سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1956ع

مضمون

صفحو :15

جهانگير وٽ اجمير ۾ (2) جڏهن مرزا غازيءَ جي انتقال جي خبر رسي، ان وقت هن پهرين مرزا عيسيٰ ثانيءَ جي گورنريءَ لاءِ حڪم صادر ڪيو، ليڪن اهو رد ڪري وري  مرزا رستم مضويءَ لاءِ فرمان ڪڍيائين، جهانگير کي جڏهن عبدالعليءَ جي تخت نشينيءَ جو حال معلوم ٿيو، ان وقت کيس سخت خطرو ٿيو ته مرزا خسرو چالاڪ، باتدبير ۽ قوت وارو امير آهي؛  امڪان آهي ته هو سرحدي حاڪمن کان مدد وٺي، عبدالعليءِ جي نالي ۾ سنڌ کي آزاد نه ڪرائي ڇڏي: تنهنڪري بادشاهه، جيسين مرزا رستم تياري ڪري ٺٽي پهچي، ان کان اڳ ٻئي هڪ امير مير عبدالرزاق (3) کي ٺٽي موڪلي ڏنو،  ۽ پٺيان مرزا رستم به اچي پهتو، بادشاهه جي حڪم مطابق، مرزا رستم، ترخانن جي سڄي قبنيلي کي، خسرو ۽ عبدالعليءَ سميت، مير عبدالرزاق جي ذريعي هندوستان موڪلي ڏنو، عبدالرزاق اجمير جي منزل تي بادشاهه وٽ سڀني کي حاضر ڪري، ”مظفر خان“ جو لقب حاصل ڪيو.

”ترخان نامه“ جي مصنف جو قول آهي ته جهانگير، مرزا عبدالعليءَ ۽ خسرو خان کي بنديخاني ۾ وجهي ڇڏيو، عبدالعليءَ ڪجهه وقت بعد نور جهان بيگم جي شفاعت تي رها ٿيو، ۽ خسرو خان جيلخاني ۾ ئي فوت ٿي ويو . ”تحفته الڪرام“ جي مصنف لکيو آهي ته عبدالعلي

(1)  ”ذخيرت الخوانين“ جي مصنف شيخ فريد بکريءَ جو قول آهي ته ڀائيخان کيس مصحف شريف تي قسم کڻي ٻڌايو ته هن مرزا کي زهر ڪونه ڏنو، بلڪ هو عياشي ۽ ڪثرت شرابنو شيءَ سبب صحت وڃائي ويٺو هو، ۽ انهيءَ ڪري قتل از وقت سندس انتقال ٿيو، لطف الله ڀائيخان، مرزا جي انتقال بعد جهانگير جي درٻار ۾ آيو، ۽ منصب حال ڪري هندوستان ۾ رهڻ لڳو، جتي مختلف خدمتن تي سرافراز رهي انتقال ڪري ويو_سندس دفنگاهه ۽ سال وفات جو پتو نه آهي.

(2) مرزا 11 صفر 1021هه جو انتقال ڪيو: اها خبر بادشاهه کي اجمير ۾ 27 ربيع الاول 1021هه جو پيئي، (”تزڪ جهانگيري“، ص 110_مطبوعه نولڪشور)

(3) مير عبدالرزاق مظفر خان معموري، ٻئي دفعي جو گورنر ٿي آيو، ٺٽي جي مسجد حضري 1022هه جي معزول ٿيڻ بعد، جڏهن سڄو ترخاني قبيلو بادشاهه گهرائي ورتو، تڏهن خسرو دلشڪستو ٿي، لاهري بندر کان ايران هليو ويو، ”ذخيرت الخوانين“ (ص 163) ۽ ”ماثرالا مرا“ (ج 3_ ص ص 485_488) جا مصنف ”ترخان نامه“ واري قول جي تصديق ڪندي لکن ٿا، ته خسرو خان ترخاني قبيلي سميت بادشاهه وٽ اجمير ۾ وڃي حاضر ٿيو. بنديخاني جو اضافو فقط ”ترخان نامه“ ۾ آهي.

ٺٽي جي ترخاني حڪومت ختم ٿيڻ بعد، خسرو جي متعلق مٿيون روايتون ملن ٿيون.

ڪڏهن مئو، ڪٿي مئو، سنڌ ڇڏڻ بعد سندس زندگي ڪيئن گذري_ اهو سڀ ڪجهه راز ۾ رهي ويو آهي.

سنڌي مئورخن، خسرو خان جي بيحد تعريف ڪئي آهي. هو علم دوست، سخي، نيڪ، فقير دوست، عبادت گذار ۽ ملڪداريءَ جي سڀني صلاحيتن جو صاحب هو، شيخ فريد بکري، ”ذخيرت الخوانين“ جو مصنف لکي ٿو ته

”او موصوف بصفات حسنه بود، اولا زاهد، عابد، متدين، فقير دوست،

و سخي بيدريغ بود. سوال هيڍ کس اصلا رد نه نموده، و حسن سلوک

بمرتبه داشت که اگر او دعواي سرداري ميکرد، مر دم بطوع و رغبت

سرداريءَ او را قبول ميکردند،  و ميرزا غازي را از ميان بر ميداشتند، بنا بران

مرزا دست انداختن او، قدر نشد“. (163)

اهو قول مرزا جي هڪ معاصر مورخ جو آهي، جيڪو پاڻ سنڌي هو ۽ مرزا جي پيءَ لطف الله ڀائيخان جو واقف ۽ ملاقاتي هو (ص 162). مرزا غازيءَ پنهنجي دور اندر سندس بيخڪنيءَ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي: ليڪن بيخڪني ته ڇا، سندس وار به ونگو ڪري نه سگهيو، جڏهن قنڌار ويو ته هر چند دل نٿي گهريس، ليڪن سنڌ جي نيابت وري به سندس سپرد ڪري ويو. اها حقيقت آهي ته مرزا کي ايڏو اقتدار حاصل هو، ۽ سندس حسن سلوڪ عوام کي ايترو موهي ڇڏيو هو، جو جيڪڏهن هو چاهي ها ته سنڌ تي پاڻ قبضو ڪري وڃي ها، ليڪن پنهنجي مربي خاندان جو  انهيءَ خاندان جي هٿن مان سنڌ جي حڪومت جون واڳون نه وڃڻ، ليڪن قدرت جي فيصلي کي هو ٽاري نه سگهيو.

مير علي شير ”قانع“ لکي ٿو ته خسرو خان ابتدا ۾ ملا جاني بندريءَ جو ملازم هو، جتان مرزا عيسيٰ اول، کيس پڻ وٽ گهرائي، پهرين آفتابچيءَ جي عهدي تي رکيو، ۽ ان کانپوءِ سندس ذاتي جوهر ۽ خوبيون ڏسي کيس مختلف پرڳڻن جي عملداري ڏنائين_

”خسرو خان چرکس منسوب بچر کس خان، از اولاد چنگيز خان که در دشت

قبچاق حکومت کرده، نخست پيش ملا جاني بندري بود. مرزا عيسيٰ

ازو گرفته آفتابچي ساخت، و بمعائندهءِ جوهر ذاتيش عنقريب عملداريءَ پرگنات

فرموده در عهد ميرزا باقي ترقي نموده، در عهد ميرزا جاني امير والا اعتبار شد.“

خسرو جي سخاوت، دريا دلي، ۽ نيڪ طبعيءَ جي تعريف ڪندي، آخر ۾ ساڳيو مصنف لکي ٿو ته

”صاحب خير و توفيق، مثلش کسي درين زمين برنوخواسته، آثاري که ازو

ماند، احد ي از ملوک و امرا بر عشرش موفق نشد.“

مير علي شير لکي ٿو ته ٺٽي ۽ ان جي گرد نواح ۾، خسرو خان ٽي سئو سٺ رفاه عام جون عمارتون جوڙايون_ جهڙوڪ مسجدون، تلاءَ، کوهه، رانڪون، پليون ۽ مسافر خانا وغيره_ جن تي هن جي گهڻي ۾ گهڻي   دولت صرف ٿي. مير صاحب جو قول آهي ته انهيءَ ڪارخير ۾ هن، هن ڪري هٿ وڌو، جو هڪ ڏينهن خسرو پنهنجي جاءِ جي ڇت  تي بيٺو هو، اوچتو سندس نظر پاڙي واري گهر ۾ پيئي، جتي گهر جي مالڪياڻي اگهاڙي تڙ ڪري رهي هئي؛ خسرو خان بيحد متقي پرهيز گار ۽ نيڪ بخت هو، اگرچه اهو گناهه کانئس بيخبريءَ ۾ سرزد ٿيو، ليڪن ڪفاري ادا ڪرڻ جي خيال کان هن چاهيو ته پاڻ کي انڌو ڪري ڇڏي، وقت جي علمائن کي جڏهن سندس انهيءَ ارادي جي خبر پئي، تڏهن کيس روڪيائون ۽ انهن جي تجويز ۽ صلاح تي هن اهي عمارتون عوام جي آسائش لاءِ ٺهرائي، پنهنجو ڪفارو ادا ڪيو، عمارتن جو اهو تعداد (360) علمائن کيس مقرر ڪري ڏنو هو.

مير صاحب لکي ٿو ته وفات کانپوءِ ڪنهن ماڻهوءِ کيس خواب ۾ نهايت ئي خوش  ۽ خورم ڏٺو،  کانئس پڇا ڪيائين ته انهيءَ مهربانيءَ جو ڪهڙو ڪارڻ آهي، جنهن تي مرزا جواب ڏنو ته جيڪي خير جا ڪم مون ڪيا هئا، ۽ رفاه عام جون جايون، مسجدون، خانقا هون ۽ پليون وغيره جوڙايون هيم، تن جو ته مون کي هتي فائدو ڪونه رسيو_ انهن جو اجر ۽ جزار ته مون کي دنيا ۾ ئي ملي وئي، ڇاڪاڻ ته اتي منهنجي نيڪنامي ٿي. هتي مون سان جيڪو پسڻ ٿيو، هو هڪ غير محسوس ۽ معمولي واقعي ڪري ٿيو: هڪ ڏينهن مان ڪاغذ لکي رهيو هوس، مس جي ڦڙي تي هڪ مک اچي ويٺي ۽ ان کي ڇوسڻ لڳي؛ مان تيسين قلم روڪي ويهي رهيس، جيسين مک مس چٽي پنهنجو پاڻ اڏامي نه وئي، انهيءَ واقعي  سبب، جيڪو نه منهنجي ڌيان ۾ هو ۽ نه مان ڪنهن خاص خيال ڪري ئي ائين ڪيو هو، منهنجا سمورا گناهه ڌوپي ويا. (تحفته الڪرام“ ج 3، ص 91،92)

”مقالات الشعرا“ ۾، مير قانع مک وارو واقعو لکندي، مثال طور هيٺيون شعر ڏنو آهي:

خاطري موري چو کني شاد تو              خانه بجنت کني آباد تو

اهو واقعو غلط هجي يا صحيح، اهو خواب سچو هجي يا ڪوڙو، ليڪن ان مان اهو ته اندازو ٿئي ٿو ته ماڻهن کي خسرو جي لاءِ ڪيڏي نه خوش اعتقادي هئي، ۽ هنن چڱين چڱين ڳالهين کي ڏانهس منسوب ٿي ڪيو.

اها ئي عقيدت هئي، جنهنڪري سيد عبدالقادر ٺٽويءَ سنڌ جي اوليائين جو تذڪرو ” حديقته الاوليا“ لکي سندس نالي معنون ڪيو، مرزا خسرو جي نيڪ طبعي ۽ درويش دوستيءَ جو هي به هڪ ثبوت آهي، جو شيخ بهاءِ الدين ذڪريا ملتاني عليه رحمته جي خاندان جو هڪ فرد ميان ڪالو قريشي جڏهن سنڌ ۾ آيو، تڏهن مرزا هن کي مستقل طرح ٺٽي ۾ رهائي ڇڏيو، پنهنجي محلي ۾ سندس رهائش جو بندوبست ڪيائين، آخر ۾ کيس پنهنجي نياڻيءَ جو به سڱ ڏنائين، ٺٽي جو قريشي خاندان انهيءَ سڱابنديءِ مان پيدا ٿيو، خسرو وقت جو امير ڪبير هو، ڪنهن امير سان نياڻيءَ جي نسبت ڪري سگهيو ٿي، ليڪن طبيعت جي رغبت ۽ فطرت جو لاڙو نيڪيءَ طرف هوس، تنهنڪري مٽي مائٽيءَ لاءِ امير  تي فقير کي ترجيح ڏنائين.

مرزا خسرو بيگ علم دوست ۽ شعر و سخن جو دلدادو هو، وقت  جا ڪيترا عالم ۽ اديب سندس سرپرستيءَ هيٺ خوش گذران ڪندا هئا، سيد عبدالقادر  سندس ئي پر وردو ۽ سندس ئي دامن دولت سان وابسته هو. ”مقالات الشعرا“ ۾، مير علي شير سندس چند شعر نمونتا ڏنا آهن:

خسروا خاني تو در وقتي که از جان کرم           هر صباح و شام مي خواني بسر اهل هم

خائني درگاه رب العالمين باشي اگر               از تو ناراضي رود جاني ز تن سوي عدم

جهد کن، گرد آر، دلهاي خلايف، وانگهي                 هر چه با شي باش يکسانست گدا و محتشم

ص 88

امير خسرو دهلوي جي غزل جو هيٺيون شعر بطور سجع جي استعمال ڪندو هو:

خسرو از تو پناه مي طلبد

اي پناه من و پناه همه

360 رفاه عام جون جايون، جيڪي مرزا خسرو ٺهرايون، سي سڀ اڄ ناپيد آهن. ممڪن آهي ڪنهن عمارت، ڪنهن کوهه يا ڪنهن مسجد جو اڄ نشان هجي به (1)، ليڪن ڪنهن کي ان جي خبر ڪانه آهي. مڪليءَ تي هن هڪ خوبصورت رانڪ ٺهرائي هئي، جنهن جي تعريف ”مڪليءَ نامه“ جي مصنف ڪئي آهي؛ لکي ٿو ته

رسد اين جا اگر ارواح قدسي،        شود با زمرهءِ سيار انسي

بنام ايزد چه نيکو جايگاه است               فضايش جمله پاکيزه نگاه است_الخ

”مڪلي نامه“ ۾ انهيءَ رانڪ جي جاءِ وقوع بيان ڪئي وئي آهي، ۽ جاءِ جي نقشي جون مکيه ڳالهيون به ٻڌايون ويون آهن، اها رانڪ اڄ به زبون حالت ۾ مڪليءَ تي موجود آهي، ليڪن ڪنهن کي به خبر نه آهي ته انهيءَ جو جوڙائيندڙ ڪير هو ۽ جڏهن جڙي راس ٿي، ان وقت ان جي عظمت ۽ خوبصورتي ڪهڙي درجي تي هئي، عام طرح اڄ ”ست چڙهڻي“

(1)  ٺٽي جي مسجد دابگران سندس ٺهرايل آهي، جنهن جي ڪتبي تي تعمير جو سال 997هه (1588ع) مرقوم آهي، مسجد نهايت خوبصورت، مضبوط ۽ تعميري فنڪاريءَ جو بهترين نمونو آهي، ڇت ڪري پئي اٿس، چار ديواري سلامت؛ ۽ محڪمه آثار قديمه جي حفاظت ۾ آهي.

 

جي نالي سان مشهور آهي_ ڇاڪاڻ ته ستن پاسن کان مٿئين حصي تي پهچڻ لاءِ منجهس ڏاڪڻيون آهن، تنهنڪري عوام مٿس اهو نالو رکيو، محڪمه آثار قديمه جي ڊائريڪٽر مسٽر ڪوريال جو قول آهي ته فني لحاذ ۽ عمارت سازيءَ جي نقطي نگاه سان انهيءَ عمارت جو سموريءَ مڪليءَ تي ڪو مثال ڪونه آهي.

عمارت جو مٿيون حصو ڪري پيو آهي، پاسن وارا نشيمن ۽ نشيمن ۽ ديواريون موجود آهن؛ اندر معلوم ٿئي ٿو ته ڪي قبرون هيون، جيڪي بالائي حصي ڪرڻ سبب لٽجي ۽ دٻجي ويون آهن،کوٽائيءَ بعد ممڪن آهي ته سندس بانيءَ مرزا خسرو جي قبر به نڪري نروار ٿي پئي؛ ڇاڪاڻ ته اها عمارت هن پنهنجي دفن گاهه لاءِ ٺهرائي هئي، تنهنڪري وفات ڪٿي به ٿي هجيس، ليڪن دستور مطابق سندس لاش اتي ئي  دفن ٿيو هوندو.

مسٽر ڪوريال خاص طرح اها عمارت وٺي وڃي اسان کي ڏيکاري، ڇاڪاڻ ته انهيءَ جي فنڪاريءَ جو مٿس خاص اثر هو: کيس اهو به معلوم هو ته ان جو نالو ”ست چڙهڻي“ آهي، راقم الحروف ”مڪلي نامه“ جي معرفت کيس ٻڌايو ته اها عمارت خسرو خان جي رانڪ کان سواءِ ٻي ٿي نٿي سگهي.

(13) مرزا عيسيٰ ثاني:  مرزا عيسيٰ ثاني؛ مرزا عيسيٰ بن مرزا عبدالعلي بن مرزا عبدالخالق ترخان (1)، شاهه بيگ ارغون جي اميرن مان هو، ۽ ساڻس گڏ (26_927هه) سنڌ ۾ آيو، شاهه حسين جو به دست راست رهيو، 926هه ۾ شاهه حسين لا ولد فوت ٿيو، جنهنڪري اپر سنڌ تي سلطان محمود بکري قابض ٿيو، ۽ لوئر سنڌ مرزا عيسيٰ جي حصي ۾ آئي. سن 975هه ۾ مرزا عيسيٰ فوت ٿيو، ساڳئي سال سندس پٽ مرزا باقي تخت تي ويٺو، جنهن سخت ظالمانه (2) زندگي گذارڻ

(1) ان کان اڳتي جو شجرو ”ترخان نامه“ هن طرح ڏنو آهي: مرزا حسين ترخان، بن مرزا عبدالعلي ترخان، بن مرزا نور الله ترخان، بن مرزا فضل الله ترخان، بن امير اڪتمش، بم امير ايڪو تمر، ببن امير ايلجي، بن الجائتو خدابنده، بند ارغون خان، بن اباقا خان، بن هلاڪو، بن چنگيز خان، بن تولي خان، (2) ”ترخان نامه جي مصنف، مرزا جي مظالمن جي ڪيئي مثال ڏنا آهن، سندس سمورو وقت پنهنجي خاندان جي بيخڪنيءَ ۾ گذريو، هن اهائي ڪوشش ڪئي ته جيئن ڪوبه ترخان نه بچي، جو تخت جو دعويدار ٿئي، چنانچه سندس دور ۾ ڪيئي افراد مارجي ويا، ۽ ڪيترن وڃي هندوستان ۾ پناهه ورتي_

(الف) سندس ڀاءُ مرزا جان بابا تخت جو دعويدار هو، تنهن سان سندس ڪيتريون لڙائيون ٿيون، آخر سيد علي ٺٽويءَ کي وچ ۾ آڻي مرزا باقيءَ مصحف تي ساڻس صلح ڪيو، (”معصومي“، 113)؛ يادگار مسڪين جيڪو سندس ڀيڻ بيگه بيگي آغا بنت مرزا عيسيٰ جو مڙس هو، تنهن سان پڻ مصحف تي پرچاءُ ڪيائين؛ جڏهن صلح بعد اچ وڃ شروع ٿي، تڏهن هڪ ڏينهن ٻنهي کي پاڻ وٽ گهرائي قتل ڪرائي ڇڏيائين.

مرزا جان بابا جي مزار جو ڪتبو هي آهي:

هاتف از غيب گفت تاريخش      ورنه عقل از جنون بصحرا رفت

طرح ميم است تا يکي تاريخ              جان بابا ز دار دنيا رفت

(ڏسو ٻئي صفحي تي)

 

بعد 993هه ۾ خودڪشي ڪئي. کانئس پوءِ سندس پٽ مرزا پائنده بيگ (متوفي 1004هه) تخت نشين ٿيو؛ دماغ ۾ فتور هوس، تنهنڪري حڪومت  هلائڻ کان عاجز هو. سندس پٽ

(آندل اڳئين صفحي تان)

وٽس ”هوٿي“ ۽ ”نوتي“ نالي ٻه جلاد هوندا هئا، جن کان اهي ڪڌا ڪم ڪرائيندو هو. يادگار مسڪين ۽ جان بابا کي مارائڻ بعد، انهن کي حڪم ڏنائين ته يادگار جي گهرواريءَ ۽ ان جي ٻن معصوم پٽن کي به ماري ڇڏين، چنانچه جلادن انهن ٽن مظلومن جون سسيون به ڌڙ کان ڌار ڪيون.

(ب) مرز غالب، مرزا صالح بن مرزا عيسيٰ جو پٽ، سندس ڀائيٽو هو. کيس پنهنجي ڌيءِ سان منسوب ڪري، هڪ دفعي جاگير ڏيڻ لاءِ دلاسي تي پاڻ وٽ گهرائي، سندس پيشانيءَ تي چمي ڏئي، کيس ڪمري ۾ اندر وٺي ويو: هو ٿي ۽ نوتي اڳ ئي تيار بيٺا هئا، جن لنگهڻ سان هن جو ڪم پورو ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ نه فقط هن جو گهر، مال، متاع، ضبط ڪيائين، بلڪ سندس ننڍڙي ڀيڻ ۽ ڏاڏيءَ کي به بنديخاني ۾ وجهي ڇڏيائين.

(ج) مرزا جوهر سندس ڀاءُ هو؛ ملا جان محمد جيڪو ابتدا ۾ مرزا باقي جو معلم به هو، سو هن جي پاڙي ۾ رهندو هو؛ باقي ملا کي چرچ ڏني، جنهن تي هڪ ڏينهن هن اچي فرياد ڪيو ته مرزا جوهر سندس نياڻيءَ کي هٿ وڌا آهن: انهيءَ ڪوڙي بنتان تي مرزا باقيءَ کيس گرفتار ڪر جيل ۾ وجهي ڇڏيو، جيسين سندس قتل لاءِ هو حڪم ڪري ئي ڪري، ان کان پهرين مرزا جوهر ڪنهن ترڪيب سان بنديخاني مان ڀڄي گم ٿي ويو، مرزا باقيءَ حڪم ڪيو ته جتي ملي کيس قتل ڪيو وڃي، ليڪن هن جي قسمت هئي، جو آخر بچي ويو.

(د) پوراني خانوادي جو هڪ جيد عالم بزرگ ميرڪ عبدالرحمان بن شيخ ميرڪ به مرزا باقيءَ جي حڪم تي ناحق  قتل ڪيو ويو، (تفصيل ”معصومي“ 214)؛ ميرڪ جي مزار جو ڪتبو هي آهي:

ميرک چو شهيد شد بگفتم      با خامه که سال ان نوشتي

گفتا که نوشتم و بر آمد               تاريخ ز ”ميرک بهشتي“ 987هه

”معصومي“ ۾ آهي ته ان ڏينهن عيد الفطر جو ڏينهن هو. سندس مزار مڪليءَ ۾ ميرڪي ساداتن جي قبرستان ۾ آهي.

(هه) مرزا ناصر بن مرزا عيسيٰ اهي ظلم ڏسي، پاڻ بيمار  ٿي بستري تي پئجي رهيو. هن خوف کان پاڻ کي گونگو، منڊو، شل  ۽ اٿڻ وهڻ کان لاچار ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن کٽ تي ويهندو هو، ته ڪو ماڻهو جيسين کيس جهلي نه وهي، تيسين ويهي نه سگهندو هو؛ اهو اگرچه هن بهانو ڪيو هو، ليڪن اهڙيءَ طرح ان کي نباهيائين، جو ماڻهن سچ پچ کيس معذور سمجهيو. خود هڪ دفعي مرزا باقي اچي کيس ڏٺو؛ زبردستيءَ اٿاري وهار يائونس، ليڪن وهڻ سان پاسو ڏئي وري ڪري پيو. جيسين مرزا باقي جيئرو هو، تيسين هن اهو ناٽڪ نهايت هوشياريءَ سان قائم رکيو، ۽ انهيءَ سبب ڪري بچي به ويو.

(و) سندس ٻيو ڀائيٽو، شاهه بابا بن مرزا جان بابا، جان بچائي هندوستان هليو ويو، جڏهن مرزا جاني سنڌ جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد، هندوستان پهتو، ان وقت کيس هٿ ڪري، ٺٽي واپس موڪليائين.

(ز) مرزا عيسيٰ ثاني به سندس ڀائيٽو هو؛ جيسين مرزا باقي زنده هو، تيسين هو به پنهنجي ناناڻن ۾ لڪو پيو هو: باقيءَ جي مرڻ بعد، جاني بيگ کيس موٽائي آندو.

(ڏسو ٻئي صفحي تي)

مرزا جانيءَ واڳ ورتي، جنهن کان سن 1000هه ۾ خان خانان مرزا عبدالرحيم خان، سنڌ ورتي. مرزا جانيءَ 1008هه ۾ برهانپور ۾ وفات ڪئي. اڪبر اعظم سندس پٽ مرزا غازيءَ کي بطور گورنر جي سنڌ تي قائم رکيو، جنهن 1021هه ۾ قنڌار جي گورنري ڪندي رحلت ڪئي.

مرزا عيسيٰ ثاني جنهن جي لاءِ ”ترخان نامه“ جو مصنف چوي ٿو ته

ز ترخانيان مثل او گوهري،          نيا ورده از آسمان ديگري_

جنهن جي خوبصورت ۽ بيمثل رانڪ مڪليءَ تي آهي، ۽ ”مڪلي نامه“ ۾ جنهن جو ذڪر نهايت دلفريب انداز ۾ ڪيو ويو آهي، سو مٿئين مرزا عيسيٰ  جو پوٽو، مرزا  جان بابا (1) جو پٽ، ۽ مرزا باقيءَ جو ڀائيٽيو هو.

سميجن مان سندس والد شادي ڪئي هئي، جنهن مان مرزا عيسيٰ ڄائو، پنهنجي ناناڻڪي قوم، جيڪا سنڌ اندر وڏي زور واري هئي، تنهن جي کيس پشتي حاصل هئي. مرزا باقي جڏهن پنهنجي آڪهه مارائڻ شروع ڪئي، ان وقت مرزا عيسيٰ، پنهنجي ناناڻن وٽ وڃي پناهه گزين ٿيو هو. باقيءَ کيس هٿ ڪرڻ جي انتهائي ڪوشش ڪئي، ليڪن سميجن جي پناهه گزين کي حاصل ڪري نه سگهيو.

”تاريخ طاهريءَ“ جو قول آهي ته مرزا جانيءَ جي فوت ٿيڻ بعد، مرزا غازيءَ ۽ حڪومت جي ارڪانن ۾ جڏهن اختلاف ٿيو، ان وقت مرزا خسرو، ابو القاسم سلطان، ۽ ٻين اميرن سان گڏ مرزا عيسيٰ به شامل ٿيو، خيال هوس ته جيڪڏهن غازيءَ کي شڪست آئي، ته سنڌ جي حڪومت جي مسند اڪبر کان هو پنهنجي لاءِ حاصل ڪندو. هڪ ته امير امرا، جن جي ان وقت هلندي پڄندي هئي، سي سڀ مرزا غازيءَ جي مخالف هئا، ۽ مرزا عيسيٰ جي شرڪت سبب سڀني جي همدردي مرزا سان هئي؛ ٻيو ته سنڌ جي سميجن جو قبيلو، جيڪو ان وقت قوت ۽ ڪثرت تعداد سبب سنڌ جي سڀني قبيلن ۾برک هو، اهو سندس پٺيان هو. ”طاهريءَ“ جي مصنف

(آندل اڳئين صفحي تان)

اهي ڪلور ته هن پنهنجي گهراڻي سان ڪيا؛ ان کان به زياده ظلم رعيت سٺا، حقيقت ۾ سندس مزاج ۾ وحشت ۽ دماغ ۾ فتور پيدا ٿي پيو هو؛ تخت وڃڻ جي خوف کان هن قتل ۽ غارتگري انهيءَ حد تائين شروع ڪري ڏني، جو سڄو ملڪ ويران ۽ بيزار ٿي پيو، آخر انهيءَ فتور سبب پاڻ به چند سالن بعد ديوانو ٿي پيو، ۽ هر وقت پيو چوندو هو ته ”اجهو جان بابا مون کي مارڻ ٿو اچي!“ ”اجهو يادگار مسڪين قبر مان اٿي مون کان بدلو وٺڻ ٿو اچي!“_ اهڙي طرح خوف ۽ هراس وچان هڪ ڏينهن پنهنجي پيٽ ۾ ڇرو هڻي، پنهنجي پڄاڻي آندائين. سندس مزار جو ڪتبو هي آهي:

”وفات يافت حضرت جنت المقامي الواصل اليٰ جوار الملک الرحمان ميرزا احمد باقي

بن ميرزا عيسيٰ ترخان در تاريخ هشتم روز شنبه شهر شوال 993هه“.

مورخن جو قول آهي ته پنهنجي وچئين پٽ مرزا شاهه رخ جي، جيڪو نصرپور جو پرڳڻيدار هو، اوچتي فوت ٿيڻ (992هه) سبب چريو ٿي پيو.

(1)  مرزا عيسيٰ ثانيءَ جي سامهون جان بابا جو مقبرو آهي. يادگار مسڪين ۽ انهن جو سمورو عيال به اتي مدفون آهي. (جان بابا جي مزار جي ڪتبي لاءِ ڏسو صفحي 36 جو فٽ نوٽ نمبر 2)

جو قول آهي ته ”سندس اها اميد پوري ٿي نه سگهي“. مرزا غازيءَ سڀني اميرن کي جلد ئي زير ڪري، حڪومت جو انتظام مستحڪم ڪري ڇڏيو: مرزا عيسيٰ تنهنڪري نااميد ٿي بادشاهه جي دربار ۾ آگري هليو ويو، اهي واقعات سن 1011هه جا آهن (1). ”ترخان نامه“ جو مصنف لکي ٿو ته جڏهن خسرو چرڪس ۽ مرزا غازيءَ جو اختلاف ٿيو، ان وقت مرزا عيسيٰ، غازيءَ وٽ ايندو ويندو هو،. هڪ ڏينهن پاڻ غازيءَ وٽ ويٺو هو، جو هن حڪم ڪيو ته جيئن اڄ خسرو سلام تي اچي تيئن کيس گرفتار ڪيو وڃي. مرزا عيسيٰ انهيءَ حڪم سان اختلاف ڪندي، کيس سمجهايو ته پنهنجن پراڻن اميرن سان اهو سلوڪ نه ڪري: ليڪن غازي پنهنجي ضد تان نه لٿو، عيسيٰ ڏکوئجي دربار مان اٿيو هليو آيو. اتفاق سان دروازي جي ٻاهران کيس خسرو گڏجي ويو. جنهن کي اشارن ۾ حقيقت حال کان آگاهه ڪري، پاڻ انهيءَ وقت ٺٽو ڇڏي، سميجن وٽ هليو ويو، ۽ انهن جي مدد سان سنڌ جي سرحد پار ڪري آگري وڃي پهتو.

اختلاف جا جذئيات ڪهڙا به هجن، بهرحال سڀئي مورخ انهيءَ تي متفق آهن ته مرزا عيسيٰ سنڌ جا وڻ غازيءَ جي اختلاف سبب ڇڏيا، ۽ سندس باقي زندگي مغل سرڪار وٽ مختلف عهدن ۽ منصبن تي بسر ٿي، اڪبر عيسيٰ جي پهچڻ بعد ٻه اڍائي سال جيئرو هو؛ خبر نه آهي ته انهيءَ جي دور ۾ مرزا سان ڪهڙو سلوڪ ٿيو، ليڪن جيئن جهانگير تخت تي ويٺو، تيئن کيس منصب ڏئي، دکن اماڻيائين_

”جنت مڪاني بمنصب عمدهء مطرح انتظار عاطفت ساخته، تعينات دکن فرمود.“

(مائر الامرا“، 485_3)

مرزا غازي جڏهن 1021هه ۾ فوت ٿيو، ان وقت مسئلو پيدا ٿيو ته سنڌ تي نئون حاڪم ڪير موڪلجي، پٺيان خسرو چرڪس، انهيءَ خاندان جي هڪ ڪمسن شاهزادي عبدالعلي بن مرزا فرخ بن مرزا شاه رخ (متوفي 993) هه) بن مرزا باي کي تخت تي وهاري، جهانگير جي حضور ۾ سند لاءِ عريضو موڪلي ڏنو. جهانگير انهيءَ خطري کان، ته مبادا عبدالعليءَ  جي نالي ۾، خسرو سرحدي حڪومتن کان مدد وٺي سنڌ کي مرڪزي حڪومت کان آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪا بغاوت ڪرائي وجهي، مرزا عيسيٰ کي سنڌ ڏانهن موڪلڻ جو فرمان ڪڍيو.

عيسيٰ دکن کان جڏهن اچي دربار ۾ پهتو، تڏهن ڪن غرضگوين ان لاءِ به بادشاهه جا ڪن ڀريا ته ”مرزا  زماني کان وٺي سنڌ جي حڪومت جو شائق ۽ آرزومند رهيو آهي، پاڻ وڏو عقلمند ۽ اونهو آهي؛ ممڪن آهي ته وطن پهچي، آبائي حڪومت جو خواب ڏسي، خود مختيار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري، ۽ حڪومت لاءِ درد سر جو سبب بڻجي“. بادشاهه کي اهو به خطرو هو ته متان ڪيچ مڪران ۽ هرمز جي حاڪمن ذريعي ايران جي بادشاهه کان به انهيءَ سلسلي ۾ مدد وٺي.

(1)” ترخان نامه“ ۾ آهي ته 1012هه ۾ مرزا اگري پهتو.

بادشاهه جي دل ۾ اها ڳالهه ويهجي وئي، جنهن ڪري هن مرزا رستم صفويءَ کي سنڌ جي حڪومت جو پروانو ڏنو، ۽ جيسين مرزا تيار ٿي ٺٽي پهچي، ان کان اڳ بادشاهه مير عبدالرزاق معموريءَ کي ٺٽي روانو ڪري ڇڏيو. بقول ”ترخان نامه“ مرزا رستم به پٺيانئس 10 محرم 1022 هه اچي پهتو، شاهي حڪم مطابق مرزا رستم ٺٽي پهچي، عبدالعليءَ کي معزول ڪري، عبدالعلي، خسرو چرڪس ۽ ترخان جي سموري اهل عيال کي مير عبدالرزاق جي ذريعي دربار ڏانهن موڪلي ڏنو (1)

مٿين روايت ”ماثرالا مرا“ جي آهي، جنهن جي تائيد شيخ فريد بکري به ڪري ٿو، جيڪو نه فقط سنڌي مورخ آهي، بلڪه مرزا عيسيٰ جو دوست عزيز ۽ تعلقدار به هو (2): لکي و ته

(1)  سيد عبدالرزاق، انهيءِ سموري لڏي کي وٺي، اجمير جي منزل تي وڃي، بادشاهه وٽ حاضر ٿيو. بادشاهه انهيءَ ڪاميابيءَ تي، بقول ”ترخان نامه“، کيس ”مظفر خان“ جو خطاب عطا ڪيو، ساعئي ڪتاب جي مصنف جو قول آهي ته ”بادشاهه خسرو خان ۽ عبدالعليءَ کي قيد ۾ وجهي ڇڏيو، خسرو جيلخاني ۾ فوت ٿي ويو ۽ ڪجهه عرصي بعد عبدالعليءَ کي نورجهان بيگم جي سفارش تي، بادشاهه آزاد ڪري، سندس روزينو مقرر ڪري، آصف خانجي سنڀال ۾ ڏئي ڇڏيو ۽ جڏهن جوان ٿيو، ۽ جڏهن جوان ٿيو، تڏهن سندس جزوي منصب مقرر ٿيو.“ جهانگير ترخانن جي بقيه اهل عيال کي مرزا عيسيٰ ثانيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن نهايت ڪشاده دليءَ سان سڀني جي نگهداشت  ۽ پرورش ڪئي. ”ترخان نامه“ جو صاحب لکي ٿو ته ”عبدالعلي 1049هه ۾ انتقال ڪيو“، مڪليءَ جي پهاڙيءَ تي، مرزا باقيءَ جي قبرستان ۾ عبدالعليءَ جي جزوي منصب مقرر ٿيڻ بعد، ٺٽي موٽي آيو هجي، جتي 40_1049هه ۾ وفات ڪري ويو، يا ممڪن آهي ته هندستان ۾ فوت ٿيو، جتان کڻي آڻي  مڪليءَ تي پنهنجي عزيزن سان کيس دفن ڪيو ويو.

”ذخيرت الخوانين“ جي مصنف انهيءَ سلسلي ۾ هڪ عجيب روايت بيان ڪئي آهي: لکي ٿو ته ” جڏهن مرزا خسروءَ، عبدالعليءَ کي تخت تي ٿي وهاريو، ان وقت هڪ درويش کيس ڏسي مشڪندي مرزا خسرو کي چيو ته تون اهڙي معضوم کي ڇو ٿو چند روز تخت تي وهارين، جعو چار ڏينهن سرداري ڪري، سڄي ڄمار وڃي جيل ۾ پوندو!

”چرا اين جوان بيگناه را، بر اي سرداري چند روزه محبوس مخلد مي گرداني“ ص 418

شيخ فريف بکري لکي ٿو ته ٿيو به ائين_

”از ان تاريخ تا حال مجبوس است.“ ص 418

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com