيل سگريٽ دکايو. ”منٽو صاحب، قانون جي نظر ۾ هو عادتي چور هو. ٻيڙين لاءِ هڪ ڏينهن هن اٺ آنا چورايا هئا. ڏاڍي مشڪلات کانپوءِ هن جڏهن ڀت ٽپي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، ته هن جي پير جي هڪ هڏي ڀڃي پيئي_ جنهن لاءِ هو گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال علاج ڪرائيندو رهيو، مگر جڏهن منهنجو هم_جرم دوست” جرجي“ هن جي هٿ ويهه ٻيڙيون موڪليندو هو، تڏهن هو پوليس جي نظرن کان بچائي ويهن جون ويهه ئي ٻيڙيون آڻي منهنجي حوالي ڪندو هو. سرڪاري شاهدن تي ڏاڍي ڪڙي نظر رکي ويندي آهي، ليڪن جرجيءَ، ڦڳوءَ کي پنهنجو دوست ۽ همراز بنايو هو، ڦڳو ڀنگي هو، ليڪن هن جي فطرت ڏاڍي خوشبودار هئي، پهريائين پهريائين جڏهن هو جرجيءَ وٽان ٻيڙيون کڻي آيو، تڏهن مون سوچيو ته هن حرامزادي چور ضرور ڪجهه غائب ڪيون هونديون؛ مگر بعد ۾ مون کي معلوم ٿيو ته هو بلڪل ايماندار هو، ٻيڙين لاءِ اٺ آنا چورائي هن پنهنجي پير جي هڏي ڀڃائي هئي، جنهن لاءِ هو ٻارنهن مهينا علاج ڪرائيندو رهيو هيو؛ مگر هت جيل ۾، جت تماڪ جو ملڻ مشڪل ۽ ناياب هو ۽ جنهن جو هن کي ملڻ هڪ ناممڪن ڳالهه هئي، هو جرجيءَ جون سڀ ڏنل ٻيڙيون منهنجي حوالي ڪندو هو_ ڄڻ ته اهي وٽس هڪ امانت هيون! جڏهن هو ٿورو وقت گهٻرائڻ کانپوءِ مون کي چوندو هو، ”سائين، هڪڙي ٻيڙي ته ڏيو“ ته مان هن کي صرف هڪڙي ٻيڙي ڏيندو هوس_ انسان ڪيڏو ته ڪميڻو آهي!“ رضويءَ اهڙي نموني پنهنجي گردن کي جهڪايو، ‎ڄڻ ته پاڻ کان پاڻ نفرت ڪري رهيو هو.

”جيئن مان عرض ڪري چڪو آهيان، مون مٿان سخت پابندي هوندي هئي_سرڪاري شاهدن سان ائين ئي ٿيندو آهي. جرجي منهنجي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آزاد هو. هن جي لاءِ رشوتون ڏيئي ڪري گهڻيون ئي سهولتيون ميسر ڪيون ويون هيون. صابڻ ملندو هوس؛ ٻيڙيون ملنديون هيس؛ جيل اندر رشوت ڏيڻ لاءِ پئسا به ملي ويندا هئس، ڦڳو ڀنگيءَ جي سزا ختم ٿيڻ۾ باقي ٻه چار ڏينهن وڃي بچيا هئا، جڏهن هن پويون دفعو جرجيءَ وٽان مون کي ويهه ٻيڙيون آڻي ڏنيون، تڏهن مون هن جو شڪريو ادا ڪيو. هو جيل مان نڪرڻ لاءِ خوش ڪونه هو. مون جڏهن هن کي مبارڪ ڏني، تڏهن هن چيو، ”حضور، مان وري هتي اچي ويندس؛ بکئي انسان کي چوري ڪرڻي ئي پوي ٿي_بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن بکئي انسان کي کاڌو کائڻو ئي پوي ٿو. سائين اوهان ڏاڍا چڱا آهيو... مون کي ايتريون ٻيڙيون ڏيندا رهيا! خدا ڪري اوهان جا سڀ دوست ڇٽي وڃن. جرجي اوهان کي ڏاڍو ڀائيندو آهي“.“

نصير اهو ٻڌي، شيد پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي چيو: ”اهڙي ماڻهوءَ کي صرف ساڍن ٽن آنن چورائڻ ڪري سزا ملي هئي!“

رضويءَ گرم ڪافيءَ جو ڍڪ ڀريندي، نرم لهجي ۾ چيو؛ ”هائو، فقط ساڍن ٽن آنن چورائڻ جي ڏوهه ۾... ۽ اهي خزاني ۾موجود آهن_خدا کي خبر انهن سان ڪهڙي پيٽ جي آگ اجهامندي!“

رضويءَ ڪافي جو هڪ وڌيڪ ڍڪ ڀريو، ۽ مون ڏانهن مخاطب ٿيو: ”منٽو صاحب! هن جي ڇٽڻ ۾ فقط هڪ ڏينهن رهجي ويو هو، ۽ مون کي ڏهن روپين جي ڏاڍي گهرج هئي، مان تفصيل ۾ وڃڻ نٿو چاهيان_مون کي اهي پئسا سنتريءَ کي رشوت طور ڏيڻا هئا. مون ڏاڍيءَ مشڪل سان ڪاغذ پينسل هٿ ڪري، جرجيءَ ڏانهن هڪ خط لکيو هو، جو ڦڳو جي ذريعي ان تائين پهچايو هوم ته ”هو ڪهڙي به نموني مون ڏانهن ڏهه روپيا موڪلي“. ڦڳو اڻ پڙهيل هو، شام جو هو مون سان مليو، جرجيءَ جو خط مون کي ڏنائين_ان سان گڏ ڏهن رپين جو ڳاڙهو نوٽ به آڻي منهنجي هٿ تي رکيائين، مون خط پڙهيو. لکيل هو : ”رضوي پيارا، ڏهه رپيا موڪلي ته رهيو آهيان، مگر عادتي چور جي هٿ، خدا ڪري توکي ملن: ڇو جو هو سڀاڻي ئي جيل مان آزاد ٿي وڃڻ وارو آهي.“ مون جڏهن اها چٺي پڙهي، تڏهن ڦڳو ڀنگي ڏانهن ڏسي مشڪيم ته هن کي ساڍن ٽن آنن چورائڻ جي جرم ۾ هڪ سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ملي هئي، مان سوچڻ لڳس ته جيڪڏهن هو اهي ڏهه روپيا چورائي ها، ته کيس ساڍا ٽي آنا في سال جي حساب سان ڪيتري سزا ملي ها...؟“ ائين چئي، رضويءَ ڪافيءَ جو آخري ڍڪ ڀريو ۽ رخصت وٺڻ کانسواءِ ئي ڪافي هائوس کان ٻاهر نڪري ويو.

خليل جبران

سنڌيڪار:ثميره زرين

لاهي چاڙهي

” اڄ وري دير سان آئين....؟“

”ها.“

”ڪلهه به دير سان آيو هئين...“

”ها...!“

”هينئر ٻه بجا ٿيا هوندا.“

”ها، ٻه ٿيا هوندا.“

”بلڪ ٽي...“

”بلڪ ٽي!“

”ڪٿي هئين؟“

”مڙيوئي هتي. هتي.“

”ايترو دير سان ڇو آئين؟“

”ڪجهه اهڙي ڳالهه هئي.“

”مان انتظار ڪري رهي هيس.“

”نه ڪرين ها!“

”هاڻي نه ڪنديس...“

”شڪريه!“

”ماني کاڌءِ؟“

”ها.“

”ڪڏهن؟“

”ڪافي وقت ٿيو.“

”ڇا کاڌءِ؟“

”جيڪي مليو.“

”ڪٿان؟“

”جتان مليو.“

”پڇڻ گناهه آهي؟“

”ثواب به ڪونهي.“

”اڳي ته اهڙو ڪونه هئين.“

”ڪير؟“

”تون!“

”مون کي ڇا ٿيوآهي؟“

”پنهنجي دل کان پڇ.“

”ڇا پڇان؟“

”دل جو حال.“

”مان ته اهو ئي آهيان.“

”ته مان بدلجي ويئي آهيان؟“

”بيشڪ!“

”ڪهڙي خبر هئي ته هيءُ ڏينهن به ٿيندو...!“

”ڪنهن کي به خبر نه هوندي آهي.“

”مان راتين جو ٽي بجي تائين جاڳندي رهان؟“

”ڇو ٿي جاڳين؟“

”پر تنهنجي تفريح ختم نه ٿيندي؟“

”ڪهڙي تفريح؟“

”مان ڇا ڄاڻان ڪهڙي تفريح؟“

”ڄڻ مان هينئر تفريح ڪري موٽيو آهيان!“

”ٻيو ڇا...!“

”ها ...مان راتين جو ٽي بجي تائين تفريح ٿو ڪريان_ مان بيحد خراب آهيان!“

”نه، تون بيحد سٺو آهين!“

”نه، مان بيحد خراب آهيان... مون ۾ سڄيءَ  دنيا جا عيب آهن.“

”نه، تون بيحد سٺوپ آهين_نيڪ، رحمدل، فرض شناس! خراب ته مان آهيان.“

”تون؟ تون ويچاري صبر جي ديوي!“

” ۽ تون زال جو خيال رکڻ وارو... خواب ۾ به ڪنهن جي دل نه ڏکائڻ وارو!“

”۽ تون ڏکن جي ماريل خاوند جا ظلم سهڻ واري، فرض شناس، فرض...“

”مون کان اهي ڏک برداشت نٿا ٿي سگهن!“

”ڪهڙا ڏک“

”اهي ڏک.“

”نه برداشت ڪر...!“

”جيستائين زندگي آهي، برداشت ڪنديس.“

”جيستائين زندگي آهي، مان به برداشت ڪندس.“

”توکي ڪهڙي تڪليف آهي؟“

”۽ توکي ڪهڙي تڪليف آهي؟“

”منهنجي تڪليف، منهنجو خدا ٿو ڄاڻي.“

”منهنجا ڏک به منهنجو خدا ٿو ڄاڻي.“

”خدا جو خوف ڪر!“

”نه، خدا کان وڌيڪ مان توکان ٿو ڊڄان!“

”منهنجا خدا مان ڪاڏي وڃان_مون کي موت به نٿو اچي....!“

”خدا جي واسطي شور نه ڪر.“

”مان ٿي شور ڪريان يا تون؟“

”مان چوان ٿو ٻار بي آرام ٿيندو....“

”توکي ته ٻار جو ڏاڍو فڪر آهي!“

”توکان گهٽ ته ڪونهي.“
”خبر به نه اٿئي ته ڪهڙو حال اٿس، ڪهڙو نه،“

”ڇا خبر ناهي؟“

”اهو ئي ته بيمار آهي يا......“

”ڇو، خيريت ته آهي؟“

”تنهنجو ڇا.....؟“

”مان ڇا پڇان ٿو؟“

”تون پنهنجن کيل تماشن ۾ رهه!“

”منهنجي سوال جو جواب ڏي!“

”ڪهڙي سوال جو؟“

”ٻار ڪيئن آهي؟“
”توکي رات جو ٽي بجي ٻار جي محبت ڇو ستائڻ لڳي...؟“

”مان پڇان ٿو...“

”ڄڻ ڏاڍي محبت اٿس...!“

”جيتري توکي آهي، انهيءَ کان گهٽ ڪانهي.“

”تڏهن پيو سڄيءَ رات گهمي ڦرين.....!“

”مان گهمان نٿو.“

”تڏهن ڀلا رات جو ٽي وڳي تائين ڇا ٿو ڪرين!“

”ڪير ٿو چوي ته ٽي ٿيا آهن!“

”ٽي نه ٿيا آهن ته ڪيترو ٽائيم ٿيو آهي؟“

”اڃا ته ٻه به نه ٿيا آهن!“

”ڪير ٿو چوي؟“

”مان ٿو چوان.“

”ڪوڙ!“
”مان ڪوڙ ڇو ڳالهائيندس!“

”گوڙ نه ڪر، آهستي ڳالهاءِ...“
”ٻار ته بلڪل ٺيڪ آهي نه؟“

”بلڪل _ڇو؟“

”مون کي تنهنجي ڳالهائڻ مان شڪ پئجي ويو هو.“

”خدا ڪري ته ”عرفان“ سان ئي تنهنجو پيار هجي!“

”منهنجي محبت هميشه قائم آهي.“

”وڏو آيو محبت ڪرڻ وارو....!“

”ڇو نه!“

”محبت ۾ ڏک ڏيڻ وارو...!“

”تون ڏک سهڻ واري...“

”توکي ڪهڙو ڏک پهتو آهي؟“

”ڪوبه نه.“

”پوءِ، شڪايت ڇا جي؟“

”مون ڪهڙي شڪايت ڪئي؟“

”ڇا چيئي_شڪايت نه ڪيئي؟“

”ڪڏهن ڪيم؟“

”يا الله!....“

”۽توکي ڪهڙو ڏک پهتو آهي مون کان؟“

”تون پڇي ڇا ڪندين؟“

”تڏهن به....“

”وڏو آيو آهي رات جو ٽين بجي همدردي ڏيکارڻ وارو!“

”مان چوان ٿو اڃا ٽي نه ٿيا آهن!“

”ٻه سهي....“

”ها .... ٻه!“

”وڏو آيو آهي، رات جو ٻين بجي همدردي ڏيکارڻ وارو....!“

”مان ”آثم“ سان گڏ هئس.“

”آثم سان؟... ڪوڙ!“

”تنهنجو قسم!“

”ڄڻ منهنجي ڏاڍي پرواهه اٿئي.“

”اهو پنهنجي دل کان پڇ.“

”ڪنهن کان پڇان؟“

”پنهنجي دل کان.“

”ڇا پڇان؟“

”ته منهنجي دل ۾ محبت آهي يا نه؟“

”آهستي ڳالهاءِ... عرفان جي ننڊ ڦٽي پوندي.“

”ڪهڙي نه پياري ننڊ ڪري رهيو آهي....!“

”_هٿ مٿي هيٺان رکي“

”ننڍڙو هٿ ڏسينس.“

”۽ مشڪي ٿو...“

”بلڪل تو وانگر!“

”اونهون، هيءَ ته تو وانگر مشڪي رهيو آهي...!“

”ڪوڙ!“

”تنهنجو قسم!“

”ڪوڙي ڪٿي جي....“

هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي ته......

”تون به.....“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com