سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1956ع

مضمون

صفحو :19

جيتوڻيڪ هت آيل اديبن ۾ اختلاف راءِ به آهي، پر محض ايشيا جي يڪرنگيءَ ۽ يڪجهتيءَ جي ڪري اسين هڪ ئي پليٽ فارم تي گڏ ٿيا آهيون، اسان کي يقين آهي ته اسين ايشيا ۾ هن نئين روح جي تيسين تربيت نه ڪري سگهنداسين، جيسين لکندڙن جا پاڻ ۾ گهرا ذاتي تعلقات نه پيدا ٿيندا، جيسين ايشيائي ملڪن مان هر هڪ ملڪ جو ادب ۽ ثقافت هر ٻئي ملڪ ۾ نه پهچندي، انهيءَ ذريعي ئي اسين ايشيائي ملڪ ۾ ڀائپي، رفاقت ۽ دوستيءَ جا لاڳاپا پيدا ڪري ايشيا بلڪ دنيا جي امن ۽ سلامتي،  ترقيءَ ۽ ڀلائيءَ کي مضبوط ڪري سگهنداسون، ايشيا جي رواداريءَ، عالمگيريت ۽ انسان دوستيءَ جي قديم روايتن ۾ يقين رکندي، اسان جو اهو ايمان آهي ته ايشيا ئي ملڪن ۾ ثقافتي ۽ تمدني سهڪار جون ڪوششون وٺي هڪ ٻئي جي علم ادب جي ڄاڻ، ثقافتي ڏي وٺ ۽ حقيقتن ۽ علمي واقفيت جي مٽا سٽا جي اهم ڪم ڏانهن ڌيان ڏيڻ، وقت جي اشد ضرورت آهي، اسين اميد ٿا ڪريون ته سمورن ايشيائي ملڪن جا ديب ۽ لکندڙ انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ هڪ ٻئي سان گهاٽا تعلقات پيدا ڪري،انهيءَ مقصد کي اڳيان رکي، جدوجهد ڪندا رهندا ته دنيا جا اديب هڪ ئي ڪٽنب جا ڀاتي آهن.!“

جمعي جي ڏينهن ٻيءَ نشست ۾ اديبن جي هڪ گول_ميز ڪانفرنس ڪٺي ٿي، جنهن ۾ ڪيترن ئي ملڪن جي اٽڪل هڪ سئو نمائندن حصو ورتو، ان ۾ مغربي ملڪن جا نمائندا پڻ شامل هئا.

اٽليءَ جي هڪ ناول نويس، مسٽر ليويءَ، صدارتي تقرير ۾ چيو ته ”اديب دنيا جي اهم واقعن کان متاثر ٿئي ٿو. اسانک ي خبر آهي ته اڄ دنيا ۾ تمدني متل آهي_ ۽ هر ڪنهن لکندڙ جا انهيءَ بحران متعلق پنهنجا پنهنجا خيال آهن. انهيءَ ڪري هن بحث ڇيڙڻ مان ڪافي فائدو پوندو“.

ان بعد ڪيترن ئي اديبن پنهنجا پنهنجا خيال ظاهر ڪيا، ”ثقافتي بحران“ جي خاص موضوع تي ڳالهائيندي روسي نمائندي مسٽر سيمو نوف چيو ته ”عجب ۽ افسوس آهي ته هن ڪانفرنس ۾ ”ثقافتي بحران“ جو ذڪر ڇيڙيو ويو آهي_حالانڪ مون کي پنج ڏينهن هن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندي گذريا آهن، ۽ مون سمورا بحث مباحثا ٻڌا آهن، پر مون کي ڪٿهي به ”ثقافتي بحران“ نظر ڪين آيو: مون کي ته پاڻ هتي ثقافتي ترقيءَ ۽ ثقافتي يڪجهتيءَ جا امنگ نظر آيا، منهنجي نظر ۾ محبت ۽ ڀائپيءَ جي ههڙيءَ همت آفرين ۽ اميد آفزا فضا ۾ ”ثقافتي بحران“ جو نالو وٺڻ ئي غلط آهي.“

هن جي ائين چوڻ تي حاضرينن کيس خوب داد ڏنو_ ۽ هر هر سندس تقرير تي تاڙيون وڄائي مرحبا ڪئي ويئي. ٻين نمائندن مان هنگري، آسٽريليا، گولڊڪوسٽ، ڪولمبيا، هندستان ۽ انگلينڊ جي نمائندن ڳالهايو.

ڇنڇر جي ڏينهن ڪانفرنس جي آخري نشست کي خطاب ڪندي هندستان جي وزير اعظم، پنڊت جواهر لعل نهروءَ، پنهنجي تقرير ۾ چيو:

”لکندڙ ۽ اديب ماڻهن کي ذهني طرح موڙڻ تي ڪافي قدرت رکن ٿا، اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته دنيا ۾ جنگ هميشه انسانن جي ذهنن مان پيدا ٿئي ٿي. خود يونيسڪو جي آئين ۾ به اهي لفظ چيا ويا آهن ته ”جنگ اول انسانن جي ذهنن ۾ شروع ٿئي ٿي“. اهو بلڪل صحيح آهي. انهيءَ ڪري اڄ انسانن جي ذهنن جي رهبري ڪرڻ جي ضرورت آهي. سياستدان به انساني ذهنن کي موڙي سگهن ٿا_ پر اديب ۽ شاعر انسانن جي ذهنن کي گهڻي ۾ گهڻو متاثر ڪن ٿا: انهيءَ ڪري انهن جو فرض آهي ته هو انسانن ۾ جنگ لاءِ نفرت پيدا ڪن.

”لکندڙن کي پنهنجي ملڪ جي روح ۽ ضمير جي نمائندگي ڪرڻ گهرجي. اها نهايت سهڻي ڳالهه آهي ته اوهين سمورا اديب هڪ ئي پليٽ فارم تي اچي گڏ ٿيا آهيون. ان مان لکندڙن کي پنهنجو نقطءِ نظر واضع ڪرڻ ۾ مدد ملندي_ ۽ هو حقيقتن کي نون نون روين ۾ ڏسي سگهندا، جيڪڏهن اوهين پنهنجي تحريرن کي ڪا وقعت ۽ قدر وقيمت بخشڻ چاهيو ٿا ته پاڻ ۾ وفاداري ۽ ديانتداريءَ جو جذبو پيدا ڪريو. عام حالتن ۾، سواءِ غير معمولي واقعن جي، ٻين ڳالهين جو سڌو سنئون اثر اديب تي ڪونه ٿو پوي_ پر هر هڪ واقعي جي مطالعي لاءِ لکندڙ کي عوامي نقطه نگاهه ۽ مقصديت کي سامهون رکڻ گهرجي. هن کي سياستدان وانگر جذبات ۾ لڙهي نه وڃڻ گهرجي_پر حقيقتن کي ڏسي وائسي، سمجهي سوچي، پوءِ ڪجهه لکڻ گهرجي. لکندڙ جي خوبي آهي ئي اها آزادانه ۽ منصفانه روش، جا هو سچ ۽ حقيقت کي پهچڻ لاءِ اختيار ڪري ٿو.

”هر ملڪ لاءِ اديب ۽ فنڪار اهم شخصيتون آهن. انهيءَ ڪري آءُ وري به چوندس ته هنن کي پنهنجي ملڪ جي ”روح ۽ ضمير“ جي نمائندگي ڪرڻ گهرجي.“

پنڊت نهروءَ کانپوءِ ڊاڪٽر راڌا ڪرشنن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو؛ ”وقت آيو آهي ته اسين هاڻ پاڻ کي سڄيءَ دنيا جا شهري تصور ڪريون، منهنجو مقصد انهيءَ مان اهو نه آهي ته اسان ۾ جيڪي راين جا اختلاف يا ٻيا اختلاف آهن، تن کي نظر انداز ڪري ڇڏيون، بلڪه انهن کي نگاهه ۾ رکندر، اسان کي گهرجي ته آئيندي جي ٺاهه ۽ يڪجهتيءَ لاءِ ڪوشش ڪريون.

”اسين پنهنجي نسل جو ذڪر تاريخ ۾ انهيءَ عبارت سان ڏسڻ نٿا گهرون ته هيءُ نسل ئي ائٽم بمن ۽ ٻين مهلڪ هٿيارن جو، پيدا ڪندڙ هو_ ۽ هن نسل ئي جنگ ۽ نفرت جي بازار گرم ڪئي. تاريخ ۾، ظاهر آهي ته اسين پنهنجي نسل کي صرف هن حيثيت سان ڏسڻ ئي پسند ڪنداسون ته اسان جي نسل هڪ عالمگير انساني برادري پيدا ڪئي، ۽ دنيا جي تاراج ٿيل حالتن کي ٺيڪ ڪري هڪ بهتر قسم جي دنيا تعمير ڪئي.

”هڪ گڏيل دنيا جو تصور اسان کي پنهنجن پيغمبرن ۽ برگزيده هستين وٽ به ملي ٿو. هنن هميشه عالمگير انساني برادريءَ ۽ رفاقت جو  پيغام ڏنو. هنن وٽ البت انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ذريعا ڪونه هئا، انهيءَ ڪري هو ڪامياب نه ٿيا. پر اسان وٽ ته اڄ ذريعا به آهن_اچو ته اسين عالمگير انساني برادري ۽ رفاقت پيدا ڪريون.

”ماضيءَ جا ڇڏيل بار ۽ جوابداريون اڃان تائين اسان جي سر تي بيٺل آهن. ٿوري ئي جهيڙي ۽ تڪرار تي اڄ دنيا جو امن خطري ۾ پئجيو وڃي، اهو لکندڙن جو فرض آهي ته هو خود غرضيءَ کان بلند ٿي، دنيا جي امن قائم ڪرڻ لاءِ پهاڙ جيان اٿن_۽ دنيا کي برادريءَ  ۽ انسانيت جو پيغام ڏين. اڄ دنيا ۾ ڪير به ائين چئي نٿو سگهي ته روشنيءَ جي هڪ_هٽي فقط اسان وٽ آهي_ ۽ ٻين کي فقط اوندهه نصيب آهي. علم ادب ۾ هرڪو هڪ جهڙو حصيدار آهي. اهو لکندڙن جو فرض آهي ته هو پنهنجي پنهنجي معاشري کي بلند ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. هو پاڻ ڏانهن سچا ۽ وفادار تڏهن ٿي سگهندا، جڏهن هو پنهنجي قومي توڙي عالمي معاشري سان سچا ۽ وفادار هوندا. لکندڙن کي پنهنجي پاڻ ڏانهن وفادار هجڻ سان گڏ، انهيءَ عالمگير امن، انصاف ۽ آزاديءَ جي مقصد سان وفاداري رکڻ گهرجي، جو اڄ دنيا جي افق تي چمڪي رهيو آهي!“

ايشيائي اديبن جي ڪانفرنس ختم ٿي ويئي_ پر ايشيا جي اديبن جي دلين ۾ انهيءَ مان هڪ نئين جاڳ، هڪ نئين روشني پيدا ٿي آهي، جنهن جي رهبريءَ سان هو، پنهنجي راهه جي سنگلاخ رڪاوٽن ۽ هولناڪ ورن وڪڙن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ، اڳتي وڌندا ويندا،_ ۽ عالمگير انساني برادري جي عظيم مقصد تائين پهچڻ لاءِ هو ان مان نت نئون اعتماد ۽ نت نئين اميد حاصل ڪندا رهندا.

”پاڪستان اورينٽل ڪانفرنس“

(اورينٽل ڪاليج، لاهور ۾، تاريخ 28،29،30

ڊسمبر 1956ع تي ڪٺي ٿيل.)

گذريل ڊسمبر 56ع ۾، لاهور ۾، اتي جي ارينٽل ڪاليج جي اهتمام  ۽ انتظام سان، پاڪستان جي مختلف علائقن_ راجشاهي (م . بنگال)،  ڪراچي، حيدرآباد سنڌ، بهاولپور، پشاور، راولپنڊي، گجرات، لائلپور، ڪوئيٽا، منٽگمري، لاهور وغيره_مان يونيورسٽين، ڪاليجن، تعليم _کاتن، ۽ ڪيترن علمي ۽ ثقافتي ادارن جي عالم فاضل هستين جي وڏي ڪانفرنس ڪٺي ٿي. سنڌ جي طرفان، سنڌ يونيورسٽيءَ جي هيڊ آف ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ نمائندگي ڪئي. هن ڪانفرنس جو مقصد هو مشرقي علمن ۽ ثقافتن جو جائزو وٺڻ ۽ انهن جي ترقيءَ ۽ تر ويج لاءِ گڏيل اپاءَ سوچڻ: ۽ انهيءَ مقصد خاطر اسلامي ۽ مشرقي ملڪن جي نمائندن کي پڻ ڪوٺيو ويو هو، ترڪيءَ مان آقا زڪي وليدي طوغان ۽ ڊاڪٽر فواد سيزگن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا: مصر جي نمائندگي حسين الڪاتب ڪئي: انڊونيشيا کي ڊاڪٽر تقدير علي ”شهبان“، وائيس چانسلر انڊونيشين يونيورسٽي، آيل هو؛ هندستان مان ڊاڪٽر موهن سنگهه”ديوانه“ ۽ افغانستان مان آقا حبيبي افغاني شريڪ ٿيا. اولهه پاڪستان جي گورنر ميان مشتاق احمد گرماڻيءَ هن ڪانفرنس جو افتتاح ڪيو.

28 تاريخ، صبح جي ڏهين بجي، ڪانفرنس جو پهريون اجلاس شروع ٿيو، جنهن ۾ گرماڻي صاحب پنهنجو افتتاحي خطبو پڙهيو، هن جڏهن ائين چيو ته ”آءُ انگريزيءَ جو مخالف ته ڪونه آهيان، پر منهنجي راءِ ۾ انگريزيءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو نٿو ڏئي سگهجي“، ته سڄو هال تاڙين سان گونجي ويو. گرماڻي صاحب پنهنجي خطبي ۾ ڪيتريون ئي قابل غور ڳالهيون بيان ڪيون، ۽ آخر ۾ ائين به چيو ته ”علم جي دنيا ۾ ”مشرقي“ ۽ ”مغربي“ جو امتياز هرگز قائم نٿو ڪري سگهجي“.

مجلس استقباليا جي صدر ڊاڪٽر مس خديجه فيروز الدين صاحبه پنهنجي استقبالي خطبي ۾ ڪيترائي عملي مسئلا پيش ڪيا، ۽ مشرقي علمن لاءِ هڪ الڳ يونيورسٽيءَ جي قيام ۽ ملڪ لاءِ، ”لساني وحدت“ تي زور ڏنو،. ڊاڪٽر صاحبه چيو ته ”مغربي قومن، مشرقي قومن تي پنهنجي سياسي قبضي قائم رکڻ لاءِ، انهن جي ذهنن تي غلبي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي،  انهيءَ مراد سان هنن سدائين مشرق وارن جي علم ۽ زبان، تهذيب ۽ تمدن کي مٽائڻ  ۽ ميسارڻ جون ڪوششون ڪيون آهن: ڇو ته هنن اهو چڱيءَ پرڄاتو ٿي ته جيستائين مشرقي قومن جو تمدن ختم نه ڪيو ويندو، انهن کي سندن علمن کان بيخبر نه بنايو ويندو، ۽ انهن جي ماضيءَ جي ميراث کي بنهه نيست  ۽ نابود نه ڪري ڇڏيو ويندو، تيستائين هنن کي پنهنجي ضابطي هيٺ آڻڻ سولو نه ٿيندو“.

ڪانفرنس جي صدر ڊاڪٽر ايس. اي. رحمان پنهنجي خطبي ۾ ”مشرقي علوم“ جي اصطلاح جي وضاحت ڪندي ٻڌايو ته ”مشرقي علوم يا ”مشرقيات“ جي اصطلاح، هڪ ”آفاقيت_پسند“ فاضل جي ڪنن کي يقينن ڏکيا لڳندا، ۽ ڪنهن به علم لاءِ اهڙي حدبندي بيشڪ بي معنيٰ آهي“. هن چيو ته ”اهو ظاهر آهي ته جاگرافيائي لحاظ کان علمن جي حدبندي ڪري ئي نٿي سگهجي. علم ته جتان به هٿ اچي سگهي، اهو سچي طالب کي پنهنجي ميراث ڄاڻي ميڙڻ کپي. البت، ڪنهن به علم کي جيڪڏهن اسين ڪنهن خاص ملڪ يا علائقي سان نسبت ڏيئي انهيءَ ملڪ يا علائقي جو علم ڪري ڄاڻائينداسين، ته اسان جو ائين چوڻ فقط اهڙيءَ صورت ۾ صحيح ٿيندو، جڏهين ان جو مقصد صرف اهو معلوم ڪرڻ هوندو ته انهيءَ ملڪ يا علائقي انساني علمن ۾ ڪهڙا ڪهڙا اضافا ڪيا آهن... آفاقيت_پسنديءَ سان جائزو وٺون، ته جيئن اسين هر ڪنهن ڳالهه کي ان جي اصلي روپ ۾ ڏسڻ ۽ پرکڻ جي قابل ٿي سگهون“.

اڍائي بجي کان چئين بجي شام تائين، ڪانفرنس جي ”تجويزي ڪاميٽيءَ“ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ اٽڪل ٽي سئو کن نمائندن شرڪت ڪئي، ۽ مڙئي ٻاويهه ٺهراءَ پيش ٿيا، هڪڙو اهو ٺهراءَ به آندو ويو ته ”اڙدو“ ٻوليءِ کي تعليم جوذريعو ٺهرايو وڃي، انهيءَ تي پهريندي ئي ڪن نمائندن زبردست اختلاف جو اظهار ڪيو، ۽ ڪارروائيءَ ۾ پنهنجي پنهنجي مفاد جي دلچسپي پيدا ٿي ويئي_، اهڙيءَ طرح بحث طول وٺي ويو. بحث ۾ راجشاهي يونيورسٽيءَ جي ڊاڪٽر سهيد الله، سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، پشاور جي مولانا عبدالقادر، ڪراچي جي ڊاڪٽر عبدالحميد عرفانيءَ ، ۽ لاهور جي ”ادبستان صوفيه“ جي پرنسپال محترمه فضه طوريءَ حصو ورتو. انهيءَ بحث مان اها ڳالهه ته هڪدم واضع ٿي ويئي ته جيتري قدر اڙدو ٻوليءَ کي ذريعهء تعليم بنائڻ جو سوال آهي، ان جو تعلق صرف اولهه پاڪستان سان ئي ٿي سگهي ٿو. سڄي اولهه پاڪستان ۾ اڙدو ٻوليءَ کي تعليم جو واحد ذريعو بنائي ڇڏيو وڃي_

انهيءَ تي بنگال، سنڌ ۽ سرحد جي نمائندن شديد مخالفت ڏيکاري. مولانا  عبدالقادر ۽ ڊاڪٽر بلوچ انهيءَ ڳالهه جي ڪافي وضاحت ڪئي ته ڪنهن به ملڪ ۾ ذريعهء تعليم بنجڻ لاءِ اتي جي ”مادري زبان“ جو حق بين القوامي حيثيت سان مڃيو ويو آهي_ ۽ اهو ئي لسانيت جو اصول پڻ آهي. هنن اهو اصرار ڪيو ته ملڪ جو ذريعهء اڙدو نه، پر ”مادري زبان“ هجڻ گهرجي... ڪثرت_راءِ کي ”فيصلو“ بنايو ويو، ۽ آخر اڙدوءَ کي تعليم جو ذريعو بنائڻ وارو ٺهراءَ بحال ڪري ڇڏيو ويو!

مٿئين ٺهراءَ جي وڏي ڊگهي بحث مان ٻه ڳالهيون چٽيءَ طرح سامهون اچي ويئون: پهرين ته هر پاڪستاني دانشور_توڙي ڪهڙي به علائقي جو هجي_ پنهنجي ملڪ مان انگريزيءَ جي بالادستيءَ کي ختم ڪرڻ جي فائدي ۾ آهي؛ ۽ ٻي ڳالهه هيءَ ته اڙدو ۽ ٻين علاقائي ٻولين جو پاڻ ۾ ٽڪر قومي مفاد لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿو_ ۽ انهيءَ ڪري هن مسئلي تي وڌيڪ حقيقت _پسنديءَ واري ۽ واضع نقطهءِ نظر اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ڪانفرنس جو ٻيو ڏينهن، عملي ڪاروبار جي لحاظ کان، نهايت اهم هو، صبح جا ٽي ڪلاڪ، ”علوم والسنه شريقه“ تي لکيل ڪيترن علمي شعبن بابت مقالا پڙهيا ويا، ٻي بجي ڪانفرنس جو عام ميڙ ڪٺو ٿيو ۽ ان ۾ ٻيون وڌيڪ رٿون پيش ڪيون ويون، جيڪي وقت جي ٿورائيءَ ڪري تجويزي ڪاميٽيءَ ۾ بحث ڏيڻ بابت هئي. پڇاڙيءَ ۾ ٽن ماڻهن جي هڪڙي ڪاميٽي ٺاهڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو. جيڪا اڙدوءَ کي اعليٰ تعليم جو ذريعو بنائڻ جي باري ۾، ايندڙ جون 1975ع تائين، مفصل رپورٽ تيار ڪندي.

”پاڪستان اورينٽل ڪانفرنس“ جو، تهذيبي بنيادن تي، هيءُ پهريون اجتماع هو. اهو اڃا آغاز آهي_ ۽ اڳتي جون اميدون اسان کي قومي بنيادن تي مسلسل جدوجهد جي ضرورت جو احساس ڏيارين ٿيون.

(هفتيوار اڙدو رسالي ”ليل و نهار“ تان ترجمو ڪيل.)

پڙهندڙن جا پيغام

·       معزز متر، اوهان جو رسالو ”مهراڻ“ ساڌو ٽي.ايل. واسواڻيءَ کي پوني ۾ ملندو آهي؛ اوهان جي مهرباني مڃي ٿو. مون کي چيو اٿس ته مان اوهان کي سندن ماهوار رسالو ”سنت مالا“ موڪليان.

وري وري پياريءَ سنڌ جون يادگيريون اسان جي دلين اندر اٿنديون آهن. وطن جي ورهه ورور اندر ۾ اڪيرون اٿاري ٿي_شل اها اڪير، اها حب، من اندر هميشه تازي رهي!

سڀني سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن کي دعا ۽ سلام ڏجو.

·       محترمي، اسلام عليڪم: سال گذريا  قلم نه کنيو اٿم، اڳي ئي لکڻ فقط ” سنڌوءَ“ تائين محدود هو. ٿورو گهڻو ”تعليم“ اخبار ۽ هڪ اڌ ٻئي پرچي کي ڏيندو هوس، سو به بند ڪري ڇڏيو هيم، ”مهراڻ“ جي ٻئي دور وري ڪجهه نه ڪجهه لکڻ لاءِ آماده ڪيو، مهيني سوا کان ڇهون پرچو (2_1906ع) مطالعي هيٺ آهي، ور ور ڪيو پيو پڙهان، توهان ته روزا فزون ڪوشش ڪريون ٿا، توهان ته وسان ڪونه ٿا گهٽايو، پر جيڪو مواد ملندو، سو ئي عام آڏو آڻيندو، اها سموري جوابداري اديبن ۽ مضمون نگارن تي آهي، مون کي آزموده آهي ته ”سنڌو“ رسالو جڏهن ميان جو ڳوٺ مان نڪرندو هو، تڏهن هن وٽ به ڪيترائي اهڙا مضمون ايندا هئا، جي قابل اشاعت نه هوندا هئا. ته به مجبورن کين ٽنيو ويندو هو، آءُ مسٽر راجپال کي چوندو هيس ته ”ائين ڇو ٿا ڪريو“ چوندو هو ته ڇا ڪجي هڪ ته سنڌ ۾ اديبن جي اڻاٺ آهي، وري جيڪي چڱا ليکڪ آهن، تن کي يا ته فرصت ڪانه آهي، يا ته سستي ڪري مس مس ٻه اکر ٿا موڪلين، انهن حالتن هيٺ اسان وٽ جيڪو مواد هوندو، سو ئي پيش ڪنداسين: ڇاڪاڻ ته پرچو به وقت اندر ڪڍڻو آهي، نه ته شڪايتن جا دڳ ٿا اچي گڏ ٿينٰ“ سندس اهو چوڻ بلڪل سچ هو آءُ ڏسندو هيس، ته مسٽر شيوه رام جهڙو اديب به پنهنجو مسودو صاف ڪري نه موڪليندو هو. انهيءَ ” رف“ تي درستيون ۽ موسودو به پينسل سان لکيل هوندو هو، وقتي وٽس ته مواد ئي ڪونه هوندو هو، ان ڪري پرچو مجبورن ليٽ ڪرڻو پوندو هوس. مارچ 1937ع ۾ ته وٽس ڪوبه مضمون ڪونه هو؛ البت ڪري ترسايل افسانا فائيل ۾ پيل هئس: اهي ۽ ٻه افسانا مون کان لکائي، سڄو پرچو ”آکاڻي نمبر“ ڪري ڪڍيائين! توهان سان پڻ ساڳي حالت هوندي. هڪ اديب ٿورڙا، ٻيو پرچو  وڏو_ ور ور ڪري لکبو، تڏهن مس مس ڪجهه موڪلين،. انهن حالتن هيٺ، اوهان وٽ جيڪي ايندو سو ڇنڊي ڇاڻي پيش ڪندا: پرچي جي طويل تاخير جو هڪ سبب هو به هوندو. تنهن هوندي به، توهان اديبن ۽ مضمون_نگار کي ڌونڌاڙي ٻڌايو ته ”اوهين جيڪي به موڪليو سو اڳئين کان بهتر هجي“. گهٽ معيار جون شيون سندن ئي وقار وڃائينديون، باقي ”مهراڻ“ جي موج ڪانه گهٽبي: البت ڪڏهن تار وهندو، ڪڏهن تري ۾،

اوهان گذارش ۾ جيڪي لکيو آهي، سو بلڪل صحيح آهي_خاص ڪري ”هڪڙن جون پري کان بيٺلن...... هارجيو وڃي“. هڪڙا چوندا ته سندن ڪائو به موتي ٿي وڃي؛ ٻيا وري چوندا ته ”اوهان ڏبو ڇا ٿا، جو اوهان جون بيگرون وهندا وتون!“ کٽيو کائي کتيجان، ڌڪ جهلي ڌيڻس_ان ڪري اوهان جي دل برابر هارجي ويندي..... دل نه هاريو، ”مهراڻ“ بفضل خدا روز افزون ترقي ڪندو رهندو!

_محمد عظيم وڪڙائي، پوسٽ چوڏهيو، شڪارپور سنڌ.

*ادا سائين، اوهان تي رب جي رحمت هجي!

ڪيتري وقت کان مس مس پياري ”مهراڻ“ جو ديدار نصيب ٿيو. ”مهراڻ“ جي جدائيءَ ۾ ڪيترو وقت انتظار ۽ اوسيڙي ۾ گذارڻو پوي ٿو: پوءِ ملڻ سان ايتري ته خوشي حاصل ٿئي ٿي، جيتري هوند ڪنهن عاشق کي محبوب جي وڇوڙي کانپوءِ، وصال مان ٿيندي هجي، ملڻ کانپوءِ، جيترو وقت بچائي سگهيو آهيان، ته کيس پڙهندو ئي پڙهندو رهيو آهيان_ تان جو سڄو پڙهي پورو ڪيم. نه ڄاڻان ڪيترو لطف آيو هوندو، ڪيترو سوچيو ۽ سمجهيو هوندم، ۽ ڪيترو پرايو ۽ پرکيو هوندم: مطلب ته هڪ اٿاهه سمنڊ آهي!

اوهان جي گذارش مخالفن ۽ نقادن کي سنجيدو، سهڻو ۽ سنئون جواب آهي، پر شل هو مسلمانڪي، هندڪي ۽ اشتراڪي نظر سان نه، پر ”سنڌي“ نظر سان ڏسن ۽ پنهنجي ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقي ۽ عروج خيال ۾ آڻي، ”مهراڻ“ پڙهن.

”سانگي“ جون ”يادگيريون“ بيشڪ هڪ لافاني شي آهي. ”سانگي“ سنڌيءَ جو هڪ بهترين شاعر هو؛ پر اڃا تائين اسان ڏانهس توجهه ڪونه ڏنو آهي. ڪهڙو نه چڱو ٿئي، جيڪڏهن بورڊ ”سانگيءَ“ جون سموريون تصنيفون سهيڙائي ”ڪليات سانگي“ ڇپارائي!

بيتن ۾ جيڪي ئي بيت آيل آهن، سي سراسري سڀ سٺا آهن؛ سپڪ ۽ سوليءَ سنڌيءَ ڪم آڻڻ جو خاص خيال رکيو ويو آهي، پر جيئن ته پڙهيل ۽ عروضي شاعرن جا چيل آهن، انهيءَ ڪري ڪنهن قدر بناوٽي پيا لڳن. بيت چوڻ لاءِ ضروري آهي ته سگهڙن، سالڪن ۽ راڳيندڙن جي ڪچهرين ۾ شاعر گهڻو اٿيو ويٺو هجي: تڏهن به سنڌي شاعرن جو هي قدم نهايت ئي مبارڪ ۽ لائق صد تحسين آهي. سنڌي قوم کي هرڪو پنهنجو فن آهي: انهن کي وسارڻ ٿيندو، پنهنجو عضوو وڍي ڦٽي ڪرڻ.

اسان جي شاعرن دوهن جي شروعات به ڪئي آهي. چڱي ڪوشش ڪئي اٿن؛  گهڻو ڪامياب ويا آهن_ اها به نهايت مبارڪ ڪوشش آهي.

ڪافين ۾ ”برده“ سنڌي ۽ حافظ محمد احسن جون ڪافيون نهايت ئي پر لطف ۽ بلند پايي جون آهن، ڪافيءَ چوڻ لاءِ ضروري آهي ته سرتار مان واقف هججي، گهڻيون ڪافيون بناوٽي پيون لڳن، سنڌي شاعرن جي هي قدم به نهايت مبارڪ آهي، مون کي ته، نهايت خوشي ٿيندي آهي، جو سنڌي شاعر هاڻي پنهنجي ملڪ موٽي رهيا آهن، ڪهڙو نه چڱو ٿئي، جيڪڏهن تقليد سان گڏ ان فن ۾ جدت کان ڪم وٺي، انقلابي ۽ قومي خيال به پيش ڪيا وڃن!

گيت چوندڙن پهريائين قومي ۽ انقلابي خيال پيش ڪرڻ شروع ڪيا هئا، پر هاڻي مڙئي ٿڌا ۽ ”عيشي“ ٿي ويا آهن، دلگير جو گيت نهايت ئي اعليٰ درجي جو آهي، دلگير کي گيت تي خاصي دسترس حاصل آهي. شمشير الحيدريءَ جو ”سڏ“ واقعي قوم کي هڪ انقلابي سڏ آهي؛ ٻولي به واهه جو ڪم آندي اٿس!

لوڪ ادب جي سهيڙڻ ۽ سموهڻ ۾ به اسان جا اهل قلم هاڻي لڳي ويا آهن، لوڪ گيتن جا قسم ڏيکارين ٿا ته اسان جو لوڪ ادب ڪيڏو نه وسيع ۽ اعليٰ درجي جو آهي. گهڻي وقت کان ڏسندو هوس ته لوڪ گيتن مان ”لوليءَ“ طرف اڃا تائين ڪنهن توجه نه ڏنو آهي، ۽ ٻيو سانباها ڪندو هوس ته عوام کي انهيءَ فن کان به واقف ڪرائجي_ پر رشيد احمد لاشاري اڳ ڪڍي ويو.

نظم ۾ ”دلگير“ جو ”مهراڻ جي موج“ سڄي رسالي جي سونهن آهي. هيءَ نظم ”دلگير“ جي فن جو ڪمال ۽ عروج آهي: نه فقط ”دلگير“ جو عروج ۽ ڪمال آهي، پر سنڌي  ٻوليءَ جي وسعت ۽ همه گيريءَ جو پڻ چٽو ثبوت، ۽ سنڌي شاعريءَ جو سهڻو مثال آهي. ٻولي سادي، سلوڻي ۽ سپڪ، حد درجي جي روانگي ۽ سلاست، پڙهڻ ۾ مزيدار ۽ ميٺاج وارو_مطلب ته جديد سنڌي شاعريءَ جو هي سڀ کان مٿانهون نظم آهي. دلگير بيشڪ کيرون لهڻيون.

شيخ اياز جو ”توتان واريان جند، منهنجي مٺڙي سنڌ!“ هڪ اعليٰ درجي جو قومي نظم آهي. ههڙن شعرن جي هن وقت سخت ضرورت آهي، جي قوم ۽ قومي روح ڦوڪين ۽ وطن جي پيار جو احساس ذيارين.

صالح محمد سمي جو ”مارئيءَ جي ڀيٽ“ به نيٺ سنڌيءَ جو نادر نمونو آهي، ۽ سنڌي لغت جي وسعت جو دليل آهي.

آزاد نظم ۾ سراج جو ”ڪراچي“ واهه جو وڻيو! واقعي ڪراچي سنڌ جو سينگار ۽ روح آهي. سراج، سنڌي قوم کي ننڊ مان اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي_شل ستل سنڌي سجاع ٿين ۽ پنهنجو گهر سنڀالين! شيخ ”راز“ ته اڃا ٻين ٻولين يج غير مروج لفظن جي پچر نٿو ڇڏي.

نين طرزن تي ڪوشش ڪرڻ به سنڌي شاعريءَ جي واڌاري جي ڪوشش آهي. ”سانيٽ“ تي بشير مورياڻيءَ چڱي ڪوشش ڪئي آهي_پر ڪجهه گهرجي ٿو.

رشيد صاحب ”ٻوليءَ“ جي شروعات ڪري، سندس چوڻ موجب، سنڌي شاعريءَ ۾ نئين ايجاد ڪئي آهي. ۾”ٻولي“ برابر هڪ نئين ۽ مبارڪ پيشڪش آهي، پر ائين نه آهي ته سنڌي ٻوليءِ ۾ ”محرم لوليءَ“ جي صنف آهي ئي ڪانه. مون ڪيترادفعا سنڌيءَ ۾”محرم لولي“ ٻڌي آهي. ڪنهن وقت”سنڌي محرم لولي“ ان جي ثبوت ۾ پيش به ڪندس.”سنڌي شلڙو“ ته عام جام ڳاڍو ويندو آهي، جو لوليءِ جو هڪ قسم آهي.

افسانن م جمال ابڙي”بدمعاش“ سٺو افسانو آهي. جمال صاحب جو افساني جي فن بابت پنهنجو خاص بظريو، هن افساني مان بلڪل عيان آهي. گندي سماج جا وکا پڌرا ڪيا ويا آهن، پر حقيقت کان گهڻو دور آهي. موجوده ۾ چور، ڌاڙيل ۽ خوني، وڏيرن  جا پاليل ٿين ٿا، جي وڏيرن کي غريب هارين کي هيسائڻ ۾ مدد ڪن ٿا. بهتر ٿئي ها،جيڪڏهن جمال صاحب افساني جي مکيه ڪردار کان عام ڪوس،عام چوري ۽ ڌاڙي جي بجاءِ، ظالمن ۽ جابرن سان وڙهڻ جو ڪم وٺي ها. باقي ٻولي، محاورا ۽ اسلوب بيان پنهنجو مت پاڻ آهن. جمال،افساني جي خاص لکڻيءَ جو مالڪ آهي، جا نهايت وڻندڙ، جاذب ۾ مسروج ٻوليءَ ۾ محاورن تي سبني آهي، جمال جهري لکڻي اڃـا تائين ته ڪنهن کي نصيب ڪانه ٿي آهي.

موهن جو”ڦيرو“ به اعليٰ درجي جوافسانو آهي. سنڌي قوم هڪ غير تمند قوم آهي. هن افساني ۾ سنڌين کسي غيرت جو احساس ڏياري، کين سجاڳ ڪرڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي ويئي آهي. وڏي ۾ وڏي خوبي اها آهي، جو مزدورن کي، ويڇا وساري، هڪ ٿي وڃڻ جي تلقين ڪئي ويئي آهي_حقيقت ۾ ”ايڪو“ سڀ لاءِ سٺو آهي.

هريڪانت جو”غفور“ هڪ ڪامياب افسانو آهي. ماڻهن ۾ انسانيت پيدا ڪرڻ لاءِ ههڙي افسانن جي سخت ضروت آهي. جيستائين انسان، انسان ئي نه ٿيو آهي، تيستائين مذهبي ڪئين سڏي سگهبو، ڇاڪاڻ ته سڀني مذهبن جي شروعاتي تعليم”انسان بنجڻ“ جي آهي. ”سراج“صاحب جو ترجمو ڪيل ڊرامو به هڪ سٺي ڪوشش آهي. اڪبر دنيا کي محبت، پيار ۽انسانيت جو پيغام ڏنو هو، ان جي وسارڻ کان پوءِ ئي قوم ۾ نفاق پيو، جنهن جي نتيجي ۾ آخر غلام بنجي ويئي. شال، اسان جي قوم کي ساڃاهه اچي، ۽ انهيءَ پيغام تي عمل پيرا ٿئي!

 اوهان ”لوڪ ڪهاڻيءَ“ جي شروعات ڪري، سچ پچ سنڌي ادب جي هڪ وڏي خدمت سرانجام ڏيئي رهيا آهيو.هاڻي گهڻن کي ريس ايندي.”لوڪ ڪهاڻي“لفظ اسان وٽ مروج نه آهي. اهڙين ڪهاڻين کي عام طرح”ڳالهه“ چيو ويندو آهي. وري ڳالهيوگهڻو ڪري ٻهراڙيءَ ۾ کنيو وينديون آهن، تنهنڪري ان کي”لوڪ ڪهاڻي“ جي بجاءِ جيڪڏهن”ڳوٺاڻي ڳالهه“ سڏيو وڃي ته ٿيندو، نه ته فقط”ڳالهه“ به ٺيڪ ٿيندو.

بعد پنهنجي من ۾ محسوس ڪري ٿو_جنهن جي لکجڻ بعد اديب يا شاعر پاڻ کي خوش_نصيب کان خوش_نصيب انسان تصور ڪري ٿو، يا هفت_اقليم جي حاصل ٿيڻ جهڙي خوشي محسوس ڪري ٿو، مگر اهو به ڪنهن خيال ڪيو آهي ته جڏهن اهو ساڳيو مضمون يا شعر ڪو نقاد رد ڪري ٿو، تڏهن ان اديب يا شاعر جو ڇا حال ٿئي ٿو؟ ساڳيو اهو حال ٿئي ٿو، جو ان ماڻهوءَ جو ٿئي، جنهن جو پٽ سکائن باسڻ بعد پيدا ٿئي، ۽ ڪو ان کي نڙيءَ تي ننهن ڏئي نپوڙي ڇڏي؛ يا ان بلبل جو ٿئي، جڏهن تازي ٽڙيل گل کي ڪو تماشبين پٽي پيرن هيٺان چيڀاٽي هليو وڃي؛ يا ان چڪور جو ٿئي، جڏهن چنڊ جي اڀرڻ سانئي ڪو ڪارو ڪڪر مهتاب جي منور منهن کي سندس نظرن کان پوشيدو ڪري ڇڏي، يا ان پرواني جو ٿئي، جنهن ٻريل شمع تي اڃا ٻه ڀيرائي مس ڏنا هجن، ته ڪو ڦوڪ هڻي شمع کي گل ڪري ڇڏي! اهڙيءَ بيدردانه هلت جو نقاد صاحب صرف اهو جواب ڏيئي، شمع کي گل ڪري ڇڏي! اهڙيءَ بيدردانه هلت جو نقاد صاحب صرف اهو جواب ڏيئي، پنهنجي گلو خلاصي ڪندو آهي ته ”مضمون يا شعر معياري نه آهي“، ليڪن آءُ هميشه ان ڳالهه کي سمجهڻ کان قاصر رهندو آهيان، ته معيار جيڪو نقاد پاڻ قائم ڪري ٿو، سو اهو معيار آهي، جيڪو پاڻ پنهنجي خيال موجب قائم ڪيو اٿس، يا جيڪو ادبي معيار علم ادبي اصولن موجب مقرر ٿيل آهي؟

ڏهن ٻارهن سال منهنجو جيڪو ادب سان تعلق رهيو آهي، ان جي بنا تي آءُ اهو اندازو لڳايان ٿو ته ڪن نقادن جو معيار متعلق قائم ڪيل نظريو، ادبي اصولن پٽاندر مقرر ڪيل معيار جهڙو نه آهي. هو معيار کي پنهنجي خيالات، جذبات، اصول ۽ اندازي جي ماڻ ۾ ماپين ٿا_ جيڪو شعر يا مضمون سندن خيال جي ڪسوٽيءُ تي کرو ٿو ثابت ٿئي، سو معياري، ورنه غير معياري؛ پوءِ کڻي اهو صنائع بدائع جي خوبين سان سينگاريل هجي، يا فصاحت ۽ بلاغت جي زيورن سان آراسته.

حقيقت اها آهي ته ادب جي دنيا ۾ ”معيار“ لفظ جو مطلب اهو نه اهي، ادب جي اصولن موجب مقرر ٿيل معيار جو، ذاتي خيالات، جذبات، اصول ۽ اندازي سان ڪو خاص تعلق ڪونهي. ادب وٽ معيار کي ماپڻ لاءِ پنهنجا ماڻ آهن، جن کي ”ادبي اصول“ چئجي ته به ٺهي اچي؛ يا معيار کي تورڻ لاءِ وٽ ۽ تورا آهن، جن کي صنائع، بدائع، تشبيهون ۽ استعارا، محاورا ۽ پهاڪا، فصاحت ۽ بلاغت وغيره چئجي ته به درست آهي. جيڪڏهن ان مضمون يا شعر ۾ مٿيون خوبيون يا انهن مان ڪي موجود آهن، ته پوءِ مضمون يا شعر معياري آهي_ اگرچ نقاد جي خيالات ۽ جذبات سان ٺهڪي نه به بيهي.

منهنجو هروڀرو اهو خيال نه آهي ته اديب يا شاعر جيڪو به مضمون يا شعر لکي ٿو، سو معياري آهي: مگر ايترو ضرور خيال اٿم ته ان کي معياري بنائڻ انهن جو فرض آهي، جيڪي اها دعوا ٿا ڪن ته هو مشهور اديب آهن، ۽ هن کي معيار جي صحيح پرک آهي. انهن جو درجو پوءِ رهنما ۽ هاديءَ جو آهي. جن کي راه ڏيکارڻ ۽ هدايت ڪرڻ گهرجي. اهو ماڻهو، جو رڳو تنقيد ويٺو ڪندو ۽ پنهنجي ذاتي جذبات، خيالات ۽ اصولن مطابق به شعر يا مضمون درست ڪري نه سگهندو. يا ڪنهن به قسم جي اصلاح ڪري نه سگهندو، اهو جيڪڏهن پاڻ کي اديب نه سڏائي ته بهتر آهي، ڇو ته ان مان ادب کي فائدي جي بجاءِ نقصان ٿو رسي؛ ادب جي خدمت جي بجاءِ ادب لاءِ مصيبت ٿي پيدا ٿئي.

اول کان اڄ تائين ”مهراڻ“ جا نڪتل پرچا منهنجي نظر مان گذريا آهن. مون کي اهڙي ادبي معاري رسالي جي موجودگيءَ تي بيحد خوشي ٿيندي آهي. عمومن محسوس ڪندو آهيان ته اسان جي ادبي دنيا ۾ جي ”مهراڻ“ موجزن نه هجي ها، ته هوند ادب جا باغ ۽ بستان، چمن ۽ گلستان، نابود ٿي وڃن ۽ منجهن نه گل ۽ گئونٽا هجن ۽ نه بلبلون ٻولين ۽ ٽپين.

آرزو اٿم ته شل ”مهراڻ“، اوهان جي ادارت هيٺ، ادب جي زرخيز زمين جي آبياري ڪري، کيس سرسبز ۽ شاداب رکندو اچي. _حافظ حسيني.

·       سائين، اسلام عليڪم!

”مهراڻ“ جي مواد جي چونڊ ۽ ترتيب هر پهلوءَ کان بهترين ۽ قابل داد آهي. ان کان پوءِ به، جيڪڏهن هن ڪي صاحب ”مهراڻ“ کي صرف ”هڪ ئي مڪتب خيال جو ترجمان“ ۽ ”هڪ ئي وڙ جو دڪان“ سمجهن ٿا، ته انهن لاءِ صرف _بقول عرساڻي صاحب_ ايترو چئي سگهجي ٿو ته ”ٽيڏي کي سارو سنسار ٽيڏو ڏسڻ ۾ ايندو آهي: ان ۾ ٽيڏي جو ئي ڏوهه آهي، نه سنسار جو“.

”مهراڻ“ (3_1956ع) ۾، شعر جي هر حصي ۾ شيخ ”اياز“ پيش پيش آهي. ”اياز“ فطري شاعر آهي، جو نت نوان طريقا ۽ طرزون پيش ڪري ٿو. سندس هيءُ بيت به ڇا خوب آهي..... چي:

”اسان ڪيئن ڪاٽيون، رسي ريجهڻ جون گهڙيون:

ڳوڙها، ڳراٽيون، هيانو ڏسڪيا هيج مان!“

”غني“ صاحب ته روز واٽون ويٺو واجهائي، ۽ آس ڪري ته

”ڌارين سان ڪيئن دل اٽڪايان_منجهان مون کان منهن نه مٽيندا“

_ليڪن افسوس جو هي ”منهنجا“ منهن مٽي، پنهنجو مادر وطن، زبان ۽ ثقافت، سڀ جا سڀ، وڪڻي ويهي رهيا!

هينئر وقت آهي ته اسان جا عزيز شاعر، پيچ و خم کان آزاد ٿي، قوم جي تعمير ڪن: ڇو ته تاريخ شاهد آهي ته انقلاب ۽ قومي تعمير جا باني اديب ۽ شاعر آهن. هينئر اسان کي ”ادب براي ادب“ بدران ”ادب براي زندگي“ گهرجي. هن وقت حيدري جهڙن جي گهرج آهي ، جي اها صدا بلند ڪن ته

”هر هنڌ زر جو زور ٽٽٻي پيو،

انسان ڪشٽن مان نڪري پيو:

اچ همت سان پاڻ به ساٿي،

پنهنجو ڀاڳ واريون!“

سنڌ جو هر باشندو، جنهن جي زبان سنڌيءَ سان گڏ سرائڪي يا ٿري آهي، ”مهراڻ“ کي پنهنجو سمجهي ٿو، ڇو ته ”مهراڻ“ انهن جي لوڪ گيتن  ۽ لولين کي به نه وساريو آهي.

گري دلير جو ”مهراڻ جي موج“، ”مهراڻ“ جي جوانيءَ جي هڪ زنده تصوير آهي. ”نياز“ همايونيءَ جو ”زندگي، مان ڪيئن تنهنجي رام کي ريجهائيان“ ۽ گوورڌن محبوباڻيءَ جو ”زندگي جي راهه تي“، قابل ستائش آهن. صالح محمد سمي جو ”مارئي جي ڀيٽ“ هڪ سانڍڻ جهڙي سوکڙي آهي. شال مارئي جيان سنڌ جي هر نر ۽ ناريءَ کي وطن جي هر چيز سان اهڙي حب هجي! هن شاهڪار ۾ ڳوٺاڻن جي دلين جي ترجماني آهي.

ڀاءُ جمال ابڙو ته هر دفعي فرسوده نظام جا بخيا اڊوڙي ٿو. سندس هر افساني جو ڪردار، ماحول جو محتاج نظر اچي ٿو. ”هو وڏو بدمعاش هو_پهرئين نمبر جو!“ پر، اهي ”بدمعاش“ ۽ ”شيدو ڌاڙيل“ ڪنهن پيدا ڪيا؟_انهيءَ فرسوده نظام!_جي سماج جي ڏاڍاين ۽ ظلم ڪري، ننڍي  هوندي کان ئي اهو عزم ڪن ٿا ته ”بيهه وڏو ٿيان ته اهو وير وٺندس“. مگر افسوس، جو اڃان اهي ”بدمعاش“، ”شيدو“، ”پشو“، ۽ ”بلو دادا“، انهيءَ ظالم سماج ۽ فرسوده نظام جي وڏيري، سيٺ ”ڌڱاڻي خان“، رئيس ”گامڻ خان“، ۽ انهن جي در جي پاليل ڪتن کي ختم ڪري نه سگهيا آهن!

”هڪ ڏيهنهن جي ڳالهه آهي“ ۾ ”سنڌ جي اٻوجهه عوام جي بنهه پنهنجي اخبار“ جو ايڊيٽر صاحب، سنڌ جي اٻوجهه عوام جي ”حفاظت“ ڪرڻ بدران، خوب ”حجامت“ ڪري ٿو_خوب!

اسان کي دنيا جي انهن عظيم فنڪارن ۽ شاعرن لاءِ احترام آهي، جن پنهنجي خون سان قوم جي آبياري ڪئي آهي: انهن مان خليل جبران جو ”اڳتي قدم“ ۽ نذرالاسلام جا ”باغي نظم“، ”مهراڻ“ جي هن پرچي جي زينت آهن.

آخر ۾ هن جي سڀ کان انوکي ۽ بهترين مضمون جو ذڪر ڪندس، جو ادبي دنيا ۾ هڪ نئين تخليق آهي_اهو آهي ”سنڌي ادب جي ڪولمبس“، جناب محترمي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جو ”پارس کاڻ“ ، ڊاڪٽر صاحب ادبي دنيا ۾ ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي. اهڙي مايه ناز هستي تي سنڌ ۽ سنڌي هميشه فخر ڪندا، جنهن جو تن، من  ۽ ڌن سنڌي ادب لاءِ قربان ٿيل آهي. ”پارس کاڻ، ڪتاب، خود پنهنجي تشريح پاڻ ڪري ٿو. صاحب موصوف جو سنڌي ادب ۾ اهو پهرئين نموني جو نيارو ۽ انوکو ڪتاب ٿيندو، جو ڄڻ ته هڪ ”ڪامل استاد“ آهي، جنهن جي متعلم کي ان بابت هر پهلوءَ کان ان مان ئي سمجهاڻي ملي ٿي: جنهن ۾ سنڌ جي گمنام شاعرن جي سادي ۽ سلوڻي ڪلام سان گڏو گڏ، سڀئي چوڻيون، گرامر ۽ لغت سميت سمجهايل آهن، صرف ٻن اکرن ”ڏس“ ۽ ”الله توهار“ تي ڪيتري نه تشريح ۽ ڪامياب بحٽ ڏنل آهي، ۽ ”توحيد“ واري بابت جي پڄاڻي به ڪهڙي نه سهڻي ڳجهارت تي آهي ته،

”الله ذات“ آهي، نوڪر اٿس ئي ڪونه، پر جي ”نالو“ ٿئي!“

اميد ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب ”مهراڻ، جي هر پرچي ۾ انهيءَ ”پارس کاڻ“ جون قسطون ڏيڻ فرمائيندو.

_جوکيو رحيم خان ”جرس“، ڪوهستاني، جهرڪ.

 

*ڀاءُ ايڊيٽر،  ”مهراڻ“ جو ستون پرچو اڳيان آهي، سنڌ ۽ هند جي هر هڪ چيز کي ”مهراڻ“ ۾ چڱي جاءِ ڏني ويئي آهي_ ان لاءِ توهان مبارڪ جا مستحق آهيو. توهان جي انهيءَ خدمت کي ”سنڌ“ ۽ ”سنڌي“ ڪڏهين به وساري نٿا سگهن. توهان ”مهراڻ“ جي پڙهندڙن اڳيان اهڙيون چيزون پيش ڪيون، جي دراصل ختم ٿيڻ تي اچي بيٺيون هيون. توهان اهو ادب پيش ڪري هڪ ته ادب جي خدمت ڪئي آهي، ۽ ٻئي طرف پڙهندڙن کي سندن وڃايل خزاني جو احساس ڏياري، انهيءَ کي محفوظ رکڻ جي تعلقين ڪئي آهي. ٻي خوبي ”مهراڻ“ جي اها آهي ته نون اديبن جي به همت افزائي ڪئي وڃي ٿي. انهيءَ جو مثال اسان پڙهندڙن اڳيان آهي_ هر نئين پرچي ۾ نوان ليکڪ آهن. انهيءَ جو مطلب اهو نه آهي ته ڪنهن_مشق اديبن کي نظرانداز ڪيو ٿو وڃي. جهونن اديبن سان گڏ نوجوانن کي به ”مهراڻ“ ۾ جڳهه حاصل ڪرڻ لاءِ موقعو ڏنو وڃي ٿو.

ڀاءُ، هڪ ڳالهه چوڻ کان رهي  نٿو سگهان ته رسالو ”مهراڻ“ اڪثر ڪري دير سان نڪري ٿو. مهرباني ڪري ٻڌايو ته انهيءَ جو سبب ڪهڙو آهي_ توهان جون مشغليون ۽ مجبوريون، يا اوهان کي ”مواد“ وقت تي نٿو پهچي!

اوهان افسانن، ناٽڪن ۽ ناولن جي سالياني چٽاڀيٽيءَ جو جيڪو اعلان ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ سنڌي ادبي بورڊ ادب کي هڪ نئين زندگي بخشي آهي. چٽاڀيٽيءَ ۾ هڪ ته سٺن افسانن، ناولن ۽ ناٽڪن جي خبر پوندي، ٻيو ته اديبن جي به همت_افزائي ٿيندي. اسان جي سنڌ گويا هڪ ادبي کاڻ آهي_منجهس ڪيتريون ئي چيزون پيل آهن. اميد ته ان طرح ”سنڌي ادبي بورڊ“ وڃايل ادب کي هٿ ڪري، ڪتابي صورت ڏيئي، سنڌي ڪتابن ۾ زبردست واڌارو ڪندو. هن دفعي، نظمن ۾ شيخ ”اياز“ جو ”تو تان واريان جند، منهنجي مٺڙي سنڌ!“ تمام پسند پيو_ ان لاءِ اياز کي مبارڪون هجن. اميد ته اسان جا شاعر پنهنجي مادر وطن، سونهاريءَ سنڌ، کي ڪڏهين به نه وساريندا.

مضمونن ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو مضمون ”پارس کاڻ“ واقعي پارس کاڻ آهي. سنڌي تهذيب ۽ تمدن تي ڊاڪٽر صاحب جي اها تصنيف هڪ بيبها ۽ بلند پايي جي تصنيف ٿيندي، جنهن جي سخت ضرورت هئي. اسلوب بيان به نهايت سهڻو، سادو، سلوڻو ۽ علحدو اٿس.

”مهراڻ جا موتي“ به واقعي بيبها موتي آهن، اهڙن موتين سان سنڌي ادب کي مالا مال ڪري سگهجي ٿو.

قبصر۾ ”شاعر“ تي جيڪو تبصرو ڪيو اٿو، اهو هڪ بلند پايي جو تنقيدي مضمون آهي، جنهن کي تنقيد ۾ اعليٰ درجو حاصل رهندو. تنقيد به صحيح ۽ تعميري تنقيد آهي.

”مهراڻ“ جي هڪ پرچي ۾ ”ڇتي سانگيءَ“ تي هڪ مضمون ڏنو ويو هو، جنهن ۾ نبن فقير جو ذڪر آيل هو. انهيءَ ڏس تي نبن فقير جو ڪلام ۽ احوال هٿ ڪري، هڪ مضمون لکيو اٿم، جو موڪلي ڏيڻ تي دل ٿي ٿئي، پر اوهان کي سچ ضرور چوندس ته اوهان پنهنجي سنگتين، ساٿين ۽ نام ڪٺين کان سواءِ ٻين جا مضمون ڪونه ٿا شايع ڪريو. مهرباني ڪري انهيءَ تنگ نظريءَ کي دور ڪري، هر ڪنهن کي ميدان ۾ اچڻ جو موقعو ڏيو.

_ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، اوور سيئر، رتو ديرو.

*پيارا دوست، اميد ته بلڪل خوشباش هوندا.

توهان جي ادبي مخزن ”مهراڻ“ ڪافي عرصي کان مونکي باقاعدي ملندي رهندي آهي، جنهن لاءِ تمام گهڻا شڪريا. مخزن مون کي بيحد وڻندي آهي، ۽ شروع کان آخر تائين دلچسپي سان پڙهندو آهيان.

مان ادبي ميدان ۾ گهڻو تڻو افسانوي حصي ۾ ئي گهڻي دلچسپي رکندو آيو آهيان، جنهنڪري توهان صاحبن جي مخزن جي ان حصي بابت ئي ڪجهه چئي سگهندس.

”مهراڻ“ ۾ ڇپيل ڪهاڻين ۾، ترجما لاجواب آهن_پوءِ اهي ديسي هجن خواه وديشي.

ڪرشن چندر جو ناٽڪ ”هئڊ روجن بم کانپوءِ“ ته ڪڏهن به نه وسرندو! وديشي ليکڪن جي افسانن ۾ ”ڀيڻ“ (موپاسان)، ”اوورڪوٽ“ (گوگول)، ۽ ”پاشا“ (گورڪي) شاهڪار ڪهاڻيون آهن. اصلوڪين ڪهاڻين جي معيار اوچي نه هوندي به، شروعاتي ڪوششن طور، اهي ساراهه جي قابل آهن. مان سمجهان ٿو توهان صاحب نون ليکڪن کي ترجمن ڪرڻ تي قلم آزمائي ڪرڻ لاءِ همتائيندا، ته اڳتي هلي هو وڌيڪ سٺا ليکڪ ٿي سگهندا.

توهان جي تازي پرچي ۾ ڏيپلائي صاحب جو ناٽڪ نه ڏسي، سخت رنج ٿيو. هن جي اڳيان ناٽڪ ”شاهدي“، ”نجومي“ خواه ”واڀيڙو“ کلائڻ ۾ بيحد ڪامياب ويا آهن. توهين ائين نٿا ڪري سگهو، جو هر پرچي لاءِ هن صاحب کان هڪ ناٽڪ لکائي وٺو؟_ٽن مهينن ۾ صرف هڪ ناٽڪ!

سنڌي ادبيدنيا ۾ مون گذريل پندرهن ويهن سالن کان پنهنجي نهٺي نموني قلم_آزمائي پئي ڪئي آهي. هن مهل تائين ترجما ئي پئي ڪيا اٿم_ پنجويهارو کن ننڍا وڏا ناول ۽ ٻه سئو کن ڪهاڻيون ترجمو ڪيون هوندم،  ٿورن ڏينهن ۾ توهان صاحبن جي مخزن لاءِ به هڪ عمدي ڪهاڻي ترجمو ڪري موڪليندس، ۽ جي توهان کي اها پسند آئي، ته هر پرچي لاءِ هڪ سٺي ڪهاڻي ڳولي ترجمو ڪري موڪلي سگهندس.

گذريل ٻارهن سالن کان مون سنڌي پبلشر جي حيثيت ۾ به پنهنجي نموني ادبي ڪارگذارين ۾ پئي حصو ورتو آهي. سڄو وقت، جيڪي مون کان ٿي سگهيو آهي، مان اڪيلي_سر پيو ڪندو آيو آهيان. هن مهل تائين (سنڌ ۾ ٽيهه،  ۽ ورهاڱي کانپوءِ هتي ستر) ڪل سئو کن ڪتاب ڇپايا اٿم.

ورهاڱي بعد، هتي اچي مون ئي پهرين پهرين ادبي مخزن ”نئين دنيا“ شروع ڪئي هئي، جا هڪ سال هلائڻ بعد، ڪن دوستن کي ڏنيم، جي اڄ تائين هلائيندا اچن ٿا، پوءِ ”سرگرم“ رسالو شروع ڪيم، جنهن جي ذريعي ڪيترا ناول ۽ ڪهاڻين جي ڪتاب شايع ڪرايا اٿم.

آخر ۾ منهنجو هڪ عرض آهي:

هڪ مدت کان منهنجي دل ۾ اها خواهش رهي آهي ته پاڪستان جي سنڌي ليکڪن جي هڪ ٽولي هن طرف (هندستان) ۾ گهمڻ لاءِ اچي، ان طرح، نه صرف اسان کي توهان ڀائرن سان ملڻ ۽ پنهنجي مادر وطن جي احوال ڄاڻڻ جو موقعو ملندو، پر توهان صاحبن کي به ورهاڱي بعد هند جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦهليل سنڌي هندن جي حال احوال ڄاڻڻ جو موقعو ملندو. ان لاءِ، اسين هتي اٽڪل ڏهن ٻارهن ڄڻن جي ٽوليءَ لاءِ، رهڻ، گهمڻ، وغيره جو آسانيءَ سان بندوبست ڪري سگهنداسين_ صرف توهان صاحب ليکڪن کي گڏ ڪري هيڏانهن آڻڻ جو ذمو کڻو. ليکڪن ۾ ڪجهه شاعر، افسانه نويس، مضمون نويس، ۽ معزز عملي ماهر هئڻ گهرجن. شاعرن ۾ شيخ ”اياز“ اچي ويو، ته هتي (اسان) جي نوجوان ليکڪن لاءِ خوش_قسمتيءَ جو وڏو موقعو ٿيندو. ڪاش، ڪوئي ڏسي سگهي ته ادبي جلسن ۽ محفلن ۾ هن کي ڪيتري نه عزت ۽ رغبت وچان  ياد ڪيو وڃي ٿو! هن جو ويجهڙائيءَ ۾ لکيل بيت، ”جاڳ ڀٽائي ڳوٺ“ ته هر هڪ جي زبان تي آهي.

اميد آهي ته توهان صاحب ان رٿ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ پوري ڪوشش وٺندا. ٻيو سڀ سک.

_بيهاري لال، بمبئي

·       محترم شفيقم، تسليم: ”مهراڻ“ جو تازو پرچو اکين آڏو آهي.

·       افسانوي ادب سان خاص دلچسپي اٿم، تڏهين پهريائين افسانا پڙهي ختم ڪيم. افسانن جي ٽيڪنڪ تي ڪافي مقالا پڙهيا اٿم، سو مطالعي موجب، جيڪا حالت اڪثر سنڌيءَ جي افسانن جي آهي، تن مان ايترو مطمئن آهيان، جيترو هئڻ کپيم. ڪن افساني نگارن کان سواءِ مڙيئي اوندهه آهي، جيڪڏهن انهن جا نالا ٿو لکان، ته ٻيا دوست ناراض ٿيندا ۽ چوندا ”ڄٽ کي ڪهڙي خبر افسانن جي ؛ اچيس پاڻ کي پائي به ڪانه، هليو آهي وڏون ڪڍڻ!“ تن کي عرض آهي ته برابر مان اڃان پهريون ئي ڏاڪو طي ڪونه ڪيو آهي، پر مطالعي مان جيڪا خبر پئي اٿم، انهيءَ آهر پنهنجي ناقص خيال موجب، اها راءِ قائم ڪري رهيو آهيان.

   اڃان اسان جو افسانوي ادب ڪافي پٺتي آهي، تنهن لاءِ اسان کي گهرجي ته ٻين زبانن جي ادب_پارن جو مطالعو ڪريون. جيستائين اسان جا ادب ائين نه ڪندا، تيستائين اسان جو ادب ترقي ڪري ڪين سگهندو. تنهنڪري گهڻو ڪري، مان اوهان ڏانهن افسانا ترجمو ڪري موڪليندو آهيان. ترجمن مان خبر پوندي ته ڌاريا اديب، زندگيءَ جا ڪهڙا ڪهڙا تجربا، ڪهڙي نموني پيش ڪن ٿا، ۽ اسان جي پنهنجي ٻوليءَ جي شهبارن ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون خاميون آهن. اها به خبر پوي ٿي، ته اهي اديب، ٻين افسناني نگارن جي مقابلي ۾، ڪيتريءَ حد تائين زندگيءَ جي حقيقتن جي ترجماني ڪن ٿا.

ڀاءُ، موجوده وقت جيڪي اسان جي افسانن ۾ ڪمزوريون آهن، سي اوهان کان لڪل ڪين آهن_ڇو ته اوهان جي نظرن مان ڪيترائي افسانا گذرن ٿا، اهڙن ڀٽڪيل  ۽ نو_مشق افساني نگارن جي ترجماني ڪرڻ لاءِ، ترجمه پيش ڪرڻ،هڪ نهايت عمدو ۽ ڪارآمد قدم آهي. ڪيترا اهڙا به ادب سان ذوق رکندڙ آهن، جيڪي اصلوڪي سنڌي افسانن کي پڙهن ئي ڪونه، ان جو ڪارڻ اڄڪلهه جا اڪثر رسالا ۽ اخبارون آهن. انهن جو ذوق، سٺن افسانن جي ترجمن شايع ڪرڻ سان ئي وڌائي سگهجي ٿو. تنهنڪري، ”مهراڻ“ جي هر پرچي ۾ ترجمو ٿيل ٽن چئن افسانن جو هئڻ لازمي آهي. منهنجي لکڻ جو مقصد اهو نه آهي ته ”مهراڻ“ ۾ اصل سنڌي افسانه خراب شايع ٿين ٿا، پر منهنجو مطلب ٻين رسالن متعلق آهي، جيڪي خراب افسانن کي جاءِ ڏيئي، ماڻهن جو ذوق گهٽائين ٿا. ”مهراڻ“ جي نئين دور شروع ٿيڻ کان اڳ واريءَ حالت ۾ مدنظر افساني جي هاڻوڪي حالت ڪافي سڌريل نظر اچي ٿي.

هن زماني ۾ اسان جي زندگي هڪ انتشار ۽ اضطراب ۾ مبتلا آهي، پراڻن ۽ فرسوده عشق ۽ محبت جي داستانن کي ڇڏي، پنهنجين حالتن ڏانهن نهارڻ گهرجي، اسان کي پهرين پنهنجي ماحول ڏانهن مڙڻ کپي، ڇو بيڪارڳالهين ۾ وقت وڃائجي؟ جنهن ادب جو زندگيءَ سان واسطو نه آهي، اهو ادب نه پر ذهني عياشي آهي، انساني زندگي ڏاڍي پيچيده آهي ۽ ان جي گهرائيءَ ۾ هزارين داستان ۽ اسرار لڪل آهن، اسان جي چئني طرفن گهڻو ڪجهه ڦهليل آهي ۽ اهو ڪم اسان جي فنڪارن جو آهي ته هو فرسوده موضوعن کي ڇڏي، انهن حالتن جو جائزو وٺن، منهنجي قلم ۾ ايتري طاقت ڪا نه آهي، جا ٻين ڪن دوستن ۾ ڏسان ٿو، تنهن هوندي به  جيڪي ڪجهه ايندو اٿم سو ڪوري ڪاغذ تي ڦهڪائي ڏيندو آهيان، هاڻي سائين، اوهان ئي ٻڌايو ته اهو ڪم انهن فنڪارن ۽ اهل قلم جو آهي ته هو انهن جائزن ۽ تجربن کي فنڪارانه تخليقات ۾ سموئن، يا اسان جهڙن جاهلن جو؟

چنا شبير ”ناز“ شڪارپور سنڌ

·       جناب عالي، توهان صاحبن جيڪا سنڌي ادب جي بي لوث خدمت ڪئي آهي ۽ ڪندا رهو ٿا، تنهن لاءِ آءٌ توهان صاحب کي دل و جان سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ۽ دعا ٿو ڪريان ته مالڪ شل اڃان به وڌيڪ توهان کي سنڌي ادب جي خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا ڪرڻ فرمائي.

جئن ته ”مهراڻ“ رسالي جو هر پرچو آءُ پڙهندو رهان ٿو ۽ ”مهراڻ جو اڳيون دور به مون پنهنجيءَ زندگيءَ ۾ ڏٺو هو ۽ هاڻوڪو دور به ڏسي رهيو آهيان، ائين برابر آهي ته ”مهراڻ، سنڌيءَ ۾ بيشڪ هڪ لاجواب علمي ۽ ادبي رسالو آهي ۽ منجهس هند خواهه پاڪ ۽ سڄي دنيا جي چوٽيءَ جي اديبن ۽ شاعرن جا مضمون ۽ شعر شايع ٿيندا رهن ٿا ۽ هن وقت تائين سنڌيءَ ۾ جيڪي به رسالا شايع ٿيل آهن ۽ شايع ٿيندا رهن ٿا، تن سڀني رسالن ۾ ”مهراڻ“ رسالو بيشڪ پنهنجو موٽ پاڻ آهي.

جيستائين ”مهراڻ“ رسالي جو نئون پرچو اکئين نٿو ڏسجي، تيستائين دل ۾ ڌڪ ڌڪ ۽ اندر ۾ آنڌ مانڌ ٿيو پوي ۽ سڄو رسالو پڙهي پوري ڪرڻ کان سواءِ دل کي چين بلڪل حاصل نٿو ٿئي ۽ رسالو هٿ ۾ اچڻ کان پوءِ منجهيو پئجي ته رسالي ۾ پهرين ڪهڙي چيز پڙهجي! مطلب ته ”مهراڻ“ ۾ هر فن ۽ هر قسم جا مضمون ۽ شعر ملن ٿا، جن کي پڙهڻ کان پوءِ تمام ڳوڙهي ۽ اونهي ويچار ۾ پئجيو وڃجي ۽ ائين ٿو ڀانئجي ڄڻ ”مهراڻ“ جي اٿاهه لهرين ۾ لڙهي، ڪنهن سندر ۽ آنند واري ڪناري تي وڃي رسبو!

چڱو جيڪر ائين ٿئي ته ”مهراڻ“  رسالو سه ماهيءَ مان ماهوار ڪيو وڃي ۽ سندس سالياني قيمت ڏهن مان وڌائي پنجويهه روپيا ڪئي وڃي ته به سندس کاپو اوترو ئي ٿيندو، جيتو کاپو هن وقت آهي.م

چيلا رام سامنداس، بانو شالي، سجاول سنڌ.

·       برادم اسلام عليڪم گهڻي وقت کان اندر ۾ اها آرزو سانڍيندو آيس ته جي تاثرات ۽ خيالات منهنجي من تي بار بنيا وتن، سي قلم ذريعي ڪاغذ تي آڻي، اوهان جي آڏو رکان ۽ پاڻ کي ان بوج کان سبڪدوش ڪريان، مون جهڙي عديم الفرصت انسان لاءِ اهو ڪم تمام ڪٺن هو، ڪئين دفعا خيال ڪيم ٿي ۽ قلم بنه کنيم ٿي مگر ٿڪاوٽ ۽ سستيءَ سبب وريو رکيو ٿي ڇڏيم، ڀلا قانون جي قلمن کان نجات ملي ته ٻئي طرف به ڪو ڌيان ڏجي، ڪنهن وقت چور ته ڪنهن وقت چاڪي، جند ئي نه ڇڏين، هڪ ڏينهن جي ڳالهه هجي ته به ٺهيو، مگر هتي ته آهي هر روز جو معاملو، تنهن جي شڪايت ڪهڙي! البت ان دوران ۾ جهنگاريندي، ڪنهن وقت ڪافي يا غزل، بيت يا گيت، بي اختيار وات مان نڪريو وڃي ۽ تڪميل بعد دماغ کي تازگي ۽ سيني کي سرور حاصل ٿيو پوي، ڇو نه ٿئي! اديب يا شاعر لاءِ سندس مضمون يا شعر ائين آهي، جيئن ڪنهن اولاد جي آسائتي لاءِ پٽ جو پيدا ٿيڻ يا چڪور لاءِ چنڊ جو اڀرڻ، يا پرواني لاءِ شمع جو ٻرڻ يا بلبل لاءِ گل جو ٽڙڻ اهو ته آهي مسرت، ماڻ،جنهن سان ان خوشيءَ کي ماڇي سگهجي ٿو، جا اديب يا شاعر، شعر يا مضمون لکڻ، آزاد نظم ۾ ”سراج“ جو ڪراچي پسند پيو چوي ٿو ته

”هڪ ٿي ويندينءِ سنڌڙيءَ سان اي ڪراچي نيٺ تون!“

اميد ته ڪراچي وري سونهاريءَ سنڌڙيءَ سان هڪ ٿي ويندي، خدا ڪري شل ”سراج“ جي آس پوري ٿئي!

”گدائيءَ“ جي عزل مان اهو درد پيدا ٿيو، جنهن جو بيان ڪري نٿو سگهجي، کيس مبارڪون گهجن، اميد ته هو پنهنجا گيت هميشه اهڙائي ڳائيندو رهندو ”گدائي“ جو غزل ته سڄو لکڻ لائق آهي، پر مان هتي صرف ٿوري ٽڪر پڙهندڙن جي اڳيان ٻيهر پيش ڪريان ٿو چوي ٿو.

دور خزان ۾ اڳ هئا بيچين گل رڳو،      اڄ اضطراب آه مگر خار خار ۾!

مون کان نه پڇ سوال خدارا تون ئي ٻڌاءِ   بلبل جي زبان بند ڇو فصل بهار ۾؟

دهقان بدنصيب کي ماني نه آ نصيب،   سمجهيو وڃي ٿو اجنبي پنهنجي ديار ۾!

معمار ملڪ خاڪ بسر، دربدر بکيو،      بيڪار عشق ٿو ڪري هر وقت غار ۾!

هن ارض پاڪ جو اڃا آئين پاڪ ناهه،     ملت جي ڌيءُ ٿئي پئي وڪرو بزار ۾!“

ڪهڙو نه در سان ڀرپور ۽ حقيقت تي مبني آهي، هي عزل!

افسانن ۾ جمال ابڙي جو ”بدمعاش“ نظر مان گذريو، جمال هڪ بدمعاش کي سندس اصلي روپ ۾ پيش ڪيو ۽ اهو به واضع ڪيائين ته پوليس وارن جي انهن خلاف ڪهڙي روش آهي ۽ هو انهن کي ڪهڙيون تڪليفون ڏين ٿا، تاهم، هڪ ڳالهه ضرور آهي ته ان ۾ جمال اهڙيون ڳالهيون درج ڪيون آهن، جي درحقيقت کيس لکڻ نه کپنديون هيون، جهڙوڪ، مرچ وڌائون، مٽ پياريائيونس، ڀيڻس کي اگهاڙو ڪيائون ۽ چيائونس ته وار پٽينس، کيس ڏنڊي لنگهائي ڪڍيائونس، رت وهي هليو، چيائون ته سوري هيس وغيره. قبول ٿو ڪجي ته پوليس عملدارن جي ”بدمعاشن“ طرف اهڙي روش ٿي سگهي ٿي، تڏهين به ادب جي لحاظ سان اهڙيون ڳالهيون لکڻ گويا ادب جي بيعزتي آهي.

”لڙڪن جي لڙي“ پڙهندي سچ پچ لڙڪ وهي هليا، جڳديش لڇاڻيءَ اهڙيءَ طرح لڙڪن جي لڙي ٺاهي آهي، جو جيڪو پڙهندو، سو جيڪڏهن پٿر دل هوندو ته خير نه ته ضرور لڙڪ ڳاڙيندو.

بشير مورياڻيءَ جو افسانو ”ٽڪري“ پسند آيو، جنهن ۾ هڪ غريب جي زندگيءَ جو نقشو چٽيل آهي ته ڪيئن ”ڇٻي“ ۾ ڇولا وجهي ويچارو مٿي تي رکي سڄو ڏينهن رستن تي هلندو هو، تڏهين وڃي پيٽ قوت نڪرندو هوس، هن وٽ سئو روپيا ڪٿان اچن، جو پنهنجي ڀاءُ جو علاج ڪرائي سگهي، جيتوڻيڪ سندس ڀاءُ لاءِ کيس ڪافي کان زياده پيار هو.

آخر اها مجبوري کيس جوئا جي ٽڪريءَ ۾ گهلي وئي ۽ انهيءَ مجبوريءَ ئي کيس جوئا ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو.

”هڪ ڏينهن جي ڳاله“ ۾ محترمه ”ا_ب_ت“ جي ”اخبار“ بلڪل پسند آئي، ”ا_ب_ت“ جي خبر نٿي پئجي سگهي ته ڀيڻ آهي يا ڀاءُ_ تاهم اسين کيس ڀاءُ ڪري لکون ٿا برادرم ”ا_ب_ت“ جي اخبار ۾ ايڊيٽر جو رويو اهڙو ٻڌايو ويو آهي، جو اڄڪلهه جي حالتن تي بلڪل ٺهڪي ٿو اچي، اٻوجهه عوام جي هڪ فرد، ايڊيٽر کي ”ڦي“ ڏيڻ کان پوءِ پڇيو سائين منهنجي پارت هجيئي، ڀلا ڪا اپيل ٻپيل ڪيان؟“

”نه، نه رک سائينءَ تي!“ ...ايڊيٽر انهيءَ مسئلي کي شايد وڌيڪ ڇيڙڻ نٿي چاهيو ۽ غريب کي ائين ئي آسري ۾ ٿي رکڻ چاهيو، هوڏانهن هن غريب جي سادگي ۽ اٻوجهائي هيٺين لفظن مان ظاهر آهي.

”ابا پرديسي آهي_مون کي ڪنهن مسيت جو ته ڏس ڏجانءِ، نماز پڙهندس“ انهن لفظن مان سندس شرافت ۽ سادگي پيئي بکي.

واقعي ڪن پيشه ور ۽ پينو ايڊيٽرن جي اها حالت آهي جو غريبن کي ڦرين ۽ وڏيرن کي به پر وڏيرن جو ڪم ٿئي ته حاضر ۽ غريبن جو صرف ڏوڪڙ کائن ۽ بس پوءِ دعويٰ اها ته ”سنڌ جي اٻوجهه عوام جي بنهه پنهنجي اخبار“ اميد اٿم ته آئنده پڻ ”مهراڻ“ ۾ هميشه اهڙيون چيزون پيش ٿينديون رهنديون، جن ۾ ادب سان گڏوگڏ، عوام جي ترجماني به ڪئي ويندي.

محمد دائود بلوچ

تبصرا

مثنوي چنيسر نامه (فارسي) مصنف ادراڪي بيگلاري سن تصنيف 1010هه، صفحا مثنوي 118، مقدمو 27 سائيز ڊيمي، ڪاغذ اعليٰ، طباعت نفيس، دلڪش ۽ صاف، ڪتبا ۽ تصويرون ڏهه، ڪور ديده زيب ۽ رنگين، قيمت ساڍا ٽي روپيا، ملڻ جو هنڌ، سنڌي ادبي بورڊ جا بوڪ اسٽال (1) سنڌي اسيمبلي بلڊنگ، بندر روڊ، ڪراچي (2) تلڪ چاڙهي، حيدرآباد، سنڌ،

”مثنوي چنيسر نامه“ ڏهين صدي هجريءَ جو هڪ علمي ۽ ادبي شاهڪار آهي، جو سنڌي ادبي بورڊ طرفان ”قومي تاريخ ۽ ادب جي فروغ ڏيڻ“ واريءَ اسڪيم ماتحت شايع ٿيو آهي، انهيءَ اسڪيم پٽاندر سنڌي عالمن ۽ شاعرن جا اهي علمي، ادبي، تاريخي ۽ ديني ڪتاب شايع ڪيا ويندا، جي عربي ۽ فارسي زبانن ۾ لکيل آهن ۽ هيتري وقت تائين بياضن، قلمي نسخن ۽ مخطوطات جي صورت ۾ ڪينئن جو کاڄ بنجي رهيا هئا، سنڌي ادبي بورڊ ۽ ان جي علمي خدمتن جي سلسلي ۾ هيءَ علمي ڪارنامو، بين الاقوامي ۽ تهذيبي حيثيت سان، قابل تحسين آهي، سنڌ جي وفات_يافته عالمن ۽ بزرگن جا علمي ڪارناما عرب ۽ عجم ۾ مسلم آهن، سنڌي بزرگن جا تفسير، ذخيرهء احاديث جون شرحون ۽ حاشيا، فته تي مباحث ۽ موشگافيون، تصوف ۽ اخلاق تي عارفانه ۽ عالمانه نڪته_سنجيون_اسلامي لٽريچر ۾ سند جي مقام تي پهتل آهن.

سنڌ جي مردم خيز  ۽ علم آفرين سرزمين جي پراڻي علمي ذخيري جي اشاعت ۽ حفاظت، ترتيب ۽ تدوين، جو ڪم نه انگريزن جي دور ۾ ٿيو آهي، ۽ نه ان کان اڳ_ايتري قدر جو انگريزي دور ۾ نولڪشور ۽ مجيدي ڪتبخانه ڪلڪته، ۽ دهلي ۽ رامپور، بريلي ۽ حيدرآباد دکن جي ڪتبخانن، جيترا عربيءَ ۽ فارسيءَ جا معمولي ۽ غير معياري علمي، ادبي، لغوي، ديني (تفسير، احاديث، فقه، اصول فقه، اصول حديث، تصوف)، طبي، ۽ فلسفي يا منطق متعلق ڪتاب شايع ڪرايا آهن، انهن جي انداز کي ڏسي حيرت ٿئي ٿي: پر ايتري ”دفتر پارينه“ ۾ سنڌي علماي ڪرام  ۽ ادباي عظام مان فقط ”تحفته الڪرام“، چچنامه“ ۽ ”تاريخ معصومي“ جا نالا ملندا_ ۽ انهن مان به ”تحفته الڪرام“ جي تسويد ۽ تبيض ناقص، طباعت سادي ۽ حواشيه کان معريٰ، ترتيب ۽ تدوين غير علمي آهي.

سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اڄ تائين هزارها پراڻا شاهڪار مٽيءَ ۽ ڪيڙن جو کاڄ ٿي چڪا آهن، ۽ باقي جيڪي بچيل نسخا آهن، سي به ضعيف ٿي چڪا آهن. ههڙي پرآشوب ۽ نازڪ دور ۾ اهڙن نفيس ۽ ضعيف ڪتابن کي ڳولڻ، انهن جي تصحيح ڪرائڻ، انهن تي حواشي لکائڻ،  پوءِ نهايت ديده زيب حالت ۾ ڇپائڻ_اها ادبي بورڊ جي تحسين جوڳي خدمت آهي. ههڙا ڪتاب عرب علمي عذمت کان انهن کي متعارف ڪري سگهجي ٿو_

”مثنوي چنيسر نامه“ ان ”سلسته الذهب“ جي هڪ سوني ڪهڙي آهي.

”چنيسر نامه“ سنڌ جي مشهور معروف لوڪ ڪهاڻي ”ليلا_چنيسر“ تي مشتمل آهي، مولانا  ”جامي“ جي ”يوسف_زليخا“ جي طرز ۽ رنگ ۾ لکيل آهي، بلڪ بحر به ساڳيو رکيو ويو آهي. ڪتاب جي اول ۾ سنڌ جي قابل فخر محقق، پير حسام الدين راشديءَ، نهايت نفيس ۽ معلومات افزا، جامع ۽ سير حاصل پيش_لفظ لکيو آهي، جنهن ۾ مصنف جي سوانح ۽ ماخذات، ان زماني جي سنڌ ۽ ان جي نظام، ۽ ان دور جي علمي ادبي پسمنظر سان گڏ مثنويءَ جي شاعرانه محلسن ۽ خصوصيات متعلق به علمي تبصرو ڪيل آهي.

”مثنوي چنيسر نامه“ ۽ ان جي مصنف جي شخصيت هر لحاظ کان طبقهء اوليٰ جي مثنوين ۽ شعراي ڪرام ۾ شمار ڪري سگهجن ٿا. هن مثنويءَ جي مصنف، رنگ آميزيءَ ۽ مبالغه آرائيءَ کان گهڻو پاسو ڪيو آهي، ۽ قصي مان صوفيانه ۽ عارفانه نڪته_سنجيءَ کان گريز ڪري، سادي ۽ دلنشين پيرابي ۾ قصو نباهيو آهي. تبصري نگار، مقدمي نگار سان متفق آهي، جنهن لکيو آهي:

”ادارڪي سڀني ضروري ۽ فني ڳالهين کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي، انهيءَ ڪري فن۽ ٽيڪنڪ جي لحاظ سان سندس مثنويءَ ۾ ڪا خاص ڪشش ڪانه آهي“_پيش_لفظ (ص 150).

ادارڪيءَ جي هن مثنويءَ کي ناقدانه حيثيت سان ڏسڻ کان پوءِ تسليم ڪرڻو پوندو ته اداراڪي قادر الڪلام شاعر ۽ سخن_سنج هو. فن تي کيس استادانه درسترسي حاصل هئي؛ فن جي لوازمات ۽ متعلقات کي نباهڻ ۽ سمجهڻ جو سليقو ۽ ملڪو، پختو ۽ عالمانه هوس. مثنويءَ جهڙي سنگلاخ زمين ۾ جنهن چابڪدستيءَ ۽ هنر وريءَ سان ادارڪيءَ قلم کنيو آهي، اهو تحسين جي قابل آهي: جيئن راشدي صاحب لکيو آهي ته

”ادارڪيءَ ڪيترا شعر معرڪي جا چيا آهن: جنهنڪري شاعرانه نقطء نظر سان مثنويءَ جو مقام دلڪش ۽ دلپسند ٿي پيو آهي“_(ص 16)

پيش_لفظ ۾ انتخاب طور جي اشعار پيش ڪيا ويا آهن، اهي نهايت لذيذ ۽ پختا آهن. محاڪات ۽ منظر_نگاريءَ، صنايع ۽ بدايع، حسن_معانيءَ ۽ حسن_بيانيءَ جو هي دلڪش مجموعو اميد ته فارسي ادب ۾ پيش_بها مطبوع اضافو ثابت ٿيندو، ۽ سنڌ جي تهذيبي ۽ ادبي دنيا ۾ جنهن نظر سان ڏٺو وڃي ٿو، ان ۾ ”حسن نظر“ پيدا ٿيندو. علمي ۽ ادبي ذوق رکندڙ حضرات کي مطلع ڪرڻ گهرجي. 

_غ . م. گ

تحفته الطاهرين (فارسي): مصنف شيخ محمد اعظم ٺٽوي؛ صفحا (تاريخ 186، مقدمو 40) 226؛ صاف ديده زيب طباعت، دلڪش گليزڊ ڪاغذ، رنگين سهڻو ڪور؛ قيمت ساڍا ٽي روپيا؛ ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جا بوڪ اسٽال_(1) سنڌ اسيمبلي بلڊنگ، بندر روڊ، ڪراچي:؛ ۽ (2) تلڪ چاڙهي، حيدرآباد سنڌ.

”تحفته الطاهرين“ فارسي ڪتابن جي سلسلي جو ٻيو نمبر ڪتاب، ۽ ”قومي تاريخ ۽ ادب کي فروغ ڏيڻ واريءَ اسڪيم“ موجب تيار ٿيل ڪتابن جو ٽيون نمبر ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو مرتب ۽ مصحح ۽ حاشيه نويس بورڊ جو لائق رفيق محترمي بدر عالم دراني آهي. ”تحفته الطاهرين“، مڪليءَ جو مدفون  اولياي ڪرام ۽ صلحاي ٺٽه جو مختصر ۽ جامع تذڪرو سمجهڻ گهرجي، جو شيخ محمد اعظم،بن محمد شفيع، ٺٽويءَ جو لکيل آهي.

شيخ صاحب ڪلهوڙن جي پڇاڙيءَ ۽ ميرن جي اوائلي دور جو فاضل شخص آهي. ان دور کي فارسي ادب جي عروج ۽ ڪمال وارو دور چيو وڇي ٿو. ان زماني ۾ فارسيءَ ۾ تمام چڱا چڱا ڪتاب پيدا ٿيا آهن. ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته جيترو فارسي ادب ان دور ۾ قلمبند ٿي، اوترو نه انگريزي دور ۾ ٿيو، نه ٽالپري دور ۾. هن ڪتاب جي مقدمه _نگار آغا بدر الدين صاحب جو مقدمو نهايت دلڪش، پر مغز ۽ جامع آهي_توڙي جو مختصر آهي.

مقدمي جي اول ۾ صوفياي ڪرام جي اخلاقي ۽ اصلاحي جدوجهد ۽ جفا پسندي، ۽ سندن علمي ۽ روحاني ڪمالات متعلق نهايت سليس ۽ سلوڻي، رنگين ۽ شيرين انداز ۾ جو ڪجهه تبصرو ڪيو ويو آهي، اهو قابل غور آهي. فاصل مقدمه_نگار فرمائي ٿو:

”سنڌ هجي يا هند، عرب هجي يا ايران_ هر هنڌ ۽ هر ملڪ ۾ انساني عادتن کي اجارڻ ۽ اسارڻ، بگڙيل سوسائٽيءَ کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ، انساني زندگيءَ ۾ هڪ نئون روح ڦوڪڻ ۽ اخلاقي نظام پيدا ڪرڻ لاءِ، ڀلارن بزرگن ۽ صوفين سڳورن جيڪي ڏک ڏولاوا سٺا آهن، روحاني رياضتون ڪيون آهن، تن کي دنيا جي تاريخ ڪڏهن به وساري نٿي سگهي. انهن جا اهي سونهري ۽ سٻاجها گفتا، قدر ۽ عزت جي قابل ڪارناما، اسان جي اڳوني شان ۽ مان، ۽ ڏيک ۽ ويک جي اهي سدا_روشن ڏيا آهن، جن کي زماني جي انڌيرن جون آنڌيون ۽ هيبتناڪ حادثن جا هنگاما ڪڏهن به اجهائي نٿا سگهن. سندن گفتار ۽ ڪردار، عمل ۽ فڪر، سچائي ۽ صفائيءَ جو جذبو هڪ اهو اجريل آئينو آهي، جنهن کي سامهون رکي، هر وقت ۽ هر حال ۾، پنهنجي مستقبل جي پريشان پيشانيءَ کي اجاري ۽ سنواري سگهجي ٿو“.

صوفياي ڪرام جي عمل ۽ اصلاح، انسانيت جي خدمت ۽ محبت، مخلصانه جدوجهد ۽ مجاهدانه پيشقدميءَ کي هر مذهب ۽ قوم جا ماڻهو تحسنين جي نظرن سان ڏسي رهيا آهن. افسوس آهي جو صوفياي ڪرام جي خدمتن جو انقلابي ۽ عملي حيثيت سان ڪوبه جائزو نه ورتو ويو آهي. فقط ڪرامات ۽ مختصر حالات تي اڪتفا ڪيل آهي. اسان جا قديم ۽ جديد تذڪرا سڀ ان قسم جا  آهن. انهن کي مطالع ڪرڻ کانپوءِ ئي عام طور چيو وڃي ٿو ته صوفي_ ازم مان جمود ۽ بيروحي، بيعملي ۽ گريز پيدا ٿئي ٿو. سنڌ جنهن کي ”باب السلام“ چيو ويو آهي، ان جي مردم خيز خطي ۾ ڪيئي مردان خدا خاڪ_نشين آهن، جن جا علمي ۽ اصلاحي ڪارنامه زنده جاويد حيثيت جا مالڪ آهن. سنڌي بزرگن جي ديني ۽ تبليغي خدمتن، ۽ ڪارنامن متعلق، ٻن چئن تذڪرن کانسواءِ، ڪو مفصل ۽ مڪمل تذڪرو ڪونه رهيو آهي. زماني جي حادثن ۽ باهمي جنگين ۽ هنگامن اهو سارو خزانو هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو آهي، تاهم ان موضوع تي جي به تذڪرا ملن ٿا، انهن کي غنيمت سمجهڻ گهرجي. اڃان تائين ”حديقته الاولياءَ“، ”تذڪره المراد“، ”معارف الانوار“ ۽ ”معيار سالڪان طريقت“ اڻ ڇپيل آهن، جي جلد بورڊ جي طرفان شايع ٿي ويندا.

هن ڪتاب ۾ ڪل يارهن فصل آهن، ۽ انهن ۾ 128 ٺٽي جي بزرگن جو احوال آهي. آخر ۾ هڪ ضميعوڏنل آهي، جو مصنف جي هڪ ٻئي ڪتاب ”هيئت العالم“ تان روتل آهي، جنهن ۾ سنڌ، ملتان، بکر، الور، سيوستان، حيدرآباد ۽ ٺٽي جي جاگرافيائي حدود ۽ محل وقوع متعلق هڪ جاگرافي_نويس جي فني ڪاوش ملي ٿي. اهو ياد رهي ته”هيئت العام“ مصنف جو بيو ڪتاب آهي، جو جاگرافيءَ تي مستند ۽ جامع علمي چيز آهي. ههڙن ڪتابن جو مطالبو ڪيوسنڌي ادب سان دلچسپي رکندڙ حضرات لاءِ فرض سمجهڻ گهرجي.

برهانپور کي سندهي اولياءَ (اڙدو): صفحا419، ڇپائي، گيٽ اپ، ۽ ڪور وڻندر، قيمت ڇهه روپيا، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ملڻ جو هنڌ: ادبي بورڊ جا بوڪ اسٽال_(1)سنڌ اسينمبلي بلڊنگ، بند روڊ، ڪراچي، ۽(2) تلڪ چاڙهي، حيدرآباد، سنڌ

سنڌ ۾ سما گهراڻي جي حڪومت واري دور تي اگرچ جهالت ۽ب بيخبريءِ جا نهايت ٿلها ۽ سياهه پڙدا پيل آهن، تڏهن به جيڪي ڪجهه معلوم ٿي سگهيو آهي، انهيءَ مان ايترو دعويٰ سان چئي سگهجي ٿو ته سمن جو دور سنڌ جي تاريخ جو هڪ سونهري دور هو_ هنن جي ڏينهن ۾ سنڌ جي ماڻهن کي نهايت آرام ۽ امن نصيب هو، ۽ هوزندگيءَ جون گهڙيون نهايت اخمينان سان گذاري رهيا هئا. نتيجو هيءُ ٿيو، جو هن خوش_ نصيب سر زمين ۾ علم ۽ فيض جا درياهه وهڻ لڳا ، جن کان ملڪ جو چپو سيراب ۽ سرسبز ٿي ويو.

 سمن سلطانن جي ڏينهن ۾، سنڌ جي حاڪمن ۽ گجرات جي حاڪمن جا پاڻ ۾ گهرا ۽ گهاٽا تعلقات ٿيا، جن اڳتي هلي سڱابنديءَ جي صورت ورتي، جنهنڪري ٻنهي ملڪن جا حڪمرن هڪ ٻئي جا نه فقط دوست بلڪ عزيز ۽ خويش ٿي پيا. حاڪمن جي هن ناتي جو اثر بطرتا رعيت تي به پيو، ۽ گجرات ۽ سنڌ جي ماڻهن جي هڪ ٻئي سان آمدرفت ۽ نانا وڌڻ لڳا، جنهنڪري ٻنهي ملڪ جي اجنبيت وڏيءَ حد تائين ختم ٿي ويئي.

جڏهن بدقسمتيءَ کان سان سما گهراڻي جي حڪومت جو خاتمو آيو، سنڌ ملڪ تي ٻاهرين حاڪمن جو رڄ شروع ٿي ويو، ۽ اهو اڳوڻو امن امان نه رهيو، تڏهن سنڌ جي ڪيترن بزرگن، جن کي هاڻي تي ڪم ڪرڻ جو موقعو نٿي ملي سگهيو، تن گجرات ڏانهن رخ رکيو، ۽ وري سنڌ ڏانهن نه رويا. انهيءَ وچ ۾ گجرات سان اهي رشتا ناتا ختم ٿي ويا، ۽ آمدرفت جو سلسلو ڪپجي ويو، تنهنڪري انهن بزرگن جي ياد به ماڻهن جي دلين تان محو ٿي ويئي، ۽ ڪنهن کي خبر ڪانه رهي ته  ڪو هي گوهر ناياب اصل سنڌ جي پيدائش هئا.

هندستان جي تقسيم سان جيڪي ڦيريون گهيريون آيون، انهن مان هڪڙو اهو فائدو ٿيو آهي جوهندستان جي مختلف گوشن مان وڏا وڏا فاضل ۽ اهل قلم سنڌ ۾ هجرت ڪري آيا آهن: جنهنڪري اسان کي ڪيتريون پنهنجون وڃايل وٿون وري واپس ملي رهيون آهن.اهڙن ماڻهن مان هڪڙو بزرگ سيد محمد مطيع الله، ”راشد“ برهانپوري ، به آهي. هن بزرگ جي هڪ تازه ترين تصنيف،”برهانپور ڪي سندهي اولياءَ، المعروف بهه تذڪره اوياي سنده“، سنڌي ادبي بورڊ ڇپائي شايع ڪئي آهي.

برهانپور جي سنڌي بزرگن جا حالات بلڪل گهمناميءُ گوشي ۾ پيل هئا، جيڪڏهن ڪنهن جي ڪا ٿوري گهڻي خبر به پئي ٿي، ته نهايت مشتبه ۽ مشڪوڪ: مثلا، مون کي بلڪل چڱيءَ طرح ياد آهي ته ڪنهن زماني ۾ مسيع الا ولياء شيخ عيسيٰ جندالله برهانپوريءَ جا حالات لکنوءَ جي”معارف“ جهڙي معياري رسالي ۾ شايع ٿي هئا، مگر انهيءَ ۾ کيس ٺٽي جي حاجي محمد قائم جو فرزند ڏيکاريون ويو هو_ ڪيڏي نه فاش غلطي آهي! حاجي محمد قائم ٻارهين صدي هجريءَ جو بزرگ، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو همعصر آهي، جو ٺٽي مان هجرت ڪري مديني شريف ويو، ۽ وڃي اتي وفات ڪيائين. شيخ عيسيٰ جندالله انهيءَ کان گهڻو وقت اڳ ٿي گذريو آهي_ جئين هن ڪتاب مان معلوم ٿيندو.

راشد صاحب هيءُ ڪتاب تمام محنت ۽ جانفسائيءَ سان لکيو آهي. بزرگن جا حالات ڏاڍيءَ ڪاوش سان جمع ڪري، گهڻي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ، صحيح صحيح حالات درج ڪيا ويا آهن. ابتدا ۾ سنڌ جي مشهور محقق ۽ج مورج پير حسام الدين راشديءَ جو پيش_ لفظ آهي، جو نهايت عالمانه آهي، تنهن کان پوءِ، مختصر تمهيد بعد، ڪتان جو اصل مضمون شروع ٿئي ٿو.

ڪتاب کي ٽن دورن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي: پهرئين دور ۾ حضرت مسيع الاولياء شيخ جندالله جي گهراڻي جو ذڪر آهي، ٻئي دور ۾ ٻين سنڌي بزرگن جا حالات لکيا ويا آهن_ انهن خليفن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته برهانپور جي سنڌي بزرگن جا لکيل ڪتاب هن وقت ڪٿي ڪٿي موجود آهن(جن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ آيو آهي)، انهن مان ڪهڙا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن ۽ ڪهڙا اڃا نه ڇپيا آهن، ۽ ڪهڙا ڪتاب مورڳو گم آهن.

بهرحال، راشد صاحب هيءُ نهايت اهم ڪتاب لکي سنڌ ۽ سنڌ وارن تي وڏو احسان ڪيو آهي، جنهن لاءِ سندس ٿورو مڃڻ کپي: ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي هن بي بها خدمت کي پڻ ساراهڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي، جنهن جي ڪوشش سان اهو ڪتاب تيار ٿي، ڇپجي، سنڌ وارن جي هٿن تائين پهتوآهي.

ڪتاب اڙدو ٻوليءَ ۾ لکيل آهي، پر زبان نهايت سليس  ۽ سلجهيل آهي، جنهن کي معمولي لکيل_پڙهيل سنڌي گهڻيءَ آسانيءَ سان سمجهي سگهندو.

هيءُ ڪتاب سنڌ جي هر هڪ پڙهيل ماڻهو وٽ هجڻ گهرجي، ۽ هر لئبرريءَ ۾ هن ڪتاب جي ڪم از ڪم هڪڙي ڪاپي ضرور رکڻ گهرجي. ههڙي ناياب ڪتاب جي مقابلي ۾ڇهه روپيا قيمت تمام ٿوري آهي.

_م. ا. ا

ڍولا_مارو: مئولف پروفيسر جهمٽمل خوبچند ڀاوناڻي؛ ڪرائون سائيز، مجلد، صفحا 170؛ قيمت ٻه روپيا؛ ملڻ جو هنڌۡ هندوستان ڪتاب گهر، 13 حمام اسٽريٽ، فورٽ، بمبئي 1.

سنڌ جي شاعرن پنهنجن جذبن  ۽ خيالن کي سنڌ جي ”نيم_تاريخي“قصن جي سانچي ۾ سموهيو آهي. ”شاهه“ جي عالمگير فڪر جو وڏو حصو پڻ سنڌ جي انهن ڪهنين ڪهاڻين جي تاڃي_پٽي ۾ اڻيل آهي. سرڳواسي ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ پهريون دفعو رسالي تي تحقيق ڪندي، ڪن عام_مشهور قصن تي خاطر خواه روشني وڌي آهي، مگر اڃان به رسالي جي ڪن سرن ۽ ڪن اهڙن قديم قصن ڏانهن اشارا موجود آهن، جن بابت اسان جي معلومات بلڪل سطحي آهي_مثلن ”مونکي ۽ متارا“ (سر ”يمن ڪلياڻ“)؛ ”جادم جکرو“ (سر ”بلاول“)؛ ”ڪنڊو ۽ ڍور ڌڻي“، ”جسودن ۽ بڊاماڻي پنرو“: ”لاکو_ڦلاڻي“: ”ريٻاري ۽ اوڏ“ (سر ”ڏهر“): ”سخي سپڙ ڄام“ (سر ”پرڀاتي“): وغيره. رسالي جي انهن ڪردارن کان سواءِ ”مري  مڱٿر“، ”ڦل وڌوئو ۽ ڀوري“، ”بوبنا ۽ جراڙ“، اهڙا قصا آهن، جن کي سنڌ جي عام شاعرن ڳايو آهي، مگر انهن بابت اسان جي معلومات اڌوري آهي. ساڳيءَ طرح، سنڌ جي انهن انيڪ افسانن مان ”ڍول_مارو“ افسانو پڻ تحقيق_طلب آهي. رسالي ۾ پڻ ”ڍول _مارئي“ جي سر هيٺهن قديم قصي بابت ڪي دوها موجود آهن، نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو پروفيسر جهمٽمل ڀاوناڻيءَ، ستن سالن جي محنت بعد، پوريءَ تحقيق سان ”ڍولا_مارو“ ڪتاب لکي، سنڌ جي هن قديم افسانوي ادب جي کوجنا ۾ هڪ نئون ورق ورايو آهي.

سنڌ ۾ ”ڍول_مارو“ قصو مشهور آهي،  ۽ لاڙ ۽ ٿر جا سگهڙ سچي ڳالهه ”ڳاهن“ (قصي بابت دوها) سميت ٻڌائيندا  آهن. سنڌ کان دوريءَ سبب، لائق مئوقف کي هن قصي بابت سنڌ جي روايت ڪانه ملي سگهي، انهيءَ ڪري سڄي ڪهاڻيءَ کي، مختلف دوهن ۽  جيسلمير جي هڪ ڪويءَ جي چوپاين جي آڌار تي، نئين سر ترتيب ڏيئي بيهاريو اٿس. سندس اها ادبي تحقيق هن قصي بابت اسان جو موجوده معلومات ۾ هڪ قيمتي اضافو آهي. ان کان سواءِ پروفيسر ڀاوناڻيءَ، مختلف ڪتابن جو مطالعو ڪري، هن افساني جي جغرافيائي توڙي تاريخي پس منظر بابت هڪ نظريو قائم ڪيو آهي، جنهن جي آڌار تي هن افساني جي جاءِ _واردات جو نقشو توڙي هن داستان جي مختلف منظرن جون تصويرون شايع ڪيون اٿس، جن هن قصي جي اصليت کي اجاريو آهي ۽ ڪتاب جي زيب_زينت کي چمڪايو آهي.

جيڪي دوها ڪتاب ”ڍولا_مارو“ ۾ شامل ڪيا ويا آهن، سي لائق مئولف قلمي نسخن توڙي ڇاپي ڪتابڙن مان ڇنڊڇاڻ ڪري، ڀيٽي، سلسليوار ترتيب ڏيئي، درج ڪيا آهن. ان کان سواءِ، پروفيسر ڀاوناڻيءَ دوهن جي ٻوليءَ توڙي دوهن جي تاريخي ارتقا تي پڻ ڪتاب جي مقدمي ۾ نهايت مفيد معلومات قلمبند ڪيا آهن. وڏي ڳالهه ته شاهه جي بيتن مان مناسب ۽ موزون بيتن کي پڻ چپي چپي، انهن ”ڍولا_مارو“ دوهن سان لڳو لڳ پيش ڪري، سنڌي ۽ راجسٿاني ادب ۾ ساڳئي عڪس ۽ مناسبت واري موضوع تي نئين روشني وڌي اٿس_

جنهن لاءِ هو صاحب مبارڪباد جو لائق آهي.

_ن.ب

پيار ۽ پئسو: صفحا 98؛ ڇپائي  گيٽ اپ معياري؛ قيمت هڪ رپيو؛ ڇپائيندڙ: ڀارت پبليڪيشنس، 4 ڪلياڻ ڪئمپ، بمبئي.

هن ڪتاب ۾ ڀارت جي سنڌي ليکل ”انچل“ جا افسانا ۽ شعر گڏ ڪيا ويا آهن. انهن مان هڪ افسانو ”ڇهاءُ“ 1954ع ۾ انعام کڻي چڪو آهي_ ٻيا افسانا آهن: ”هو چريو آهي، ”پيار ۽ پئسو“، ”مون کي گار نه ڏي“، ”ڇر تر هيڻ“ ۽ ”بد زيبا بت“.

”ڇهاءُ“ ۾ هڪ رنڙ مرد جو نفسياتي اڀياس ڪيو ويو آهي: هو چريو آهي، جو مرڪزي ڪردار پوليس جي ظلمن جو شڪار آهي، ۽ تمام سهڻي نموني ۾ پيش ڪيو ويو آهي؛ ”بد زيبا بت“ پڻ هڪ نفسياتي قسم جو افسانو آهي، جنهن ۾ انسان جي جنسي خواهش ۽ سونهن جي سڃاڻپ جي موضوعن کي گڏي ڏيکاريو ويو آهي ته جنسي بک جي وقت، سونهن جي ڪابه خبر نٿي رهي: مجموعي جا باقي افسانا به چڱا آهن.

افسانن جو اسلوب سٺو آهي، ڪردار چڱيءَ طرح پيش ڪيا ويا آهن، ۽ ماحول جي به سٺي نقاشي ڪئي ويئي آهي، ٻولي پڻ سهڻي ڪم آندل آهي_البت ڪي انگريزي لفظ بنا سنڌي ترجمي ڏيڻ جي، ڪتب آندل آهن، جن کان پرهيز بهتر هئي. ”آنچل“ جا شعر به قدر جي لائق آهن. هو پنهنجن شعرن ۾ عام جي زندگيءَ جي عڪاسي ٿو ڪري: ۽ اهو معلوم ٿو ٿئي ته کيس مشاهدي جي چڱي قوت آهي: پر هن وٽ اظهار جو طريقو اهڙو وڻندڙ ۽ پختو ناهي_ ڪڏهن ڪنهن هنڌ وڃيو نعري بازيءَ ۾ پوي. شعر واري حصي جي ٻولي پڻ اهڙي صاف ۽ روان ناهي، جو پڙهندڙ تي ڪو فوري اثر ڪري سگهي. ڪن لفظن جا اچار اهڙي صاف ۽ روان ناهي، جو پڙهندڙ تي ڪو فوري اثر ڪري سگهي. ڪن لفظن جا اچار ڇڪي تاڻي ڪڍڻ سان، بحر کي نباهيو ويو آهي_ ۽ ڪي ڪي مصراعون ته بحر کان ئي ٻاهر آهن. تنهن هوندي به، هيءُ نوجوان شاعر همت_افزائيءَ جي لائق آهي_منجهس اڳتي هلي پختي شاعر بنجڻ جون چڱيون صلاحيتون آهن.

_ ت.ع.

مرجهايل گل: مصنف گوورڌن محبوباڻي ڀارتي؛ صفحا 26؛ ڇپائي ۽ گيٽ اپ چڱي؛ قيمت چار آنا؛ ڇپائيندڙۡ: ڪوڙو مل سنڌي ساهتيه منڊل، ڪچهري روڊ، اجمير.

چنچل مکڙيونۡ: مصنف گوورڌن محبوباڻي ڀارتي صفحا 54؛ گيٽ اپ معياري: قيمت ڇهه آنا.

گوورڌن جا مٿيان ٻئي مجموعا تازو ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. گوورڌن جو ڪلام سادو ۽ سليس آهي، ۽ ان سان گڏ سندس فڪر اونهو آهي. سندس شعر ۾ چڱي شعر جون سڀ خوبيون آهن.

گيتن جي ٻولي سادي اٿس، پر تنهن هوندي به انهن ۾ گهڻي اونهائي آهي، ۽ خاص ڪري جذبن جي اپٽار تمام شديد نموني ۾ ڪئي وئي آهي. ”ديپڪ“، ”پکيئڙا“ ۽ ”بيدرد خزان“ پڙهندي، ائين ٿو ڀانئجي ، ڄڻ انهن گيتن ۾، شاعر عام ماڻهوءَ جي جيءَ ۾ جهاتي پائي، ان جي ترجماني ڪئي آهي. ڪي گيت نماڻيءَ ۽ ڳوٺاڻيءَ زندگيءَ جي عڪاسي ڪن ٿا_مثلن ”جوڳڻ“. ڪي گيت وري رومانوي آهن، جن ۾ نه فقط جذبن جاڳائيندڙ ٻولي آهي، پر ان سان گڏ تشبيهون به نيون ۽ ڳوٺاڻي ماحول جون ڪم آندل آهن_مثلن ”تون ۽ مان“، ”اوسيئڙو“، ”شايد چنڊ ڪي ڳائي ويٺو“، وغيره

نظمن لکڻ ۾ گوورڌن کي خاص مهارت آهي. نظمن ۾ اسان جي هن نوجوان شاعر ڪيترائي اهڙا سوال ڇيڙيا آهن، جيڪي اسان مان هر ڪنهن جي دل ۾ اڀرندا رهن ٿا.

نظم ”ڳوڙهه دنيا جي ڳجهارت“ ۾ زندگيءَ جا ٻئي رخ بينقاب ڪيا ويا آهن، گوورڌن ”ڪاهه ڪشتي“ ۽ ”قافلي وارا“ ۾ اڃا به اڳتي هلڻ لاءِ چئي، هڪ رجائي شاعر بنجيو پوي، ته ”ڪو ماڻل ڪلي“ ۽ ”چار ڏينهڙا“ ۾ وري صفا مونجهاري ۾ مبتلا ڪيو ڇڏي؛ ”موت“، ”اجڙيل شمشان“ ۽ ”اف زندگي“ پڙهندي، ڀانئجي ٿو ته شاعر مايوس ٿي مرڳوئي همت جو دامن ڇڏي چڪو آهي. ”آءُ امير آهيان“ ۾ وري هو پاڻ کي فريب ڏيندي، دل کي پرچائڻ جي اجائي ڪوشش ٿو ڪري.

گوورڌن نه رڳو عام  سٽيل ڪٽيل موضوع ڇڏي، پنهنجن مشاهدن ۽ تجربن تي ڳوڙهي ويچار بعد ٿو لکي، پر ان سان گڏ عام فهم ٻوليءَ ۾ پيچيدا موضوع پڻ پيش ٿو ڪري. هن نه فقط نوان موضوع چونڊيا آهن، پر سندس ڪيترنظمن جون هيئتون پڻ بلڪل نيون آهن، جن ۾ اڳي ڪي به سنڌي نظم ڪونه آهن: انهن مان ”اوسيڙو“، ”اجڙيل شمشان“ ۽ ”اف زندگي“ جي قافين ۽ مصراعن جي جوڙجڪ قابل ذڪر آهي.

هڪ ڪمزوري آهي، جيڪا گوورڌن جي شعر ۾ نظر ٿي اچي: اها آهي ڏکين هندي لفظن جو ڪٿي ڪٿي استعمال. ڪن نظمن ۾ ته اهي لفظ بنهه بيجا ڪثرت سان ڪتب آندا ويا آهن. اهي لفظ نه رڳو سمجهڻ ۾ ڏکيا ٿيو پون، پر شعر جي روانيءَ تي پڻ برو وجهن ٿا. ايتريقدر جو لفظن جو رڳو اچار ڪرڻ ئي مشڪل ٿيو پوي، اميد ته گوورڌن آئيندي ان جو خيال رکندو.

بهرحال، هي ٻئي ڪتاب جديد سنڌي شعر ۾ قدر لائق اضافو آهن.

_ت. ع.

پريت پراڻي، ريت نرالي (ناول):  صفحا 162: ڇپائي، ڪاغذ ۽ ڪور سٺا، قيمت ڏيڍ روپيو: لکندڙ: سندري اتمچنداڻي: ڇپائيندڙ: اجنتا ساهت مالها، 6 ماڌو ڀون، ري روڊ، سوري، بمبئي 15.

هي ناول موجوده زماني جي گهرجن پٽاندر لکيو ويو آهي. ناول جي نائڪا، ”سرلا“، هن خوبصورت دنيا ۾ جنم وٺندي، سنگدل سماج جي مهاڄار ۾ ڦاسڻ کانپوءِ، چئو کنڀو ٻڌجي، قيد ٿي، قسمت تي ڀاڙي بس ڪري نٿي ويهي: پر سوچي ويچاري، اکيون کولي، آسپاس ڏانهن نهاري، ڦٿڪي ڦٿڪي، انهيءَ ڄار جي تاڃي_ پيٽي کي ڇڪي ڇني، پاڻ کي ۽ پنهنجيءَ دنيا کي وري خوشنما بنائڻ جي همٿ ٿي ڪري.

”سرلا“ ظاهري طرح ته ناول جو هڪ ڪردار آهي، جيڪا هڪ وقت الهڙ اسڪول جي ڇوڪري، نوجوان ڪاليجي ڪڪي، پيار ڪندڙ، سپنا لهندڙ سندري ۽ مظلوم محبوبا آهي، ته ساڳئي وقت اسان جي بيشمار نازنينين جي معصوم دلين جو ڌڙڪو، شوخ اکڙين جو اشارو_ حريفن ۽ رقيبن لاءِقيامت آهي. ”سرلا“ فقط هڪ خيالي ۽ ڪاغذي پتلي نه آهي، پر هڪ جيئري جاڳندي باشعور حقيقت آهي.

ناول ۾ آندل ڪردار، سڀئي، هڪ اهڙيءَ لڙيءَ ۾ پوتل آهن، جو ڪنهن به هڪ کي ان مان ڇني ڌار نٿو ڪري سگهجي.

ناول هندو_سنڌي گهرو ماحول، اسڪول ۽ ڪاليج کان ڦرندو، ورهاڱي کانپوءِ جي جئپور ۽ بمبئيءَ تائين وڃيو نڪري. منجهس جيڪڏهن ڪا ڪسر رهجي ويئي آهي، ته اها آهي مخصوص مڪاني ماحول جو ٿورائي، ۽ واقعن جو ڦهلاءُ: فقط ان هڪڙيءَ خاميءَ ڪري، سڄو سارو ناول سميٽجي هڪ ”طويل افسانو“ ٿي پيو آهي. جيسين تائين ڪتاب جي مقصد ۽ خيالن جي اپٽار جو تعلق آهي، ليکڪا توڙي پبلشر بيشڪ کير ون لهڻيون. ادب ۽ زندگيءَ سان دلچسپي رکندڙن کي هيءُ ناول هڪوار ضررپڙهڻ کپي.

_ع.ق.ش

”هوءَ“: ليکڪ ڪيرت ٻاٻاڻي: صفحا 120؛ ڇپائي ۽ گيٽ اپ چڱو: قيمت سوا رپيو: ڇپائيندڙۡ: سنڌ بڪ ڪمپني؛ 45 رج روڊ، بمبئي 6.

”هوءَ“ ڪتاب ۾ ٻارهن ڪهاڻيون آهن_هر ڪنهن ڪهاڻيءَ جو رنگ ڍنگ، موضوع ۽ مواد جدا جدا آهن. ليکڪ پنهنجي ڪهاڻين ۽ مختلف ڪردارن جي وسيلي، ڪيترائي اهم مسئلا پيش ڪيا آهن_جهڙوڪ فرقيوارانه فساد، چوري، قرباني، وطن جي محبت، سماجي، رسم رواج، جدوجهد جي آرزو، وغيره

اڄ جو ليکڪ پنهنجي لکڻين سان ڪيئن، ڪهڙي ۽ ڪيتري نه فرض ادائي ڪري سگهي ٿو، تنهن جو ڪاٿو هن ڪتاب پڙهڻ سان ٿي سگهندو. سنڌي ٻوليءَ ۾ ههڙيون ڪهاڻيون، انسان ذات جي بهتريءَ ۽ بهبوديءَ لاءِ، حال توڙي، مستقبل واسطي امر رهنديون.

”منهنجي امان“، ”15 آگسٽ“ ، ”بمبئي”آم چي““، ”تون پڇين ٿو، مان ڇو اداس آهيان....“ جي عنوانن واريون ڪهاڻيون، ”ڪيرت“ جي فن جا بهتررين شهپاتا آهن. ڪيرت جي لکيتن ۾ رس، رواني، پوتر خيال، فڪر جي گهرائي، ترقيءَ جي تڙپ، وقت ۽ ماحول جو تاثر_ بي انت ۽ بيچين انسانيت جي ترجماني آهي: هڪ ڪامياب ۽ باڪمال اديب جون اهيئي ته وصفون آهن! ڪٿي ڪٿي ڪيرت بي انتها جذباتي ٿيو پئي. جذبا ليکڪ کي لکڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا، جذبا لکندڙ کي مواد ڏين ٿا، جذبا هڪ سجاڳ انسانکي جنجهوڙين ٿا: مگر مشاهدي، تجربي ۽ حقيقت_نيهيءَ کان سواءِ، خيالي جذبا ڪهڙي ڪم جا؟

”هوءَ“ ڪهاڻي_ جنن جو نالو ڪتاب تي رکيو ويو آهي_ هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي، جا پوريءَ طرح ٻين ڪهاڻين وانگر اڀري نه سگهي آهي. لکڪ فرقيوارانه فسادن جي حقيقت کان متاثر ته ٿيو آهي، پر ڪهاڻيءَ جي نائڪا جو ڪردار ڪهاڻيءَ ۾ پوريءَ ريت جڪڙجي نه سگهيو آهي، جذبات جي خيالي تصور هڪ ڪهاڻي ضرور گهڙي ورتي آهي، پر لاهور جي آسپاس وارن انسانن_هندن ۽ مسلمانن_جي تهذيب، تمدن ۽ تڪليفن جي اڻڄاڻائيءَ ڪري، ڪهاڻيءَ جو معيار گهٽجي ويو آهي.

_ ع.ق.ش

ڪلام گرهوڙي: سائيزڊبلڪرائون، مجلد، ڪاغذ سٺو، ڇپائي وچٿري: صفحا 82+236+27+68؛ ڇپائيندڙ سنڌي ادبي سوسائٽي، ڪراچي: سنڌ جي هر وڏي بوڪ اسٽال تان ملي سگهي ٿو.

سوسائٽيءَ جو هيءُ ٻيو ڪتاب آهي، جو عربي طرز جي سنڌي ٽائيپ ۾ شايع ٿيو آهي، ۽ ان جو مئولف عاليجناب شمس اللماءِ ڊاڪٽر دائود پوٽو صاحب مدظلله آهي.

ٻارهين صدي هجريءَ ۾ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي (رحه) سنڌ جو هڪ وڏو عالم بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس ”سنڌي“ هڪ مستند مذهبي ڪتاب ليکيو ويندو آهي، جو اگرچ اڳ به ٽي دفعا ڇپجي چڪو آهي، پر هي دفعي ان ۾ ڪافي نقص رهجي پئي ويا. جناب ڊاڪٽر صاحب، تقريبن ويهن سالن جي مطالعي ۽ تحقيق بعد، اهو ڪتاب تاليف ڪري، وڏي اهتمام سان شايع ڪرايو آهي ۽ مقدمي خواه اختتاميه ۾ نهايت مفيد نوٽ لکيا اٿن.

سنڌي ادب ۾ ڊاڪٽر صاحب جي هيءَ هڪ بينظير ۽ قيمتي ڪوشش آهي، ۽ يقين آهي ته هيءُ پهريون ايڊيشن اگرچ ٽي هزار ڇپيو آهي، تاهم سنڌي_ دان پبلڪ هن کي ائين هٿو هٿ خريد ڪندي، جو اهو ثابت ٿي ويندو ته سنڌ جو عوام پنهنجي سٺن ڪتابن لاءِ ڪهڙو نه قدر دان آهي_ ۽ چاهي سٺن ڪتابن جي قيمت ڪيڏي نه ڳري ڇو نه هجي، پر هو ان کي هٿو هٿ کپائين ٿا.

البت، عاليجناب ڊاڪٽر صاحب جي خدمت ۾، مشوري طور، ايترو عرض آهي ته آئيندي پاڻ جيڪڏهن سنڌي ڪتابن ۾ مروج سنڌي ٽائيپ ڪم آڻيندا، ته اهو وڌيڪ مفيد ٿيندو_ ۽ اهڙا ڪتاب وڌيڪ هلي سگهندا. اسان کي يقين آهي ته سندن معرفت آئيندي پڻ ڪافي اهڙا سنڌي جواهر اوجرجي سنڌي عوام جي اکين کي نور بخشيندا، ۽ سنڌي ادب ۾ وڌيڪ اضافو  ايندو. ساڳئي وقت، ڊاڪٽر صاحب جن پنهنجي ڪتاب ۾ آندل ڪرامتن کي اهڙي ته يقيني انداز ۾ پيش ڪيو آهي، جنهن مان اسان جي سادي ويساهه واري عوام جون دليون ضرور غلط گمان ۽ غلط اثر وٺنديون. سڀئي ڄاڻن ٿا_ ۽ اسان کي پورو يقين آهي ته جناب ڊاڪٽر صاحب جن پاڻ به انهيءَ خيال جا هوندا_ ته اهڙيون سڀ ڪرامتون، اڄڪلهه جي سوچڻ ۽ سمجهڻ جي معيار تي، خيالي ڏند_ڪٿائن کان وڌيڪ حيثيت نٿيون رکن_جن ۾ ڪابه اصليت ڪانه آهي، ڏند_ڪٿا کي ڏند _ڪٿا ڪري پيش ڪيو وڃي ها، ته ائين جيڪر چڱو ٿئي ها. هنن ڪرامتن کي ”سند“ طور پيش ڪرڻ، اسين ڀانيون ٿا ته خود ڊاڪٽر صاحب جن جو پنهنجو ارادو به ڪونه آهي: البت انهن جي پيش ڪرڻ جي طرز جيڪا پاڻ اختيار ڪئي اٿن، ان مان عام ماڻهو عين ممڪن آهي ته اهو ئي اندازو لڳائين، ۽ اهو ئي نتيجو ڪڍن.

علم حيات: مصنف م. مهر: صفحا سوا سئو: ڇپائي ۽ گيٽ اپ معياري: قيمت سوا روپيو: ملڻ جو هنڌ: مصنف وٽان، ميٺا رام هاسٽل ڪوارٽرس، ڪچهري روڊ، ڪراچي: ۽ سنڌي ڪتاب_گهر، حيدرآباد، سنڌ.

سنڌي ٻوليءَ ۾ ”علم حيات“ (بائيولاجي) تي هي پهريون معياري ڪتاب ڇپجي ظاهر ٿيو آهي، ڪتاب ٻن حصن_ علم حيوانات (زولاجي) ۽ علم نباتات (بوٽيني)_ ۾ ورهايل آهي، ۽ خاص ڪري اسڪولن ۽ ڪاليجن جي سنڌي شاگردن لاءِ ڪارائتو آهي، منجهس اٽڪل سو کن تصويرون پڻ ڏنل آهن، عام ماڻهن لاءِ به، هڪ فني ڪتاب طور، علم حيات جي شروعاتي اڀياس لاءِ مددگار ثابت ٿيندو.

سياست نامو (ترجمو): مترجم علي نواز جتوئي ۽ عبدالقيوم ”صائب“: صفحا 204، مجلد: قيمت ٽي رپيا ٻارهن آنا: ڇپائيندڙ: آزاد بوڪ ڊيپو، حيدرآباد، سنڌ.

تيرهين صدي عيسويءَ ۾، فارسيءَ ۾ جيڪي به نثر جا ڪتاب لکيا ويا، تن ۾ ”سياست نامو“ نمايان حيثيت رکي ٿو_هيءُ ان جو سنڌي ترجمو آهي. اصل مصنف نظام الملڪ طوسي، ايران جي ٽن مشهور سلطانن وٽ وڏو وزير ٿي رهيو هو، ۽ ملڪي نظم و نسق قائم ڪرڻ ۾ چڱو نالو ڪڍيو هئائين. ”سياست نامو“، سياست بابت، سندس ذاتي تجربن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ملڪي انتظام جي اڪثر موضوعن تي سٺو بحث ڪيو اٿس. هن ڪتاب ۾ طوسيءَ جي ”سياست نامي“ جي پهرين تيرهن بابن جو سنڌي ترجمو ڪيو ويو آهي، جيڪو اصل فارسي زبان ۾ انٽر آرٽس جي شاگردن لاءِ، سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان شايع ڪيل آهي. ترجمو سليس ٻوليءَ ۾ آهي، ۽ يقين آهي ته شاگردن توڙي عام پڙهندڙن لاءِ مفيد ثابت ٿيندو.

هلال پاڪستان، ماهوار ايڊيشن: حيدرآباد سنڌ جي روزاني اخبار ”هلال پاڪستان“ طرفان، گذريل چئن مهينن کان، اخبار جو ماهوار ادبي ايڊيشن شايع ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. سنڌي اخباري دنيا ۾ اهڙي ساراهه جوڳي روايت قائم ڪرڻ لاءِ ”هلال پاڪستان“ جا ڪارپرداز بيشڪ کيرو لهڻن.

هن وقت تبصري_نگار جي اڳيان، انهيءَ سلسلي جو ٽيون پرچو، ”قائد اعظم نمبر“، موجود آهي. سٺي اخباري پني تي ڇاپيل، هيءَ اٽڪل هڪ سو صفحن جو خاص نمبر، سياسي ۽ ادبي مواد تي مشتمل آهي، جنهن ۾ افسانا، مضمون، مقالا، واقعات، تاثرات ۽ سوانح، وغيره صنفون آيل آهن. شعر جو حصو البت ماٺو آهي. هن وقت جڏهن ڪنهن به قسم جو رسالو جاري ڪرڻ، ۽ ان کي مستقل طرح هلائي سگهڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي_هيءُ رسالو هر طرح قدر افزائيءَ جو مستحق آهي.

اهو عرض ضروري آهي ته اداري کي مواد جي چونڊ تي وڌيڪ ويچار ۽ ڌيان لائڻ کپي: ۽ پڻ جيڪڏهن اها ڪوشش ڪئي ويئي، جو هر دفعي، رسالي ۾ بلند پايي جا سياسي مقالا ۽ جائز خصوصيت سان شامل ڪيا وڃن، ته اها هن رسالي جي علحدي انفراديت ٿيندي. سچ پچ ته سنڌي عوام کي پنهنجي سياسي ماحول ۽ مسئلن کان واقف رکندو اچڻ لاءِ، روزانه ”هلال پاڪستان“ جو هيءُ ماهوار ايڊيشن ڏاڍو چڱو ثابت ٿي سگهي ٿو.

_م.ص.

رسالو ”مارئي“، حيدرآباد، (فيبروري 87ع): صفحا 64؛ ڇپائي عمدي، گيٽ اپ معياري، ڪور نفيس؛ ملڻ جو هنڌ: دفتر رسالو ”مارئي“، ريڊيو پاڪستان جي سامهون حيدرآباد سنڌ، ۽ سنڌ جا سڀئي بوڪ اسٽال.

رسالو ”مارئي“ _ جيئن نالي مان ظاهر آهي_ سنڌ جي عورتن جي نمائندگيءَ جي نيڪ مقصد خاطر جاري ڪيو ويو آهي، جنهن جو افتتاحي پرچو ڇپجي ظاهر ٿي چڪو آهي. رسالي جو هيءُ پرچو هر طرح معياري آهي ۽ مواد توڙي ترتيب ۾ منجهس سونهن ۽ سليقي کان ڪم ورتل آهي.

عورت ۽ ان جو ڪردار، هر زماني  ۽ ملڪ ۾، لکڻ ۽ سوچڻ وارن جي توجه جو مرڪز پئي رهيو آهي. عورت جو انساني معاشري ۾ وڏو دخل آهي: ۽ ان ڪري، اڻ سڌيءَ طرح، ڪنهن به ملڪ يا قوم جو نظام پڻ گهڻي ڀاڱي عورت جي ئي ذاتي لياقت ۽ ذهني اوسر تيئي مدار رکي ٿو. اهو ئي سبب آهي، جو قومي ترقيءَ لاءِ عورتنجي ذهني تربيت کي پهرئين درجي جي ضرورت سمجهيو ويو آهي. سنڌ ۾، جتي صدين کان عام جهالت جو ماحول ڄميل آهي، قومي ترقيءَ جو انهيءَ بنيادي مسئلي کي ويچارڻ جي وڌيڪ ضرورت آهي_ ”مارئي“ جو اجراءَ انهيءَ لحاظ کان وڏي اهميت رکي ٿو.

”مارئي“ جي هن پهرئين پرچي ۾، جتي سنڌ جي بزرگ ۽ نوجوان اديبن ۽ شاعرن حصو ورتو آهي، اتي سنڌ جي اهم قلم عورتن پڻ ان ۾ پنهنجي پوريءَ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو آهي ۽ رسالي جي ترتيب ۾ شريڪ بنيون آهن_ اها ڳالهه سنڌي ادب جي مستقبل لاءِ وڏي خوشخبري آهي. اميد ته ”مارئي“ جي ذريعي اسان جي اديب ڀينرن جو سٺو حلقو قائم ٿي پوندو_ ۽ پوءِ اسان جي سماجي ۽ خانگي زندگين ۾ اصلاح ۽ انقلاب جا امڪان پيدا ٿي سگهندا.

”مارئي“ رسالي ڪڍڻ جو سهرو، سنڌ جي مارئي_صفت ۽ زنده دل خاتون، بيگم زينت عبدالله چنا صاحبه، جي سر تي آهي، جنهن لاءِ هوءَ هر طرح آفرين جي لائق آهي.

هن وقت، جڏهن سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب کي وڌائڻ ۽ وسائڻ جي جدوجهد هلي رهي آهي، ”مارئي“ جي جاري ٿيڻ سان هڪ طرف ته سنڌيءَ جي عمدن رسالن ۾ اضافو آيو آهي، ۽ ٻئي طرف اسان جي ادب ۾ عورتن جي نمائندگيءَ جي ضرورت پڻ پوري ٿي رهي آهي: ان ڪري سنڌيءَ جي سڄڻن کي رسالي ”مارئي“ جي سرپرستي فرض ڄاڻڻ کپي.

رسالو”نئين کيتي“ حيدرآباد (سالنامو، 1987ع): صفحا 80؛ ڇپائي، گيٽ اپ، ڪور ۽ ڪاغذ سٺا: قيمت ڏيڍ روپيه” سڀني بوڪ اسٽالن تان ملي ٿو.

رسالو ”نئين کيتي“ گذريل ٻن سالن کان سنڌ جي آبادگار طبقي جي بهترين خدمت ڪري رهيو آهي. هن وقت رسالي جو ٻيو ساليانو پرچو اسان جي اڳيان آهي. پوک ۽ هارپ جو موضوعن تي ڪمائتا مضمون منجهس درج آهن.

سنڌ جا اڪثر اقتصادي توڙي معاشي وسيلا زراعت تي مدار ٿا رکن، ۽ ان ڪري،  آباديءَ ۽ اپت بابت اڄڪلهه جي سڌريل ۽ جديد ذريعن کي پنهنجي پٽ ۾ رائج ڪرڻ جي ترت ضرورت آهي. ساڳيءَ طرح، سنڌ جي خوشحاليءَ جي راهه ۾جيڪا رڪاوٽ هر وقت اسان جي اڳيان آڏ بني بيٺي آهي_ يعني هاري ۽ زميندار جو مسئلو_ ان کي پڻ هاڻي ڪنهن خوشگوار نتيجي تي آڻڻ جي اهميت آهستي آهستي محسوس ٿيڻ لڳي آهي: رسالي ”نئين کيتيءَ“ جي ايڊيوٽوريل ۾ ان بابت جيڪي تاثرات لکيا ويا آهن، اسين انهن سان متفق آهيون_ خدا ڪري سنڌ ۽ سنڌي عوام جي بهبوديءَ لاءِ اسان سڀني جا اهي نيڪ ارادا ترت ڪامياب ٿين!

رسالي جو هيءُ سالنامو نه صرف پنهنجي مخصوص مقصد جي چڱي چيز آهي، پر ادبي اهيمت جي لحاظ کان پڻ عمدي پيشڪش آهي.

سنڌي ادبي بورڊ جي بڪ اسٽال، تلڪ چاڙهي، حيدرآباد (سنڌ) وٽان هيٺيان ڪتاب ملي سگهن ٿا، ڪتب فروشن ۽ ايجنٽن کي 25 في صدي ڪميشن ڏني ٿي وڃي.

1.      سير ڪوهستان

2.     گل شڪر

3.     حيات النبي

4.     تاريخ معصومي (سنڌي)

5.     ڪليات حمل

6.     ديوان بيدل

7.     چچ نامو (سنڌي)

8.     بلو کوکر

9.     گل ڦل ( 2حصا گڏ)

10. خوش خصلت خاتون

11.  جهان آرا

12. آفتاب ادب

13. تاريخ ريگستان

14. سنڌ جو سينگار

15. سو ورنيون دليون

16. راسيلاس

17. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ

18. سنڌ جو سفر

19. هدايت لانشاءِ

20.                        گل

21. مثنوي چنيسر نامه (فارسي)

22.                        تحفته الطاهرين(فارسي)

23.                        پرشين پوئٽ آف سنڌ

24.                        برهانپور کي سندهي اولياءِ (اڙدو)

25.تاريخ معصومي (فارسي)

26.                        چچ نامه (فارسي)

27.                        سهڻي ميهار

28.                        گل خندان

29.                        مسافر حجاز

30.                        املهه رتن

31. رام رحيم

32.                        گلدستو

33.                        چتر (ناٽڪ)

34.                        ويرتا جا ورق

35.سفيد وحشي

36.                        گماني گهمسان (ناٽڪ)

37.                        ڪاري

38.                        نيلم

39.                        پريم جا پياس

40.                        عملداري آزار (ناٽڪ)

41. چرتر سينگار

42.                        جيوت جا ورق

43.                        چڻگون

44.                        هند جو سير

45.سنڌ جي ڌرمي آستانن جي تاريخ

*هندستان ۾، ميشرس رائٽرس ايمپوريم، پيپلس بلڊنگ، سرفيرز شاه مهتا روڊ، بمبئي وٽان، ”مهراڻ“ رسالو ۽ بورڊ جا ٻيا ڪتاب ملي سگهن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com