سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1962ع

مضمون

صفحو :8

مضمون

3

1.

سنڌ جو سماجي جائزو، انگريزن جي دور حڪومت ۾

- ڪريم بخش چنا

2.

جرمن عالم ۽ جَت قوم

- عبدالڪريم لغاري

3.

سيوهڻ شريف

- محبوب علي چنا

4.

نالهء مجروح (آڳاٽو ادب)

- شيخ محمد اسماعيل

5.

ٽالپرن جي عهد حڪومت ۾ سندن آداب نويسي

- شائق قيصري

6.

شعر جو شرف ۽ شان

-مرزا قليچ بيگ (مرحوم)

7.

ادب جو ڪم

- ٽئگور

سنڌيڪار: جهامندسا ڀاٽيا

8.

”مهراڻ“ جا موتي

- ادارو

9.

”آديسي اُٿي ويا-“

- غ. م. گ، ش. م. شاهه

10.

تبصرا

 

11.

سنڌي زبان جا مسئلا

 

 

 

”دنيا ۾ ٻي ڪابه دولت ڪانهي، زندگي ئي دولت آهي: محبت، مسرت ۽ ذوق جي سمورين قوّتن سان ڀرپور زندگي! اُهو ئي ملڪ حقيقت ۾ سڀ کان زياده شاهوڪار آهي، جنهن ۾ شريف ۽ بامسرت انسانن جو وڏي ۾ وڏو تعداد پرورش پائي ٿو. اُهوئي ماڻهو شاهوڪارن ۾ شاهوڪار آهي، جيڪو پنهنجي زندگيءَ جي ڪارج کي هر ممڪن حد تائين پايه تڪميل تي پهچائيندي، ذاتي طور توڙي پنهنجن مالي وسيلن ذريعي، ٻين جي زندگين لاءِ همت افزائيءَ ۽ حمايت جو باعث ٿئي ٿو.“ [”اقتصادي انصاف“: جان رسڪن]

 

 

ڪريم بخش چنا

سنڌ جو سماجي جائزو انگريزن جي دور حڪومت ۾

تهذيب، قوم جي مجموعي حالت جو نالو آهي. قومي افراد جي هلت چلت، رسم ۽ رواج، سياسي ۽ معاشي طريقن، فني ۽ علمي ڪارنامن کي گڏي ”تهذيب“ نالو ڏنو ويو آهي. تهذيب ڏينهن ۽ رات، صبح ۽ شام وانگر هڪ تدريجي سلسلو آهي. ڪابه تهذيب، ڪيتري به زر خرچڻ سان اچانڪ وجود ۾ اچي ڪانه ٿي سگهي ۽ نه وري اچانڪ ختم ٿي سگهي ٿي.

انگريزي حڪومت جي اوائل ۾ سنڌ ۾ شهر ٿورا ۽ ڳوٺ گهڻا هئا. هرڪو شهر ۽ ڳوٺ سياسي، معاشي ۽ اقتصادي لحاظ کان هڪ خود ڪفيل دائرو هو، جنهن جون گهڻو ڪري سڀ ضرورتون سندس ئي ذريعن ۽ وسيلن سان پوريون ٿينديون هيون. هر ڪنهن ڳوٺ جو هڪڙو وڏيرو يا رئيس هوندو هو، جو پرڳڻن جي ڪاردار جي معرفت پنهنجي حد اندر امن ۽ امان رکڻ لاءِ ذميوار هو. ڳوٺن جي آبادي هيٺين چئن طبقن ۾ وراهيل هوندي هئي:- (1) وڏيرا يا پٽيل ۽ سندن رشتيدار؛ (2) مخدوم، سادات ۽ علماءَ؛ (3) وڻجاري يا واڻيا؛ (4) ڪاسبي جهڙوڪ: واڍا، لهار، ڪوري، موچي، کٽي، ملان، مڱڻهار، چارڻ، چاڪي، ڪڙمي ۽ ننڍا آبادگار وغيره. بلوچي قومن جا ماڻهو جهڙوڪ: چانگ ۽ چانڊيا، لغاري ۽ لشاري، مري ۽ مستوئي، بُلدي ۽ برهماڻي، جمالي ۽ جسڪاڻي، جکراڻي ۽ جلباڻي، جتوئي ۽ مغيري، دستي ۽ ڊومڪي وغيره. قديم عرب قبيلن وانگر هميشہ ڳوٺن ۽ شهرن کان ٻاهر علحده علحده پنهنجون بستيون ٺاهي انهن ۾ رهندا هئا؛ سندن بستين ۾ ڳوٺن وارا پويان ٽيئي طبقا ڪين هوندا هئا. هو پنهنجي معاشي ۽ تعليمي ضرورتن جي پورائي لاءِ  ڀروارن ڳوٺن سان لهه وچڙ رکندا هئا. بلوچن جي هنن قبائلي بستين ۾ عرب جي بدوي قبيلن وانگر مهمانداري، مساوات، عصبيت ۽ عسڪريت ممتاز خصوصيتون هيون. شهرن ۾ ڪاردار ۽ ڳوٺن ۾ وڏيرا گهڻيءَ حد تائين سفيد ۽ سياه جا مالڪ هئا. چورن ۽ ٻين معاشي رهزنن کي ڪاٺ ۾ وڌو ويندو هو يا ٻيون ڳريون سزائون ڏنيون وينديون هيون. جن شهرن ۾ ساداتن، پيرن يا علماء جو زور هو اتي شرعي حڪمن موافق تعزير ملندا هئا. نماز، روزي ۽ ٻين شرعي امرن کان انحرافيءَ سبب واسطيدار ڌرين کي جوڳي سزا ڏني ويندي هئي يا انهن سان قطع تعلقات ڪيو ويندو هو. ٺٽو، نصرپور، چوٽياري، مٽياري، هالا، حيدرآباد، سن، سيوهڻ، پاٽ، شڪارپور، روهڙي، سکر، کُهڙا، درٻيلو ۽ هالاڻي وغيره وغيره شهر اوائلي انگريزي دور جا مشهور شهر ۽ تعليمي مرڪز هئا. هنن وڏن شهرن ۾ مختلف قسمن جون صنعتون قائم هيون، ۽ اتي جي مدرسن ۾ درس نظاميه موافق مفت تعليم ڏني ويندي هئي. هنن مدرسن جو خرچ مسلمان زميندارن ۽ صنعتڪارن جي طرفان مليل زڪوات ۽ صدقات وغيره مان ڪيو ويندو هو.

شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هندو سڀ گڏ هڪ محلي ۾ پئنچات ڪري رهندا هئا، سندن ڇيڙي نبيري جو ڪم پئنچات جي وسيلي ئي ٿيندو هو. البت حڪومت يا مسلمانن پاڙيسرين سان سندن معاملا قاعدي موافق فيصل ٿيندا هئا. هندن جو مکيه ڪم وڻج واپار هو، جو ڏيساورن تائين هلندو هو. جيئن ته ليکي چوکي ۾ هندو ماڻهو ڀڙ هوندا هئا تنهن ڪري منجهانئن ڪيترا ڪاردار، منشي ۽ ديوان مقرر ٿيا. ڌرمي تعليم لاءِ هندن کي ڪيترن وڏن شهرن ۾ پاٺشالا هئا؛ پر ننڍڙن ڳوٺڙن ۾ هڪ رواجي هندوءَ جي تعليم گرمکي اکرن جي سڃاڻپ ۽ انگن ۽ ليکن جي ڳڻڳوت تائين محدود هئي. جيڪي هندو سرڪاري نوڪري ڪرڻ چاهيندا هئا تن کي فارسي زبان ضرور سکڻي پوندي هئي. بلوچي بستين اندر سرائڪي ٻولي هلندي هئي؛ ليڪن عام رعايا جي ٻولي سنڌي هئي.

ملڪ ۾ آمدورفت جا رستا گهڻي قدر محدود هئا ۽ ملڪ جو وڻج واپار سنڌونديءَ ۽ سندس ڦاٽن جهڙوڪ: اڀرندو نارو، الهندو نارو، ڦليلي، ڪلري ۽ حجامڙو وغيره رستي هلندو هو؛ هٿ جا کوٽايل واهه ۽ ڪڙيا ڪي بلڪل ٿورا هئا جيئن ته درياءَ تي پُل يا ڪا ٻي بندش ڪانه هئي تنهن ڪري درياءَ پوريءَ آزاديءَ سان وهندو هو ۽ آب ڪلانيءَ ۾ ملڪان ملڪ ٻوڏ ڪري ملڪ کي سرسبز ۽ شاداب ڪري ڇڏيندو هو. ملڪ ۾ سُڪار گهڻو هو. سستائيءَ جو اهو حال هو جو ٻيانيءَ ۾ سير مکڻ ۽ آڌيءَ ۾مڻ ڪڻڪ جو ملندو هو. مٿين سببن جي ڪري اهلڪارن جون پگهارون به بلڪل ٿوريون هيون.

جيئن ته ان وقت جو سنڌي معاشرو قديم آرين وانگر چئن طبقن ۾ وراهيل هو تنهن ڪري مختلف طبقن ۾ ماڻهن جي هڪٻئي تي چڙهت ڪرڻ جي ڪابه ضرورت ڪانه هوندي هئي. قاضيءَ جو پٽ قاضي، مُلي جو پٽ مُلو  چاڪيءَ جو پٽ چاڪي ئي ٿي رهندو هو. ملن موراڻن ۽ ڪاسبين کي شهر جي حاڪم ۽ زميندار طبقي کان آهت طورانّ ملندو هو، جنهن مان هو پنهنجن گهرن ۾ گُنديون ڀري رکندا هئا ۽ اهو انّ هنن جي سڄي سال جي ضرورت لاءِ ڪافي هوندو هو. ملڪ جي وڻج واپار ۾ به سڪي جو رواج گهٽ ۽ اناج جو رواج وڌيڪ هوندو هو. ماڻهو ڪفايتي، قناعتي ۽ قربدار هوندا هئا. هرڪو پنهنجي معاشرتي منصب ۽ معيار کان واقف ۽ ان تي هلڻ لاءِ پابند هو. اجايو ريب ۽ ريس، حرص ۽ هوس، لوڀ ۽ لالچ ڪونه هو. عوام ۽ خواص تصوّف جي رڱ ۾ رڱيل ۽ سادگيءَ ڏي مائل هئا. هندن جي ڀڳتين تي مسلمان، ۽ مسلمانن جي سماع تي هندو ايندا هئا. اوليائن جي عرسن ۽ ميڙن ملاکڙن ۾ هندو خواه مسلمان هڪهجڙو بهرو وٺندا هئا. انگريزن جو قدم جيئن سنڌ ۾ پڪو ۽ پختو ڄمندو تيئن هو ملڪي معاشرت ۾ پنهنجين سياسي مصلحتن جي بناءَ تي ڦير ڦار ڪرڻ لڳا. ميرن جي زماني ۾ هندن تي جيڪي زمين جي خريدڻ، وياج جي وڏن نرخن وٺن ۽ مسلمانن جون زمينون گروي رکڻ تي بندشون پيل هيون سي هنن لاهي ڇڏيون جنهن ڪري ڪيترا آبادگار پنهنجي جهالت ۽ فضول خرچيءَ سبب هندو شاهوڪارن جي وياج تي وياج ۽ ڪپتن جي ڪري پنهنجون زمينون وڃائي ڪنگال ٿي ويا. اڳ جيڪي ملن موراڻن، مُدَرّسِن ۽ معلّمن کي ميرن جي دربار مان مددون ملنديون هيون سي هاڻي قطعي بند ٿي ويون ويتر جو انگريزن فارسي ٻوليءَ کي دفتري زبان جي منصب تان لاهي ڇڏيو تنهن ته هيڪاري مسلمانن جي علم نواز طبقي جا طاق ڪڍي ڇڏيا. ملڪي اههلڪار جهڙوڪ: قاضي ۽ ڪاردار وغيره، جي فارسي دانيءَ جي شرطن ڪري عموماً مسلمان طبقي مان هوندا هئا سي هاڻي فارسي زبان جي منزلت ختم ٿيڻ جي ڪري هندن وانگر سُست ٿيڻ لڳا. ايتريقدر جو ملڪ جي سمورن ملازمتن تي هندن جو قبضو ٿي ويو. هندو پنهنجي انگريز آقائن جي مدد سان مسلمانن مان خُوب ڪسرون ڪڍڻ لڳا، انگريزن جي ملڪي مصلحتن جي ڪري سنڌ جي صنعتڪارن کي به ڪاپاري ڌڪ لڳي ويو.

انگريز سنڌ ۾ واپاري قوم ٿي آيا هئا ۽ واپاريءَ جي ئي حيثيت سان هو ملڪ جا مالڪ بنجي پيا هئا. هنن جون ملڪي صنعتون مشينن جي مدد سان نهايت اعلى معيار تي پهچي چڪيون هيون؛ انهن صنعتن کي فروغ ڏيئي پنهنجي ملڪي معيشت کي ترقي ڏيارڻ، سندن ملڪ گيريءَ واري پاليسيءَ جو سنگِ بنياد هو. هنن ديسي صنعتن جي مٿان باري پابنديون عائد ڪري پنهنجي ملڪ جون ٺهيل شيون وڏي انداز ۾ بازار ۾ آڻي ڪڍيون. نتيجو اهو ٿيو جو ٺٽو، هالا، نصرپور، هالاڻي ۽ درٻيلو وغيره جي اوائلي زماني کان سنڌ ۾ ڪپڙي جي صنعت کان مشهور هئا سي ڦِٽي تباهه ٿي ويا ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ ڪپڙي جي صنعت جو خاتمو ٿي ويو.

اسين مٿي ٻڌائي آيا آهيون ته انگريزن جي اوائلي دور ۾ سنڌ ملڪ جي آمدورفت سنڌونديءَ ۽ سندس ڦاٽن ۽ شاخن جي وسيلي ٿيندي هئي. سن 1881ع کان سنڌ ۾ ريلوايون پوڻ شروع ٿيون ۽ جلد ئي سڄيءَ سنڌ ۾ ريلواين جو ڄار پکڙجي ويو. هنن ريلن جو نتيجو ايهو نڪتو جو لَکَها ماڻهو، جن جي گذران جو ذريعو ملڪ جي واپار ۽ آمدورفت سان وابسته هو جهڙوڪ: جت، ميربحر وغيره سي روزگار کان محروم ٿي سُڃا ٿي پيا. آءٌ نٿو چوان ته انگريزن هي تبديليون ڪنهن بوري مقصد سان ڪيون هيون. دنيا سڌرندڙ آهي ۽ علمي فني ۽ صنعتي ترقيءَ جي ڪري مٿين سڀني ڳالهين جو وجود ۾ اچڻ ناگريز هو. اڳي يا پوءِ بهرصورت اهي ڳالهيون ضرور وجود ۾ اچن ها، پر ٺِڪرُ جو انگريزن تي ڀڄڻو هو، سو مٿن ئي ڀڳو.

مٿين سڀني تبديلين جي ڪري--- جي دنيا جي وڌندڙ علم ۽ صنعتي سڌارن جي عين تقاضا موافق هيون تن کان ملڪ جي هيئت ۽ سماج ۾ وڏو ڦيرو اچي ويو--- جو سنڌ جي مسلم قوم لاءِ وڏي اخلاقي، معاشي ۽ اقتصادي نقصان جو باعث بنيو. ڳوٺن جي معيشت جا اڳي خود ڪفيل هئي ۽ چئن اقتصادي طبقن ۾ وراهيل هئي سا يَڪا يَڪ بدلجي ويئي--- وڏيرن ۽ زميندارن جو زور ٽٽي پيو ۽ ڏينهون ڏينهن ڪجهه پنهنجن افعالن جي ڪري ته ڪجهه زماني جي نامساعد حالتن جي ڪري ترين ڀر ڪرندا ويا. علم نواز طبقو يعني قاضي، مفتي، مولا، مخدوم ۽ پير به ديني علوم، شرعي قانون ۽ فارسي زبان جي اهميت ختم ٿيڻ ڪري پوين پساهن تي اچي بيٺا؛ ڪاسبي طبقو ته بنهه پائمال ٿي ويو، صنعتڪار فنا ٿي ويا، آبادگار ڪنگال ٿي ويا. اڳ جو مخدومن، پيرن، مُلن ۽ سيدن جي اثر ڪري عام توڙي خاص ماڻهو اخلاقي ضابطن موافق هلندا هئا سي ضابطا به معاشي قانون ۽ معاشره جي درهم برهم ٿيڻ سبب مٽجي ويا؛ ۽ ملڪي معاشره، شُتر بي مهار وانگر هاڃي جي حد تائين وڃي رسيو. ملڪ مان اخلاق به، پَرَ ڪري اڏامي ويو، روحاني اقتدار ختم ٿي ويا، ماڻهن مان دينداري ختم ٿي ويئي. امير ۽ غريب طبقي جي مٿان اوائل ۾ جيڪو ديندار طبقي جو ڌاڪو ۽ اثر هو سو زائل ٿي ويو ۽ ملڪي معاشرو بي سکان ٻيڙيءَ وانگر، جهان جي گرداب ۾ توائي ٿي ڦرڻ لڳو. پير ۽ مرشد، آخوند ۽ عالم، جي اصل کان دين جا محافظ ۽ اخلاق جا علم بردار هئا سي خود پنهنجي خسته حاليء ۾ حيران پريشان ٿي پيا. وڏڙن جي مري وڃڻ کان پوءِ سيّدن ۽ پيرن جو نئون نسل آوارهه گرديءَ ۾ ڪاهي پيو. خود ملن ۽ مخدومن ۾--- جي اصل کان دين جا ٿنڀا هئا تن ۾ رياء ۽ خيانت، لوڀ ۽ لالچ خواه ڪفر سازي ۽ بخيلپڻيءَ جون خصلتون گهر ڪري ويون. مطلب ته بک ۽ بيروزگاري، جهل افلاس ماڻهن سان هاڃا ڪري ڇڏيا. سچ چوندا آهن ته ”بک بڇڙو ٽول داناء ديوانا ڪري.“ هن پاسي مسلمان پنهنجي اخلاقي ابتريءَ ۽ معاشي مصائب ۾ مبتلا هئا ته ٻئي پاسي وري سندن هندو پاڙيسري پنهنجن انگريز آقائن جي سرپرستيءَ ۾ ملڪ تي پنهنجو حڪومتي ۽ اقتصادي اقتدار وڌائڻ ۾ مصروف هئا.

انگريزن جي اچڻ کان اڳي اٽڪل هڪ هزار ورهين تائين مسلمان سنڌ جي سفيد ۽ سياه جا مالڪ ٿي رهيا هئا. انگريزن جي طرفداريءَ جي ڪري هندن جي حصول اقتدار جو اهو عالم هو جو هڪ سؤ ورهين جي انگريزي دور ۾ مسلمانن کان هڪ هزار ورهين جون ڪسرون ڪڍي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ کين ڪُٽي ڪُٽي مارڻ لڳا، ايتريقدر جو سنڌ جي خالص هندو شهرن جهڙوڪ: شهدادپور، ٽنڊو آدم، سکر، حيدرآباد، شڪارپور وغيره ۾ اڪيلي سر مسلمان جو ته رڳو شهرجي گهٽين مان لنگهڻ به خطري کان خالي ڪونه هو. علامه اقبال سچ چيو آهي ته ’هي مرضِ ضعيفي ڪي سزا مرگ مفاجات.‘

انگريزن جي زماني ۾ مسلمانن جي هن عام اخلاقي انحطاط ۽ زبون حاليءَ جو ذڪر مولانا الطاف حسين صاحب ”حاليءَ“ پنهنجي شاهڪار ”مسدس مدّ و جزر اسلام“ ۾ ڪيو آهي. مرحوم مولوي الله بخش پنهنجي ”مسدس اٻوجهو“ ۾، ۽ مرحوم غلام احمد ”نظامي“ پنهنجي منظوم تاريخ اسلام ۾، انگريزن جي دور ۾ مسلمانن جي مٿي ڏيکاريل بدحاليءَ جو ذڪر ڪيو آهي. مرحوم اڪبر الله آبادي هندستان ۾، ۽ مرحوم شمس الدين ”بلبل“ ۽ مرحوم محمد هاشم ”مخلص“ سند ۾، پنهنجي طنزيه اشعار ۾ مسلمانن جي بدحاليءَ جو ذڪر ڪيو آهي.

مٿين دلگذار حالتن جي باوجود انگريزي دورِ حڪومت، سنڌ جي معيشت لاءِ ڪيترين ڳالهين ۾ بار آور ثابت ٿيو. اسان جي سنڌي ٻولي، جا فارسيءَ جي تغلب ۽ تسلّط جي ڪري پنهنجي ئي ملڪ ۾ دٻِي پيئي هئي سا نئين عربي صورتَ خَطيءَ جي ڪري وڏي آب ۽ تاب سان چمڪڻ لڳي بلڪ سندس ڇاپخانا سنڌ ۽ هند جون سرحدون ٽپي انگلستان ۽ جرمنيءَ ۾ نمودار ٿيڻ لڳا.... چنانچه ڀٽائي گهوٽ شاهه عبداللطيفؒ جو پهريون ڇاپي رسالو ڊاڪٽر ٽرمپ صاحب جرمنيءَ جي ”لِپسيا“ شهر مان شايع ڪيو. سنڌي لغت ۽ گرامر تي پڻ ڪيترا اوائلي ڪتاب لکيا ويا جن کي بعد ۾ ڇاڻي ڇنڊي صاف ڪيوو يو. سنڌي درسي ڪتابن کان سواءِ ٻيا ڪيترائي نثر ۽ نظم جا ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ لکجڻ لڳا: رڳو مرحوم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي قلم مان ئي ٻن سون ڪتابن جي لڳ ڀڳ سنڌي ڪتاب مختلف علمن ۽ فنن تي نڪري ظاهر ٿيا، جن مان ڪي دنيا جي بک ٻولين ۾ لکيل ڪتابن جا ترجما هئا. رساله سچل سرمست، ديوانِ گل، ديوان قاسم، ديوان فاضل، ديوان بلبل، ديوان سانگي، ديوان حافظ ۽ ٻيا ڪيترا ديوان ۽ سوين ناول ۽ ناٽڪ سنڌي زبان ۾ لکجي ويا؛ ڪَوڙومل ”ساهتيه منڊل“ جي طرفان ساميءَ جا سلوڪ ۽ هندن جا ڌرمي پستڪ شايع ٿيڻ لڳا؛ مسلمانن جي سنڌي ادبي سوسائٽيءَ پڻ ڪيترا ديني، اصلاحي، تاريخي ۽ ادبي ڪتاب ڇپائي شايع ڪيا.

اڳي جو فارسي زبان جي اثر ڪري، ملڪ جي تعليم مسلمانن جي هڪ خاص طبقي تائين محدود هئي سا هاڻي سنڌي ٻوليءَ جي اشاعت ۽ پرائمري اسڪولن جي جاءِ بجاءِ کلڻ جي ڪري سڄي ملڪ ۾ عام ٿي ويئي ۽ پرائمري استاد ملڪي معيشت جو اهم جزو ليکجڻ ۾ آيا. هن طرف وري حڪومت ۽ هندن جي ڪوشس سان پهريائين ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ پوءِ سکر، لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ۾ هاءِ اسڪول برپا ٿيا جن ۾ بي انداز هندو شاگردن سان گڏ ڪي (ٿورڙا) مسلمان شاگرد به انگريزي تعليم پرائڻ لڳا.

مسلمانن جي انگريزي تعليم کان بيزاري ۽ ان جي نتيجي ۾ سندن سنڌ جي حڪومتي ڪاروبار مان علحدگيءَ کي ڏسي، مرحوم خانهبادر حسن علي آفندي ڪراچيءَ ۾ سنڌ مدرستہ الاسلام هاءِ اسڪول جو بنياد وڌو، جنهن ۾ انگريزي تعليم سان گڏ ديني تعليم جو پڻ بندوبست ڪيو ويو. هن مدرسي کي ڏسي ٿرپارڪر ضلعي جي مسلمانن پٿوري ۾، مرحوم شمس الدين ’بلبل‘ ميهڙ ۾، لاڙڪاڻي لوڪلبورڊ لاڙڪاڻي ۾، مرحوم خانبهادر سيّد الهندي شاهه (الله آندي شاهه) نوشهره فيروز ۾، مرحوم سردار محمد يعقوب خيرپور ۾ ۽ مرحوم خانبهادر مير غلام محمد خان ٽنڊي باگي ۾ مسلمان ٻارڙن جي تعليم واسطي انگريزي مدرسا جاري ڪيا. سنڌ جي ميونسپالٽين ۽ هندن جي پئنچاتُن طرفان ڪيترا هاءِ اسڪول ۽ مڊل اسڪول وڏن وڏن شهرن ۾ کلي ويا جنهن ڪري انگريزي تعليم ملڪان ملڪ ٿي ويئي. اعلى تعليم لاءِ ڪراچي، حيدرآباد، سڪرنڊ ۽ شڪارپور ۾ ڪاليج کوليا ويا.

ملڪ سنڌ جي وڌندڙ تعليم سان گڏ ڪامورو طبقو... جو انگريزن جي اوائلي دور ۾ ملڪي معيشت اندر آڱرين تي ڳڻڻ جيترو مس هو سو انداز ۽ اقتدار ۾ ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳو: هزارين ماستر، منشي، ۽ پوليس وارا، سوين وڪيل ۽ ڊاڪٽر، ڪئين مختيارڪار، جج ۽ ماجسٽريٽ وغيره سنڌ ۾ پيدا ٿي پيا. انهيءَ ڪري ملڪ ۾ هڪ طاقتور وچولي طبقي جو بنياد پيو ۽ اڳوڻن ميراڻن ۽ وڏيرڪن طبقن جو زور گهڻي قدر گهٽجي ويو.

هن طرف وري سنڌ ۾ هندو واپارين جپان، وچ ايشيا، جاوا، سوماترا، مئلي اپٻيٽ، هندستان، ايران، افغانستان، عراق ۽ ٻين ڏيساورن سان واپار ڪري ڪروڙين رپيا ڪمائي اچي سنڌ ۾ پکيڙيا جنهن ڪري معيشت کي وڏي هٿي اچي ويئي ۽ سنڌ هڪڙو شاهوڪار صوبو ٿي ويو. ملڪ جي زراعت کي ترقي ڏيارڻ لاءِ انگريزن پهريائين جمڙائو واهه کوليو پوءِ سن 1931ع ۾ سکر بئريج ۽ ان جي ستن وڏن واهن مان هزارين واٽر ڪورس کوٽائي ملڪ جي چپي چپي کي آباد ڪرايو جنهن ڪري لکن ماڻهن جو روزگار کلي پيو.

هن سلسلي ۾ ريلواين جو ڄار، جو انگريزن سنڌ ۾ پکيڙيو هو سو نهايت ڪارآمد ثابت ٿيو ۽ ان سان گڏ ڪراچيءَ بندر به کيرون لهڻيون، جنهن جي وسيلي سنڌ، پنجاب ۽ افغانستان جو ڪروڙن روپين جو غير ملڪي واپار ممڪن ٿي سگهيو. سنڌ جي وڌندڙ فصل کي منهن ڏيڻ لاءِ، ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر ۾ اٽي پيهن ۽ چانورن ڇڙڻ جون انجڻيون لڳي ويون. ڪيترن وڏن شهرن ۾ برف جا ڪارخانا کلي ويا. نوابشاهه، حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ ڪپهه ٽاڻڻ جا ڪارخانا کليا. وڏن ميونسپل شهرن ۾ اليڪٽري لڳائي ويئي ۽ ملڪ جي وڌندڙ آمدرفت لاءِ پڪا رستا ٺهرايا ويا، جن تي هزارين موٽر ۽ جيپون هلڻ لڳيون. نئين سنڌ جي علمي، سياسي ۽ ثقافتي ضرورت جي ترجمانين ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ ڪيتريون روزانيون ۽ هفتيوار اخبارون ۽ ماهانا رسالا شايع ٿيڻ لڳا: هندو، سنسار سماچار، الوحيد سنڌي ۾، ۽ سنڌ آبزرور ۽ ڊيلي گزيٽ انگريزيءَ ۾ مشهور روزانيون اخبارون هيون. هفتيوار اخبارون اڪيچار هيون. ماهانا رسالن جي به کوٽي ڪانه هئي. ملا اسڪول مخزن ۽ اخبار تعليم سنڌ جي محڪمہ تعليم جي طرفان ماهانه شايع ڪيون وينديون هيون. سلسلئه مواصلات ۾: ريل، تار ۽ ٽپال کان سواءِ موٽرڪار ۽ سائيڪل، ٽيليفون ۽ ريڊيو جو رواج به انگريزن جي دور حڪومت ۾ ٿيو. اوائل ۾ اهي شيون گهڻو سستيون هونديون هيون ۽ هرڪو ٿوريءَ پهچ وارو ماڻهو به هنن کي خريد ڪري سگهندو هو. سن 1932ع ۾ فورسيٽر بيبي آسٽن ڪار جي قيمت ۽ اٺ سيٽر مارس ڪار جي قيمت اڍائي هزار رپين جي لڳ ڀڳ هئي. هينئر انهن قيمتن ۾ چڱيرڙي موٽرسائيڪل به ڪانه ٿي ملي سگهي! ريڊئي جي قيمت اوائل ۾ گهڻي گهٽ هئي، پر پوءِ سن 1940ع ڌاري ڇهن والن وارو وڏو ريڊيو، ٻن سون رپين ۾ ملي سگهيو ٿي. ان کان اڳ سنڌ جي گهڻو ڪري هر ڪنهن سکر ماڻهوءَ جي گهر ۾ گراموفون هوندو هو ۽ ٻهراڙيءَ جي هوٽلن مان انهن جا فحش ۽ بي تڪا گانا ٻڌي دل کي گهڻي ڪراهت ايندي هئي. مسلمانن جي محفلن ۾ يڪتارو ۽ طنبورو، سرندو، دلو، نڙ ۽ ٻين وڻندڙ ساز هئا؛ هندن جي ڀڳتين ۽ سکن جي درٻارين ۾ هارمونيم ۽ طبلي جو رواج گهڻو هو. عيدن جي موقعن تي... ۽ جيڪي ميڙا ملاکڙا انگريزي دور جي اوائل ۾ هئا سي اڃا تائين قائم آهن. پيرن جي قبرن تي پَڙ وجهڻ ۽ سکائن باسڻ جو شغل اڃا تائين زور آهي. مرڻي ۽ پرڻي جي موقعن تي جهونين رسمن ۽ رواجن کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ فضول خرچي ڪرڻ، ناچو نچائڻ، مڱڻهار بيهارڻ ۽ اوسارڻ واريون زالون وڏين رقمن تي گهرائڻ جو اڃا تائين اسان جو دستور هلندڙ آهي. انتهائي معاشي بدحالي ۽ تعليم جي اشاعت جي باوجود اسان مٿين خرافاتن کان آجا ٿي ڪونه سگهيا آهيون. (ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد جي شڪرئي سان.)

 

عبدالڪريم لغاري

جرمن عالم ۽ جَت قوم

هن مضمون کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي، مضمون جي پهرئين ڀاڱي لاءِ فقط ايترو چئبو ته، اسان جا ليکڪ ۽ پڙهندڙ ڏسن ۽ ويچار ڪن ته، اهي ماڻهو، حقيقتن کي جاچڻ ۽ انهن کي هٿ ڪرڻ لاءِ، ڪيڏا نه ڪشالا ڪڍي ۽ جهد ڪري، ڪٿان کان ڪٿ پهچن ٿا ۽ ڪيڏو نه خلوص سان ڪم ڪن ٿا!

هن مضمون جي لکندڙ، انهن جرمن عالمن سان، پندرهن ڏينهن، اسسٽنٽ ۽ ترجمان جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو. ان عرصي ۾ جيڪي به ڳالهيون معلوم ٿيون، ۽ جو ڪجهه روبرو ڏٺو ٻڌو ويو اهو سڀ ڪجهه هن مضمون جي ٽئين ڀاڱي ۾ ڏنل آهي.

مضمون جي ٻئي ڀاڱي ۾، انهن عالمن جي سفر جو ڏنل مختصر احوال، ايران ۾ سندن طرفان ڪيل جاچ ۽ پاڪستان ۾ پنجاب ۽ ملتان پاسي وارن ’جاٽن‘ جو احوال ۽ سنڌ ۾ جاتيءَ جي طرف رهندڙ ’جنتن‘ جو تفصيل- سڀ زبانيءَ طور کانئن مليا عراق ۾ ’معدان‘ گروهه جي ماڻهن بابت حقيقتون، جرمن سفارتخاني طرفان شايع ڪيل رسالي ۾ آيل، سندن مضمون تان ورتيون ويون آهن. اهو رسالو، ڊاڪٽر زيگرڊ ويسٽ فال- هيلبش خود پاڻ عنايت ڪيو.

آخر ۾، مان ٻنهي جرمن عالمن جا ٿورا مڃان ٿو، جن ساري مواد کي مضمون ۾ ڪم آڻڻ جي وڏي خوشيءَ سان اجازت ڏني. – ع. ل

(1)

ڊاڪٽر زيگرڊ ويسٽ فال- هيلبُش. قد ۽ بُت جي پوري پني، رنگ جي گوري ۽ عمر جي اڌڙوٽ هيءَ زال، جرمنيءَ ملڪ جي شهر برلن ۾ آزاد يونيورسٽيءَ جي ”ايٿنالاجي“ (قومن جي رهڻي ڪهڻي ۽ سندن رسمن ۽ رواجن جي ڄاڻ) واري شعبي جي ڊائريڪٽر آهي. سفر جي ڪشالن ۽ ڏاکڙن جي ڪري سندس مک لٿل نظر اچي ٿو؛ جنهن جي ڪري ائين پيو نظر ايندو، ته پاڻ گهڻو موٽيل آهي. مگر اوهين کيس اڌڙوٽ خواهه موٽيل يا پوڙهي هرگز نه ٿا چئي سگهو! جرمن سفارتخاني جي هڪ رسالي ۾ سندس فوٽي ڏسڻ کان پوءِ، مون کيس چرچي ۾ چيو ته، ”ڊاڪٽر! هت ته تون نهايت ئي نوجوان ۽ صحت مند نظر اچين ٿي!“ تڏهن ڄڻ ته ڇرڪ ماري اُٿي ۽ يڪدم چوڻ لڳي ته ”مان هينئر به نوجوان ۽ بلڪل تندرست آهيان!“

- بلاشڪ، دل سندس هر وقت جوان آهي؛ همت ۽ مڙسيءَ ۾ هُوءَ مڙس ماڻهو آهي! ڪم ۾ اڻٿڪ ۽ اورچ آهي. ڪيڏي به سفر ۽ ڪشالي جي ٿڪ کان پوءِ به هوءَ ڄڻ ته ٿڪجي ئي نه ٿي! ”آءٌ به ٿڪل آهيان!“ سوال جي جواب ۾ ضرور چوي ٿي؛ ليڪن اچڻ شرط هوءَ ڪم کي لڳي ٿي! هڪ ڏينهن هوءَ، صبح کان ٻن پهرن تائين اڻانگي سفر ڪرڻ بعد به، ٽائيپ- مشين تي ڪم کي لڳي ويئي، ۽ مون کي ياد آهي، ته ٽين بجي کان اٺين بجي رات تائين- يعني پورا پنج ڪلاڪ لاڳتو ٽائيپ جو ڪم ڪندي رهي! ٻئي دفعي صبح جو نائين بجي کان شام جو ڇهين بجي تائين لاڳيتي سفر ڪرڻ جي باوجود، اچڻ شرط، ’بتيءَ‘ جي جهڪي روشنيءَ تي ڪم کي لڳي وئي؛ ۽ مون کانئس عجب مان پڇيو ته ”توهان هن وقت به ڪم ڪندؤ!“ ”بلاشڪ!“ سندس جواب هو!

- سندس هر جواب ٺهه پهه ۽ ٺيڪ آهي. سندس ”نه“ (No-o!) چوڻ جو انداز عجيب ۽ وڻندڙ آهي! پاڻ وهمي ڪڏهن به نه آهي- ڳالهه ڪريو، هوءَ يڪدم چئي ڏيندي ”مان نٿي مڃان!“ مناسب ڳالهه ڪريو، يڪدم مڃڻ لاءِ تيار ٿيندي! گهڻو بحث ڪانه ڪري.

مشڪڻ ۽ لکڻ جي نعمت سان مالا مال آهي. وڻندڙ ڳالهه ڪريو ۽ ”خوب! خوب!“ (Fine! Fine!) جو جهولي ڀري داد وٺو! اهي ”خوب، خوب“ جا لفظ هوءَ پنهنجي لهجي ۾ چوندي آهي، جنهن ۾ عجيب لچڪ ۽ ميٺاج هوندو آهي! ساري ڏينهن جي  سفر کان پوءِ، اوهين ٿڪجي هلاڪ ٿي پئو؛ ليڪن گهڙي کن ساڻس ڪچهري ڪرڻ بعد، اوهين پاڻ کي ٿڪل محسوس نه ڪندا! سندس وڻندڙ ۽ همت ڏياريندڙ ڳالهيون، اوهان کي پنهنجي علمي ڪم ڪار لاءِ اُڀارينديون!

چرچائڻ به واهه جي آهي! سندس چرچو شانائتو ۽ طنز وارو آهي- پر، ان ۾ پيار ۽ همدردي آهي. سندس ڪنهن گفتي جي ڪري، اوهان جي منهن تي مايوسي اچي يا ڪو ڦرو ظاهر ٿئي؛ ته پوءِ هوءَ ان گفتي کان فوراً هٽي، اهڙا لفظ استعمال ڪندي، جن جي ٻڌڻ سان اوهان جو منهن چمڪي پوندو!

هلڻ مردن وارو اٿس. پر ان ۾ ’لطافت‘ آهي ۽ ڪجهه زالاڻي لوڏ! (ڇاڪاڻ ته پاڻ عورت آهي!) وقت تي ڇوهي ڊوڙ به پائي ٿي- پر، تنهن هوندي به پاڻ کي ٿڪل محسوس ٿيڻ نه ٿي ڏئي! هوءَ هر وقت گهڻي پنڌ ڪرڻ لاءِ به تيار آهي. ڏکين پيچرن، واٺن ۽ ٻنيءَ جي ٻنن تان به هلي سگهي ٿي- ۽ وقتي گوڏي تائين گپ ۾ به گهڙي سگهي ٿي! پر پنهنجي ڪم جي پوري ڪرڻ لاءِ، اهي سڀ تڪليفون سر تي کڻڻ لاءِ تيار نظر ايندي آهي... ۽ انصاف هيءُ... جو هوءَ ڏکيائيءَ کي ’ڏکيائي‘ نه ٿي چوي!

... کائڻ جي ملوڪ؛ ۽ کائي به سدائي ملوڪ! (ذائقي جي) ’مَٽَ لاءِ ’چُوزو‘ (Chicken for change.) سندس کلائيندڙ گفتگو آهي! روزانو ڪڪڙ کائي، ڪڪڙ جي کائڻ سان کاڌو مٺائيندي آهي! ماني جهڙي به ملندي، اها کائيندي؛ ۽ اوهان کان پڇندي ته، ”ماني اوهان کي وڻِي!؟“

... لکڻ ۾ تکي آهي. اکر سندس سنهڙا، پر سهڻا ۽ سٺڙا آهن! اوهين ڳالهه ڪندا هلو؛ هوءَ اڌ اکريءَ ۾ سڀ ڪجهه لکي ويندي ۽ بعد ۾، ان کي تفصيل سان لکي ڇڏيندي. ٻي قناعت ڇڏي، پني جي قناعت گهڻي ڪري ٿي! مون کي، منهنجي وڏن اکرن ۽ پني جي گهڻي ڪتب آڻڻ تي ڪڏهن ڪڏهن ٽوڪيندي به هئي!

ڊپ جي نانءُ کان به نه ڊڄي. سندس متو بي مثل آهي. چوي ته، ”ماڻهن مون کي گهڻائي ڊپ ڏياريا آهن؛ پر مان ڊڄان ڇو؟ اسين ٻئي زال مڙس گڏ آهيون- ۽ اڳين کي اهو خيال ضرور ٿيندو ته، ’جنهن سان پنهنجي زال گڏ آهي؛ اهو ان خيال کان ٻئي کي ڪڏهن به نقصان پهچائي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته ساڳئي وقت هو به ساڳي هلت جو حقدار ٿيندو ۽ جي پاڻ کي سمجهندو!‘ اهو خيال ڪري، مون کي ڪوبه نقصان پهچائي نٿو سگهي!“ پر، گهڻي ڊپ ڏيارڻ تي سندس منهن تي ڊپ نه، پر ڪجهه مايوسيءَ جا آثار اوهان کي نظر ايندا... ليڪن اهي به گهڙيءَ کان پوءِ، سندس هڪ ٽهڪ ۾ مٽجي ويندا.

... ڪا ڳالهه پڇي؛ اوهين نٽايو ته دل ۾ ضرور ڪندي؛ پر في الحال ٻڌائڻ کان لهرائي، پوءِ ٻڌائڻ جو آسرو ۽ اميد ڏيکاريو ته بيحد خوش ٿيندي... ۽ اوهان ۾ تيستائين اميد رکندي، جيستائين کيس، اوهين پاڻهي ٻڌايو. اوهان ساڻس دل جو راز سليو، ڇا به ٿي پوي، ڪنهن سان به ظاهر نه ڪندي! سچار حد درجي جي آهي. سچ کيس وڻي ٿو ۽ سچو هن جي نظرن ۾ عزت وارو آهي. ڪوڙي لاءِ سندس دل ۾ عزت نه آهي... هوءَ ان لاءِ افسوس ضرور ظاهر ڪندي، پر گلا نه ڪندي!

پاڻ به طالب العلم آهي. محنتي طالبن لاءِ هن جي دل ۾ عزت ۽ پيار آهي؛ ۽ هر حالت ۾ سندن مدد ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهي ٿي! پنهنجي ڪم ۾ بلڪل قابل ۽ ڀڙ آهي.

هوءَ سنڌي زالن سان سدائين پيار مان ملي ٿي. اهي به کيس گهڻو پيار ڪن... ۽ هيءَ هر وقت، اها تمنا ڏيکاريندي آهي ته، ”ڪاش! آءٌ هنن (سنڌياڻين) سان ڪا گهڙي گهاري سگهان!“ سنڌي زالن هميشہ، کيس رات رهڻ جي زور ڀري ’صلاح هنئي‘... ۽ ائين ’مهمان- نوازي‘ جو سهڻو ثبوت ڏنو‘ جِت (گهرن ۾) ساڻس ترجمان نه آهي، اُت هوءَ گونگن وانگر، اشارن مان ڪم ٿي وٺي ۽ اسان جي ملڪ جون زالون، گهڻو ڪري، سندس اشارا سمجهيو وڃن‘ ڪٿ چرچي ۾، انهن سان زور آزمائي به ڪري!

هيءَ جرمن مائي، نه رڳو زالن پر مردن سان به عزت ۽ قرب سان ملي ٿي! هوءَ پنهنجي ڪم ۾ سختيءَ جي ڪڏهن به قائل نه آهي. جڏهن به، ڪنهن ’سنڌي سڄڻ‘ جي گشن هڻڻ يا ڪجهه ٻڌائڻ کان نٽائڻ جي ڪري، منهنجي مُنهَن ۾ ڪو ڦيرو آيو ٿي يا ناراضگيءَ جا ڪجهه آثار ظاهر ٿيا ٿي، ته هن يڪدم چئي ٿي ڏنو ته؛

”ماڻهن جي رسمن ۽ رواجن جي جاچ ۽ پڇا ڳاڇا ڪندڙ شاگرد کي، ڪڏهن به اهڙين ڳالهين تي نارض ٿيڻ نه کپي ۽ نه وري کيس سختيءَ سان ڳالهائڻ گهرجي؛ پر کلمک طبيعت سان ئي هو پنهنجي ڪم ۾ سوڀارو ٿي سگهي ٿو!“

سندس انهن گفتن جي ڪري، هميشہ، منهنجي مُنهن جي حالت به مَٽي ٿي، ۽ اسان هشاش بشاش ٿي، ڪم کي لڳاسين ٿي!

نرم دل آهي ۽ نرميءَ کي پسند ڪري ٿي. سخي به ڏاڍي آهي. اوهين کيس ڪنهن غريب جي مدد لاءِ چئو، بيڌڙڪ هن جي مدد ڪندي. هڪ غريب جَت کي، جڏهن مون هڪ رپيو ڏنو، تڏهن پاڻ يڪدم مون کي پنج رپيا ڏنائين ته مان هن کي ڏيان. ۽ مون کي زبردستي رپيو واپس ڏئي ڇڏيائين. پاڻ هيءَ به چيائين ته، ”تون جنهن جي به مدد ڪرڻ چاهين، ته بيڌڙڪ چئي ڏي، ۽ مان ضرور ائين ڪنديس.“ پاڻهي به ڪيترن جي مدد ڪري ٿي. اهي ئي ڳالهيون، سندس رحمدل هجڻ جي به نشاني آهن.

سنڌي ٻولي نه سمجهڻ جي باوجود، هوءَ ”سنڌي ڪافيون“ تمام گهڻو پسند ڪري ٿي، ۽ ان ڪري، هن نه رڳو شاهه عبداللطيف ؒ جي ڪالم، پر ٻين سگهڙن جي ڪلام جا به رڪارڊ ڀريا آهن! اسان جي بزرگن لاءِ سندس دل ۾ عزت ۽ احترام آهي.

اها آهي جرمن خاتون، جا پنهنجو ملڪ جرمني ڇڏي، حقيقتن جي ڄاڻڻ، علم جي حاصل ڪرڻ ۽ موٽ ۾ ان جي خدمت ڪرڻ لاءِ، ايڏا ڪشالا ڪڍي ۽ ڏک ڏاکڙا سهي ملڪ ماري ٿي!

ڊاڪٽر هائينز ويسٽ فال. قد ۾ پورو پنو، بت ۾ ڀريل، منهن ۾ حشمت وارو، رنگ ۾ ساڳيو گورو ۽ عمر جو ڪرڙو، هيءُ ڊاڪٽر، مذڪور لائق زال جو مڙس آهي- ۽ جرمني جي شهر آزاد- برلن ۾ ڪنهن فني اداري جو استاد آهي. بت ۾ ڀريل هئڻ ڪري، سفر جي ڪشالن جو اثر مٿس گهٽ نظر اچي ٿو.

همت ۽ حوصلي ۾ هي ٻئي زال- مڙس هڪجهڙا آهن! زال لاءِ ڊاڪٽر صاحب کي ڪافي عزت ۽ پيار آهي؛ بلڪ زال جو هر چوڻ، هيءُ اکين تي رکي ٿو! ساڳئي وقت، زال به ساڻس ڪڏهن ضد نه ٿي ڪري. پر جي ڪنهن ڌر کان اهڙي غلطي ٿي به پوي، ته اهو ”ضد“ هڪ ٽهڪ يا هڪ چرچڙي ۾ گم ٿيو وڃي- ۽ حقيقت حال کي سڃاڻي، ٻنهي مان ڪو هڪ، فوراً کڻي ماٺ ڪري...!

مون سمجهيو ته، هيءُ جوڙو ”جوڙ“ آهي؛ پر اها آهي به حقيقت! طبيعت ۾ ڀلي ڪجهه فرق هجي، پر خيالن جي فرق کي هو ڪڏهن به ظاهر ٿيڻ نه ٿا ڏين... جنهن مان سندس جوڙ ثابت آهي. هڪٻئي سان همدردي، هنن ۾ اٿاهه اميد پيدا ڪئي آهي. هو، هر حالت ۾ هڪ آهن!

ڊاڪٽر هائينز، هڪ سنجيدو ۽ ٿڌي سڀاءَ وارو سخص آهي کل چرچي واري ڳالهه تي پيو مشڪندو، جنهن مان سندس سنجيدگي پئي بکندي! هو وقتي طور ٽهڪن ۾ به اچيو پوي سندس ٽهڪ ٻڌي ۽ اوهان به ضرور ٽهڪ ڏيندا! چرچو گهٽ ڪري، پر هر چرچي تي هو مشڪي يا کلي ضرور. سندس طبيعت مفڪرا نه آهي ۽ اوهين کيس مفڪر سمجهندا!

هو اوهان سان گهڻو بحث به ڪونه ڪندو؛ پر پنهنجيءَ ڳالهه لاءِ، هو معقول دليل پيش ڪندو ۽ اوهان کي لاجواب ڪري ڇڏيندو. هو پنهنجي ڳالهه تي زور به ڏيندو آهي- پر جي اوهان جا دليل پڪا ۽ پختا آهن، ته هو هر وقت مڃڻ لاءِ تيار ٿيندو. اوهين ڳالهه ڪريو؛ ته هو ڌيان سان ٻڌندو، پر هميشہ تفصيل سان پيو پڇاڳاڇا ڪندو ۽ ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو.

ڪم جو هيءُ به ڪوڏيو آهي. ساري ڏينهن جي مسافريءَ کان پوءِ به، جي ڪم هوندو ته ضرور ڪندو. موٽر جو گهڻو تڻو ڪم پاڻ ڪري ۽ سندس زال، ساڻس ٻِٽ بيهي ۽ ٻانهن ٻيلي ٿئي!

ڊپ جو نالو هِن جي دل ۾ به نه آهي. وهمي به نه آهي، بلڪ ڪنهن ڳالهه لاءِ، جنهن جي پڪ پوءِ ٿيڻي آهي، ڪڏهن به ”پڪ“ نه چوندو! هو ائين ئي چوندو ته ”مان سمجهان ٿو“ يا ”مون کي اهڙي اميد آهي!“ (I hope so!)

اوهان پڪ ڪرڻ چاهيو... ۽ اوهان کي جواب ملندو ته ”ڪنهن به ڳالهه لاءِ، جنهن جي پڪ نه آهي، ڪير به ”پڪ“ چئي نه ٿو سگهي!“

مطلب ته، همدردي ۽ وڏي اميد سندس دل ۾ موجود آهي ۽ ان ڪري ئي هو، زال جو ساٿي ۽ مددگار بنجي سفر تي نڪتو آهي.

(2)

اهي ئي آهن جرمني ملڪ جا ٻه عالم. جيڪي سال 1955ع ۾، موٽر جي ذريعي، جرمنيءَ کان عراق پهتا- ۽ اتي مارچ 1955ع کان فيبروري 1956ع تائين، جَت قوم جي جاچ ۽ کوجنا جاري رکيائون.

... سندن رپورٽ مطابق، عراق جو ڏاکڻون ڀاڱون سيلابي آهي ۽ مُند تي پاڻيءَ جي چاڙهه ڪري، اتي هميشہ ٻوڏون ٿينديون رهنديون آهن. ان ڪري هيءُ پاسو هميشہ پوسل وارو آهي ۽ هتي وڏيون وڏيون ڌُٻڻيون آهن. هتي سَر ۽ ڪانهه (يا ڪَلُ ۽ پَن؟) به جام اڀري ٿو. هيءُ پاسو خراب آب- هوا جي ڪري به رهڻ جي لائق نه آهي- ۽ هتي ڪو ماڻهو، ڏاڍين تڪليفن ۽ سورن سان پهچي سگهي ٿو. ... ته به، هتي هڪ قوم رهي ٿي، جنهن کي ”معدان“ (Ma’dan) چيو وڃي ٿو.

”معدان“ اصل ڪير آهن ۽ ڪٿان آيا؟- ان باري ۾، هو پنهنجي وڏن ۽ اصلوڪي ملڪ بابت ڪابه خاطر خواهه خبر ڏئي نه ٿا سگهن. ليڪن عربي روايتن ۽ ڪن تاريخن مان پتو پوي ٿو، ته سندن وڏا سنڌ جا رهاڪو- ”سنڌي“- هئا، جي عربن جي فتحن وقت سنڌ مان آندا ويا. تاريخون انهن کي ”زط“- يعني ”جَت“ چون ٿيون!

هن وقت هو مينهُن جا ڌڻ ڌارين ٿا ۽ ڪن وٽ ڳئون به آهن. سندن گهرڙا ”ڪکايون- جهوپڙيون“ آهن. مال ڌارڻ سان گڏ، هو ’تڏا‘ به جوڙين (شايد ڪَل يا پَن مان؟)، جن جو کاپو ساري عراق ۾ آهي. هن ماڻهن مان ڪي خانه بدوش ماڻهو به آهن.

بهرحال، هنن جرمن عالمن، عراق جي ان قوم جي رهڻي ڪهڻي، رسمن، رواجن ۽ روايتن جي پوري جاچ ڪئي- ۽ ان کان پوءِ، هو پنهنجي ملڪ موٽيا، جتي هنن ان قوم تي هڪ ڪتاب لکي پيش ڪيو.

... جيئن تحت، مذڪور جرمن عالمن کي، عراق جي ”معدان“ قوم جي حالتن ۽ ڳالهين ۽ پڻ تاريخن جي مطالعي مان اهو پتو پيو، ته ان قوم جو هر حالت ۾ ”سنڌ“ سان تعلق هو- ۽ اڄ به هن قوم جي ماڻهن جي رهڻي ڪرڻي، ۽ رسمون ۽ رواج اهڙا آهن، جيڪي ٿورو ڪي گهڻو سنڌ جي قوم ”جَت“ سان تعلق رکن ٿا؛ ان ڪري، هنن پنهنجي ڄاڻ کي وڌائڻ ۽ ”علم“ جي خدمت ڪرڻ لاءِ ضروري ڄاتو، ته ساڳي جاچ ۽ کوجنا جي سلسلي کي جاري رکي، سنڌ پهچي ”جَت قوم“ کي ڏسجي.

... فيبروري 1961ع ۾ هو ترڪيءَ مان ايران پهتا. ترڪيءَ ۾ هنن ٿوري جاچ ڪئي، مگر اتي کين ڪا ڪاميابي نصيب نه ٿي. ايران ۾، هنن اُتر علائقي ۾ سفر ڪيو- ۽ ان کان پوءِ ڏکڻ ايران ۽ پڻ اوڀر واري پاسي جاچ جاري رکي. سيستان جي علائقي ۾، هنن هڪ قوم اهڙي ضرور ڏٺي، جنهن جي ماڻهن جا گهرڙا، گهڻي ڀاڱي، عراق جي ”معدان“ ماڻهن جي جهوپڙين جهڙا آهن. ايران جي هِن قوم ۽ عراق جي هُن قوم ۾، ٻي ڪا خاص هڪجهڙائي نه ڏسي ڪري، هي عالم، مئي 1961ع جي آخر ڌاري پاڪستان پهتا.

پاڪستان ملڪ ۾، هنن پنجاب ۽ سنڌ ۾، اهڙي جاچ جاري رکي، جنهن ۾ هنن کي زبردست ڪاميابي نصيب ٿي.

هنن عالمن، پنجاب ۾ هڪ قوم ڏٺي، جا ’لکن‘ جي تعداد ۾ آهي. اهي پاڻ کي ”جاٽ“ چوائين ٿا. اڳين زماني ۾، هن قوم جا ماڻهو خانه بدوش هئا ۽ ڌنارن واري زندگي گذاريندا هئا. ان زماني ۾ هنن وٽ مٖينهُن جا وڏا ڌڻ هئا. ملڪ ۾ هن وقت ”پوک“ جي واڌاري جي ڪري، غير آباد ۽ جهنگ جهر واري زمين گهڻي ڪانه رهي اهي، ان ڪري اها ”جاٽ ذات“، هاڻي پوک کي لڳي وئي آهي. سندس زندگيءَ جو پراڻو نمونو نه رهيو آهي ۽ سندن ڪيتريون حالتون مَٽجي ويون آهن. هن وقت اتي، انهن مان ڪوبه خانه بدوش نه آهي.

البت، ملتان ۽ ديري غازي خان جي طرف ڪي اهڙا ماڻهو ضرور رهن ٿا، جي خانه بدوش آهن. اهي ماڻهو اٺن جا وڳ ڌارين ۽ چارين ٿا.

عربيءَ جو لفظ ”زط“ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو لفط ”جَت“ بلڪل ساڳي ڳالهه آهي. حرفن جي ’اُچار‘ ۾ فرق صرف ”ز“ ۽ ”ج“ جو آهي. سنڌي هندو، عربيءَ جي ”ظ“، ”ز“ ۽ ”ذ“ حرفن واري اُچارن کي تمام گهڻو ”ج“ حرف جي آواز ۾ اُچاريندا رهيا آهن. مثلا: ”ظلم“ مان ”جلم“، ”مزو“ مان ”مجو“ ۽ ”ذرو“ مان ”جرو“. عربيءَ جي حرفن ”ت“ ۽ ”ط“ جي ’اُچارن‘ ۾، اسين ڪوبه ’فرق‘ نه ڪندا آهيون. ان ڪري ”زط“ لفظ ڦري ”جَت“ ٿيو، يا جي ”جَت“ اصل سنڌ جا هئا ۽ پوءِ عراق پهتا؛- ۽ عربن کي ”جَت“ جي بدران ”زط“ چيو ته، اها ڪابه نئين ڳالهه ڪانهي- بلڪ صحيح آهي.(1)

ان جي ابتڙ، ”جاٽ“ ۽ ”جَت“ لفطن ۾ وڏو فرق نظر اچي ٿو. ۽ اهو نه رڳو هنن جرمن عالمن، پر اسان لاءِ به مونجهاري وارو آهي. افسوس ته اهو آهي، جو سنڌ جي هڪ تاريخ ۾ ”جاٽ“ لفظ جي، هڪ وار سمجهاڻي ڏئي، ان ساڳي گروهه جي ماڻهن لاءِ ”جَت“ لفظ ٻڌايو ۽ مقرر ڪيو ويو آهي؛ پر اڳتي هلي، ساڳيءَ ذات جي مختلف ماڻهن لاءِ ”جاٽ“ ۽ ”جَت“ لفظ، جدا جدا استعمال ڪيا پئي ويا آهن! ان مان اهوئي سمجهجي، ته ”جاٽ“ ۽ ”جَت“ ٻه جدا ذاتيون هيون ۽ آهن!؟ پر هنن عالمن جو خيال آهي، ته انهن ٻنهي لفظن وارو فرق به فقط زبان جي ڪري آهي؛ ۽ جنهن جو موجوده مثال هيءُ آهي، ته ”جاٽ“ کي پنجابي ٻوليءَ ۾ ”جاٽ“... ۽ اردو زبان ۾ ”جَت“؟ پئي اُچاريو ويو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ته اڳي ئي ”جَت“ لفظ موجود آهي.

سنڌ ۾ هنن عالمن، اول، لاڙ ۽ سامونڊي ڪناري واري ايراضيءَ کان جاچ جوچ شروع ڪئي، ۽ هنن پنهنجو ”مرڪز“ جاتيءَ کي بنايو. سندن ٻڌايل تفصيل مطابق، هن پاسي هزارن جي تعداد ۾ جت رهن ٿا؛ جن مان پنجاهه سيڪڙو کن ماڻهن وٽ اُٺن جا وڳ آهن. هي اُٺن وارا، گهڻو ڪري سامونڊي ڪناري واري وٽ سان، اُٺ چارين. اهي ماڻهو گهڻو ڪري خانه بدوش آهن. وڌيڪ تفصيلن مان هيءُ به پتو پوي ٿو، ته اهي اٺن کي چارڻ سانگي، ڪناري واري وٽ ڏئي، ٿرپارڪر ضلعي ۾ رحمڪي بازار تائين به وڃن ٿا. ليڪن تازي معلومات مان، اها به خبر پئي آهي، ته هو رحمڪي بازار کان گهڻو اڳتي به وڌي وڃن ٿا ۽ وري مٿي عمرڪوٽ تائين به پهچي وڃن ٿا. باقي پنجاهه سيڪڙو ’جَتن‘ وٽ مينهن جا ڌڻ آهن ۽ ڪن ٿورن وٽ رڍون ۽ ٻڪريون به آهن.

هونئن ته هن پاسي جَتن جا ڪئين ”پاڙا“ رهن ٿا؛ پر انهن سڀني مان ”دَبائي“ جت شمار ۾ گهڻا آهن. ان کان پوءِ ”فقيراڻي“جَتن جو پاڙو آهي. جَتن جو هيءَ گروهه خانه بدوش آهي ۽ سندن گهرڙا ”پکن“ جا هوندا آهن... جنهنڪري کين چيو ئي ”پکا- راڄ“ ويندو آهي. جَتن جي هن گروهه جو ڌنڌو اُٺ ڌارڻ ۽ چارڻ آهي. هنن جرمن عالمن جي چوڻ مطابق، هنن فقيراڻي جَتن جي گهرڙن جي بناوت نهايت ئي انوکي ۽ خاص قسم جي آهي؛ ۽ سندن ريتون، رسمون ۽ رواج به، سنڌ جي وچولي ۽ اترئين ڀاڱي جي جَتن کان مختلف آهن. ائين برابر آهي، ته ڪن ڪن ڳالهين ۾ ڪجهه فرق به آهي- پر هو انهن ڳالهين تي پورو زور ڏين ٿا ۽ مٿن پابند آهن، جنهن ڪري انهن فَرقن کي اهميت به ڏئي سگهجي ٿي.

”دَبائي“ جَت، جن جو تعلق تمام گهڻو آهي، سامونڊي ڪناري تي ۽ ان جي وٽ سان رهن ٿا، هنن مان ڪن ٿورن وٽ مينهون آهن ۽ ڪي ٿورا پوک به ڪن ٿا- باقي سڀ مڇي مارڻ تي گذر سفر ڪن!

(3)

سنڌونديءَ جي ڊيلٽا ۽ سامونڊي ڪناري واري پاسي، اسان ’دَبائي جَتن‘ جو هڪ وڏو ڳوٺ ڏٺو. سندس روايت مطابق، سندن وڏا ”حلب“ کان آيا؛ اُٺ چاريندا هئا ۽ خانه بدوش هئا. گهڻو وقت اڳ، هو هتي اچي رهيا؛ ڇاڪاڻ ته هتي جهنگ جهر هو ۽ وڏي ويءَ هئي. اڳي هتي پاڻي ڪونه هو؛ پر پوءِ هتي پاڻي آيو ۽ هنن مڇيءَ مارڻ جو ڌنڌو اختيار ڪيو.

... هي ’دَبائي جَت‘، هن وقت به مڇي مارڻ جو ڌنڌو ڪن ٿا. انهن وٽ باقاعدي ”بتيلا“، ”هُڙهيا“ ۽ وڏيون ٻيڙيون به آهن. هو پاڻ کي مڇيءَ مارڻ جو ماهر به سمجهن ٿا- ۽ بعضي ته سمنڊ ۾ ميلن تائين به هليا وڃن ۽ وڏن وڏن رڇن سان مڇي مارين. ساڳي وقت هنن وٽ اُٺ به آهن. پنهنجي گهرڙن کي کي ”پکا“ چون. سندن گهرن جو نمونو ”پترائين“ يا ”ڀتائين“... پر ”ڇپرائين گهر“ جهڙو آهي. جيڪڏهن ڪا نئين ڳالهه انهن گهرڙن ۾ آهي، ته اها هيءَ، جو اهي ساري جا سارا ”پَن“ مان ٺهيل ’تڏن‘ جا آهن. ڊاڪٽر زيگرڊ ويسٽ فال جو چوڻ آهي ته، ’هِنن دَبائين جي گهرن ۽ فقيراڻي جَتن جي گهرن ۾ ڪوبه فرق ڪونهي.‘ هن جي گهرن جي ڇت هوبهو ”ڇَپَر“ وانگر آهي... پر ڇپر جي مقابلي ۾، هنن جو ’ڪَرنگهو‘ بلڪل ننڍو اهي... ۽ ان لاءِ هڪ سبب هيءُ به آهي، ته گهرڙا خود ننڍا آهن؛ يا تڏا ڇپر جيڏا نه آهن.

اسان وٽ ”جَت ذات“ جي ماڻهن بابت عام خيال- بلڪ ”جَت“ لفظ جو به ’عام مفهوم‘ اهو آهي، ته ”جَت“ معنى اُٺ ڌاريندڙ۽چاريندڙ! ليڪن جت مڇي ڇوٿا مارين؟ پر پهريائين اهو به ڏسجي ته اهي اُٺ چاريندڙ مڇي ماريندڙ“ جَت، پاڻ کي ”جَت“ چوائين به ٿا؟ حقيقت ۾، اهي ”دَبائي“ پاڻ کي ”بلوچ- جَت“ يا ”جَت – بلوچ“ چون ٿا، سندن چوڻ مطابق، هُو ”ڪرمتي (قرمطي) بلوچ“ آهن؛ ۽ جَتڪي ڌنڌي- يعني اُٺن چارڻ جي ڪري ئي هنن جي اصل ذات ’بلوچ‘ سان لفظ ’جَت‘ ڳنڍيو ويو آهي؛ جنهن لاءِ، ظاهر آهي، ته کين به ڪو اعتراض نه رهيو آهي.

... پر، هوڏانهن ”ڪرمتي بلوچ“ ۽ خود انهن بلوچن- ۽ پڻ مذڪور دَبائي گروهه جي سردار، ”مَلڪ“ جو چوڻ آهي، ته انهن دَبائين جي حق ذات- ”جَت“ سان ”بلوچ“ لفظ ان ڪري ملي ويو آهي، جو هو بلوچن جي سرداريءَ هيٺ- ۽ بلوچن جي ”راڄ“ ۾ رهندا پئي آيا آهن.

نهايت دلچسپ نڪتو هيءُ به آهي، ته ڪرمتي بلوچن مان به هڪ گروهه اهڙو آهي، جو صدين کان اُٺ ڌاريندو ۽ چاريندو آيو آهي ۽ هاڻي به انهن ماڻهن وٽ اُٺن جا وڳ آهن، ۽ هو ڏاچين جو کير به پين. پر اهي ڪڏهن به ’ڪرمتي- جَت‘ يا ’بلوچ- جَت‘ نه سڏيا ويا آهن، يا ڇو نه ٿا سڏيا وڃن؟ ڪرمتين جو اهو گروهه ٻين سڀني بلوچ پاڙڻ کان ڪرمتي- پاڙي کي اعلى مڃرائڻ لاءِ پورو زور ڏيندو؛ پر هيءُ به مڃڻ لاءِ تيار ٿيندو، ته سندن گروهه جي ماڻهن کي ڪي به ٻيا ”چوکي ذات وارا“ (جي پاڻ کي سمجهن ٿا) ڪڏهن به سڱ ڏيڻ لاءِ تيار نه ٿيندا؛ جنهن ڪري اهي ميربحرن مان به شادي ڪندي ويرم ئي نه ڪن!

... وري هوڏانهن مذڪور دَبائي گروهه جا ماڻهو، جيڪي اُٺن ڌارڻ سان گڏ، سڀيئي مڇيءَ مارڻ جو ڪم به ڪن، ”ميربحرن“ سان اهڙي تعلق رکڻ لاءِ تيار نه آهي. پر هتي هيءُ به سوال آهي، ته انهن دَبائين کي ”جَت – ميربحر“ يا وري ”بلوچ ميربحر“ ڇو نه ٿو چيو وڃي؟ ڇا دَبائين جو اهو گروهه، اها ڳالهه برداشت به ڪري سگهي ٿو؟ اهي سڀ سوال مزيدار ۽ دلچسپ ٿي چڪا آهن، جن جي جوابن ڳولي لهڻ ۾ ”قومن ۽ ذاتين“ جو طالب العلم بي انت خوشي محسوس ڪري ٿو...!

جيڪڏهين اسين ائين چئون، ته سنڌ ۾ جَتن جا ٽي ڪِ چار يا پنج - ڇهه وڏا گروهه آهن ۽ اهي، لاڙ، وچولي اتر سنڌ ۾ رهن ٿا، ته اها ڳالهه قطعي غلط ٿيندي. حقيقت ۾، جَتن جي قوم ساري سنڌ ۾ پکڙيل آهي ۽ ان ”پکيڙ“ جي ڪري، جَت قوم کي اها آساني ٿي آهي، جو ان جا ڪيترائي ماڻهو- بلڪ پاڙن جا پاڙا، ڪيترين ئي حالتن هيٺ ۽ ڪيترن ئي ڄاتل سببن جي ڪري آهستي آهستي بلوچن جي ننڍن يا وڏن پاڙن سان ملي وڃڻ جي جدوجهد ڪري سگهيا آهن. جيتوڻيڪ، هينئن، هنن لاءِ پنهنجي ”جَت ذات“ مان چڙهي، ”بلوچ ذات وارا“ ٿيڻ ۾ ڪافي رنڊڪون به پئي رهيون آهن- پر، جيڪڏهن هو اهڙي هنڌ تي پهتا آهن، جتي هو بنهه نوان آهن- ۽ ساڳئي وقت هنن پنهنجن ٻين گروهن سان به تعلق ڇڏي ڏنو آهي، اتي هو بلاشبهه فائدو وٺي سگهيا آهن- ۽ ”بلوچ“ بنجي ويا آهن.

هجرت سان گڏ، ٻيون به ڪي اهم ڳالهيون آهن، جي ”گهٽ ذات“ مان چڙهي، ”اوچي ذات“ ۾ اچڻ لاءِ مددگار ثابت ٿين ٿيون. اول ته، جيڪڏهن ڪو گروهه پري وڃي، ذات مٽائي سگهيو آهي، ته پوءِ سندس اها ڪوشش جاري رهي ٿي، ته جنهن ”نئين ذات“ ۾، ان گروهه جا ماڻهو آيا آهن، سي ڪنهن به طرح، ان ذات وارن اصلوڪن ماڻهن سان هر لحاظ سان ڳنڍجي وڃن. سڀني ڳالهين مان ضروري ڳالهه مٽي مائٽي آهي- جا نه رڳو سڱن ڏيڻ، پر سڱن وٺڻ تي به ٻڌل رهي ٿي. ائين ڪرڻ سان، ذات مٽائيندڙ گروهه جي نئين- پر؛ ”پاڻ واري ذات کي، اصل ذات وارا نه رڳو تسليم ڪندا؛ بلڪ پنهنجي مائٽيءَ واري خيال کان، ان ٻئي گروهه جي لاءِ، پاڻ واري ذات کي، ٻين کان قبول ڪرائڻ جي لاءِ به زور لائيندا. هتي هڪ گروهه جي ذات مٽائڻ جي فائدي ۾ ٻه طاقتون ڪم ڪن ٿيون.

پر، سوال فقط هيءُ آهي ته، ڇا جَت ذات وارا ائين ڪري سگهيا آهن؟ ان هڪ سوال سان گڏ ٻيا به ٻه سوال اٿن ٿا- ۽ اهي هيءُ ته، جَت، بلوچ ٿيڻ ڇو ٿا گهرن؟ ۽ ٻيو ته، هنن جي نظر ۾ رڳو ’بلوچ ذات‘ ئي اوچي ڇو آهي؟

گڏيل روايتن مطابق، جَتن ۽ بلوچن جو هميشہ، پاڻ ۾ واسطو پئي رهيو آهي. بلوچ هميشہ، جتن کي پنهنجي هٿ هيٺ رکندا پئي آيا آهن. جنهنڪري، جت قوم جي ماڻهن، پنهنجو ڀلو ۽ بچاءُ، بلوچن جي هٿ هيٺ رهڻ ۾ پئي ڏٺو آهي، هڪ ڌُر جي لاڳيتي ’زور‘ ۽ ٻيءَ ڌُر تي لاڳيتي ’اثر‘ جي ڪري، نتيجو هيءُ پئي نڪتو آهي، جو ٻيءَ ڌُر- يعني جتن، پنهنجي سڀني مشڪلاتن جو حل ’بلوچ ذات‘ سان گڏ رهڻ ۾ ڏٺو- ممڪن آهي ته ان ڪري ئي ’بلوچ ذات‘ کي ”اوچي ذات“ ڪري مڃيائون. پنهنجي شخصيت ۽ حيثيت مڃرائڻ، انسان جي فطرت آهي. ان فطرت جي تحت، جت قوم، بلوچ قوم ۽ مدغم ٿي وڃڻ، يا گهٽ ۾ گهٽ، ”بلوچ ذات“ واري چوائڻ لاءِ، جدوجهد پئي ڪئي آهي.

ليڪن مزيدار نڪتو هيءُ آهي ته جَت ذات وارن، جنهن ٻيءَ ذات وارن سان ملي وڃڻ پئي چاهيو آهي، اهائي ذات، سندن لاءِ سخت رنڊڪ پئي ثابت ٿي آهي (جيتوڻيڪ جَتن جا ڪيترا پاڙا ۽ گروهه ذات مٽائڻ- ۽ بلوچ ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن.)؛ ڇو ته مذڪور جدوجهد جو رد عمل بلوچن ۾ به پئي پيدا ٿيو آهي. بلوچن، هڪ لحاظ کان، جَتن کي هٿ هيٺ رکڻ ۽ ٻئي لحاظ کان، انهن کي پري رکڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. نتيجي ۾، جَت ذات وارا، بلوچ قوم وارن کي سڱ ڏئي ته سگهيا آهن- پر وٺڻ ۾ انهن کي ڪا ڪاميابي نصيب نه ٿي آهي.

”مير جَت، جَتن جي ٻين سڀني پاڙن کان، پنهنجو پاڙو ”اوچو“ ٿو سمجهي- ۽ هن پاڙي وارا جَت، نڪي ٻين پاڙن وارن جتن ۽ نه ئي بلوچن کي سڱ ڏيڻ قبوليندا هئا. ليڪن، اڄ هيءُ پاڙو پنهنجا سڱ بلوچن ۾ ڏئي ٿو. جَتن جي هن وڏي پاڙي جا ڪيترائي گروهه آهن، جني مختلف هنڌن تي رهن ٿا. انهن مان ڪي گروهه ”رند بلوچ“ ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪا آهن. مير جتن جي هڪ گروهه وارن، جتن کان ٻاهر،ٻين گهٽ ذات وارن کي به سڱ ڏنا آهن- ۽ ائين هو ’مٿي چڙهڻ‘ جي عيوض، هيٺ لهي ويل ٿا ڏسجن. پر، ان گروهه جي ماڻهن ۾ اهڙو احساس، ضرور معلوم ٿيو. ان ئي پاڙي جا ڪي گروهه، اهڙين حالتن هيٺ آهن، جو في الحال، هو ”بلوچ“ ٿي نٿا سگهن.

ڏٺو ويو آهي، ته مير جتن کان سواءِ، ٻين سڀني جتن جي ٻولي”سرائڪي“ آهي. مير جتن جي ٻوليءَ کي ”جَتڪي- ٻولي“ چئجي ٿو. ائين چئي سگهجي ٿو ته اها ٻولي سرائڪي، سنڌي ۽ ڪوهستاني لهجي مان ٺهي آهي. هاڻوڪي سنڌيءَ جو منجهس ڪوڪو لفظ ملندو. ان جي ابتڙ، شاهه جي زماني واري سنڌيءَ جا چڱا لفظ منجهس موجود آهن. ٻيا به ڪي لفظ ان ۾ موجود آهن، جن لاءِ في الحال ڪجهه چئي نٿو سگهجي.

ڪنهن قوم يا ڪنهن ذات جي سڃاڻپ ۾ ٻوليءَ کي به وڏو دخل آهي، جيتوڻيڪ اسان ڏٺو، ته ”مير جت“ به، ’جَت‘ ئي آهن، پر سندن ٻولي، ٻين سڀني جَتن جي ٻولي... ”سرائڪيءَ“ کان نرالي آهي، ليڪن، مير جتن جو هڪ اهڙو گروهه به آهي، جنهن پنهنجي ٻولي ”جَتڪي“ ڇڏي، سرائڪي اختيار ڪئي آهي. هتي به اسان کي هڪ دلچسپ نڪتو ملي ٿو. ”مير جَت“ سڀني جَتن مان اوچو پاڙو چيو ويو آهي؛ پر، سندن انوکيءَ ٻوليءَ کي وري ننديو پئي ويو آهي. ان جي برعڪس، جيڪي جَت سرائڪي ٻولي ڳالهائين ٿا، سي فخر ڪن ٿا. ان جو نتيجو هيءُ نڪتو آهي، جو مرڳو ”مير جَت“ پاڻ، ٻين سڀني جَتن کان وڌيڪ نندجڻ لڳا آهن. ڇا اهوئي سبب آهي، جنهن ڪري مذڪور گروهه، پنهنجي اصل ٻولي ڇڏي، سرائڪي اختيار ڪري، بلوچن جي وڌيڪ ويجهو ٿيڻ گهرن ٿا؟

هن مطالعي مان اسان کي ڪيتريون ئي دلچسپ ڳالهيون معلوم ٿيون. مٿي ٻڌايو ويو آهي ته جَتن جا ڪي پاڙا ۽ مختلف پاڙن جا ڪي گروهه ”بلوچ“ ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. اسان اهو به ڏٺو، ته مير جَتن جا ڪي گروهه ”رند بلوچ“ بنجڻ ۾ سوڀ حاصل ڪري چڪا آهن.

... ”لِشاري“ اصل جت چيا وڃن ٿا ۽ اڄ به جَت آهن؛ پر هنن جَتن لاءِ، سندن ذات وارو نالو نهايت ئي مفيد ٿيو آهي ۽ هو ٻين پاڙن جي مقابلي ۾، آسانيءَ سان ”لاشاري بلوچ“ بنجي سگهن ٿا. ”پهوڙ“ به اصل جَت چيا ويا آهن؛ ليڪن اڄ هو مڪمل طرح بلوچ چوائين ٿا. پر، بلوچن سان باقاعدي ملي وڃڻ ۾، اڃا کين ڪي رنڊڪون درپيش آهن. اهڙيءَ طرح، ”سنجراڻي“، جَت ذات مان ”لغاري بلوچ“ ۽ ”ديناري جَت“، ”بُگٽي بلوچ“ بنجڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪا آهن.

دادو ضلعي جا ”ٻٻر“ پاڻ کي ”بلوچ“ ۽ حيدرآباد ضلعي جا ”ٻٻر“ پاڻ کي ”جمالي بلوچ“ چوائين ٿا. هوڏانهن قلات علائقي ۾ ”جت- ٻٻر“ موجود آهن. هنن وٽ اُٺن جا وڳ آهن. سندن زندگيءَ جو دارومدار اُٺن ڌارڻ ۽ چارڻ تي آهي. هو نه رڳو ڏاچين جو کير پين ٿا، پر وقت اُٺ جو گوشت به کائين ٿا. سندن گهرڙا ’تڏن‘ جا آهن، جي ’پيش‘ مان ٺاهين. تڏن وارن گهرڙن کي ”تڏاوان“ چئبو، پر هو ”ڪِڙي“ به چون. پَکا به ڪم آڻين. هو خانه بدوش آهن. انهن وٽ ’اُٺ ذات‘ لاءِ وڻندڙ ۽ مزيدار قصا، ڪهاڻيون ۽ روايتون آهن. هو اُٺ لاءِ ’بيوقوف‘ لفظ ڪم آڻيندڙ کي خود بيوقوف سمجهن ٿا. سندن ريتن ۽ رسمن ۾ ڪا خاص نئين ڳالهه نه آهي. سندن روايت مطابق، ”ٻٻر“ ذات جا اصل ”جَت“ آهن... ۽ اصل کان ئي اُٺ ڌاريندا ۽ چاريندا آيا آهن. ”ٻٻر“ سندن پاڙو آهي. هنن جَتن سان گڏ، هڪ ٻيو به گروهه آهي، جو ”ٻوراڻا“ جَت چوائي ٿو. هنن ٻنهي گروهن جا ماڻهو، جيتوڻيڪ خانه بدوش آهن، ته به جي پنهنجي گهرن کان پري هوندا، ته خانه بدوش نظر نه ايندا. رڻن پٽن ۽ جبلن ٽڪرن ۾ رهڻ جي باوجود، گفتگوءَ جا پڪا، بحث ۾ هوشيار ۽ پختا ۽ ڳالهين ۾ ڀَڙ آهن. زالن ۾ گهٽ فرق آيو آهي؛ تڏهن ٿورو به ’ڳهن‘ ۽ ڪپڙي لٽي ۾ فرق ايندو پيو وڃي. ڪوبه وقت مقرر ڪري نٿو سگهجي، ليڪن حالتن هيٺ، سندن زندگيءَ ۾ ضرور فرق ايندو.

هنن سڀني ڳالهين مان اهو مطلب نٿو ڪڍي سگهجي، ته ڪو اُٺَ ڌاريندڙ ۽ چاريندڙ جت، پنهنجي ان زندگيءَ مان ڪڪ آهن. هو پنهنجي ان ڌنڌي کي نهايت ئي عزيز ۽ عزت وارو سمجهن ٿا. شايد، ان جي خلاف ڪجهه ٻڌڻ به برداشت نه ڪن. سندن نظر ۾، اهي جُت قطعي بي سمجهه آهن، جن اُٺ وڪڻي پوک جو ڌنڌو اختيار ڪيو آهي. ساڳئي وقت، هو پوک جي ڌنڌي کي خراب به نٿا چون، بلڪ پسند ڪن ٿا. هو پوک ڪندا، پر اُٺ ڪڏهن به نه وڪڻندا. ليڪن حقيقت هيءَ آهي، ته پوک کانئن ”اُٺ“ کسي رهي آهي. ملڪ ۾ گهڻن واهن نڪرڻ ۽ عام آبپاشيءَ جي ڪري غيرآباد زمين... پَٽ ۽ جهنگ جهر ختم ٿيندا پيا وڃن. اڄ کان ٻارهن سال اڳ، اُٺ ڌاريندڙ ۽ چاريندڙ جَتُ، اڄ آبادگار آهي. سندس رهڻي ڪرڻي، هلت چلت، توڙي لباس به اهو نه رهيو آهي، جو ٻارهن سال اڳ هو. انهن ئي ڳالهين جي ڪري، سندن ريتن ۽ رسمن ۾ به ڪجهه نه ڪجهه، فرق ايندو پيو وڃي. ان ڪري ئي، ڊاڪٽر زيگرڊ ويسٽ فال چيو ته، ”سنڌ جي جَتن بابت پوري جاچ ڪرڻ جو وقت هيءُ آهي... ته به، مان ٻارهن سال دير سان پهتي آهيان.“

... ڪيئن به هجي، پر هنن عالمن، هن وقت مان پورو فائدو وٺي، سنڌ جي جَتن بابت تحقيق ۽ کوجنا مڪمل ڪئي آهي، ۽ هر پهلوءَ کان، جَتن جي زندگيءَ جي ڄاڻ، سندن ئي طرفان پيش ٿيندڙ ڪتاب مان حاصل ٿي سگهندي.

اهي عالم، 7-12-1961ع تي، هتان حيدرآباد کان لاهور روانا ٿي ويا؛ جتان هو، ساڳيءَ جاچ جي سلسلي ۾ هندوستان پهچندا ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ موٽي پنهنجي ملڪ جرمنيءَ ويندا.


 


(1) حضرت علي ڪرم الله وجہ جي بيت المال جا راکا ”زط“، هئا، جي سنڌي هئا. – (گرامي)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com