سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1956ع

مضمون

صفحو :11

جڏهن زمين آباد ٿيڻ لڳي، تڏهن لازمي طرح ان جي ورهاستٿ ۽ قبضو جو به سوال اٿيو؛ اهڙيءَ طرح جڏهن شخصي ملڪيت جو حق هڪ دفعي تسليم ٿي چڪو، تڏهن ان سان گڏو گڏ باهمي حق ۽ ناحق، يعني ”عادل و انصاف“، جا اوائلي قانون به لازمي طرح ٺهڻ ۽ عمل ۾ اچڻ شروع ٿي ويا.

اهڙيءَ صورتحال ۾، انسانن جي وچ ۾ برابري ۽ هڪجهڙائي فقط هڪ شرط سان قائم رهي ٿي سگهي ته منجهانئن هر هڪ جون فطري صلاحيتون ۽ قوتون هڪجهڙيون ۽ هڪ جيتريون هجن ها، ته جيئن (مثال طور) لوهه ۽ اناج جي پيدائش ۽ انهن جي استعمال ۽ کاپي ۾ پنهنجيءَ پنهنجيءَ جڳهه تي پوري پوري نسبت ۽ توازن هميشه قائم رهندو اچي ها؛ پر ڇاڪاڻ ته هڪڙا انسان ٻين انسانن کان بنيادي طرح زياده سگهارا، زياده سمجهدار ۽ ڏاها، ۽ زياده اٽڪلي ۽ حرفتي واقعي ٿيا هئا، تنهنڪري سندن محنت جي پيدائش ۽ پيدائش جي استمال ۾ اها هڪجهڙائيءَجي نسبت ۽ توازن قائم رهي ڪين سگهيو،  منجهانئن اهي جيڪي زياده طاقتور ۽ سگهارا هئا، تن زياده محنت ڪرڻ ۽ زياده پيدائش حاصل ڪرڻ شروع ڪري ڏني، ۽ جيڪي زياده سمجهدار ۽ ڏاها هئا، تن ٿورڙيءَ محنت مان زياده ڦل پيدا ڪرڻ جا جتن ۽ وسيلا پيدا  ڪرڻ شروع ڪري ڏنا، ۽ جيڪي زياده اٽڪلي ۽ حرفتي هئا، تن مرڳوئي اهڙيون اٽڪلون ۽ حرفتون گهڙڻ شروع ڪري ڏنيون، جو کين يا ته بنهه ڪو پورهيو ئي ڪين ٿي ڪرڻو پيو ۽ جي ڪرڻو به ٿي پيو ته فقط نالي خاطر، پر تنهن هوندي به سندن نه فقط شرورت واريون بلڪ ضرورت کان زياده شيون کين گويا گهر ويٺي پئي ٿي ميسر ٿيون؛ آبادگارن کي لوهه جي زياده ضرورت ٿي محسوس ٿي، يا وري لوهارن کي اناج جي زياده گهرج ٿي پيش آئي؛ مطلب ته حالتن اهڙو وٺي ڦيرو کاڌو، جو هڪ جيتريءَ محنت ڪرڻ کانپوءِ به، هڪڙن کي ضرورتن کان گهڻو زياده پئي ٿي پڙ پيو، ته ٻين لاءِ رڳو ساهه تڳائڻ به هڪ مشڪل سوال بنجي پيو، اهڙيءَ طرح، انسانن جي وچ ۾ فطرتي يا طبيعي غير برابريون جيڪي خالص فطرتي ماحول ۽ قديم اشتراڪي طرز زندگيءَ ۾ رواجي ۽ معمولي پئي ٿي لڳيون، ۽ جن جي موجود هوندي به ڪنهن کي ٻين جي مٿان فرمانروائيءَ جو  پروانو يا ٻين جي آڏو ٻانهپ ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪين ٿي محسوس ٿي، سي جڏهن سماجي  يا ”مذهب“ طرز زندگي ۾ پنهنجا روپ ظاهر ڪرڻ لڳيون، تڏهن انهن معصوم فطرتي غير برابرين انسانن جي وچ ۾ اهڙيون ته مصنوعي ۽ آگريون ٻيون غير برابريون ۽ ننڍ_وڏايون قائم ڪري وڌيون، جن ۾ نه ڪنهن قسم جي ڪا معقوليت ۽ نه وري ڪا معصوميت ئي موجود هئي.

انسان جيڪي هن کان اڳي آزاد ۽ خودمختيار زندگي بسر ڪندا ايندا هئا، سي هاڻي پنهنجي بيشمار ۽ مختلف گهرجن  ۽ نت ضرورتن جي انوسار، قدرت جي سڀني قوتن ۽ پيدا ڪيل وسيلن جي زياده غلاميءَ ۽ محتاجيءَ  سان گڏو گڏ  خاص طرح هڪ ٻئي جا گويا زر خريد غلام ۽ محتاج بنجي پيا:  منجهائن هر هڪ، ڪنهن نه ڪنهن حد تائين، پاڻ جهڙن ٻين انسانن جو جيڪڏهن ڪو شاهوڪار هو، ته کيس ٻين جي محنت ۽ خدمتگذاري  جي ضرورت هئي؛ جيڪڏهن ڪو غريب هو، ته کيس ٻين جي دست گيريءَ ۽ مدد جو احتياج هو؛ وچولي درجي واريءَ حالت ۾ به هو هڪ ٻئي چي ٽيڪ ۽ سهاري کان سواءِ هڪ پل به ڪيڏانهن چري ڪين ٿا سگهيا، مخدوميت ۽ غلاميءَ کان سواءِ ، ٽين حالت_ خودمختياريءَ ۽ آزاديءَ واري_ ڪنهن وٽ به ۽ ڪٿي به باقي موجود ڪين رهي.

اهڙيءَ حالت ۾، ظاهر آهي ته هر هڪ شخص چوويهه ئي ڪلاڪ اڳو انهيءَ ڪوشش ۾ جنبي ويو هوندو ته ڪنهن طرح هو ٻين سڀني انسانن کي آماده ڪري ته اهي پنهنجي سموري  توجهه جو مرڪز کيس ئي سمجهن، ۽ ڪم از ڪم ظاهريءَ طرح، هو سڀ ائين سمهجن ۽ وسهي ويهي رهن ته هو مڙيئي جيڪڏهن پنهنجا پنهنجا مفاد وساري يا هڪ پاسي رکي فقط سندس خدمتگذاري ڪندا رهندا ته ان ۾ سندن پنهنجو ئي فائدو آهي_ گويا هر هڪ انسان جي زندگيءَ جو اهو ئي مقصد بنجي پيو هوندو ته ڪنهن طرح ٻين سڀني انسانن کي پنهنجو اهڙو ته غلام ۽ خادم بنائي ڇڏيان، جو هو پنهنجي انهيءَ غلامي کي ئي پنهنجي سموري زندگي سمجهي ويهي رهن. انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ، انهيءَ شخص کي پنهنجيءَ روشن ۽ هڪڙن سان عجيب و غريب ٺڳيون ۽ دولاب، مڪر ۽ فريب ڪرڻا پيا هوندا، ته ٻين سان ضرور قسمين قسمين ظلم ۽ تعديون، زور آوريون ۽ سختيون ڪرڻيون پيون هونديون؛ ڇاڪاڻ ته جن انسانن کان کيس پنهنجي خدمت ۽ بندگي ڪرائڻ جي درڪار محسوس ٿي هوندي، تن کي انهيءَ ڪم لاءِ ضرور هن، حد کان زياده  ۽ ناجائز طريقن سان، استعمال ڪرڻ شروع ڪيو هوندو؛ ۽ جيڪڏهن انهن کي رضا خوشيءَ سان پنهنجي اهڙيءَ هڪ طرفي ٻانهپ ڪرائڻ تي آماده نه ڪري سگهيو هوندو، ته پوءِ ضرور انهن کي ڪجهه لٺ سان، ڪجهه چٺ سان ائين ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ جي ضرورت کيس محسوس ٿي هوندي، اهڙيءَ ريت، ڏسڻن، وائسڻن انسانن ۾ انتهائي خود غرضيءَ ۽ خود پرستيءَ جي هڪ عام چٽاڀيٽي ۽ مقابلي بازي پيدا ٿي ويئي، ۽ مختلف مفادن ۽ تصادم سبب، هر ڪنهن جي دل ۾ اها ئي نيت ۽ خواهش پيدا ٿي ته هو ٻين کي نقصان ۾ وجهي يا ڪم از ڪم ٻين جي مفادن کي اورانگهي به پنهنجي من جون مرادون پوريون ڪندو رهي، اهي سڀيئي برايون ۽ بدعنوانيون فقط هڪ ئي چيز مان ڦٽي نڪتيون_ ۽ اها هڪ چيز هئي ”شخصي ملڪيت“ جو وجود اچڻ، جنهن جي سماجي ۽ قانوني طور تسليم ٿي وڃڻ کان پوءِ، جيئن جيئن انسانن ۾ غير برابريون ۽ ننڍ_وڏايون وڌنديون ۽ زور وٺنديون ٿي پئي  ويون، تيئن تيئن انهن سان گڏ اهي بدعنوانيون ۽ برايون به وڌنديون ۽ عام جام ٿينديون پئي ويون، جن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي.

هيءَ ڳالهه ته بنهه ناممڪن آهي ته انسانن مان ڪوبه اهڙيءَ بدانتظامي ۽ ڇڙواڳيءَ واري صورتحال کان متاثر نه ٿيو هجي، ۽ ڪنهن جي به دل ۾ انهيءَ انتشار ۽ نفسانفسيءَ واري حالت مان ڇوٽڪاري پائڻ جو ڪو خيال پيدا ڪين ٿيو هجي. ملڪيت وارن شخصن جي ذهن ۾، خاص طرح، اهو احساس جلد ئي پيدا اچي ٿيو هوندو ته انهيءَ باهميءَ ڇڪتاڻ ۽ جي ذهن ۾، خاص طرح، اهو احساس جلد ئي پيدا اچي ٿيو هوندو ته انهيءَ باهمي ڇڪتاڻ ۽ ڦرمار واريءَ زندگيءَ ۾ _جتي حالت اها هجي، جو جيڪو ڦٻيو سو ڦٻيو ۽ جيڪو ڦريو سو ڦريو، خصوصن کين، ڪيترو نه نقصان ۽ خسارو پئي ٿي وقت بوقت سهڻو پيو، يا ان جو ڪيڏو نه ڊپ ۽ انديشو کين هر وقت رکڻو ئي ٿي پيو. پنهنجي ميڙيل ملڪيت کي جائز ثابت ڪرڻ لاءِ نه وٽن ڪو اهڙو موزون دليل ئي موجود هو، ۽ نه وري کين ڪا اهڙي طاقت ئي هئي، جو هو انهيءَ پنهنجي ملڪيت جو بچاءُ ڪري سگهن. شخصي ملڪيت جو دستور انسانن لاءِ هڪ نئون دستور هو، ۽ هو انهيءَ کي خاموشيءَ سان قبول ڪري ويهي رهڻ لاءِ ايترو تيار ڪين هئا. ملڪيت وارا پنهنجن مفلس مخالفن کي هڪ هڪ ڪري ته آسانيءَ سان ختم ڪري سگهيا، پر انهن مفلس مخالفن جي گڏيل مخالفت کي منهن ڏيڻ جي ته نه وٽن ڪا طاقت ئي هئي ۽ نه وري اهڙي ڪا همت ئي پاڻ ۾ ساري ٿي سگهيا، غريب ”ڦورن ۽ ڌاڙيلن“ جي گڏيل ٽولن اڳيان منجهانئن هر هڪ اڪيليءَ طرح ڪجهه به ڪين ٿي ڪري سگهيو، ۽ نڪي وري باهمي حسد ۽ مقابليبازيءَ سبب هو سڀيئي ملڪيت وارا شخص، جواب طور، انهن متحد ۽منظم گهرجائو ”ڌاڙيلن“ خلاف ڪو گڏيل محاذ ئي قائم ڪري ٿي سگهيا.، آخرڪار، منجهانئن هڪڙي پسي پونجيءَ واري دور انديش شخص جي ذهن ۾ هڪڙي بلڪل انوکي ۽ اهم تجويز پيدا ٿي،  جنهن جا ڀلا يا برا نتيجا اسان انسانن کي شايد دنيا جي آخرين گهڙيءَ تائين ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ پيا ڏسڻا ۽ سهڻا پوندا: اها عجيب و غريب تجويز هيءَ هئي ته دشمنن کي دوست ۽ مخالفن کي پنهنجو موافق بنايو وڃي؛ يعني اهي جيڪي سندن ملڪيت کي ناجائز سمجهي مٿس هميشه حريصانه نظرون وجهيو ويٺا ٿي رهيا، ۽ موقعي ملڻ تي کين ڦريو ماريو هليا ٿي ويا، تن کي پنهنجو ۽ پنهنجيءَ ملڪيت جو بنهه محافظ ۽ رکوال بنايو وڃي؛ ”دشمنن“ کي بنهه اهڙو ”دوست“ ڪري ڇڏجي جو سندن خيال ۽ ارادا، رسمون ۽ رواج، قاعدا ۽ قانون سڀ جا سڀ محض شخصي دولت ۽ ملڪيت جي دستور جي ئي حفاظت ۾ ڪم ڪندا رهن؛ شينهن کي ٻلي بنائي پنهنجي گهر جي چوديواريءَ اندر ويهي ”ميائو ميائو“ ڪرڻ تي اهڙو ته مجبور ڪري ڇڏجي، جو هو پنهنجي ڪيل شڪار کي به، پنهنجي مالڪ جي ملڪيت سمجهي، ويٺو ويچارو بنجي اکيون ٺپي ۽ گگون ڳاڙي ته ڪڏهن ٿو انهيءَ شڪار مان سندس مالڪ جو ٽڪر ڇني سندس بکئي وات ۾ اڇلائي وجهي... ۽ پوءِ جڏهن اهڙو ڪو ٽڪر اڇلجي اچي سندس وات ۾ پوي، تڏهن ويهي پنهنجي مالڪ جي فياضيءَ ۽ رحمدليءَ جا ڳڻ ڳائي ۽ قصيدا رچي!

انهيءَ تجويز کي عملي صورت ڏيڻ جي خيال کان هن ”دور انديش“ شخص پنهنجن سڀني پاڙيسرين کي انهيءَ صورتحال کان نهايت هوشياريءَ سان وٺي آگاهه ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ هڪڙي انسان کي لازمي طرح ٻئي انسان جو دشمن بنجي زندگي گذارڻي ٿي پئي، جنهن ۾ هڪڙي جي دل ۾ ٻئي جو خوف ۽ ڏڪاءُ هميشه موجود ٿي رهيو، جنهن ۾ ملڪيت  وارن لاءِ ملڪيتون وبال جان هيون ته اڻ _هوند وارن لاءِ سندن احتياج پريشانيءَ ۾ ڳڻتيءَ جو باعث هو، جنهن ۾ نه شاهوڪارن کي ڪا سلامتي هئي ۽ نه وري، پنهنجي پر ۾، غريبن لاءِ ڪو امن امان؛ ۽ اهڙيءَ طرح سڀني کي ٿورا ڪي گهڻا، مڃڻ نه مڃڻ جهڙا دليل دلائل ۽ اوڀاريون لهواريون ڳالهيون ٻڌائي، انهيءَ عقلمند شخص آخر اچي پنهنجي رٿيل تجويز کي قبول ڪرڻ لاءِ رضامند ڪيو؛ چي، ”اچو ته پاڻ ۾ سڀ گڏجي ”ظالمن“ جي ”ظلم“ کان ضعيفن ۽ ڪمزورن جي حفاظت ڪريون، ”حرص و هوس جي پوڄارين“  کي روڪيون ۽ ضابطي ۾ رکون،  ۽ ”هر ڪنهن وٽ جيڪي ڪي آهي ان جو بچاءُ ڪريون“؛ اچو ته ”عدل ۽ انصاف“ جا قاعدا  ۽ قانون ٺاهيون ۽ عمل ۾ آڻيون، جن جي عزت ۽ فرمانبرداري ساڳئي نموني هرڪو، غريب توڙي شاهوڪار، ڪرڻ لاءِ ٻڌل جي، ۽ جن جي مدد سان سڀني غريبن توڙي شاهوڪارن، جي ”حقن“ جي حفاظت ٿئي، ۽ جن جي معرفت هر ڪنهن کي پنهنجا پنهنجا ”فرض“ پورا بجا آڻڻا پون؛ اچو ته پنهنجون سموريون طاقتون هڪ ٻئي سان وڙهڻ جهيڙن جهڳڙن ۾ ضايع ڪرڻ بدران_ جن ۾ اسان جو پنهنجو ئي نقصان آهي_ اهڙيءَ طرح هڪ هنڌ جمع ڪري هڪڙي ئي عظيم الشان قوت وجود ۾ آڻيون، جيڪا اسان سڀني جي مٿان مناسب ۽ معقول قانونن وسيلي راڄ ڪري!“

جيئن پروانا شمع مٿان ڊوڙي وڃي سر ڏيندا آهن، تيئن ويچارا وسوڙل انسان به ههڙن هوشربا ۽ رنگين آوازن ۽ دلچسپ دليلن کي ٻڌڻ سان ئي، ٽپي ڪڏي، وڃي رضا خوشيءَ سان سياسي ۽ سماجي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ گرفتار ٿيا؛ مختلف سماجي ۽ سياسي ادارن جا فائدا ۽ سهولتون ته هر ڪوئي ڏسي سگهو، پر، تجربي نه هئڻ جي حالت ۾، ڪوئي به انهن جي نقصانن ۽ ايذائن کي سمجهي ۽ پروڙي  ڪين سگهيو؛ اهي جن کي ائين ڪرڻ سان ظاهر ظهور ۽ فوري نقصان پئجي رهيو هو،  تن ته سڀني  کان اڳي،  چند شخصي ملڪيت جي حامين جي انهن هوشربا ترانن تي موهجي، وڃي پنهنجا سر اڏيءَ تي رکيا ۽ هميشه  لاءِ آزاد ۽ خودمختيار شيرن مان ڦري غلام ۽ بزدل ”گربه مسڪين“  يا پير چٽو ۽ پڇ لٽڪاڻو “سگ دروازه“ جو ذليل درجو قبول ڪري ويهي رهيا.

سماج ۽ سماجي قانونن، سياست ۽ سياسي ادارن جي ابتدا اجهو ائين ٿي_يا، گهڻي ۾ گهڻو، ٻئي به ڪنهن  اهڙي ئي طريقي سان ٿي هوندي؛ غريبن کي غربت ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ شاهوڪارن کي شاهوڪاري مباح ڪئي ويئي؛ انسان جي فطرتي آزادي ۽ خودمختياريءَ کي هميشه لاءِ دفنائي، غلامن کي بيڪسيءَ ۽ نماڻائيءَ جي زنجيرن ۾چئو کنڀو ٻڌو ويو ۽ آقائن کي طاقت ۽ اقتدار  جا چهبڪ ڳڻي ڳڻي هٿن ۾ ڏنا ويا: انسانن ۾ شخصي ملڪيت ۽ سماجي غير برابريءَ کي هڪ اٽل قانون جي حيثيت ملي ويئي؛ دولاب ۽ چالاڪيءَ سان هٿ آيل طاقت ۽ دولت کي حق ۽ انصاف ڪري تسليم ڪيو ويو، چند هٻڇين ۽ ذاتي ملڪيت جي پوڄارين جي ڀلائيءَ خاطر بني نوع انسان کي موتمار پورهئي، غلاميءَ ۽ سماجي عذاب جي دائمي دوزخ ۾ اڇلايو ويو.

هيڪر ڪٿي ڪو اهڙي قسم جو هڪڙو راڄ يا سماج وجود ۾ آيو، ته ظاهر آهي ته ان کي ڏسي، يا پنهنجي پنهنجي منهن، ترت ئي ٻيا اهڙا ڪيئي راڄ لازمي طرح چوڌاري کڙا ٿي ويا هوندا، _ڇاڪاڻ ته راڄ جو مقابلو، جيئن هاڻي تيئن اڳي به، اڪيلي انسان جي وس کان بنهه ٻاهر هو: تنهنڪري هڪڙي راڄ کي پنهنجي سامهون متحد ۽ منظم ٿيندي ڏسندي، سڀ انسان جتي ڪٿي پنهنجا پنهنجا راڄ قائم ڪري، پاڻ به هڪدم ۽ متحد ٿي ويهي رهيا، ائين ٿيندي ٿيندي، هن قسم جا راڄ ايتري قدر ته دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦهلجي ويا، جو اهڙي ڪابه پناهه جي جاءِ باقي نه رهي، جتي ڪو اڪيلو انسان هن چئوڦير گهمندڙ ”راڄوڻي ڏنڊي“ يا هن دائمي مٿان لٽڪندڙ ”سماجي تراڙ“ کان پنهنجي مسڪين مٿي کي لڪائي،  پنهنجي منهن جڏهن سماج جي هر ماڻهوءَ لاءِ اٽل قانون جي صورت وٺي بيهي رهيو، تڏهن ”فطرتي آزادي“ ۽ ”فطرتي قانون“ جو عمل فقط مختلف  راڄن يا سماجن جي باهمي تعلقات جي دائري اندر وڃي محدود ٿيو: جتي، ساڳئي وقت، وري ”قومن جي حق“ کي سامهون آڻيندي، ڪي اهڙيون پائبنديون ۽ دستور چپ چاپ قبوليا ويا، جن تي عمل ڪندي قومون هڪ ٻئي سان وڻج واپار ۽ تجارتي ڏي_ وٺ  جا ناتا قائم رکي ٿي سگهيون، اهي پائبنديون ۽ اهي دستور، راڄن يا سماجن جي وچ ۾ ”انساني فطري انس ۽ همدردي“ جا مابدل هئا، جيڪا فطري انس ۽ همدردي، اڪيلن انسانن جي دلين ۾ ته هڪ ٻئي  لاءِ اڃان به ڪنهن قدر موجود هئي، پر راڄن يا قومن جي باهمي معاملات جي حالت ۾ ته سڀ جي دلين تان پنهنجو اثر بنهه ختم ڪري چڪي هئي_ سواءِ ڪن چند عالمي نگاهه رکندڙ درويش_صفت شصن جي، جيڪي انسانن جي وچ ۾اهي هٿرادو پيدا ڪيل ويڇا ڪڏهن به تسليم ڪين ڪندا آهن، ۽ ساري جڳ جي خالق اڪبر وانگر تمام بني نوع انسان کي هر وقت پنهنجي محبت جي دائري ۾ شامل سمجهندا آهن.

قومن جي وچ ۾ باهمي انس ۽ همدرديءَ جي موجود نه هجڻ سبب ئي دنيا ۾ ايترا خونخوار جهيڙا ۽ جنگيون، ايتريون وحشتناڪ تباهه ڪاريون ۽ قتل عام ٿي گذريا ۽ اڃان تائين به ساڳيءَ ئي طرح واقع ٿيندا ٿا رهن: انسان جي فطرت هنن قيامت خيز هولناڪين کي ڏسندي ڪنبيو وڃي، انسان جو عقل انهن کان بيزار ۽ باغي آهي: مگر واءِ افسوس، جو ويندي اڄ تائين به، بعض غلط عقيدن ۽ نظرين ماتحت، هڪڙا انسان ٻين انسانن جي قتل کي عزت ۽ تحسين جوڳو ڪم تصور ٿا ڪن! انهن غلط نظرين ۽ عقيدن جي اثر هيٺ ئي، دليا جي اڪثر نامور شخصن هڪ ٻئي جي خونريزيءَ کي پنهنجو ” قومي“ فرض پئي تصور ڪيو آهي،_ ايتري قدر جو هيل تائين انسانن هڪ ٻئي جا هزارن بلڪ لکن جي تعداد ۾ حيواني ڪوس پئي ڪيا آهن، پر منجهانئن ڪنهن ايتري ڄاڻڻ جي به ڪڏهن ضرورت محسوس ڪانه ڪئي آهي، ته پاڻ جهڙن انسان ڀائرن کي هو آخر ڇو ائين ناحق پيا ٿا ڪهن ۽ قتلام ڪن! بني نوع انسان، جو مختلف فرقن ۽ قومن ۾ ورهائجي ويو، ان جا سڀ کان پهريان نتيجا انهن هولناڪ صورتن ۾ ئي ظاهر ٿيا.

انساني سياست جو هيءُ هڪ بنيادي ۽ عام قبوليل اصلو آهي ته ماڻهو پنهنجا حاڪم ۽ سردار انهيءَ لاءِ چونڊين ۽ مقرر ڪن ٿا، ته هو سندن آزادي جي حفاظت ۽ رکوالي ڪن؛ نه ان لاءِ ته سندن اهي سردار ۽ حاڪم الٽو کين پنهنجا ٻانهن _ٻڌا غلام بنائي ويهي رهن. منهنجي خيال ۾ انسانن جي سياسي، تنظيم عوام ۽ سندن چونڊيل سردارن جي وچ ۾ هڪ قسم جو ”معاهدو“ آهي، جنهن موجب ٻئي ڌريون انهن قاعدن ۽ قانونن سان پاڻ کي برابر ٻڌل رکن ٿيون، جن جي بنياد تي هنن اهو معاهدو طي ڪيو آهي_ اهي قاعدا ۽ قانون گويا سندن اتحاد جي زنجيرن جون ڪڙيون آهن. سماجي ۽ سياسي تعلقات جي دائري ۾ ماڻهو پنهنجن ڌار ڌار راين ۽ انفرادي مرضين کي هڪ مرڪز تي آڻي، ملائي، هڪ گڏيل راءِ يا جماعتي مرضيءَ جي صورت ڏين ٿا، جنهن جي بيان يا تعريف ۾پوءِ هو جيڪي دستور، قانون يا اصول مرتب ڪن ٿا، تن جي پائبندي منجهائن سڀني تي هڪ جيتري لازم آهي؛ جماعتي مرضيءَ جي انهن قانونن يا اصولن مان هڪڙو قانون اهو آهي، جنهن مطابق ماڻهو پنهنجي لاءِ حاڪم يا سردار مقرر ڪن ٿا_ ته جيئن اهي سردارن جي هيءَ طاقت ۽ اختياري فقط سماج جي ”جماعتي مرضيءَ“ يعني ملڪ جي آئين يا دستور جي حدن تائين ئي محدود ٿئي ٿي_ ملڪ جي آئين يا دستور کي عدولڻ يا بدلائڻ لازمي طور هنن جي اختيار کان ٻاهر آهي.

اهڙيءَ طرح  تاريخ جي هنن مختلف دورن مان گذرندي، انساني غير برابري ڪيئن وڌندي ۽ زور وٺندي رهي آهي_ جيڪڏهن ان ڳالهه ڏانهن اسين ڌيان ڏينداسين، ته معلوم ٿيندوسين ته جيئن ئي شخصي ملڪيت جي سرشتي جو بنياد پيو ۽ ان جي حفاظت لاءِ رواج ۽ دستور قائم ٿيا، تيئن ئي انسانن ۾ سماجي غير برابريءَ جي شروعات ٿي: تنهن کانپوءِ سردارن ۽ حاڪمن جي مقرر ٿيڻ سان ان جو ٻيو دور شروع ٿيو؛ ۽ جڏهن اڳتي هلي حاڪمن جي حاڪميت ۽ سردارن جي سرداريءَ جو دارومدار عام_راءِ ۽ جماعتي مرضيءَ جي بدران خالص سندن پنهنجيءَ راءِ ۽ پنهنجيءَ مرضي تي وڃي بيٺو، تڏهن انساني غير برابري پنهنجي ٽئين ۽ آخري روپ ۾ دنيا جي سامهون آئي؛ سندس شروعاتي دور ۾هڪڙا هوند وارا ۽ٻيا هٿين خالي، يعني هڪڙا شاهوڪار ۽ ٻيا غريب بنيا؛ سندس ٻئي دور ۾ هڪڙا ڏاڍا ۽ ٻيا هيڻا، يعني هڪڙا سردار ۽ ٻيا انهن جا راڄ_ ماڻهو ٿيا؛ ۽ سندس ٽئين ۽ آخري دور ۾ هڪڙا مالڪ ۽ ٻيا انهن جي ملڪيت، يعني هڪڙا آقا ۽حاڪم، ٻيا انهن جا محڪوم ۽ غلام بنجي ويا_ ۽ انسانن جي وچ ۾ هيءُ سڀ کان آخري_ سائينءَ ۽ ٻانهي وارو_تعلق، انساني غير برابريءَ جو  بڇڙي ۾ بڇڙو روپ ۽ ان جي بنهه انتهائي صورت آهي، جنهن ۾ ٻيون سڀ غير برابريون ۽ ننڍ_وڏايون ازخود اچي وڃن ٿيون، ۽ پنهنجي بنهه بڇڙي روپ ۾ موجود رهن ٿيون.

سياسي تفاوت لازمي طرح سماجي تفاوت پيدا ڪن ٿا. هي تفاوت گهڻن ئي قسمن جا ٿيندا آهن؛ پر دولت، امارت، طاقت ۽ ذاتي لياقت انهن مان مکيه ۾ مکيه تفاوت آهن_جن جي روشنيءَ ۾ ئي انسان سماج ۾ هڪ ٻئي متعلق ڪا راءِ، ڪو اندازو قائم ڪندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو انهن چند چيزن جي منصفانه انتظام يا عدم انتظام منجهان ئي ڪنهن ملڪ يا حڪومت جي آني يا دستور جي چڱي يا بري هئڻ جي ثابتي ملندي آهي. غير برابريءَ جي هنن چئن قسمن ۾ جيتوڻيڪ ذاتي لياقتن جو قدرتي  فرق ٻين سڀني غير برابرين جو گويا منڍ آهي، پر پڇاڙيءَ ۾ انهن سڀني جو اظهار وڃي دولت ۽ سرمايي جي صورت ۾ ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته سڀ کان زياده دولت ئي آهي، جيڪا ماڻهوءَ جي فوري خوشحاليءَ جو سبب بنجي ٿي، ۽ پڻ آسانيءَ سان ان جي ڏي_وٺ  ٿي سگهي ٿي، ۽ انهيءَ سبب دولت جي استعمال سان ٻيون سموريون فوقيتون  ۽ وڏ_ ماڻهپايون اک ڇنڀ ۾ خريد به ٿي سگهن ٿيون. دولت جي خاص انهيء استعمال جي مشاهدي مان اندازو لڳائي سگهبو آهي ته سماج ۾ رهي ڪري، ماڻهو انهيءَ استعمال جي مشاهدي مان اندازو لڳائي سگهبو آهي ته سماج ۾ رهي ڪري، ماڻهو ڪيتريءَ حد تائين پنهنجي اوائلي سادي سودي فطري دستور تان هٽي، وڃي پنهنجي ئي پيدا ڪيل، زندگيءَ جي هن فساد ۽ ابتريءَ جي مهاڄار ۾ ڦاٿو آهي.

انساني غير برابريءَ جي هيءَ تريناڪ ڏائڻ ڪهڙن ڪهڙن رنگن روپن ۽ ويسن ورنن ۾ هيلتائين پئي سماج ۾ ظاهر ٿي آهي_ جيڪڏهن انهن سڀني کي خيال ۾ آڻينداسين، ته ڏسنداسين ته سماج ۾ ظلم هميشه وڌندو ئي پئي رهيو آهي_ ايتري قدر، جو مظلومن لاءِ ڪڏهن هيءُ ممڪن ئي نه رهيو آهي، جو سمجهي سگهن ته ظلم جو ڪڏهن ڪو خاتمو به ٿيندو، يا ظلم کي روڪڻ يا ختم ڪرڻ لاءِ  وٽن ڪي موزون اپاءُ  ۽ ڪامياب ذريعا موجود به آهن، اڄ اسان جي اکين اڳيان انسانن جا حق پيا غصب ٿين، قومن جي آزادي پئي نپوڙجي ۽ ناس ٿئي،_ ۽ هوڏانهن، ضعيفن جي احتجاجن، هيڻن جي دانهن ۽ ڪمزورن جي فريادن کي نه رڳو سڻڻ ۽ اونائڻ وارو ڪوبه ڪونهي، بلڪه انهن کي سرڪشن جون زبان درازيون، باغين جو بهتان تراشيون، ۽ مفسدن جون زهريليون سرگوشيون سڏي، گهٽيو، ٻوساٽيو، مرڳوئي ختم ڪيو  پيو وڃي، اڄ چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ڀاڙي تي ڳڌل شخصن کي فخر آهي ته هو جماعتي مفاد جا محافظ آهن! پوءِ پنهنجين ئي فضول خرچين جي پورائيءَ لاءِ ٻئي سموري، پورهيت عوام مٿان، هو ڍلن مٿان ڍلون ۽ ٽئڪسن مٿان ٽئڪسون مڙهيندا ٿا رهن، تان جو ظاهري امن امان جي حالتن هوندي به، ملڪ جي مظلوم ۽ ڏتڙيل عوام منجهان ڪي، هن جي انت ڦر مار ۽ زور زبردستيءَ کان تنگ ٿي، پنهنجي روزمرهه جي ڪم ڪار مان هٿ ڪڍي، هر ڦار ۽ ڏلهي ڪوڏر کي ڇڏي، آخر وڃي ٿا انتقام جي تلوارين ۾ هٿ وجهن: ۽ اهڙي طرح اهي جيڪي پنهنجي وطن عزيز جا جانباز  سپاهي بنجڻ گهرجن، سي ئي ڦري آخر ان جا دشمن ٿي ٿا بيهن، ۽ پوءِ سندن عضبناڪ سنگينون سدائين پنهنجن ئي هم_وطن ڀائرن جي سينن ۾ کپنديون ٿيون رهن.

انهيءَ بدنظميءَ ۾ افراتفريءَ جي طوفانن ۽ انقلابن منجهان ئي آهستي آهستي استبداد ۽ آپيشاهي پنهنجو ڀيانڪ منهن ڪڍي، ملڪ ۾ باقي بچيل هر چڱيءَ ۽ بي داغ چيز کي ڳرڪائيندي، ملڪ جي قانونن توڙي ماڻهن کي پنهنجن پيرن هيٺان لتاڙيندي، آخر وڃي جمهوريت جي کنڊرن جي مٿان کپ کوڙي ويهي رهندي آهي. سماجي معاملات ۾ هيءَ سڀ کان پوئين تبديلي آهي، ۽ ان جي وارد ٿيڻ کان اڳ وارو زمانو انتهائي ڏهڪار، مصيبت ۽ مظلوميت جو زمانو هوندو آهي: پر آخرڪار استبداد ۽ آپيشاهيءَ جي هيءَ ذليل ڏائڻ هر چيز کي پنهنجي دوزخي ڦوڪ سان ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيندي آهي، ۽ پوءِ ماڻهن وٽ نه رهندا آهن، سندن قاعدا قانون، نه رهندا آهن، اڳواڻ يا سردار_بس چوڌاري ظلم جي ڏنڊي جو راڄ ۽ بيدرد قاعدا قانون، نه رهندا آهن، اڳواڻ يا سردار_ بس چوڌاري ظلم جي ڏنڊي جو راڄ ۽ بيدرد ظالمن جو دور، ڪنهن آسماني آفت وانگر، هڪ هم گير اوندهه ۽ هيبت جو ڪارو ڪڪر بنجي، ملڪ مٿان ڇانئجي ويندو آهي، ۽ پکين، پسن، مرن ماڻهن_سڀني جا ساهه مٺ ۾ اچي ويندا آهن.

انساني غير برابريءَ جي هيءَ آخرين صورت آهي، ۽ ان جي پيدا ٿيڻ تي انسان گويا واپس اتي ئي ٿا اچي بيهن، جتان هنن پنهنجي اوائلي سماجي زندگيءَ جي شروعات ڪئي هئي؛ سندن فطري زوال يا سماجي ”ارتقا“ جو هيءُ پهريون انقلاب آفرين چڪر انهيءَ نقطي تي پهچي پورو ٿو ٿئي، هن مرحلي تي، سماج جا سمورا فرد موٽي پنهنجي فطري برابريءَ جي پهچي پورو ٿو ٿئي. هن مرحلي تي سماج جا سمورا فرد موٽي پنهنجي فطري برابريءَ جي اصلوڪي درجي تي اچي ٿا بيهن_ ڇاڪاڻ ته هاڻ، سماج ۾ ”ڪجهه به نه هئڻ“ جي حيثيت ۾ منجهن ڪنهن به قسم جو باهمي امتياز باقي بچي ئي ڪونه ٿو: ۽ جڏهن صورتحال اها اچي بيهي، جو رعيت لاءِ ڪوبه قانون، سواءِ سندن آقا جي ذاتي مرضيءَ جي، باقي نه رهي: ۽ سندن آقا جي مٿان ڪوبه ضابطو، سواءِ سندن پنهنجي داخلي جذبات جي، موجود نه هجي_ تڏهن نيڪيءَ جا سمورا خيال ۽ انصاف جا سمورا اصول ائين غائب ٿي ٿا وڃن، ڄڻ ڪڏهن ٺهيا ئي ڪونه هئا، ان وقت هرڪا چيز وري ”ڏاڍو سو گابو“  واريءَ حيواني صورتحال ڏانهن پوريءَ طرح موٽ کائي ٿي، ۽ چوڌاري، زندگي هڪ نئين فطري رنگ روپ ۾ اچيو سامهون بيهو رهي. استبداد ۽ آپيشاهيءَ سبب، ”حڪومتي معاهدو“ اول کان آخر تائين ايترو ته ٽٽي ٿو پوي، جو ظالم ۽ مستبد حاڪم پنهنجي حاڪميت فقط ان وقت تائين قائم رکي سگهي ٿو، جيستائين هو طاقتور آهي، جڏهن به سندس طاقت جي مقابلي ۾ ٻي اهڙي طاقت پيدا ٿي چڪي، جيڪا کيس ٻانهن کان جهلي، حڪومت ۾ مسند تان گهلي هيٺ لاهي سگهي ٿي، تڏهن کيس ان طاقت خلاف تشدد جي شڪايت ڪرڻ جو ڪوبه حق نه رهندو. عام بغاوت جيڪا اهڙيءَ طرح هڪ سلطان کي ماري مات ڪرڻ يا تخت تان ٿڏي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ٿي وڃي، اها اوترو ئي حق بجانب ۽ عين قانون پٽاندر آهي، جيترو اڳئين ڏينهن تي انهيءَ ساڳئي سلطان جا اهي حڪم احڪام عين قانون پٽاندڙ ۽ حق بجانب هئا، جن جي وسيلي هن پنهنجي رعيت جي جان ۽ مال تي اکيون پوري ڌاڙا پئي هنيا. جيئن هو خود محض طاقت جي زور تي قائم هو، تيئن محض طاقت ئي کيس ٿڏي تخت تان هيٺ ڪيرائي ٿي ڇڏي. ”لتر کي پڄي چڪر“ جو هيءُ عالم_آشڪار اصول فطرت جي قانون جي هڪ عام فهم ۽ بنهه هڪ اڻ_ٽر صورت آهي.

انساني غير برابريءَ جي هن سموري جائزي مان پهريون نتيجو هيءُ ٿو نڪري ته جنهن صورت ۾ فطرت جي نظام ۾ ڪا خاص غير برابري موجود نه آهي، تنهن صورت ۾ هن وقت جيڪا به غير برابريءَ انسانن ۾ موجود آهي، يا سموريءَ جي سموري خود سندن پنهنجي ذهن جي ارتقا ۽ ذهني  قوتن جي اوسر مان ئي پيدا ٿي، مستحڪم ٿيندي ويئي آهي، ۽ ذاتي ملڪيت جي سرشتي  ۽ ان جي حفاظت لاءِ ٺهيل قاعدن ۽ قانونن آخرڪار ان کي ”حق بجانب“ ٿو نڪري ته هيءَ سماجي يا قانوني غير برابري _جنهن جو بنياد زندگي ۾ حاصل ڪيل ڪنهن خاص حق يا رعايت تي رکيل هوندو آهي_ جڏهن به فطرت طرفان عائد ٿيل جسماني غير برابريءَ جي مناسبت کان مٿي هوندي، تڏهن ان کي فطري حق ۽ فطري انصاف جي ورڌ سمجهيو ويندو؛ فطري غير برابريءَ ۽ سماجي غير برابريءَ جو هيءُ فرق ۽ امتياز سامهون رکندي، مهذب دنيا ۾ انساني غير برابريءَ جا اڄ جيڪي به قسم ۽ صورتون موجود آهن، تنجي صحيح يا غلط، واجبي يا غير واجبي، منصفانه يا غير منصفانه هجڻ متعلق اسين نهايت آسانيءَ سان پنهنجي راءِ قائم ڪري سگهون ٿا؛ ڇاڪاڻ ته فطرت جو قانون_پوءِ ان جي معنيٰ ۽ مفهوم ڇا به کڻي وٺجي_ ظاهر آهي ته سماج جي هنن عجوبن کي ڪڏهن به جائز ۽ حق بجانب نه چوندو ته پير مردن تي وات_ڳاڙها ڇوڪرا حڪومت ڪن، دانشورن تي احمق حڪم هلائين، ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا خاص ماڻهو فضول کاڌن سان اٿندي ويهندي پنهنجن دوزخ جيڏن پيٽن کي ڏٿيندا رهن، ۽ هوڏانهن اڌ_ڍاول بيشمار خلق خدد جي، زندگيءَ جي نجي ضرورتن پوري ڪرڻ لاءِ به صبح شام در در تي ڀٽڪندي ۽ اسڙ ڪندي رهي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com