سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1962ع

مضمون

صفحو :10

 

شائق قيصري

ٽالپرن جي عهد حڪومت ۾ سندن آداب نويسي

ميرن جي بادشاهي ۾ حڪومت طرفان جن ماڻهن کي خط يا فرمان لکيا ويندا هئا. تن جون عبارتون سڀڪنهن قبيلي ۽ ماڻهن لاءِ درجي وار عزت موجب جدا جدا مخصوص ٿيل هيون. جڏهن مير صاحب پاڻ ڪابل جي بادشاهه ڏي عُريضه موڪليندا هئا ته هميشہ پاڻ کي گهٽ ۽ غلام ڪري لکندا هئا: جيئن ته اول مٿان عنوان ۾ ”ڪمترين غلام خاک برداشته شاهه وردي خان ٽالپر“ لکي پوءِ آداب نياز سان مضمون شروع ڪندا هئا. جيڪڏهن وچ ۾ بادشاهه جو تذڪرو ايندو هو ته ”اعلى حضرت قضا قدرت ظل سبحاني“ جا لفظ استعمال ڪندا هئا ۽ جيڪڏهين مضمون ۾ وزيرن ۽ جنگي سالارن يا ٻين سردارن جو ذڪر ايندو هو ته انهن جي نالن اڳيان ”عاليجاه رفيع جائگاه“ جو لقب ڏيئي پوءِ ان جو نالو لکندا هئا، ۽ شاهي خاندان جا ٽالپر پاڻ ۾ ”برادر مهربان عطوفت ورافت نشان“ جي عبارت سان هڪٻئي کي خط لکندا هئا، ۽ ڪابل ۾ سندس پاران جيڪي مسلمان وڪيل رهندا هئا تن کي ”شيخت و رفعت پناهه صداقت دستگاه“ ڪري لکندا هئا ۽ هندو وڪيل کي ”وڪالت پناه صداق دستگاه“ ڪري لکندا هئا. وري جيڪي سندن غير بلوچ ڪاردار يا نوڪر هوندا هئا تن کي به درجي وار ”عقيدت ماب“ يا ”معتمد قديم الخدمت“ جي عبارت سان فرمان لکندا هئا. ۽ هندو ڪاردار يا نوڪر هوندو هو ته ان کي ”عزت دستگاه“ جي عبارت لکي ان جي نالي اڳيان لفظ ”مهتو“ ضرور لکندا هئا. باقي جيڪي هندو وڏي عزت وارا هوندا هئا. تن کي ”ديوان“ يا ”عامل“ لفظ سندن نالي اڳيان لکندا هئا. جهڙيءَ طرح ”ديوان گدومل“ اهڙيءَ طرح بلوچ قوم جي ماڻهن کي خصوصاً نظاماڻي، لغاري، ڀرڳڙي، مري، نوحاڻي، جمالي وغيره پوءِ ڀل کڻي سندن ڪارداري يا نوڪري ۾ هجن ته به انهن کي جڏهن خط يا فرمان لکندا هئا ته ”اخوت پناهه“ يا ”اخوي اعزي“ جي عبارت سندن لاءِ مخصوص هوندي هئي. مثال طور نواب ولي محمد خان لغاريءَ کي سندس ڪارداري جي ايامڪاري ۾ هيٺيون خط لکيو اٿن جيڪي انشاء حسام الدين ۾ لکيل آهي. جنهن ۾ کيس لکيو اٿن ته اها ديهه ٽالپر جيڪا درٻيلي پرڳڻي ۾ آهي سا اسان شهڪ فقير نوحاڻي کي ڏني آهي تنهنڪري انهيءَ ديهه جو قبضو کيس ڏيئي ڇڏيندا.

اخوت پناه ولي محمد فقير لغاري ڪاردار پرگنه درٻيله مسرور باشد، درين وقت از روئي شفقت و مرحمت ديره داري ده ٽالپر عمله پرگنه درٻيله من ابتداء فصل ربيع سن 1230 بنام اخوي اعزي شهڪ فقير نوحاني مقرر فرموده شد لهٰذا قلمي يافت ڪه ديره داري ده مذڪور من فصل مذڪور باسم اخوي رافع مقرر و بحال دانسته ابواب فروعي وغيره وجوه ديره داري بتصرف موفي اليه واگذارند ڪه بران قابض بوده تقديم خدمات سرڪاري ساعي باشد. – نهم شوال المعظم سن 1207.

اهڙيءَ طرح مير صاحب سڀني بلوچن کي ”اخوت پناهه“ ڪري خطاب ڪندا هئا. باقي سردار قيصر خان نظاماڻي جيڪو سندن خاص صلاحڪار مدار المهام ۽ مشير خاص هو تنهن کي ٻين کان وڌيڪ عزت ڏيندا هئا ۽ کين خط لکندا هئا ته ”اخوت پناهه“ کان پوءِ ”برادر عزيز القدر گرامي“ جا لفظ وڌائي پوءِ سندس نالو لکندا هئا ۽ جنهن به خط ۾ سندس تذڪرو ايندو هو ته سندس نالي جي اڳيان ”برادر عزيز القدر گرامي مقدار“ جي عبارت لکي پوءِ سندس نالو لکندا هئا. انشاء حسام الدين مان هڪ خط جو نمونو ڏجي ٿو.

اخوت پناه برادر عزيز القدر گرامي قيصر خان فقير نظاماني مسرور باشد، درين وقت مشاده ابلاغ و انفاذ ماليات ديواني سنوات سابقه و فصل حال در حضور در پيش. وهم عاليجاه رفيع پائگاه بهرام خان از عاليجاه امير محمد نصير خان مخفي طور بلا رخصت گريخته درين جا وارد. و استدعائي امداد ڪومڪ دارد و نوشتجاب مرهته محتوي بر بعضي خيالات خام در حضور رسيده بنابران نگارش يافته ڪه شما زود خود را در حضور رسائيد ڪه بحسب مشوره... جملگي محاڪات بخديڪ شايان باشد بعمل آيد و در آمدن خود فرصت نورزيد. – نهم شوال المکرم

مٿئين خط مان معلوم ٿيندو ته مير صاحب کيس ٻڌائي ٿو ته حال سال ۽ گذريل سال جي ماليت جو نقشو پيش آهي ان بابت به ڪجهه سوچڻو آهي ۽ جيڪا ضروي ڳالهه آهي سا هيءَ آهي ته بهرام خان بروهي امير نصير خان (قلات) کان لِڪي ڀڄي آيو آهي ۽ وٽس ڪا مرهٽن جي لکپڙهه به آهي جنهن کي مير صاحب اگرچ خام خيال ٿو سمجهي مگر تنهن هوندي به کيس تاڪيد طور لکي ٿو ته جلد پهچي وڃو ته انهن ڳالهين جو مشورو ڪري ڪو مناسب حل ڳولي ڪڍون ۽ ان موجب هلت ڪريون ڏسجي ٿو ته مير صاحبن جو سردار قيصر خان نظاماڻي خاص رازدار ۽ دست راست هو ۽ حڪومتي ڪمن ۾ هميشہ سندس صلاح مشوري تي هلندا هئا خاص ڪري ڪو مشڪل مسئلو حل ڪرڻو هوندو هونِ ته اتي هن کي موڪليندا هئا.

جيئن ته جڏهن ميان عبدالنبي هالاڻي جي جنگ هارائي ۽ تيمور شاهه وٽ مدد لاءِ پهتو تڏهن بلوچن جي برخلاف شاهه کي اهڙو ڀڙڪايائين جو شاهه اچي بلوچن تي ڪاوڙيو جنهن تي ديوان گدومل ميرن کي صلاح ڏني ته اوهان به پنهنجا قابل وڪيل تيمور شاهه وٽ موڪليو جي اچي شاهه کي سمجهائين تنهن بابت سيد عظيم الدين ٺٽوي ”فتح نامه“ ۾ سردار قيصر خان جي دانشمندي جو هن طرح اعتراف ڪري ٿو:

چو ديوان گدومل آن هوشيار،

شنيد اين خبر پي به پي بار بار،

رسانيد در عرض عالي حضور،

که شد در تقابل جوابش ضرور،

وڪيلان فرزانه و هوشمند،

به اردوئي شاهي روانه شوند،

غلام علي مير دانش بلند،

بفرمود تجويز ديوان پسند،

شدندش به آخر حضور انتخاب،

يکي مير ممتاز آصف جناب،

دعا گوئي دولت براهيم شاه،

دگر خان فرزانه دانش پناه،

بهمت جوان و بتدبير پير،

خردمند ديرينه قيصر فقير،

که مردانه در پيشگاه جلال،

عدو را بحجت دهد ز انفعال،

باعزاز و اڪرام راهي شدند،

روانه با ردوئي شاهي شدند،

وڪيلان دانا بفرزانگي،

نمودند ملزم به عبدالبني،

بشوڪت وڪيلان سرڪار مير،

رسيدند خوشدل بدر بار مير.

خير آمديم برمطلب ته مير صاحب بلوچ قبيلن سان نه فقط پاڻ لکپڙهه ۾ رواداري ۽ لحاظ رکندا هئا پر پنهنجن نوڪرن ۽ منشين کي به هدايتون ڏيندا هئا ته بلوچ سردارن سان سوال جواب ۾ هم ڪلام ٿيو ته ساڻن ڪهڙي طرح ادب سان پيش اچو ۽ مهمانداري ۾ انهن جي پوري طرح رسائي ڪريو.

هڪ خط جو نمونو ڏجي ٿو جيڪو مير صاحب ڪنهن جنگي محاذ تي پنهنجي منشي مهتي پارومل کي لکي ٿو: ته آدم خان مري پنهنجي برادري جي پوري لشڪر سان اچي ٿو ان سان به اهڙي رواداري ڪجان جيڪا سردار قيصر خان نظاماڻي ۽ سعيد خان جمالي ۽ الهداد خان مري سان ڪندو آهين. اهو خط ’انشاء حسام الدين‘ جي انشاء جو آهي جيڪو ملاحظه لاءِ لکجي ٿو.

عزت و اخلاص دستگاه مهته پارومل مسرور باشد درين والا اخوت پناه آدم خان مري را باجمعيت لشڪر برادري او روانه نموده شد ڪه در انجامي رسد لازم ڪه مراعات او را بمثل اخوت پناه برادر عزيزالقدر گرامي مقدار قيصر خان نظاماني و سعيد خان جمالي و الهداد فقير مري منظور نگاهداشته سورسات و ازدحام لشڪر وغيره بدستور سرڪردگان مذڪور بعمل آورده بوجهي فروگذاشت نڪنند و تحرير عرائض و شمرد بخش جواب سوال آنجا اخوت پناه مذڪور را يا سرڪردگان مسطور رفيق شفيق دانند- و جاني جت شترسوار ڪه حاصل اين پروانجات نزد شما مي رسد بعد رسيدن در اينجا يڪدم فرصت او منظور نداشته حقائق روبکار جمع آمدن لشکر و تمامي مراتب زود زود عرض نمايد و اگر شترسواري از مسافت ماند گردد شتر ديگر از شترسواران که در انجاست گرفته باوداده زود و شتاب روانه نمايد که زود رسيدن اخبارات لازم و واجب ست. تاکيد تمام دارند.

 

 

 

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ (مرحوم)

شعر جو شرف ۽ شان

[لاڙڪاڻي مشاعري واريءَ ڪانفرنس جي اڳيان، 1922ع]

شعر جو شرف ۽ شان ان جي عجيب غريب حالت ۽ شاعرن جي حيرت جهڙيءَ خاصيت ۽ فضيلت مان ثابت ٿي سگهي ٿو: شعر جو شرف ساڳيو علم جو شرف آهي. علم جي شريف هئڻ ۾ ڪنهن کي به شڪ نه هوندو، جو اها عام قبول ڪيل ڳالهه آهي. عالم ۽ شاعر لفظي يا لغوي معنى موجب ٻئي برابر آهي: ٻنهي جي اصلي معنى ’ڄاڻندڙ‘ آهي. جيڪا تعريف قرآن ڪريم ۽ حديث شريف ۾ عالمن جي نسبت ۾ آهي، سا شاعرن جي نسبت ۾ به سمجهڻ گهرجي. قرآن ۾ ڪٿي ’يعلمون‘ آيو آهي ۽ ڪٿي ’يشعرون‘- ٻئي ڄاڻُن جي معنى ٿا ڏين. حديث موجب عالم نبين جا وارث آهن. تڏهن جي نبين جي علم مان به ڪجهه هنن کي ورثي ۾ ملي ٿو ته معجزي يا ڪرامت جي به ڪا نشاني هن کي به ورثي ۾ ملندي هوندي. جئن حضرت موسى کي فرعون ۽ ٻين ڪافرن جي مقابلي لاءِ عصا ۽ يد بيضا يعني لٺ ۽ هٿ، ٻه هٿيار مليل هئا، تئن عالم يا شاعر کي ٻه هٿيار آهن: هڪڙو قلم ۽ ٻي زبان. انهن ٻنهي جي نسبت ۾ حديثون موجود آهن: هڪڙي آهي ته. ’مدادالعلماء خير من دماء الشهداءُ‘، اها حديث عالمن واري شاعرن سان به لڳي ٿي؛ ۽ ٻِي ’انّ الله تعالى ڪنز تحت العرش مفاتيحہ السنة الشعراءُ‘، اها حديث شاعرن واري عالمن سان به لڳي ٿي. اگرچ انهيءَ طرح علم ۽ شعر برابر آهن، تڏهن به شعر ۾ علم کان خاصيت زياده آهي. اها موزونيّت آهي، جي ٻنهي کي انّ نُور يا مانيءَ سان مشابهت ڏجي، جنهن جي کاڌي، جسم توڙي روح کي قوّت حاصل ٿئي ٿي ته علم سلوڻي ماني آهي، يعني جنهن ۾ لوڻ پيل هجي، جنهن کان سواءِ جيڪر ڦڪي ۽ بي سواد هجي. شعر مٺي ماني آهي، يعني جنهن ۾ لوڻ جي بدران مٺاڻ يا کنڊ پيل آهي. اڳئين زماني ۾ ماڻهو شاعرن کي وڏو عالم ڄاڻندا هئا، بلڪ ڄاڻندا هئا ته عالم کي علم ظاهري تعليم مان حاصل ٿو ٿئي ۽ شاعر کي خدائي. اها به حقيقت آهي ته شاعرن کي ماڻهو اهڙن عزت ڏيندا هئا جهڙي عالمن کي، بلڪ زياده؛ ڇا لاءِ ته هو ٻنهي کي نبي يا اولياء يا ڪو فوق البشر بزرگ ڪري ڄانندا هئا، ۽ شعر کي الهام يا خدائي ڪلام شمار ڪندا هئا جو پاڻيهي هنن جي دلين ۾ ٿو اچي. بيت آهي ته

شاعري پيغمبر جي آهي ديباچي مثال،

وَحيءُ هن ۾ ٿو اچي، هن ۾ اچي الهام ٿو.

پيغمبرن ۾ حضرت دائود کي شاعر چئي سگهجي ٿو، جهن جا زبور يا مزامير مشهور آهن، جي عبراني ٻوليءَ ۾ هئا ۽ پوءِ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيا.

اولياء شاعر ته تمام گهڻا ٿي گذريا آهن-- جهڙا هند ۽ سنڌ ۾، تهڙا ٻين ملڪن ۾، شاعرن کي ’تلا ميذ الرحمان‘ جو لقب مليل آهي-- يعني خدا جا شاگرد. خواجه حافظ شيرازي کي ’لسان الغيب‘ چوندا آهن ۽ سندس ديوان مان فالون وجهندا آهن. شيخ فريد الدين عطار، جو پاڻ وڏو اولياء به هو ۽ وڏو شاعر به هو، سو چوي ٿو ته

شاعري جزويست از پيغمبري، جاهلانش ڪفر دانند از خري.

جنهن مان ظاهر آهي ته شعر نوت جو هڪڙو جز آهي ۽ جيڪي جيڪي انهيءَ کي ڪفر ٿا ڄاڻن سي گڏهه آهي. اهڙا ماڻهو خدائي يا طبعي شاعر هئا ۽ سندن ڪلام برابر الهامي هو. انهن مان گهڻا ته اُمّي هئا، يعني لکڻ پڙهڻڻ نه ڄاڻندا هئا، ته به عجيب شعر چوندا هئا. هڪڙو مثال انهن جو شيخ احمد ڄام مشهور اولياء بابت ڏيان ٿو، جو اصل امّي هو ته به وڏو شاعر ٿي گذريو آهي ۽ ڪتاب ”سراج السائرين“ سندس تصنيف آهي، جو سندس واتان ٻڌي ٻين لکيو. اسان جي شاهه ڀٽائي ؒ جي نسبت ۾ به ائين چيل آهي ته اڻپڙهيل هو، يا گهڻو پڙهيل نه هو. اهڙا ڪيترائي مثال آهن. سچا پچا خدائي شاعر اُهي هئا ۽ سندن شعر به خدائي هو، اگرچه انهن کي علم عروض جي ڪابه خبر ڪانه هئي، جو عروضي قانون مصنوعي ۽ انساني آهن:

شعر تن جو هو مِٺو جهڙي نبات، پر نه ڄاتؤن فاعلاتن فاعلات.

اهو ’فاعلاتن فاعلاتن‘ وارو مصنوعي شعر ٻين هنرن وانگي هڪڙو هنر آهي، جو ڪوبه سکي سگهي ٿو ۽ گهڻي استعمال کان پوءِ انهيءَ ۾ ڪاريگر يا اُستاد ٿي سگهي ٿو. انهن سچن شاعرن جا ڪي ڪلام اهڙا عجيب آهن جو سواءِ الهامي دماغي مدد جي ڪنهن جي خيال ۾ اچڻ جا ناهن.

اهڙو الهام آڻڻ وارو وهڪرو ’روحاني موّڪل‘ ملائڪ کي آهي، جنهن کي عربي ۾ ’ملهم‘ يا ’هاتف‘ چوندا آهن ۽ فارسيءَ ۾ ’سروش‘. اهڙا گهڻا ڪلام ته انهن کي سُتي ’خواب‘ ۾ (ڪن جو اعتقاد آهي) ۽ جاڳندي ’رؤيا‘ ۾ پيدا ٿيندا آهن. ڪڏهن شاعر کي ڪنهن خاص شعر جي ٺاهڻ جي انتظار ۾ ننڊ کڻي ويئي هوندي: رات جو سُتي ئي، اکين پوريل حالت ۾، هنڌ مان اُٿي، مس قلم کڻي، ڪاغذ تي سڄو شعر لکي، وري وڃي سمهي رهيو هوندو، ۽ صبح جو اٿي تيار ٿيل شعر ڏٺو هوندائين ۽ حيران ٿيو هوندو ته الاجي هي ڪنهن لکيو! شعر جي غيبي يا الهامي هئڻ جي ٻي وڌيڪ ڪهڙي ثابتي آهي.

سچ آهي ته قرآن شريف ۾ شاعر، گمراهن جا مهندار ۽ ڪاهنن ۽ مجنونن وانگي شمار ڪيل آهن، ۽ ننديل آهن--’الشعراء يتبعهم الغاوئون‘؛ ۽ حديث شريف ۾ به ڪوڙا ۽ شيطان جا مريد ۽ جادوگر سڏيل آهن. پر اُنهي جو سبب ظاهر آهي: اڪثر دنيائي شاعر مبالغو ڪم آڻيندا آهن، ۽ خيالي ڪوڙا مثال آکاڻيءَ وانگي ڏيندا آهن، ۽ ڪناين ۽ اشارن ۾ ڳالهائيندا آهن، جئن پروليون ڏبيون آهن، جن جي ظاهري معنى هڪڙي ۽ باطني معنى ٻي هوندي آهي، جنهنڪري عام ماڻهو گمراهه ٿي سگهن ٿا. ’ولله المثل الا علي‘: خدا تعالى پاڻ دهر سان مثالن ۾ ڳالهايو آهي، جن جي معنى ۽ تفسيرن تي عالمن جا جهيڙا لڳا آهن ۽ مذهب وڌي ويا آهن. جئن ڪن صوفي شاعرن جو ڪالم حقيقي عشق بابت مجازي لفظن ۾ ايندو آهي ۽ ماڻهن کي گمراهه ڪندو آهي؛ ۽ اڪثر سمجهيل آهي ته مجازي حُسن ۽ عشق جو سامان غير شرعي آهي- اهڙي عشق جي وهنوار وارا شاعر يا شعر ماڻهن کي پسند هوندا آهن.

حُسن حشرت ۾ وجهي، عشق ڪري خانا خراب،

جنهن جو اسباب شراب آهي، ڪباب آهي، رباب.

وڏا هئا منهنجا سڀئي دُرس دين جا عالم،

معلّم عشق جي سيکاري شاعري مون کي.

 

عشق کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي صوفي بزرگن جا ڪلام ۽ اصطلاح آهن، جي شطحيات ۾ داخل آهن، جي نه فقط غير شرعي آهن، پر ڪُفر جي الزام هيٺ اچن ٿا، ۽ انهن جي ڪري هنن مان ڪن پنهنجي جان به ڏني آهي. اهڙي مونجهاري جهڙي، ظاهري خراب پر باطني چڱيءَ معنى واري ڪلام جا اوهان کي ڪي مثال ٻڌائيندس، جي فارسي شعرن مان مون سنڌيءَ شعر ۾ وڌا آهن. ملا شاهه بخشي اولياء، جنهن کي ڪي ڪوفي ڪشمير جو خدا چوندا هئا، سو چوي ٿو:

چنبو چنبي ۾ ٿو خدا جي رکان،

ڀروسو ڪهڙو مصطفى تي رکان.

-- يعني خدا جي هوندي مون کي ٻئي ڪنهن جي به پرواهه يا ضرورت ڪانهي. شيخ بهلول ديوانو، جنهن کي بهلول دانا چوندا هئا ۽ جو هارون رشيد جي وقت ۾ هوندو هو، انهيءَ جي ٻولي ٻڌو:

ٻولي بهلول جي ٻڌو اُبتي، ٻه ورهيه اڳ خدا ڪنا آءٌ هوس،

نه هو ارض و سما، خدا به نه هو، تڏهن منجهه نشو ۽ نما آءٌ هوس.

شيخ احمد ڄام، جنهن جو مٿي نالو ورتم، جنهن کي ’زنده پيل‘ مست هاٿي، جو لقب مليل هو، سو ٿو چوي:

آءٌ حقيقت ۾ خدا آهيان، خدا،

بلڪ آهيان آءٌ خدا جو رهنما.

حسين منصور، جنهن ’انالحق‘ جو دم هنيو، تنهن چيو آهي: ’حسين! ماڻهو پهرين ڪافر نه ٿيندو، تيسين مومن ٿي نه سگهندو‘.

شيخ بايزيد بسطاميءَ چيو آهي:

ماڻهو گناهن کان توبهه ٿا ڪن، آءٌ ڪلمي پڙهڻ کان.

شيخ ابن العربي، مشهور عالم، چوي ٿو: ’ترڪ الذنب ذنب‘، يعني گناهه ڇڏي ڏيڻ گناهه آهي؛ ۽ هيئن به چوي ٿو ته ’جيڪو خدا کي سڃاڻندو سو انهيءَ جي عبادت ڪڏهن ڪين ڪندو، ۽ انهيءَ کي الله نه سڏيندو‘.

شيخ محي الدين عربي، ٻيو مشهور عالم، چوي ٿو ته ’خدا اسان جو قوت آهي ۽ اسين خدا جو قُوت آهيون‘.

خواجه عبدالله انصاريءَ جو چوڻ آهي: نماز ڪردن کار پير زنان است، روزه داشتن صرفهء نان است، حج رفتن تماشاي جهان است-- جئن سلطان باهو به چوندو هو.

شيخ احمد غزالي، امام غزاليءَ جي وڏي ڀاءُ جو چوڻ آهي: فريضهء ما خدا بودن است و سنت ما رسول بودن.

سچل فقير به چيو آهي:

ايجها ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي.

شيخ ابوالحسن خرقانيءَ هڪڙي ڏينهن چيو ته ’اڄ صبح جو آءٌ خدا سان ملهه وڙهيس، خوب جانٺا هنيامانس، پر نيٺ مون کي دسي وڌائين‘-- يعني الوهيت عبوديت تي غالب آهي. هڪڙو سنڌي بيت به ڪنهن شاعر جو انهيءَ نموني جو توهان کي ٻڌايان:

ڪلمو پڙهان ته ڪافر ٿيان، ڪلمو ڀري ڪير!

جيڏاهن راهه رسول جي تيڏاهن ڀريان نه پير،

مون تنين سان وير، پڇن جي رسول جو.

شيخ نظام الدين دهلوي چوندو هو ته ’ميثاق يا الست خود آوازِ خدا بود در پوربي-- يعني ’الست‘ جو آواز پوربي راڳڻيءَ ۾ ڳائي ٻڌايو ويو. انهيءَ ڪري اها راڳڻي شيخ کي گهڻو پسند هئي.

وطايو مجذوب فقير، مٺيءَ وارو، ڪامل شخص هو، جهڙو بهلول دانا هو. اهو چوندو هو ته شريعت، طريقت جي بغل جا وار آهن-- يعني جڏهن ڪو شريعت ۾ بالغ ٿيندو، تڏهن طريقت هٿ اينديس يا سچو صوفي ٿيندو.

هاڻي، جيڪي رواجي ماڻهو اهي ٻوليون ٻڌندا ۽ اهڙيون ڳالهيون پاڻ به ڪندا ۽ انهن تي هلندا ته اهي گمراهه ۽ ڪافر نه ٿيندا ته ٻيو ڇا ٿيندا؟ انهيءَ ڪري قرآن ۽ حديث شعر کي ننديو آهي، نه ته ٻيءَ طرح اسان جي پيغمبر صلم جن کي شعر گهڻو پسند هوندو هو. انهيءَ جي شاهد هيءَ حديث آهي: ’ڪانَ الشِعر اَحبت رسول الله مِن ڪثير الڪلام‘. پاڻ شعر نه چوندا هئا، ته به ٻين کي شعر چوڻ لاءِ حڪم ڪندا هئا ۽ ٻڌندا هئا ۽ انهيءَ جي تعريف ڪندا هئا؛ مطربن کي انعام به ڏيندا هئا.

جناب موسى علي ۽ ٻيا ڪي اصحاب چڱا شاعر هئا؛ بلڪ هڪڙي ڪافر شاعر اميّه نالي جي نسبت ۾ فرمايائون ته ’اَمن لسانہُ و ڪفر قلبہُ‘. جنهن مان سمجهبو ته شعر جي برڪت سان هن جي زبان دوزخ جي باهه کان بچي وئي. حَسّان عرب شاعر مشهور آهي، ۽ نابغه، ۽ ڪي ٻيا به، جن جو شعر حضرت جن کي گهڻو پسند هوندو هو ۽ ٻڌي اهڙي خوشي ٿيندي هين جو انهن کي انعام ۽ تحفا ڏيندا هئا، انهن بابت منهنجو هڪڙو شعر آهي، جو توهان کي ٻڌايان ٿو:

ڪر شڪايت شاعرن جي ڪين تون، اي بي هنر،

سڏ نه ڪوڙو تن کي، حق جا سي سدا پيغامبر.

ڏس ته آو رحمان جا سڏجن تلاميذ اصل کان،

۽ نبيّن ۽ وليّن کان مِلِي تن خوشخبر.

شعر معنى وانگي ٿيو لفظن جي پردي ۾ لڪل،

شعر آهي سچ، رکي ٿو پوش سو ڪَچ جو مگر.

جيئن ڪِه آکاڻين منجهان نڪري نصيحت ٿي سدا،

شرع نڪري شعر مان رمز ۽ ڪنايت سان ٻَهر.

ڪيئن ٻڌي ها مصطفى حَسّان بن ثابت جو شعر،

جي ٻٽاڪ ۽ ڪوڙ هو ان ۾ ۽ هو ان ۾ خطر.

نابغه شاعر جي ڏندن ۽ چپن تي ڪيئين دعا،

ڪيئن ڪري ها خير جي، ۽ مهر جي ان تي نظر.

شعر جي لئه شاعرن کي جي هجي انعام بد،

ڪعب شاعر کي ڏئي ها تحفو ڪيئن خيرالبشر.

شاعري عباس ڪئي، حمزه ۽ طلحه ۽ علي،

جعفر ۽ سعد ۽ سعيد ۽ پڻ صحابن بيشتر.

شعر جي بيشڪ تون ڪر پيو شغل دائم، اي ”قليچ“،

جو نندي ٿو شعر، ناهي آدمي، سو آهي خر.

شعر جي ظاهري صورت تي ڪوبه اعتراض ڪونهي. موزون هئڻ ڪري نثر کان نظم زياده پسند آهي. ائين ته خود قرآن ۾ ڪيتريون آيتون آهن جي شعر آهن، ۽ هڪڙي نه ٻئي بحر يا وزن تي اچي ٿيون سگهن... مون اهڙو هڪڙو ڪتاب لکيو آهي، جنهن جو نالو ”اشعارالقرآن“ آهي، انهيءَ ۾ اهڙيون سوين مصروعن بلڪ سڄا بيت به ڏيکاريل آهن. پر حقيقت ڪري شعر اهو آهي جو ارادتاً چئجي. اهڙن بيتن جا ڪي مثال هي آهن، جي خود پهرئين ئي سيپاري مان آهن: ”ان في ذالڪ لايات لِقوم يومنون- تجعلو الِله اندادا و انتم تعملمون (مضارع)- في ذالڪم بلاءُ من ربّڪم عظيم (خفيفہ)- و آولئڪ لهم عذاب عظيم (تقارب)- بسم الله الرحمان الرحيم (عم)- ولا قوة الا بالله.

حقيقت ڪري شعر جي چڱائي يا بڇڙائي ان جي مضمون جي چڱائيءَ يا بڇڙائيءَ تي منحصر آهي. جنهن شعر جي مضمون مان رحماني يا روحاني خيال دل ۾ پيدا ٿين، اهو چڱو سمجهڻ گهرجي ۽ اهڙو شعر چوڻ ۽ ٻڌڻ روا آهي؛ پر جنهن مان شيطاني يا نفساني ۽ دنيائي خيال پيدا ٿين، سو خراب ۽ ناروا آهي. اهڙي هڪڙي حديث به آهي: ’الشعر ڪلامُ فحسنہ حسنُ و قبحہ قبيحُ‘. شعر پڙهڻ ۽ چوڻ جنهن اصول تي روا آهي، تنهن اصول تي ان جو ڳائڻ ۽ ٻڌڻ به روا آهي، جنهن کي ’سماع‘ به چون ٿا. جو شريعت موجب شعر وانگي راڳ به حرام آهي، اهوئي شعر اهوئي سماع آهي، جنهن تي صوفي درويشن ۽ عارفن ۽ سالڪن کي وجد ۽ حال اچي ويندو آهي. ڪن ته انهيءَ جي ٻڌندي دم ڏنو آهي. جئن شاهه صاحب ڀٽائيءَ جو به ذڪر ڪندا آهن، ۽ سندن همعصر مخدوم معين الدين ٺٽي واري بابت به لکيل آهي. شيخ قطب الدين بختيار ڪاڪي دهليءَ وارو ته سڀ ڪنهن ٻڌو هوندو، جو شيخ معين الدين چشتي اجميريءَ جو مريد هو. قوالن هڪ غزل فارسي ۾ پئي ڳايو، جنهن جي پهرين بيتن جو ترجمو هي آهي:

عشق تنهنجي جو مڪان آهي ٻيو،

واٽ تنهنجيءَ جو نشان آهي ٻيو؛

ڪات سان تسليم جي ڪُٺلن جي لاءِ،

ساهه غيبؤن هر زمان آهي ٻيو.

چون ٿا انهن پوئين بيت بزرگ کي اهڙو ذوق ڏنو جو انهيءَ جي وري وري ڳائڻ جو حڪم ڏنائين. پوءِ پاڻ پهرينءَ مصرع تي بيحال ٿي مريو ٿي ويو ۽ ٻيءَ مصرع تي هوش ۾ ٿي آيو. ائين ڪندي ڪندي، نيٺ اتي ئي دم ڏنائين.

اهو آهي شعر، جنهن جو شوق هڪڙي خدائي ڏات آهي، جا ڪنهن کي به ملي ٿي سگهي. اها ڏات ذات يا اصل نسل تي ناهي.

شاعري ناهي ڪسبي يا عملي،

شاعري آهي فيض لم يزلي.

شاعر نبي ۽ ولي به ٿيا آهن ۽ عام امتي به ٿيا آهن؛ بادشاهه به ٿيا آهن ته فقير به ٿيا آهن، مرد به ٿيا آهن ته زالون به ٿيون آهن، هوش وارا به ٿيا آهن ته ديوانا ۽ مجذوب به ٿيا آهن، ڪيترائي غريب ڳوٺاڻا ۽ رواجي ڌنڌن وارا ڪاسبي ماڻهو به ٿيا آهن... جئن انبياء ۽ اولياء ۽ مشائخ به رواجي ڪاسبي ماڻهو ٿي گذريا آهن. لکيل آهي ته سڀني نبين ۽ بني آدم جو ڏاڏو حضرت آدم ڪڙمي هو، جو ڌنڌو حضرت جبرائيل سيکاريس. حضرت نوح واڍو هو، حضرت ادريس درزي هو، حضرت ابراهيم بزّاز هو، حضرت عيسيٰ خوشه چين هو، حضرت شيث ڪوري هو، حضرت اسماعيل شڪار ڪندڙ هو، ۽ حضرت دائود زره ساز هو. اهي هئا ڪاسبي نبي؛ ۽ اولياءَ... واڍا، لوهار، ورازا، سربنہ، موچي، شيشه گر، پڃارا وغيره، جن جون مولانا جاميءَ جي ’نفحات الانس‘ ۽ پڻ تذڪرن ۾ وڏيون ياداشتون ڏنل آهن، انهن مان گهڻا اولياء شاعر به هئا. ساڳيءَ طرح فردوسي شاعر باغائيءَ جو پٽ هو. خاقاني، جو زبردست شاعر ۽ ملڪ الشعراءَ ٿي گذريو، جنهن کي ’خلاق المعاني‘ چوندا هئا، سو علي واڍي جو پٽ هو. شيخ فريد الدين عطر فروش هو. منصور پڃارو ٿا چون. وڏا شاعر ڪي ته ڄٽن جا ڇوڪرا هئا، جن جي طبع جي چالاڪي ڏسي ڪن سکرن انهن کي تعليم ڏياري ۽ هو استاد شاعر ٿي پيا. اهڙو هڪڙو مثال عبدالواسع حبلي جو بس آهي، جنهن فارسي شعر جو پهريون بنياد وڌو. هو هڪڙو دهقاني ڇوڪر هو. اُٺ چاريندو وتيو، ۽ انهن کي هڪليندي هڪڙو بيت ٺاهي وڌائين، جو اتفاق سان بادشاهه سلطان سنجر ٻڌي ورتو. هن جي طبع ۽ ذهن جي چالاڪي ڏسي هن کي پاڻ سان وٺي ويو ۽ تعليم ڏياريائينس. آخر هو وڏو ۽ عمدو شاعر ٿيو ۽ ’ملڪ الشعراءَ‘ ٿيو. شعر جي نزاڪت ۽ لطافت ڏسي ۽ شاعرن جي خداداد قابليت ۽ تيز طبعي ٻڌي، حيراني وٺيو وڃي! هڪدم خيال ۾ اچي سگهي ٿو ته گهڻين حالتن ۾ خاص الهامي ۽ غيبي مدد کان سواءِ اها عجيب غريب خاصيت ۽ لياقت حاصل ٿيڻ جي ناهي. ڪيترن شاعرن تمام تڪڙ ۽ حد کان گهڻو شعر چيو آهي. نه فقط فراغت ۽ اڪيلائيءَ ۾، پر گوڙ گڙٻڙ ۽ مشڪلات ۽ مصيبت ۾ به. ڪن هڪدم مناسب موقعي يا طلب ۽ فرمائش تي عمدو شعر چئي ڏيکاريو آهي. ڪن مرڻ وقت يا بيهوشي ۽ ننڊ ۾ شعر چيو آهي، يا هاتفي ۽ غيبي مدد سان عجيب لفظ يا شعر آڻي موجود ڪيا آهن، جي ٻيءَ طرح جيڪر مشڪل بلڪ محال خيال ۾ اچي سگهن. ڪن ته اوليائن واري پيشنگوئي به ڪئي آهي يا دعا ۽ پِٽ جو اثر به ڏيکاريو اٿن. ڪن عجيب وڃي. انهيءَ لفظي ۽ معنوي صنعتون ۽ نازڪ ۽ ظرافت جهڙا خيال آندا آهن، جي ٻڌي عقل چرخ ٿيو هوندي به شعر ڪڏهن ڪڏهن شاعر جي وس ۾ نه رهيو آهي، جنهن مان پاڻ غيبي مدد جي ثابتي ملي ٿي. ڪڏهن ته وهندڙ پاڻيءَ وانگي تڪڙو پيوا يندو، ۽ ڪڏهن ته مٿا هڻندو، تڏهن به خيال ۾ نه پيو ايندس. انهيءَ بابت منهنجو هڪڙو قطعو آهي:

 

ڪڏهن نڪري ٿو شعر دل مان ايئن، جئن ٿي نڪتو تنور مان طوفان.

ڪڏهن نڪري نه هڪڙي مصرع پڻ، رهي شاعر انهيءَ جي لاءِ حيران.

نه اچي ڪڏهن منٿ آزيءَ سان، ٿئي اچي ڪڏهن اڻ سڏيو مهمان.

شاعرن جي خاصيتن جا ڪي مثال اوهان کي ٻڌايان ٿو، جي فارسي شعر مان مون سنڌيءَ ۾ وڌا آهن. سنڌي هاڻوڪو شعر فارسي شعر جي نموني تي آهي، تنهنڪري اسان جي لاءِ اهي مثال خوشيءَ کان خالي نه آهن. انهن ۾ ڪي اهڙيون ڳاليون هونديون، جي اوهان مان ڪن نه ٻڌيون هونديون، جي هاڻ ٻڌي خوش ٿيندا.

پهرين ته جن تمام گهڻو شعر چيو آهي، تن جو انداز ڪرڻ وارن سيرن جي وزن سان انداز ڏيکاريو آهي يا بيتن جو تعداد يا ڪتابن جو تعداد ٻڌايو اٿن. مثلاً، مرزا عبدالقادر بيدل جو نظم ۽ نثر تمام گهڻو آهي ۽ وزن ۾ پنج سير لکيو اٿن. انهيءَ جي مقابلي ۾ فردوسيءَ جو شاهنامو ۽ مولانا روميءَ جي مثنوي، هر هڪ ٻه سير آهي. شاهه ڀٽائيءَ جو رسالو ڏيڍ سير، ۽ سچل فقير جو رسالو ۽ ديوان سوا سير. شيخ فريد الدين عطار چاليهه يا پنجاهه مثنويون لکيون آهن، جن ۾ هڪ لک بيت آهن. فقط سندس ديوان چاليهه هزار بيتن جو آهي: ڇهه هزار ته فقط رباعيون اٿس. مولانا رڪن الدين شيخ ڪاشيءَ جو شعر به شيخ عطار جيترو، هڪ لک بيت آهي.

امير خسرو دهلويءَ جي مثنوين، قصيدن، ديوان وغيره ۾ چئن لکن کان زياده بيت آهن. مولانا جامي، عربيءَ ۽ فارسي نظم ۽ نثر ۾ بيشمار ڪتاب لکيا آهن... ست ته مثنويون اٿس؛ هزار ڏيڍ فقط رباعيون اٿس؛ سندس تصنيفون به چوونجاهه آهن ۽ عجيب اتفاق هيءُ ته سندس نالي جو عدد به ساڳيو هو. مولانا سبحاني فقط رباعيون چيون، جي ڇهه هزار اٿس؛ انهيءَ ڪمري ’مير رباعي‘ چوندا هئس. ساڳي طرح شيخ رباعي مشهدي ۽ فڪري خراساني به، سواءِ رباعين جي، شعر به چيا، جي هزارين آهن. هوڏي انهيءَ مقابلي ۾ عمر خيام، جنهن جون رباعيون مشهور آهن، سي پنج سؤ مس هونديون. مولوي جلال الدين روميءَ جون رباعيون ڏيڍ هزار آهن. شيخ نظامي گنجوي جو شعر ويهه هزار بيت آهي، سواءِ ’خمسه‘ جي ۽ رباعيات جي. انهيءَ کان سواءِ حڪيم سنائي ۽ خاقاني، شيخ سعدي، ضميري ۽ ٻين شاعرن تمام گهڻو شعر چيو آهي. ڪمال الدين اصفهاني نوي ورهين جو هو ۽ نوي هزار بيت چيا اٿس. مولانا نسمي نيشاپوري ڏهاڙيءَ ٽي هزار بيت چوندو هو. هڪڙي ڀيري سندس آزمودي وٺڻ لاءِ ماڻهن جو ميڙو لڳايو ويو ۽ دهل نغارا ۽ شرنايون موجود ڪيا ويا. کائڻ، پيئڻ، سمهڻ، بلڪ جاءِ ضرور ڏي وڃڻ به بند ڪيائونس. ٽي ڏينهن آزمودي لاءِ مقرر ڪيائون. اهڙي هنگامي ۽ ڌمچر ۾ پهرئين ڏينهن هن ٻه هزار بيت لکيا، ٻئي ڏينهن به ٻنپهرن تائين هڪ سؤ ويهه بيت لکي پوءِ ساهي کنيائين، ۽ ٽئين ڏينهن ساڳئي گوڙ ۾ چار قصا يا مثنويون علحدن بحرن تي لکيائين. هن کي نهايت گهڻي بک لڳندي هئي ۽ گهڻو کائيندو هو. هڪ ڏينهن ڪن سندس سنگتين ساڻ شرط رکي ته ويهه سير کارڪن جا کائي. انهيءَ ڏينهن هو بيمار هو، کٽولي تي ستل هو. کارڪون آڻي کٽولي جي آڏو ڍير ڪيائون. سُتي ئي مٺيون ڀري کائيندو ويو ۽ ڪتاب به پئي پڙهيائين؛ جڏهن سڀئي کارڪون کائي ويو، تڏهن پڇيائين ته ”ڀلا کارڪون شرط ۾ ککڙين سان کائڻيون هيون يا سواءِ؟ عنصري، جو سلطان محمود غزنوي جو ملڪ الشعراءَ هو ۽ فردوسيءَ جو همعصر هو، تنهن، هڪڙي رات ۾ هزارين بيت چيا مثنوي ”وامق ۽ عذرا“ فارسيءَ ۾، سندس آهي. کيس ياز جي مدح ۾ هڪڙي رباعي لاءِ ٽي ڀيرا وات سونين مهرن سان ڀرڻ جو انعام مليو.

شايد انهن جي مقابلي لاءِ سنڌي شاعرن جي شعر جو به انداز معلوم ڪرڻ گهرو. ٺٽي جي پارسي شاعرن مان ميٖين عبدالحڪيم، تخلص ”عطا“ لک بيت چيا آهن. شاهه صاحب ڀٽائيءَجي رسالي ۾ اٽڪل ست هزار بيت آهن، يعني بيت ۾ ٻه ٻه مصرعون شمار ڪيون ويون آهن. سچل فقير جا سنڌي ۽ سرائڪي ۾ ڇهه هزار کن بيت آهن، ۽ سندس پارسي بيت اٽڪل چار هزار آهن ثابتعلي شاهه جي مرثين، منقبتن ۽ ٻئي شعر جو تعداد اٽڪل ڏهه هزار بيت آهي. مون کي ڪتاب لکندي ۽ شعر چوندي پنجاهه ورهيه ٿي ويا آهن، ته به هن موقعي لاءِ ٽوٽل ڪيم ته ايڪيهه هزار بيت مس ٿيا... سنڌي ۽ فارسي ٻئي، جن مان چار سؤ رباعيون آهن. انگريزي ساڍيون ٽي هزار مصرعون... انگريز شعر جو شمار مصرعن سان ٿيندو آهي. ۽ ڪتاب ننڍا وڏا سؤ سوا ٿيندا، جي لکيا اٿم.

هاڻي، مرڻ وقت شاعرن جي في البديهه شعر جا ڪي مثال ڏيندس.

شيخ فريدالدين عطار جو نالو ته سڀڪنهن ٻڌو هوندو. جڏهن سِسي پئي لاٿائونس، تڏهن چون ٿا ته سسي هٿن تي رکي شعر چوندو ويو. انهيءَ مثنويءَ کي ”بيسرنامو“ چون ٿا، جا اوهان ڏٺي به هوندي. سنڌ جي ٻن قديم اولياءَ شاعرن جو به اهڙو ذڪر لکيل آهي ڪمال الدين اصفهاني، مشهور وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. اصفهان جي ماڻهن هن کي ستايو، تنهن تان رنج ٿي هن هنن کي هيئن پٽيو:

اي خداوند خلق جا آگا،

هيڏي خونخوار آڻ ڪو پاشا،

شهر ڊاهي ڪري جو سڀ برپٽ،

۽ وهائي جو رت جا هِت دريا،

خلق جو پڻ عدد وڌائي اهو،

وڍي هڪ هڪ کي سؤ ڪري پرزا.

انهيءَ پِٽ جا اثر اهو ٿيو جو سگهوئي چنگيز خان ڪاهي آيو ۽ سخت ڪوس ڪيائين، جنهن جي نسبت ۾ هڪڙي ٻئي شاعر انهيءَ وقت جي حالت بابت هيئن چيو:

ڪونه جيئرو مُئي تي ٿو روئي،

نه پِٽي، غم ڪري، نڪو روئي،

ڪالهه هڪڙي تي سؤ ڄڻن تي رُنو،

ناهي اڄ هڪڙو، سؤ تي جو روئي.

انهيءَ ساڳئي قتل عام ۾ خود ڪمال الدين به اچي ويو. هڪڙي سپاهي اچي هن کي خنجر هنيو. هو انهيءَ مهل گهٽيءَ ۾ هڪڙي ڀت جي پاڙ ۾ ڪري پيو. ڄاتائين ته مران ٿو، تڏهن جيڪو رت پئي وهيس، تنهن ۾ آڱر ٻوڙيندو لکندو ويو. هيءَ رباعي في البديهه چيائين، جا خدا ڏي مخاطب ٿي چيائين:

دل خون ٿي منهنجي، جانگدازي هيءَ آهه،

تو لاءِ مران، تنهنجي چاره سازي هيءَ آهه،

ان هوندي ڪريان صبر، ڪڇان ڪين ٿو آءُ،

شايد تنهنجي نت بنده نوازي هيءَ آهه.

سگهو ئي ماڻهن هن کي مئل اچي کنيو، ۽ ٻئي شاعر سندس نسبت ۾ هي قطعو چيو:

اصفهاني ڪمال هو سورهيه،

تيغ راني هيس سخن ۾ ڪمال،

خاڪ ۾ نيٺ پائمال ٿيو،

جو اصل هر ڪمال کي ٿيو زوال.

مولانا آصفيءَ خود پنهنجي مرڻ جي تاريخ نزع جي حالت ۾ هن رباعتي ۾ چئي:

ستّر ۾ پيو آصفيءَ جو جنهن سال ۾ پير،

بيهي نه سگهيو، ڪِرڻ ۾ ڪيئين ڪانه ڪا دير؛

تاريخ جي مصرع ٿي ستر ۾ پوري،

ورتائين اٿي رستو بقا جو تنهن وير.

جهانگير بادشاهه جو پٽ شهزادو شهريار، جو نورجهان جو ناٺي هو، تنهن کي لاهور ۾ آصف خان شڪست ڏني ۽ کيس قيد ڪرائي، لوهه جي سرائي اکين ۾ گهمارائي، انڌو ڪري ڇڏيائين. هن سُتت هي قطعو چيو، جنهن جي پوئينءَ مصرع مان ابجد جي حساب سان انهيءَ واقعي جي تاريخ به ٿي نڪري:

ڪڍي ڪونه نرگس منجهان ٿو عرق،

ڪڍيئون منهنجي نرگس اکين جي مان آب،

پڇي جي ڪو تاريخ ان جي ته چئو:

ڪڍيائون به منهنجن گلن مان گلاب.

مولانا لطف الله نيشاپوري، مشهور شاعر، تمام مخير هو ۽ گوشه نشينيءَ ۾ پنهنجي باغ جي حجري ۾ رهندو هو، جتي ماڻهو ملاقات لاءِ پيا ايندا هئس. هڪڙي ڏينهن اندران در بند ڏٺائون. سڏڻ تي در نه کليو. شڪ ۾ ڇت تي چڙهي بادگير مان هيٺ لٿا. ڏسن ته مولانا مصلي تي سجدي ۾ پيو آهي ۽ مئو پيو آهي. ڪاغذ جي ٽڪري تي سندس مرڻ وقت ٺاهيل رباعي لکي پيئي هئي، جا پڙهي زاروزار رُنائون. اها رباعي هيءَ آهي:

رات آيو لنگهي يار، منجهان صدق صفا،

هُس جام هٿن ۾، جنهن ۾ مئي روح افزا،

چيائين مون کي پيءُ، چيو مون: مَي پيئندس ڪين،

چئي: خاطر منهنجي ڇو نٿو پين تون ڀلا.

نظام الملڪ، مشهور وزير سلطان جلال الدن سلجوقيءَ جو، وڏو عالم ۽ شاعر هو. ڇهانوي ورهين جي عمر ۾ ڪيڏانهن ٻاهر ويو. چورن ڪاتي هڻي ماريس. مرڻ وقت بادشاهه کي مخاطب ٿي هي قطعو چيائين:

تنهنجي وڏي اقبال سان، اي شاهه جوان بخت،

مون ٽيهه ورهيه تنهنجي وزيريءَ ۾ گذاريا؛

نيڪيءَ سان ۽ ايمان سان نت تنهنجي اڳيان مون،

ٿي حقّ نمڪ جا بدل و جان ادا ڪيا؛

هڪ ضرب سان ڪاتيءَ جي سفر ۾ ٿو مران مان،

صد حيف ورهيه ڇهانوي ٿيا عمر جا پورا!

خدمت اها جهوني ڇڏيان پُٽ لاءِ ٿو هاڻي،

پارت ٿو آءٌ توکي ۽ خدا کي ڪريان يڪجا.

بادشاهه کي گهڻو ارمان ٿيو ۽ سندس جاءِ پٽس کي ڏنائين.

مرزا مظهر خان جانان دهلوي، مشهور بزرگ، صوفي، امير ۽ شاعر کي خنجر هڻي شهيد ڪيائون. خنجرَ هيٺ، هي بيت في البديهه چيائين:

ڪيائون رسم عمي هي مٽيءَ ۽ رت ۾ ليٽڻ جي،

خدا رحمت ڪري شل پاڪدل تن عاشقن تي ئي.

سرمد حڪيم ارمني، فرنگي شاعر، ٺٽي واري، تي مُلحد ٿيڻ جي تهمت رکي، سندس قتل جي فتوا جاري ڪيائون. ترار هيٺ، جلاد ڏي نهاري هي، بيت دليان ٺاهي چئي، سِسي وڌايائين:

حشر جو شور ٿيو، ننڊ مان عدم جي اُٿيس،

ڏٺم فساد جي رات آهي، پئي پيُس آءٌ سمهي.

سلطان حسين بائسنقر مرزا، تيموري خاندان جو بادشاهه، دائم الخمر هو. سندس ٻه پٽ ابوالحسن مرزا ۽ مومن مرزا هئا، جن جي پاڻ ۾ اڻبڻت هئي. مومن مرزا چوڏهن ورهين جو هو پر چڱو شاعر هو. ڀاڻس، پيءُ کان نشي جي حالت ۾ هن جي مارائڻ جو حڪم ورتو ۽ هن کي قتل ڪرايائين- جيئن اورنگزيب پنهنجي وڏي ڀاءُ دارا کي مارايو هو. مرڻ وقت هن هي بيت في البديهه چيو:

مون کي جو نامرد ناحق ههڙو ڪمسن ٿو ڪُهي،

سنگدل ڪافر اهو چئبو، جو مومن ٿو ڪُهي.

سنڌ جي تاريخ ۾ ميرزا محمد يونس ارغون، مرزا شاهه حسن جي راڄ ۾ هو. سن 985 هه ۾ وفات ڪيائين. بيماريءَ ۾ پاڻ کي قريب المرگ ڄاڻي، خود پنهنجي وفات جي تاريخ ۾ هي مصرع چيائين:

رُستم از قيدِ اين و آن اي دل!

جنهن مان مٿيون سال نڪري ٿو.

سمنان جي قاضين مان هڪڙو رُڪن صائب نالي چڱو شاعر هو ۽ تيمور خان بادشاهه وٽ وڏو درجو هوس. ڪنهن قصور جي ڪري بادشاهه قيد ۾ کڻي وڌس، جتي مهينن جا مهينا پيو هو. هڪڙي ڏينهن بادشاهه ٻاهر نڪرڻو هو. وجهه وٺي، پيرن ۾ پيل زنجير سان رستي جي ڀرسان وڃي ويٺو. بادشاهه لنگهندي خراب حال ۾ ڏٺس، مٿس گهڻو قياس آندائين ۽ پڇيائينس ته ”قاضي، ڪهڙو حال اٿيئي؟“ هن هيءَ رباعي في البديهه چئي:

مون شاهه جي درگاهه ۾ هو مانُ لڌو،

ڀانيم ته ڪندس رڪاب پنهنجو سونو،

جڏهن لوهه ٻڌي هيءَ ڳالهه واتان منهنجي،

وٽجي سٽجي سو منهنجي پيرن ۾ پيو.

بادشاهه هڪدم زنجير لهرايس خلعت ۽ انعام ڏيئي، ساڳئي اڳئين درجي تي رکايائينس.

گهڻن شاعرن اهڙو عجيب ذهن ڏيکاريو آهي جو ديوانن جا ديوان هنن کي ياد رهيا آهن. ڪي ته وڏا وڏا قصيدا فقط هڪ دفعي ڏسڻ ٻڌڻ سان وري لکي يا ٻڌائي ويا آهن! شيخ محي الدين جو ٺاهيل ڪتاب ’فتوحات مڪي‘ اتفاق سان گم ٿي ويو. ڏاڍو افسوس ٿيس. دوستن جي زور ڪرڻ سان هن انهيءَ ساڳئي مضمون تي ٻيو ڪتاب لکيو. ڪن ڏينهن کان پوءِ اهو ڪتاب لڀي پيو. ڪتاب ڀيٽيائون ته ٻئي هڪجهڙا هئا، سواءِ ڪن ٿورڙن غير ضروري لفظن جي. ڪن شاعرن ۽ عالمن وري گفتگو ۽ سوال- جواب ۾ اتي جو اتي قرآن جون آيتون ڏنيون آهن، جي ڪن سوالن جا پورا جواب هئا، ۽ ٻيو ڪي به نه ڳالهائيو اٿن. اها به نهايت وڏي قابليت ۽ چالاڪي آهي. ڪڏهن ته اتفاق سان ساڳيا شعر، ٻن يا وڌيڪ ماڻهن چيا آهن. احمد سهلي هڪڙو قصيدو لکيو. امير علي شير کي ڏيکاريائين، اصلاح لاءِ، هن هڪڙي هنڌ زياده هڪڙي بيت تي زور ڏنو. کيس به خيال ڪرڻ لاءِ چيائين. جڏهن ٻئي لکي رهيا، تڏهن ڏسن ته اُهي هڪجهڙا آهن.

هاڻي شاعرن جي هاتفي يا غيبي مدد جا مثال ٿو ڏيان. اهي آهن وفات جا سال يا ٻيون تاريخون، جي ابجد جي حساب سان مناسب لفظن سان ٿيون نڪرن. ائين ته ڪوبه ماڻهو مغز کپائي اهڙا تاريخن جا مادا هٿ ڪري سگهندو، پر ڪن شاعرن کي نهايت عجيب مادا هٿ ٿا اچن، جي غيبي مدد کان سواءِ محال آهن. جيئن ڪ قرآن جون آيتون يا حديثون يا خود سندن نالا. مثلاً، شاهجهان بادشاهه جي وزير ’حفظ الله‘ خان جي وفات جي تاريخ، مير غلام علي ’آزاد‘ هيءَ لڌي: ’فلهم جنات الماويٰ نزلا بما ڪانو يعلمون‘- سن 1112 هه.

زيب النساء ’مخفي‘ جي وفات جي تاريخ آهي: ’اَذخُلي جنتي‘- سن 1113 هه.

سلطان ابو سعيد ڪاپي سجاده نشين جي وفات: ’يرثون الفردوس‘- سن 1147 هه.

سيد محمد حسين بلگرامي جي وفات جي تاريخ: ’انّما اشڪو ايثي و حزني اليٰ الله‘- سن 119 هه.

مولوي عبدالرحمان جاميءَ جي: ’ومن دخل ڪان آمنا‘- سن 898 هه.

خليفه حضرت عثمان جي: ڪهيعص.

مومن خان شاعر پنهنجي والد جي وفات هن آيت مان لڌي:’قد فاز فوزاً عظيما‘.۽ پنهنجي چاچي جي:’لها اجر عظيم‘.

دکن جي نظام آباد شهر جي ٻَڌجڻ جي تاريخ: ’ربّ اجعل هٰذا بلداً آمنا‘- سن 1141 هه.

ٺٽي واري حاجي محمد قاسم، مشهور عالم جي وفات: ’في جنات تجري‘- سن 1157 هه.

ٺٽي جي بزرگ شيخ ڪمال الدين جي وفات لاءِ شاهه عبدالغفور خواب ۾ هيءَ آيت لڌي: ’فاعتبرو ايا اولوالابصار‘. تاريخ جو خيال ڪندي ننڊ کڻي ويئس.

اهي مٿيان سڀ قرآن جي آيتن جا مثال آهن. حديث جو چڱو مثال ۽ سهڻو مناسب مثال شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي والد سيد حبيب شاهه جي وفات آهي: ’الموت جسر يوصل الحبيب الي الحبيب‘، جنهن ۾ ’حبيب‘ جو لفظ به اچي ٿو، جو سندس نالو حبيب شاهه آهي.

ٻيون ڪي عجيب تاريخون هي آهن:

مرزا الغ بيگ کي ’عباس‘ نالي شخص ماريو ۽ انهيءَ جي تاريخ ابجد جي حساب موجب ’عباس ڪُشت‘ هئي- 854 هه. ۽ سندس پٽ مرزا عبداللطيف کي وري ’بابا حسين‘ نالي ماڻهوءَ ماريو، انهيءَ جي تاريخ ’بابا حسين ڪشت‘.

گل محمد خان مڪراني، تخلص ’ناطق‘ جي وفات جي تاريخ آهي: ’گل محمد خان ناطق مڪراني‘. مرزا مظهر خان جانان جي قتل ٿيڻ جي تاريخ: ’عاش حميد مات شهيداً‘- سن 1195 هه. مير بجار خان ٽالپر، جنهن کي حج تان موٽڻ بعد هڪڙي راجپوت ڪن جي ڳالهه ٻڌائيندي خنجر هڻي ماريو، تنهن جي تاريخ: ’حاجي شهيد خنجر‘- سن 1194 هه.

همايون بادشاهه جي ڏاڪڻ تان ڪرڻ ۽ مرڻ جي تاريخ ته عام آهي: ’همايون بادشاهه از بام افتاد‘. صائب شاعر جي وفات جي تاريخ: ’صائب وفات يافت‘. زائر الهه آبادي شاعر جي ڄمڻ جي تاريخ ’خورشيد‘ ۽ مرڻ جي ’تاريخ‘ ’زوال خورشيد‘. غالب هندي شاعر فدائي خان جي زال جي مرڻ جي تاريخ هيءَ لڌي: ’زن فدائي خان مُرد؛ ۽ اتفاق سان انهيءَ جي هنديءَ مان به تاريخ نڪتي: ’فدائي خان ڪي جوروموئي‘. مولانا حيرتي محب حيدري هو. جڏهن وفات ڪيائين، تڏهن مولانا محتشم ڪاشي کي پاڻ خواب ۾ هيءَ تاريخ چيائين: ’شفاعت علي‘. سڀ کان عجيب هيءُ ته عرفي شيرازي شاعر، پنهنجي حياتي ۾ هڪڙي هنڌ بيت چيو هو:

بڪاوش مزه از گور تا نجف بروم، اگر به هند هلاڪم ڪني وگر به تتار.

[قبر مان اندران پنبڻن سان کوٽي پهچان نجف، جي ماريو هند ۾ مون کي يا ماريو مجهه تاتار.]

آخر جڏهن ماريو ويو ۽ ڪن ورهين کان پوءِ سندس لاش نجف اشرف ڏي دفن ٿيڻ لاءِ موڪلي ويو، تڏهن مولانا رونقي همدانيءَ خود سندس مٿينءَ چيل مصرع مان هيءَ تاريخ ڪڍي: ’بڪاوش مزه از گور تانجف آمد‘- سن 1027 هه.

ڪيترا مثال آهن، جن ۾ شاعرن اوليائن وانگي ڏيکاري ڏني آهي ۽ سندن ڪلام خدا جي درگاهه ۾ مقبول ثابت ٿيو آهي، ۽ اڪثر انهيءَ جو اهڙو اثر ٿئي ٿو جو ٻئي سڀ ڪنهن جو نه ٿيندو. شاهه ولي الله محدث دهلوي لکي ٿو ته هڪڙي ڀيري آءٌ اڪيلو واٽ وٺيو پنهنجي خيال پئي ويس ۽ شيخ سعدي جو هي شعر پڙهندو ۽ ان جي مضمون ۽ معنيٰ جي لذت وٺندو پئي ويس شعر:

جز ياد دوست هرچه ڪني عمر ضايع ست- جز سِرّ عشق هرچه بخواني بطالت است.

سعدي بشوي لوح دل از نقش غير حق،...

چوٿين مصرع نٿي آيم، اگرچ گهڻئي مٿا هنيم. اوچتو پٺيان هڪڙو پير مرد سفيد ريش اچي نڪتو، ۽ اها چوٿين مصرع پڙهڻ لڳو:

علمي ڪه ره بحق ننمايد جهالت است.

مون اها ٻڌي سندس شڪر گذاري ڪئي ۽ ڏاڍو خوش ٿيس، ۽ سلام عليڪم ڪري مون پان جي دٻي ڪڍي پان کائڻ جي صلاح ڪيس. پاڻ چيائين ته مون کي معاف ڪريو، آءٌ ڪنهن پاسي تڪڙو وڃڻو آهيان. ائين چئي، سلام ڪري، اُٿي تڪڙو اڳتي هليو ۽ گهٽي مٽي نڪرڻ تي هو ته مون سڏي چيس ته ’حضرت، ڀلا پنهنجو نالو ته ٻڌايو وڃو؟‘ هن چيو ته ’آءٌ سعدي آهيان!‘

شيراز جي هڪڙي بزرگ خواب ۾ ڏٺو ته عرش مجيد تي ملائڪ سعدي جو هيءُ بيت پڙهيو زمزمو پيا ڪن:

برگ درختان سبز در نظر هوشيار، هر ورقي دفتريست معرفت ڪردگار.

[ساوا وڻن جا پن هوش وارن جي حساب، حق جي سڃاڻڻ جي لاءِ هت هڪ پن ٿيو ڪتاب.]

پڇڻ تي چيائونس ته سعدي جي ڪلام مان اهو هڪڙو بيت خدا جي درگاهه ۾ زياده پسند ۽ قبول پيل آهي، ۽ انهيءَ جو ثواب هڪ سال جي تسبيح ۽ تهليل جي برابر رکيو ويو آهي. ساڳيءَ طرح شيخ ابوالقاسم گُرگاني وڏو بزرگ هو، ۽ ابوالقاسم فردوسي شاعر جو همعصر هو. جڏهن فردوسيءَ وفات ڪئي، تڏهن انهيءَ جي جنازي سان نه ويو ۽ نه انهيءَ تي نماز پڙهڻ ۾ شامل ٿيو، هو چيائين ته هن سڄي عمر مجوسين ۽ آتش پرستن جي تعريف پئي ڪئي آهي ۽ انهن جو احوال پئي لکيو اٿس- يعني ’شاهنامو‘. انهيءَ رات خواب ۾ ڏٺائين ته فردوسي بهشت ۾ مزي سان پيو گهمي! وڃي گڏيس ۽ پڇيائينس ته هي درجو ڪيئن مليئه؟ هن چيو ته شاهنامي مان منهنجو فقط هي هڪڙو بيت خدا جي درگاهه ۾ قبول پيو ۽ انهيءَ جي صدقي مون کي هي درجو حاصل ٿيو:

جهان را بلندي و پستي توئي، ندانم چئه هرچه هستي توئي.

[مٿانهين جڳ جي ۽ هيٺانهين تون، تون ڇا آهين سڀ ڪجهه هتي آهين تون.]

خواجه حافظ شيرازي اولياءُ به هو ته شاعر به هو. هو محدود سالڪ شمار ڪيل هو. مجازي معنيٰ وٺڻ ڪري ڪي شرع وارا ماڻهو سندس خلاف هئا. جڏهن وفات ڪيائين، تڏهن سندس مريد ۽ معتقد، مشائخن واري قبرستان ۾ دفن ڪرڻ لاءِ کنيو ٿي ويا ته مخالف ڌر وارن هنن کي روڪيو. طرفين جي وچ ۾ جهڳڙو ٿيو آخر ٺهراءُ ڪيائون ته سندس ديوان مان فال وجهجي ۽ انهيءَ تي عمل ڪجي. فال وڌائون ته هي بيت نڪتو:

قدم دريغ مدار از جنازهء حافظ، ڪ گرچه غرق گناه است ميرود به بهشت.

[ جنازي حافظ جي کان نه وانجهو پنهنجا پير، ٽٻي گناهه ۾ ٿو پر بهشت ڏي ٿو وڃي.]

پوءِ طرفين گڏجي وڃي مشائخن واري مقام ۾ دفن ڪيس.

حڪيم سنائي، مشهور شاعر ۽ اولياء هو. ان جو ڪتاب ’حديقه حڪيم سنائي‘ مشهور آهي؛ تصوّف بابت آهي. لطيفي جونپوري شاعر، ڪنهن مجلس ۾ ذڪر هلندي، انهيءَ جي توهين ڪئي ۽ چيائين ته اهڙي مثنوي آءٌ به لکندس. پوءِ انهيءَ وزن ۽ تتبع تي مثنوي لکيائين. جنهن ۾ نهايت قابليت ۽ فصاحت بلاغت ڏيکاريائين. پر انهي گستاخي ڪري سگهو ئي هو ڪوڙهه جي مرض ۾ گرفتار ٿيو. ساڳيءَ طرح فيضي شاعر جو ذڪر آهي ته شيخ سعديءَ جي هڪڙي بيت قبول پيل تي (’برگ درختان سبز‘) بيت ٺاهڻ گهريائين. ڏوليءَ ۾ بازار مان کنيو ٿي ويس، خيال ڪري هي بيت ٺاهيائين:

از هر بُن مو ميزند جوش، فواره فيض اوست در ڪوش.

[هر وار جي پاڙ مان وهندڙ ڦوهارو انهيءَ جي فيض جو آهي.]

۽ دل ۾ چيائين ته مضمون جي نظر تي سعديءَ جي بيت کان گهٽ ناهي. اوچتو مٿان ماڙي تان ڪنهن زال ٻُهر اڇلايو، جو اچي سندس ڏوليءَ تي ڪريو، ۽ ان تان ڇڻي اندر سندس منهن تي اچي پيو.شرمندو ۽ رنج ٿي، منهن آسمان ڏانهن ڪري، نهاري چوڻ لڳو ته ”قدردانيء عالم بالا معلوم شد.“

ڪن شاعرن شعر چوڻ ۾ قابليت ۽ استادي ڏيکاري آهي، جا جادوءَکان گهٽ ناهي. اهڙن شعرن کي ’سحر حلال‘ سڏيو اٿن.

مثلاً، بدرالدين اصفهاني هڪڙو وڏو قصيدو لکيو آهي، جنهن ۾ سڀ لفظ نقطن کان سواءِ ڪم آيل آهن! جئن فيضي شاعر، مصحف جو سارو تفسير عربيءَ ۾ بي نقطن لکيو آهي. اهو جادو نه ٿيو ته ٻيو ڇا ٿيو؟ نظاميءَ جو ”گنج“ هڪڙو ڪتاب آهي، جنهن ۾ نظم ۽ نثر ۾ يڪو قصو لکيل آهي؛ وري هر هڪ صفحي ۾ چار خانا آهن ۽ هر هڪ خاني جون سِٽون گڏي پڙهبيون، ته هر هڪ هڪڙو مزي جهڙو ڌار قصو آهي، جو پڻ نظم ۽ نثر ۾ آهي! منشي سهائي رام ’فارغ‘ هڪڙو غزل چيو آهي، جو چ.ئن بحرن ۾ پڙهي ٿو سگهجي‘‘ ٽن بحرن ۾ پڙهڻ وارا شعر ته گهڻن چيا اهن. اَملي شيرازي مشهور شاعر، جو حافظ شيرازي جي قبرستان ۾ ساڻس گڏ مدفون ٿيل آهي، جنهن جي ديوان ۾ ٻارهن هزار بيت آهن ۽ هڪڙي ساري مثنوي آهي، جا صنعت تحقيق ۾ لکيل آهي، ٻن بحرن ۾ پڙهي ٿي سگهجي ۽ دوقافيتين آهي- يعني ٻيو قافيو ساري مثنويءَ ۾ ’عمر‘ آندو اٿس. اها صنعت نهايت مشڪل سمجهيل آهي. مولانا عميق بخاري، ’يوسف زليخا‘ جي ساري مثنوي چئي آهي، جا ٻن بحرن ۾ پڙهي ٿي سگهجي. فارغ سبزواريءَ هڪڙو غزل چيو آهي، ۽ ٻئي هڪڙي شاعر وڏو قصيدو چيو آهي، جنهن جي هر هڪ مصرع مان تاريخ جو سال 1291 هه نڪري ٿو. اهڙا به غزل ۽ شعر آهن، جن جي هر هڪ مصرع ابتي سبتي ساڳي، يعني صنعت مقلوب ۾ آهي. ڪن شعرن ۾ اهڙا لفط آهن، جن جي فقط مٿان نقطا آهن ۽ ڪن ۾ فقط هيٺ آيل آهن؛ ڪن ۾ هڪ حرف ڇڏي ٻئي تي نقطو آهي؛ ڪن ۾ هڪڙو لفظ نقطيدار ۽ ٻيو لفظ بي نقطي، واري سان ٿو اچي؛ ڪن ۾ اهڙا حرف آهن، جي گڏي لکي ٿا سگهجن، ۽ ڪن ۾ ڌار ڌار. انهن قسمن جون صنعتون ڏاڍي چالاڪيءَ سان ڪم آنديون اٿن، جن جي مثالن ڏيڻ ۾ وقت لڳندو.

هڪڙو عالم ۽ شاعر شخص ٻاتو هو،يعني ’ذ‘۽ ’ل‘ اکرن جا آواز برابر نه ڪڍندو هو. انهن ۾ اٽڪندو هٻڪندو هو، جنهن ڪري ماڻهو مٿس کلند اهئا. ليڪن تقيرون چڱيون ڪندو هو ۽ شعر چڱا چوندو هو. ڪنهن ٻئي ملڪ ۾، هڪڙيءَ مجلس ۾، سندس حاسدن جي چورت تي کيس ڪنهن تقرير ڪرڻ لاءِ زور ڪيائون. هو ڪلاڪ کن تائين عمدي تقرير ڪري ويو، بلڪ ڪي شعر به پڙهيائين، ليڪن اهڙي چالاڪي ڪيائين جو ’ر‘ ۽ ’ل‘ وارن حرفن وارا لفظ اصل ڪم نه آندائين، جنهن ڪري سندس عيب ظاهر ٿئي ۽ ماڻهو کلن؛ اصل ٻيا ٻيا لفظن انهن جي بجاءِ ڪم آندائين، جن ۾ اهي اکر نه هئا. انهيءَ کي ’صنعت حذف‘ چوندا آهن. اهڙا شعر گهڻن جا چيل آهن. اهرو ذڪر ٺٽي جي نواب امير خان جو ڪندا آهن. عرب عالم واصل بن عطا جو به مشهور قصو آهي ته امتحان وٺڻ لاءِ چيائونس ته ”گهوڙي تي چڙهه ۽ نيزو هڻ“- اهي لفظ پنهنجي عربي ٻوليءَ ۾ چئه. عربي ۾ چئبو ’اِرڪب فرسڪ و اِطرح رمحڪ‘، پر هن چيو: ’اِعد جوادڪ و اِبق فنانڪ‘. اهي اکر پهرئين جملي جو نعم البدل آهن.

هارون رشيد جي هڪڙي خوبصورت ٻانهي ’خالصه‘ نالي هئي، جا رنگ جي سانوري هئي، ليڪن خليفي جي ساڻس ڏاڍي دل هوندي هئي ۽ ڪچهريءَ ۾ به پاڻ سان گڏ ويهاريندو هوس. هڪڙي ڀيري عربي شاعر ابو نواس خليفي جي تعريف ۾ قصيدو لکي آندو ۽ اجازت وٺي پڙهيائين؛ پر خليفو خالصه سان ڳالهائڻ ۾ مشغول هو ۽ قصيدي ڏي ڌيان ڪونه ٿيس. شاعر نااميد ٿي، آفرين يا انعام کان سواءِ موٽي ويو. چڙ مان ٻاهر در تي هي شعر لکي ويو:

لقد ضاع شعري عليٰ بابڪم، ڪما ضاع عقد عليٰ خالصه.

جڏهن ٿوريءَ دير کان پوءِ خليفي کي اهو بيت ٻڌايائون، تڏهن ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ هن کي وري گهرايائين. هن سهي ڪيو ته خلفيو ڪاوڙيو آهي، سو در کان اندر لگهندي، بيت ۾ آيل ’ع‘ اکر جو هيٺيون دائرو ڊاهي، الف همزو بنائي ڇڏيائين- يعني ’ضاء‘ [چمڪي ٿو] ڪري ڇڏيائين. جڏهن خليفي ڌماڪيس، تڏهن چيائين ته مون خالصه جي تعريف ڪئي آهي، هلي ڏسو. جڏهن هلي وڃي ڏٺائين، تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هن کي انعام ڏنائين- اگرچ هن جي چالاڪي سهي به ڪئي هوندائين.

خواجه هدايت الله شاعر، ايران جي شاهه طهماسپ جي وقت جو قابل شاعر هو. هن ’خمسه نظامي‘ جو جواب لکڻ قبول ڪيو. شرط اهو هو ته سڀ بيت ساري مثنويءَ جا ٻيءَ معنى ۾ هوندا، ۽ هر هڪ بيت لاءِ هڪ اشرفي ملڻي هيس- پر جي ڪنهن بيت مان ڪا سمجهه جهڙي معنى نڪتي ته انهيءَ هڪ هڪ بيت لاءِ سندس هڪڙو هڪڙو ڏند ڃي ڪڍيو. هن وڏي مثنوي لکي. عالمن جي ڪاميٽي مقرر ٿي، تنهن ٽي بيت چوندي ڪڍيا، جن لاءِ ٽي ڏند ڪڍيائونس ۽ ٻين بيتن لاءِ اشرفيون مليس. انهن بيتن مان هڪ ٻه بيت جو نمونو خود هيءُ آهي:

ليلى ز دريچهء تعلم، ميڪرد بپارسي تبسّم.

[تعلم سنديءَ دريءَ مان ليلى، ويٺي اتي پارسيءَ ۾ مُرڪي.]

ٻيو...

نه هر تشنه بيدار گردد بآب، نه هر مرغ انجير بيند بخواب.

[اُڃيو پاڻي سان جاڳي اهو ڪينڪي، ڏسي ڪين انجير ننڊ ۾ پکي.]

انهن کان سواءِ به ڪن شاعرن جون عجيب خاصيتون ۽ عادتون ۽ طبيعتون رهيون آهن. اهي ٻيءَ خلق کان نياريون آهن. مثلاً گهڻا اڪثر خشڪ دماغ، شوخ طبع، زود رنج ۽ بيپرواهه ٿيندا آهن. ٿوريءَ ڳالهه تي طبعت بگڙي پوندن ته پوءِ نه عزيز خويش جو لحاظ رکندا، نه استاد ۽ بادشاهه جو.

شاعرن جي دل آهي شيشي مثال، جو ڀڃي ان کي، زخمي ٿئي بحال.

عزيز خويشن جو مثال: مظهري ڪشميري شاعر، پاڻ به شاعر ۽ پڻس به شاعر هو. پاڻ شيعو هو، پڻس سني هو. شعر ۾ هڪٻئي کي گهڻو بد چيو اٿن، جي پڙهي ارمان ٿو ٿئي. ابوالعُلى مشهور شاعر هو ۽ ’استاد الشعراء‘ جو لقب هوس، ڇاڪاڻ جو خاقاني، سترابي، فلڪي ۽ نظامي جهڙا وڏا شاعر سندس شاگرد هئا. شاهه الپ سلمان سلجوقي وٽ ’ملڪ الشعراءَ‘ هو. انهيءَ پنهنجي شاگرد خاقاني کي پنهنجي نياڻي به پرڻائي ۽ بادشاهه وٽ جاءِ وٺي ڏنائينس. جڏهن خاقاني زور وٺي ويو، تڏهن مغروري ڪرڻ لڳو، تنهنڪري ٻنهي جو شعر تڪرار ۾ ٿيو. هڪٻئي کي بد شد چيو اٿن. فردوسيءَ جي هجوَ سلطان محمود غزنوي تي ڪيل مشهور آهي، جا اڃا تائين پيئي پڙهجي، ۽ انهي هجوَ جي ڪري مارجڻ کان فردوسيءَ وڃي بغداد جي خليفي وٽ پناهه ورتي. سلطان محمود خليفي کي لکيو ته انهيءَ ٻانهي کي پناهه نه ڏني وڃي. ان بهاني سان سلطان محمود ڪاهه ڪري بغداد ورتو ۽ بني اميه جي بادشاهي پوري ٿي. سنائي هروي شاعر هڪڙو قصيدو امير علي شير مغل بادشاهه تي لکيو. هن ٿورو انعام ڏنس. ڪاوڙ جي ساڳيو قصيدو... وڃي سلطان احمد مرزا کي ڏنائين، جنهن تمام چڱو انعام ڏنس. پوءِ اهو هڪڙو دفعو قصيدو لکي امير علي شير ڏي موڪليو ويو:

مرد انهي جو هو زردار نه مهر ڏنو،

ڏئي کسي ان کان مون ڏنو ٻئي کي.

سنڌ ۾ ثابت علي شاهه شاعر، سيوهڻ ۾ مُلن وٽ رهندو هو. مير ڪرم علي خان وٽ ملڪ الشعراءَ جي درجي تي هو. مير شيعو هو ۽ ملا سني هئا. ملن شعر ۾ سندس خبر ورتي آهي. هن انهن جي وڏي هجوَ شعر ۾ لکي آهي، جنهن ۾ هنن کي ڪچيون گاريون چيون اٿس. انهيءَ هجوَ جو نالو ”چِڻنگ“ رکيو اٿس. اهو آهي حال شاعرن جي طبيعتن جو.

شيخ ڪاشي، جنهن جو نالو رڪن الدين هو ۽ وڏو شاعر هو تنهن جا اٽڪل لک بيت چيل آهن. بيت جو نمونو:

تُرشرو جي صبح جو مون سان کڻي ٿئي آسمان،

شام کان اڳ سڄ جان نڪري ملڪ مان اُلهي وڃان.

آخر اتفاق به اهڙو ٿيو. پاڻ ميان شاهه عباس ايران جي بادشاهه وٽ ملڪ الشعراء جي درجي تي هو. هڪڙي ڏينهن صبح جو سندس ڪچهري ۾ ويو. صحبت ڪندي هُن ساڻس ڪنهن ڳالهه بابت پيشانيءَ ۾ گهنڊ وجهي ڳالهايو. خير، ٻيءَ رات جو ٻڌائين ته هو ايران ڇڏي ويو. انهيءَ کان پوءِ هلندي هلندي وڃي هندستان مان نڪتو. گهڻن ورهين کان پوءِ جڏهن شاهه عباس مري ويو، تنهن کان پوءِ موٽي اصفهان ۾ آيو ۽ پوءِ پنهنجي وطن ڪاشان ۾ آيو، جتي مئو.

ٻي هڪڙي عجيب خاصيت شاعرن ۾ ٿي گذري آهي، جو ديوانا ٿي رهيا آهن، جئن احمد ڄام، انهيءَ هوندي به، مجذوب اوليائن وانگر، اهي ديوانا نه هئا پر دانا هئا. جئن هارون رشيد جي ڏينهن ۾ بهلول ٿي گذريو. هڪڙو اهڙو شاعر بابا ظاهر نامي هو، جنهن کي سڏيندائي ’عرياني‘ هئا. يعني اُگهاڙو. انهيءَ جو شعر رباعين وانگي فقط دوبيتو آهي، ٻيا ڪي شاعر ٿيا جن هڪڙي ئي پوشاڪ هميشہ ڍڪي آهي، ۽ اها نه لاٿي اٿن.

ٻيو اهڙو شاعر سرمد فرنگي هو، جنهن جو نالو سعيد هو ۽ ڪاشان جو هو. اهو اصل فرنگي آرمني هو، جو پوءِ مسلمان ٿيو ۽ هندستان ۾ آيو. دارا شڪوه سندس ڏاڍو معتقد هو. انهيءَ وقت ڌاري سنڌ ۾ آيو ۽ ٺٽي ۾ اچي رهيو. هو اگهاڙو گهٽين ۾ گهمندو وتيو. قاضي ۽ ملان سندس ڪلام کان بيزار ٿي پيا سڀ سندس اهڙي طريقي کان رنج ٿيا ۽ مٿس الزام ٻڌائون ۽ شرعي فتوا ڏيئي، منصور وانگي ڦاسي تي چاڙهيائونس. عجيب اِهو ته انهيءَ قاضيءَ کي پوءِ سندس قصاص ۾ قتل ڪيائون. انهيءَ جي شعر جو نمونو هيءُ آهي:

آهيس ڪا وفا ته پاڻهي ايندو،

آهيس اچڻ روا ته پاڻهي ايندو،

تون ڇو ٿو رُلين پٺيانس، ويهه ماٺ ڪري،

جي آهي اُهو خدا ته پاڻهي ايندو.

ڪن شاعرن نهايت نازڪ ۽ اعلى خيال هڪ بيت يا ٻن مصرعن ۾ آندو آهي، جو دل کي ڏاڍو پسند آيو آهي ته انهيءَ جي لاءِ هنن کي وڏا انعام مليا آهن. مثلاً، مير رضي مشهدي، تخلص ’دانش‘، کي هڪڙي بيت لاءِ هڪ لک رپيا انعام مليو، جنهن جو ترجمو سنڌيءَ ۾ هي آهي:

اي ڪڪر! تون ڊاک کي سرسبز پيو رک منجهه بهار،

ڇو ڦڙو تنهنجو ٿئي موتي، سگهي ٿي جو شراب!

شاهجهان بادشاهه جي نياڻيءَ جهان آرا بيگم، باغ ۾ برقعو وجهي پئي سير ڪيو، ’ضميري‘ ظهراني شاعر، انهيءَ بابت ترت هي بيت چيو، جو ٻڌي پنج هزار رپيا انعام ڏنائينس. (ترجمو):

شهزادي برقعو منهن تي وجهي باغ ۾ گهمي،

تان بوءِ گل جِي مغز ۾ ن جي ڇڻي اچي.

نزاڪت ڏيارڻ لاءِ ٻيا به عمدا شاعرانا خيال آندا اٿس، جيئن ته

ڏس نزاڪت يار جي، جو رات آيو خواب ۾، صبح جو اٿندي چيئين مون کي ڪمر ۾ سور آهه.

عجب نازڪ بدن هو يار منهنجو، ڳرو چپ تي لڳس ٿي پان جو رنگ

جسم نازڪ اهڙو جو پهراڻ کان زخمي ٿئي، چپ سَنها اهڙا جو ڦٽجي ٿا پون پڻ ساهه سان، انهن سڀني ۾ صنعت مبالغه آهي، اهڙا عمدا شاعرانا خيال بيشمار آهن، ڪيترا مثال ڏيئي ڪيترا ڏبا.

پڇاڙيءَ ۾ خاص سنڌ بابت ڪي چوندس، قديم سنڌ ۾ نهايت عمدا فارسي شاعر ٿي گذريا آهن، وڏي يادداشت ٿي سگهي ٿي، ڪي مشهور هي آهن: بکر جو مير معصوم شاهه تخلص نامي روهڙيءَ جو سيد جان الله تخلص مير، ملانور الحق سيوهاڻي، محمد محسن، محمد ضيا ۽ محمد عظيم، ٻيا گهڻا ٺٽي جا شاعر. پوين مان به هالن جو آخوند محمد قاسم هو، انهيءَ کان پوءِ فارسي طرز ۽ بحرن تي سنڌي ۾ شعر چوڻ جو رواج سيد تابتعلي شاهه وڌو، جنهن انهيءَ قسم جو تمام گهڻو ۽ عمدو شعر چيو، ۽ ڪي انهيءَ نموني اڃا تائين چوندا اچن، انهيءَ نسبت ۾ انهن فارسي شاعرن جي پيروي ڪندڙن کي هيتري خبرداري ضرور ڪرڻ گهرجي ته خوشامد، مسخري، مبالغو، هجوَ ڪرڻ، يعني تيز طبيعت ٿيڻ _ اِهي جيڪي عيب مٿي ڏيکاريا ويا آهن، تن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، اڳئين زماني ۾ اخلاق مٿينءَ طرز جا هئا ۽ هاڻي ٻيا آهن مثلاً: خراب گار جهڙا لفظ اڳي عيب کان سواءِ ڪم آڻيندا هئا ۽ وڏن شاعرن ۾ عام آهن، پر هينئر اهو عيب آهي. من جي تعصب ۽ هجوَ جا اڳي عام ۽ روا هئي، سا به هاڻي روا رکي نٿي سگهجي. شيخ سعدي جهڙو اخلاقي شاعر به گندن حرفن ۽ خراب عشقي مضمون ڪم آڻڻ کان نه رهيو، پر هينئر اهو سڀ ناروا آهي. انهن کان اسان کي هن زماني ۾ گوشو ڪرڻ گهرجي.

ٻيءَ طرح انهن فارسي شاعرن جي نموني تي شعر چوڻ خراب ناهي، حقيقت ڪري هينئر ته پاڻ اڳي کان گهڻا ماڻهو سنڌي شعر چون ٿا، پر انهن مان گهڻا، جن کي فارسي ۽ عربي نٿي اچي ۽ علم عروض جي قانون مان واقف ناهن، سي گهڻيون غلطيون ڪن ٿا، جن جي کين خبر نٿي پوين. اهڙا بي قانوني شعر ڇاپائڻ ۾ به ٿا اچن! خطرو آهي ته عنقريب ڪيترن غلط صورتخطيءَ وارن لفظن ۽ اصطلاحن وانگي اهي عام ٿي ويندا، بلڪ مضبوط، تنهن ڪري، جيئن شروع ۾ مون چيو آهي، چڱي سنڌي شعر چوڻ لاءِ پارسي علم ۽ ٿوري عربي بلڪل ضروري آهي، ۽ علم عروض خاص طرح ڄاڻڻ گهرجي، اردو يا سنڌي شعر ۾ پارسي شاعرن جا خيال ٿا اچن، سي پارسي ڄاڻڻ کان سواءِ اچي نه سگهندا، هاڻوڪي شعر جي صورت جو اهو حال آهي، ۽ باطني مضمون جو وري هي حال آهي ته اڪثر اخلاقي ۽ تعليمي مضمون کي ڇڏي، عشقي ۽ صوفيانا اصطلاح ۽ مضبوط ڪم ۾ ٿا آڻين، جنهن جي حقيقت شايد هو پاڻ به پوريءَ طرح نٿا سمجهن. گهڻو ڪري انهيءَ جو سبب هي آهي ته هن وقت ۾ هندو ۽ مسلمان جو پاڻ ۾ اتحاد ۽ رابطو زياده ٿيندو وڃي، سو انهيءَ نظر تي هاڻوڪو ظاهري صوفي مذهب به جتي ڪٿي زور وٺندو وڃي، انهيءَ پردي ۾ ڪيترائي غير شرعي ۽ نامناسب ڪم ڪرڻ ۾ ٿا اچن ۽ نامناسب ڪلام چوڻ ۾ ٿا اچن، انهن تي مست ٿيو، هندو ماڻهو مسلمان مرشدن جا ۽ مسلمان هندو فقيرن جا مريد ۽ معتقد ٿيندا وڃن، انهيءَ طرح پير پرستي ۽ شرڪ پسندي ملڪ ۾ زياده ٿيندي وڃي. هينئر ڪيترائي ماڻهو صوفي ويس ۾ رهي، مريد ۽ ٻالڪا به گڏ ڪن ٿا ۽ پيسو به ڪمائين ٿا. منصور وانگي، خدا يا خدا جا اوتار سڏائيندا وتن ۽ مجذوب صوفين وارا اصطلاح ۽ شعر به چوندا وتن، جن جا مثال مون مٿي شطحيات ۾ ڏنا آهن، اهڙن صوفي مشرب ۽ اهڙن صوفيانه شعرن جي گهڻي سنڀال ڪرڻ گهرجي. پهرين ضروري علميت حاصل ڪري، پوءِ اهو شوق ۽ ڌنڌو اختيار ڪجي. انهيءَ بابت آءٌ اوهان کي هڪڙو پنهنجو شعر ٻڌائي بس ڪندس، جو اصل صوفين جي مجلس وارن لاءِ لکيو ويو هو.

شعر:

طالب آهين منجهه طلب صوفين جي، وٺ امتحان،

وئي وڌي پيري مريدي هر طرف اڄ منجهه جهان،

گرچه ٿيا صوفي سچا موجود اڄ پڻ جڳ اندر،

پر لِڪا گهمندا وتن، مشڪل سڃاڻڻ سي سُجان.

ورتو ڪن گوشو، ۽ ڪي ڪاسب ۽ خادم خلق ۾،

ڪر سهي صحبت ۾ سي، اخلاق ٿيا تن جا نشان.

دست تن جو ٿيو بَڪار ۽ دل انهن جي ٿي بَيار،

ڏس تون باطن کي، ۽ ظاهر تي نظر ڪر تن جي ڪانه.

صلح ڪُل مذهب انهن جو، ڪو تعصب تن کي ناهه،

هندو ۽ مسلم وٽن، مسجد مڙهي ٻئي هڪ سمان.

خير شر تن شِير شُڪر جان گڏايو جڳ اندر،

نت سي مسڪين ۽ نماڻا درد وارن جا ضمان.

سي ڪڪر جان ٿا وٺن کارو، ڏين موٽي مَٺو،

گار لئه تن وٽ دعا ۽ ٻوڏ لئه ’جي‘برزبان

رات جو جاڳن، مرن بک ڏينهن جو پَٽ تي سمهن،

ٿي فقيري تن کي شاهي، ۽ گدا ٿيا تن جا خان.

تن جا مونا طور سينا، تن جو پڻ معراج سو،

ٿا وڃن لحظي ۾ اُت، لاهوت ٿيو جت لامڪان.

تن جو ڪعبو آهي دل، ٿا ان کي هر دم ڪن طواف،

’وَهُوَمعڪم‘ تي هلن، حق کي ڏسن ٿا منجهه نهان.

ليکجن نادان ۽ ديوانا، ڪافر، رند پڻ،

پر وٽن ٿيو عقل ايمان، زهد تقوا بيڪران.

’شاهه‘ آهي سچ چيو، ”ويا مور ۽ هنج سڀ مري،

اڄ وطن ٿيو ڪانئرن ڪوڙن جو“، يارو منجهه زمان.

علم اڄ جلدن ۾ ۽ قبرن ۾ ٿيا عالم سچا،

ٿيا گهڻا رهزن ۽ رهبر ٿورا، اي دل، ڪر ڌيان.

هي زمانو زور ۽ زر جو، نه زاريءَ جو اٿئي،

جاءِ حق جي آهي زر ورتي، الاهي، الامان!

پير مرشد زر جي خاطر زور سان ڪن ٿا مريد،

ٿا سڏائن صوفي ۽ درويش، پر ٿيا حڪمران،

ٿا ٽِلن مورن جان، ميرن جان وتن ڪندا شڪار،

حاڪمن جان گشت ڪن، کائن سدا حلوا ۽ نان.

رنگ گيڙوءَ جو هڻي ڪپڙن کي صوفي ٿا ٿين،

مشتري صورت، مگر مريخ سيرت بيگمان.

صبغةالله سان نه سي دل پنهنجي کي يڪرنگ ڪن،

سانڊي وانگي رنگ بدلائن اهي ٿا هر زمان.

ويس ڪن پِيلو ۽ نيلو، ابلق ۽ ارزق ٿين،

چرخ ارزق وانگي مردم ڪُش ٿين ۽ جانستان.

دم ’اناالحق‘جو هڻن، حُقي جان ’حق حق‘ ڪن سدا،

حق سڃاڻن ڪين، پنهنجو پڻ نه ڄاڻن سي نشان.

ٿياسي بازيگر، وجهن پُتلين جي بازي خلق ۾،

اسب چوُبين وارو ڪيئن بهرام چوبين ٿئي جوان!

ٿيو جڏهن اهو زمانو، ملڪ نااهلن جو ٿيو،

گوشو تڏهن بهتر، تون عنقا جان وڃي رهه قيروان.

فڪر ناجنسيءَ جي کان آدم هو نڪتو مان بهشت،

ظلم نااهلن جي کان عيسى ڀڳو ڏانهن آسمان.

ماڻڪي اک جي نه ڏي، شيشي جي ماڻڪ تي، اي دل!

زاري بهتر، ڏي نه هرگز زور زر تي پنهنجي جان.

آيا اڄ يا جوُج ماجوج ۽ اُٿيو دجال پڻ،

ڏَس ڪو عيسى جو ڏيو، ڪٿ آهي، مهديءَ جو مڪان.

مر مزا ڪر، صوفي، مسند تي ويهي پيو ڪر مريد،

خُلق مون لئه، خَلق تو لئه، خورد آءءٌ تون ڪلان.

تون ئي مرشد، مرتد آءٌ، تون شرع ۾ آءٌ شعر ۾،

ٿي مِٺي ماٺ، اي ”قليچ“، اڳتي نه ٿي تون قصه خوان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com