سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1962ع

مضمون

صفحو :11

رابيندر ناٿ ٽئگور           

سنڌيڪار: جهامنداس ڊي _ ڀاٽيا

ادب جو ڪم

ٻاهرين دنيا جڏهين اسان جي احساسن اندر داخل ٿي ٿئي، ته اُها بلڪل ٻئي نموني جي ٿيو ٿي پوي. سندس ڊول اگرچ ساڳيو ئي ٿو رهي، ته به ڦير گهير سندس سَتَ ۾ ضرور پيدا ٿيو پيو. سندس رنگ، آواز، وغيره ساڳيا رهندي به اسان جي پسنديءَ ناپسندي، اسان جي حيرت ۽ خوف، اسان جي غَمَ ۽ خوشيءَ سان رڱجيو ٿا پون. انهيءَ طرح اُهي اسانجن امنگن، لاڙن، لاڳاپن، فڪرن ۽ ذڪرن، خيالن ۽ افعالن سان مليو، بدلجو ٿا پون. سندن بدل سدل اسان جي دنيا ۾ ڦيرو ٿي آڻي وجهي. اُن جو گهيرو ۽ گهوم. اَن جو ويڙهو ۽ جهوم، اهڙا ته بدلجيو ٿا پون جو وسهڻ ۾ ائين پيو اچي ته دنيا ئي نئين سر اسان کي نئون نظارو ڏيکارڻ، نئون پسارو پَسائڻ لاءِ پيدا ٿي پيئي آهي، انهيءَ نئينءَ دنيا جو اسان سان گهاٽو ۽ گهرو ڳنڍُ ڳنڍجي ٿو پئي، جن انسانن کي هاضمي جي رسن جو پورو ورثو ڪونهي، سي کاڌي کي پنهنجي بدن کي هلائڻ لاءِ سَگهه ۽ سَتا ۾ بدلائجي نٿا سگهن، ۽ نه پنهنجي جسم کي جوانن وانگيان ورائي ٿا سگهن. ساڳيءَ ريت، جي ٻاهرينءَ دنيا کي امنگن جو اڪسير سان بدلائڻ ۾ ڪامياب نٿا ٿي سگهن. ساڳيءَ ريت جي ٻاهرينءَ دنيا کي امنگن جا اڪسير سان بدلائڻ ۾ ڪامياب نٿا ٿي سگهن، سي پنهنجي دنيا بنائڻ ۾ ڪاهل ۽ ڪمزور ٿا ثابت ٿين.

پوئين نموني جا انسان زندگيءَ جو مڪمل مزو نٿا وٺي سگهن، ۽ نه اُهي ڪو مزو ڏيئي ٿا سگهن، اُهي سدائين پنهنجيءَ پيدائش واريءَ دنيا کان گهڻي قدر محروم آهن، ۽ تنهنڪري پنهنجي همرفيقن کي پاڻ کان اڳرو خوش مزاج ڏسي مجروح ٿيندا ٿا رهن. سندن دلين کي ٿوريون ڪي گهڻيون دَريون آهن، مگر نه کين ڪو کولڻ جو آر آهي ۽ نه منجهن جو دنيا جي موسيقي ماڻڻ جو ڪو سُر آهي، هٿڙا هڻندي به، اُهي ڳٿن مان ڳچيون ڪڍي نٿا سگهن. ليئي ۽ جهاتيءَ وجهڻ لاءِ واجهائيندي به سندن اکين ۾ ڪو عڪس نٿو اُڪري اچي. دنيا جي وچ ۾ رهندي به هو جلاوطن ٿي جلندا ٿا رهن. ٻئي طرف کان اُهي انسان آهن، جن جا عبرت _ عشق ۽ آڏاري جا احساس خوش قسمتيءَ سان سدا سجاڳ آهن. اهڙن انسانن لاءِ قدرت جي ڪُنڊ ڪُنڊ ۽ ڪوٺي ڪوٺي ڪانڍ جهليو بيٺي ٿي رهي. انسانيت، دلين جي چُرپُر، سندن زندگيءَجي لڙهين ۾ همدرديءَ جي لرزش پئدا ڪندي ٿي رهي. انهيءَ ڪري، ٻاهرين دنيا سندن لِکَ ۾ نئينءَ ريت ۽ نئين روپ ۾ پيدا ٿي رهي. اهڙي رنگ ۽ روپ ۾ زندگيءَ جو زور آهي، اُن ۾ موڙ آهي ته ڇوڙ به آهي؛ اُن ۾ اُڀَرَ آهي ته اُڇَل به آهي؛ اُن ۾ چاڙهه آهي ته لاههُ به آهي؛ جوش آهي ته هوش به آهي جنون آهي ته سڪونُ به آهي، اِها زندگي احساسن جي پکيڙ ۽ کيڙَ مان اوڪرڻ ڪري ئي کين حاصل ٿي ٿئي.

دنيا به اهڙن انسانن لاءِ پنهنجو پاڻ نئين روپ ۾ بنائيندي، وِک وڌائيندي، سندن اوڏي اچي ٿي ٿئي. دل مان پيدا ٿيل هوندي دل جي پهچ کان پري رهي نٿي سگهي. دماغ جي بخششن سان پُر ٿيل هئڻ ڪري، دماغ ان جي اندروني تهن ۾ ترڪي وڃي سگهي ٿو. اهڙي دنيا انسان کي صرف اها خبر ڏيئي نٿي سگهي ته هيءَ ڪاري آهي، ۽ هوءَ اڇي، هيءَ ننڍي آهي ۽ هوءَ وڏي، پر هوءَ جدا جدا سرن ۾ اڻوڻندڙ ۽ وڻندڙ چيزن بابت گيت ڳائيندي ٿي رهي. هوءَ هرکائيندڙ ۽ ڌڪاريندڙ، چڱي ۽ مَٺي جي سُڌ ڏيندي ٿي رهي. هيءَ انسان جي دنيا هڪ دماغ کان ٻئي دماغ ڏانهن وهندي ٿي رهي. انهيءَ جي وهڪ، اونهي ۽ جهوني هوندي به، سدائين نئين رهندي ۽ ٺهندي ٿي اچي. ان کي جُڳان جُڳ تازا حواس ۽ تازيون دليون نئون ڪنديون ٿيون رهن.

سوال تڏهين اهو ٿو پيدا ٿئي ته اِها دنيا هٿ ڪيئن ايندي ۽ ڪيئن اُن جي مٿان ضابطو پائي سگهبو، جيسين اها اندروني دنيا ٻاهر پکڙجي ظاهري روپ اختيارنه ڪندي، ته اُها ڀڄي ڀُري، ٽڙي پکڙي ويندي، جنم وٺندي، هيءَ زنده دنيا، پکڙجڻ کان پاسي ٿي، اسان جي اندر ۾ ئي گُم ٿي ويندي. پيدا ٿيندي ئي منجهس اِها آس اُڀري ٿي ته شل هوءَ پنهنجي زندگي قائم رکي سگهي _ ۽ انهيءَ ڪري محڪم حيثيت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪانکي آهي. انهيءَ ڪري ايامن جي دور ۾ انسان جي اندر ادبي اظهار جو اراُڀرندو، اُسرندو، وڌندو ۽ ويجهندو پئي رهيو آهي.

اَدب بابت ڪنهن به فيصلي ڏيڻ ۾ ٻن ڳالهين جو ويچار ضروري رکڻو ٿو پوي: پهرين ڳالهه جا ڌيان ۾ آڻڻي ٿي پوي سا هيءَ آهي ته ڪيتريقدر مصنف ڪائنات جي مکيه حصي تي قبضو ڪري سگهيو آهي؛ ۽ ٻي ڳالهه وري هيءَ آهي ته هو ڪيتريقدر انهيءَ حاصلات کي دائمي روپ ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. جت انهن ٻنهي مرادن موافق ميلاپ ۽ مڌرتا حاصل ڪئي آهي، اُت نتيجو چڱي کان چڱو ٿو ڀانئجي، اهي ٻئي هڪ هنڌ ڪاميابي حاصل ڪن، سا ڳالهه تمام مشڪل پيش ايندي آهي.

جيتري ويڪري ادبي ڪلاڪار جي احساسن جي پکيڙ هوندي، اوتري ئي اونهي خوشي اسان کي ان مان حاصل ٿيندي، ۽ ايڏي ئي ڪشادي انسان جي دنيا هو پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو، جا، وقت جي وٿن کان آزاد هوندي، انسان ذات جي لاءِ راند جو ميدان بنجيو ٿي پوي، پر اُڀاريندڙ ادب ۾ ڪاريگريءَ جي اهم ضرورت آهي، اگرچ بيان ٿيل چيز کڻي خسيس به هجي، ته به ڪلا، جا اُن جي اظهار لاءِ ضروري آهي، سا رواجي نه آهي، اها ته جيڪي سو ٻوليءَ لاءِ دائمي حاصلات آهي، جا انسانذات جي بيان ڪرڻ جي طاقت جي طاقت کي وڌائيندي ٿي رهي، ڪامياب ليکڪن جو قرض، پڙهندڙن کين ساراهه جي روپ ۾ ڏيندا ٿا رهن.

سوال تڏهين اهو ٿو پيدا ٿئي ته امنگ انسان جي اندر ۾ جا نئين دنيا کڙي ٿا ڪن، تنهن کي ڪهڙيءَ طرح بيان ڪجي جو امنگن جو وجود اُن وسيلي ۾ نابود ٿي نه وڃي، پر جيڪي سو اُهو اظهار ڪرڻ واريءَ ٻوليءَ دوران بکندو رهي. انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته ٻولي سينگار جي ڪُل سامگريءَ جي ساهتا حاصل ڪري.

ڌنڌي ۾ جڏهين انسان مشغول ٿو ٿئي ته سندس پهر ۽ پوشاڪ سادي ٿي ٿئي، اُها جيتري سادي، اوتري بهتر، عورت، ٻئي طرف، سڀني سڌريل پنگتن ۾، پنهنجي هارَ سينگار ۽ پنهنجي ٺاهه ٺوهه جا سمورا ساج ڪتب ٿي آڻي _ ڳهه ڳٺا نه پائي، سنوار سنوت نه ڪري، مهٽ چهٽ کان منهن موڙي، ته هوند سندس بکڻ تي بيهجي وڃي. ڪيتريون چيزون کڻي غير ضروري مرد کي معلوم ٿين، مگر عورت لاءِ اُهي لازمي آهن، جو عورت جو واسطو دل سان آهي، کيس ٻين جي دلين کي موت ڪري، پنهنجي دل کين ارپڻ ڪرڻي آهي، انهيءَ مراد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته هوءَ غير ضروري ساجَ ڪم ۾ لڳائي. مرد ته جيئن جو تيئن ٻين اڳيان اچي وڃي سگهندو، مگر عورت لاءِ اهنجو آهي، ائين ڪرڻ، مرد لاءِ صفاگو ۽ راست رو رهڻ ٺيڪ آهي، مگر عورت ماٺ، ڳجهه ۽ لِڪ کان رهي نه سگندي. سندس انڪاري، اشارا، موڙا ۽ چشمن جا اوڀارا ۽ لهورا چارا ڏيکارا، آهن، ڏيهه ڪنهن ٻئي جا، جنهن جي معنى سمجهي سگهڻ جي سگهه آهي ئي ڪن سگهڙن کي!

ساڳيءَ طرح ساهت کي سينگار جو کَپُ آهي، جيئن اُو پنهنجي مرد حاصل ڪري سگهي، سندس سينگار جا هارَ ۽ هَسيون، ڪوڪا ۽ ڦُليون، ڪنگڻ ۽ ڇلا، آهن ئي گهڙت ٻيءَ جا، پَدن جو ميل، آواز جو ٺڪاءُ، تشبيهه ۽ خوش گوئي _ اهي آهن ڪي سينگار جا وسيلا، ادب جي ٻولي سائنس ۽ فلسفي وانگيان ڪنجوسيءَ کي خصلت بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهندي. بيصورت کي صورت دواران ظاهر ڪرڻ لاءِ، ٻوليءَ کي جمال ۽ جلال لاءِ جاءِ ضروري ڇڏڻ ئي گهرجي، جو اهي انگ ادب جا اهڙا اهميت وارا آهن، جهڙا عورت جا حيا ۽ نزاڪت ڀريا رنگ، نقل ڪرڻ سان ادب اهي انگ حاصل ڪري نه سگهندو. مٿس ڳهن ڳٺن جو پاڇو اهڙيءَ طرح ته نه پئي جو اهو خود ئي لڪي غائب ٿي وڃي. سينگار جي سنجن دواران ئي ساهت جي سونهن کي ظاهر ٿيڻ جو وجهه ملندو رهي.

جيڪي لفظن ذريعي ظاهر ڪيو ويو آهي، تنهن ۾ جيڪي ظاهر ٿي نه سگهيو آهي، تنهن کي جاءِ ڏيڻ لاءِ ٻوليءَ کي ٻن ٻين اوزارن کي مددگار بنائڻو پوي ٿو: موسقي ۽ مصوري اِهي ٻئي سينگار جا وسيلا آهن، جن کي ٻولي پنهنجو هٿيو بنائي پنهنجي مراد حاصل ڪندي ٿي رهي، جيڪي لفظ ۾ چيو نٿو وڃي، تنهن کي موتن دواران ظاهر ڪري ٿو سگهي، ادب ۾ تصويرن بنائڻ جو ته ڪو انت ئي ڪونهي. تشبيهه، استعارو مثالي ڪهاڻي _ اِهي عام رواجي صورتن ٺاهڻ جا وسيلا آهن، جن جي معرفت انساني امنگ، جي ظاهر ٿيڻ جي آرزو رکندڙ آهن. سي صورت وٺي هستي حاصل ڪري سگهن ٿا. مثال طور، هن سٽ تي ويچار ڪري ڏسو: ”اکيون منهنجيون پکي آهن، جي پَسڻ لئه اوهان جي پرواز ڪن ٿيون.“ انهيءَ گفتي ۾ شاعر ڇا ڇڏيو آهي، اکين جي اُڪير اکرن ۾ اظهار ڪرڻ اهنجي هئي، مگر جڏهين پکي بنائي کين پرواز ڪرايو ويو، تڏهين ئي مطلب سِڌ ٿي سگهيو ۽ دل جي جلڻ پوري ظاهر ٿي سگهي.

موسيقيءَ جي مدد به اهڙي ئي اڪثر گهُري ويندي آهي، جهڙي نقشبنديءَ جي لفظن جي للڪار ۽ مڌر اقرار سان ٻوليءَ ۾ راڳ جو رَس آڻي، اڻ ٻوليل ۽ اڻ کوليل جو اظهار آڻي ٿو سگهجي. لفظ تکا ۽ چڀندڙ، موسيقي جي مدد سان ٿيو ٿا پون. معنائون جي مٿاڇريءَ نظر اُڇلائڻ سان رواجي معلوم ٿين، تن کي موسيقي مائيدار بنائي، حسن بخشيء ٿي ڇڏي.

مصوري ۽ موسيقي، ادب جا ٻه جزا آهن، مورت خيال کي خَطُ ٿي عطا ڪري، ته موسيقي کيس چرپر ٿي بخشي، مورت جسم آهي، ادب جو، ۽ موسيقي سندس زندگي آهي.

انسان جي صرف دل نه آهي، جا ادب ڏانهن دائمي مقام بنائڻ لاءِ واجهه وجهندي ٿي رهي: انساني فطرت به حواس سڌي طرح سمجهي سلجهائي نٿا سگهن، جهڙي هو معدني قدرت ڪري سگهن ٿا، اها انسان جي حڪم هيٺ ماٺ ۾ نٿي اچي وڃي: جيتوڻيڪ اعلى ۾ اعلى ويچار جوڳي کڻي ڇو نه هجي، ته به پڃري ۾ پاليل پکيءَ جيان کيس ٻين اڳيان ظاهر ڪري نٿو سگهجي.

ادب، تڏهين پاڻ تي انهيءَ ڀَڄندڙ ترڪندڙ انساني فطرت کي اندروني تهخاني مان ڪڍي، عملي جٽادار روپ ڏيڻ جي جوابداري هموار ٿو ڪري، هي ڪم تمام ڪٺن ڪشالي جو آهي، ڇاڪاڻ ته انساني فطرت نڪي هڪ ڪَري آهي ۽ نه کيس ڪو قيد آهي جو پنهنجي خيال ۽ مرضيءَ موجب ڦري گهري نه سگهي، انساني فطرت کي طبقا آهن، کيس گهڻائي تهه آهن، سندس اونهاين ۾ گهڙڻ اهنجو آهي. اهڙي جريت سندس حياءُ قبول ئي نه ڪندو. ان جي راند اهڙي ته لطيف آهي، اهڙي  وقت جي پائبندين کان آجي آهي، ۽ اهڙي ته ويچار جي جهَل پَل کان خالي آهي، جو سندس ڇيدُ ڪري سگهجي ئي ڪين ٿو. دل سان تڏهن ان کي احساس ۾ آڻڻ جو اُراعليٰ بيدار ۽ ڄمندي ڄام انسان کي ارپيل آهي، اسان جا وياس، والميڪي (رامائڻ جو رچيندڙ)  ۽ ڪاليداس (شڪنتلا جو مصنف) اهو ڪَم ڪندا پئي رهيا آهن. شاعرن ۽ مشاهدي وارن کي اندرين تهن ۾ گهڙي وڃڻ جي ڏات ڏنل ٿي ٿئي.

هاڻ، سموريءَ ڇنڊڇاڻ بعد، هڪ ئي لفظ ۾ کڻي چئون ته ساهت جو سنٻنڌ انسان جي امنگ ۽ اخلاق سان آهي. اخلاق جو اضافي طور ذڪر ڪرڻ اجايو آهي. اسان کي ته پاڻ ائين چوڻ کپي ته انساني فطرت ۽ ٻاهرينءَ قدرت جي روُپن ۽ ويس جو _ جيڪي انسان جي دل کي پهريندا ۽ اختيار ڪندا ٿا رهن، راڳ جي اوت الائيندا ٿا رهن. اکرن ۾ اظهار ڪرڻ“ ادب جو ڪم آهي، اُهي مڌر مٺا گيت جي وِسُ ڳائيندي ٿي رهي، ادب وري وري اُنهن کي دهرائي ٿو. زندگيءَ جي بنسريءَ ۾ سوز ڀريا راڳ ۽ راڳڻيون، لهرا ڏينديون ترڪنديون ٿيون اچن ۽ اسان جي اڳيان پيئيون نچن، ساهت اُنهن کي جهٽي ۽ جهپي، ٻوليءَ ۾ هميشه لاءِ قابو رکندو ٿو رهي.

ادب ڪنهن خاص جي ملڪيت نه آهي. خود مصنف اُن جو خاوند نه آهي، اِهو اِلاهي اُڀَرَ جو اظهار آهي. اِلاهي اُن کي انهيءَ ڪري ٿو ڪوٺجي جو شاعر خود پنهنجيءَ لکت تي تعجب ۽ تپرس ۾ ٿو پئجي وڃي. جيئن ٻاهرين دنيا پنهنجي چڱائي مَٺائي جو اظهار لڳاتار ڪندي ٿي رهي ۽ پنهنجين حاصلاتن ۽ اڻپورائين کي روپ دواران پڌرو ڪندي ٿي رهي، ساڳيءَ طرح هيءَ اِلاهي اُڀَرَ به هر ڪنهن ديس ۾، هر ڪنهن قوم ۾، هر ڪنهن ٻوليءَ دواران، پنهنجو رستو اسانجين دلين مان لهي، ٻاهرين شڪلين ۾ ظاهر ڪري، هميشه لاءِ خوشيءَ جو ذريعو ٿيندي ٿي رهي.

 

”مهراڻ“ جا موتي

• ”هڪ گهَڙيءَ جو غور ۽ فڪر، سٺ سالن جي عبادت کان افضل آهي.“ - حضرت محمد صلعم.

• ”بهادري اِنهيءَ ۾ ڪانهي نه ڪُشتيءَ ۾ هڪٻئي کي پتوڙجي؛ پر بهادر اُهو آهي، جيڪو غصي جي وقت پاڻ کي ضابطي ۾ رکي.“ - حضرت محمد صلعم.

• ”ڪنهن بيگناهه تي ڏوهه مڙهڻ جي ڳالهه ڌرتيءَ کان زياده ڳري آهي؛ سج آسمان کان زياده ڪشادو آهي؛ بدگماني پيدا ڪندڙ جي دل پٿر کان زياده سخت آهي؛ ظالم حاڪم باهه کان زياده جلائيندڙ آهي؛ ڪنجوس جي دل پاري کان زياده ٿڌي آهي؛ صبر ڪرڻ ۽ سهپ ڌارڻ زهر کائڻ کان به ڏکيو ۽ ڪَڙو ڪم آهي.“ - حضرت علي ؓ.

• ”زندگي عمر درازيءَ ۾ پوشيده نه آهي: زندگيءَ جو راز زندگيءَ جي اَٿاهه ذوق، اڻکٽ روانيءَ ۽ پيهم تازگيءَ ۾ ئي مضمر آهي.“ - رؤسو.

• ”نيڪ ماڻهوءَ جي وڏائي آهي ضمير جي زندگيءَ ۾.“ - ٽامس ڪيمپس

• ”پنهنجي دشمن جي راءِ تي هميشه غور ڪر؛ ڇو ته تنهنجي ڪمزوريءَ ۽ برائيءَ کي سڀ کان وڌيڪ تنهنجو دشمن ٿو ڄاڻي.“ - ائنٽيٿنيز.

• ”آءٌ پنهنجن شعرن ۾ اُنهن جو ئي ذڪر ڪندو آهيان، جيڪي ڏيئي ڀُلائي ڇڏيندا آهن؛ ۽ ٻيا اُهي، جيڪي وٺي وساريندا نه آهن: جيڪي انسان انهن ٻنهي مان نه آهن، تن جي ياد به پاپ آهي.“ - ناگوچي.

• ”آءٌ هٿيارن ۽ جنگ جي ڌمڪيءَ کي به ايتريقدر ئي خراب ٿو سمجهان، جيتريقدر خود جنگ خراب آهي.“ - ٽالسٽاءِ.

• ”شاعري هڪ باهه آهي، جيڪا انسان جي جسم اندر ڀڙڪي رهي آهي: جيڪا جلائي ٿي، گرم ڪري ٿي، ۽ روشني ڏئي ٿي.“ - ٽالسٽاءِ.

• ”محبت جو راز، موت جي راز کان عظيم الشان آهي.“ - آسڪر وائلڊ

• ”زندگيءَ جي ڊگهي سفر ۾، مون کي فقط ٽي شيون هٿ آيون آهن. اِهي ٽي املهه شيون سدائين مون سان گڏ رهنديون: منهنجو هيءُ اول عقيدو آهي ته زندگيءَ ۾ ڀل ته ڪيتريون ئي تڪليفون ۽ ڪيترائي ڪَشٽ اچن، پر زندگي تڏهن به بيحد سُندر ۽ بيحد حيرت انگيز چيز آهي؛ منهنجو ٻيو عقيدو هيءُ آهي ته پنهنجو فرض سڃاڻڻ ۽ ان کي نباهڻ، زندگيءَ کي سُکي ٿو بنائي؛ ۽ منهنجون ٽيون عقيدو هيءُ آهي ته ظلم، نفرت، تشدد ۽ بي انصافيءَ سان دنيا ۾ ڪڏهن به روحاني، اخلاقي يا مادي خوشحالي ڪانه آڻي سگهبي: سُک ڏانهن صرف هڪ ئي شاهي واٽَ آهي- پيار جي!“ - ساروڪن.

 


 

 

”آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين!“

(شاهه)

 

عثمان علي انصاري، مرحوم.

هيءَ خبر سنڌي ادب لاءِ وحَشت اثر ثابت ٿيندي ته سنڌي ادب جو هڪ اديب ۽ عالم، مخلص ۽ محقق، جناب عثمان علي انصاري صاحب، 2- سيپٽمبر 1962ع تي، ڪراچيءَ ۾، داعي اجل کي لبيڪ چئي، هن دارفانيءَ کان موڪلائي، عالم جاودانيءَ ڏانهن راهي ٿيو- انا لِلهِ وانا اليہ راجعون.

محترم انصاري صاحب پنهنجي ذهني ۽ فڪري، علمي ۽ ادبي حيثيت سان سنڌي ادب ۾ انفرادي مقام تي پهتو هو. سندس شخصيت ۾ علوّ ۽ نيڪي، محبت ۽ مروّت، رعب ۽ عظمت جا جوهر سمايل هئا. سدائين شگفته مزاج ۽ رلڻو ملڻو رهيو؛ اجائي وڏائي ۽ ديکا ديکيءَ کان هميشہ پري رهيو. سندس مطالعو، علم و فن جي هر پهلوءَ تي حاوي هو. سندس گفتگو شگفته ۽ شسته، مذاق ۽ مزاح سان ڀرپور هوندي هئي، انصاري صاحب سان ملاقات ڪرڻ کان پوءِ هرڪو افسرده ۽ رنجيده شخص، شگفته ۽ دلي سرور حاصل ڪري پوءِ موٽندو هو. سندس چهرو ڏيا وارو هو. ڪشاده پيشاني، ڪتابي، خط و خال، سندس دلي پاڪيزگي ۽ طبعي سادگيءَ جا دليل آهن.

سنڌي علم و فن، تهذيب ۽ ثقافت، باالخصوص شاهه لطيف جي عاشق صادق هو. سندس علمي ۽ فڪري مقالا فڪر انگيز آهن. ’شاهه‘ جي رسالي جي ترتيب ۽ ڪلام جي تنقيد ۽ تحقيق متعلق انصاري صاحب جي جستجو ۽ تحقيق نهايت محققانه ۽ عالمانه هئي. انصاري صاحب ڪيترا سُرَ نئين سر ترتيب ڏيئي، مفيد اضافن ۽ معنائن سان، رسالي ’مهراڻ‘ جي اوائلي دور ۾ شايع پڻ ڪرايا هئا. ان کان پوءِ سنڌي رسالي ’اڄڪلهه‘ ۾ به نوان سُرَ ۽ نوان بيت شايع ٿيل آهن. ’شاهه‘ جي بيتن جي تلاش، پرک ۽ پيشڪش جي نقطه نظر سان انصاري صاحب ڪافي عرقريزي ڪئي هئي. سندس چوڻ هو ته هو ’شاهه‘ کي ايڊٽ ڪري رهيو آهي. ”پر جيستائين علامه دائود پوٽي جو رسالو شايع نه ٿيو آهي، تيستائين مان پنهنجو رسالو نه ڪڍندس!“ نه معلوم سندس شاهه جي رسالي جي ايڊٽ جو ڪم ڪٿي پهتو.

انصاري صاحب جي تحرير ۾ زندگي، شوخي، خفيف مذاق، ۽ خوشگوار افتاد موجود آهي. سندس لفظن جو انتخاب نهايت حسين، ۽ انداز بيان دلنشين هو. سندس زبان استادانه ۽ منطقي پختگيءَ سان ڀرپور نظر اچي ٿي. سندس تحرير پڙهندڙ ۾ شگفتگي ۽ ڪشش پيدا ڪري ٿي. سندس انداز بيان ٿڪائيندڙ ۽ منجهائيندڙ نه آهي، پر وندرائيندڙ ۽ روح افزا آهي. لطافت ۽ جامعيت، رنگيني ۽ اثر انگيزي سندس تحرير جا اهم عناصر آهن. ٻوليءَ جي سلاست، صحّت، بندشن جي پختگيءَ، استدلال جي منطقي سٽاءَ، لفظن جي انتخاب ۽ ترڪيبن جي جامعيت جي لحاظ سان، انصاريءَ جي سنڌي زبان پنهنجي مَٽ پاڻ آهي. ”شاهه جي هڪ ڪيميا گر“، ”سنڌي تهذيب“ ۽ ”سنڌي زبان جا ثقافتي مسئلا“ نهايت لذيذ، جامع ۽ معلومات افزا مضمون آهن. انهن مضمونن جي جزالت ۽ رنگيني، شگفتگي ۽ جامعيت ٻڌائي ٿي ته تحريرن جي پس پرده هڪ صاحبِ مطالع، جمال پسند، ۽ صاحبِ ذوق جو هٿ آهي. انصاري، تحرير جي برجستگي ۽ رواني، رنگيني ۽ صحّت، سلاست ۽ ميٺاج جي حيثيت سان، پنهنجي معاصراحباب ۾ خاص مقام رکي ٿو.

انگريزي ادب کانسواءِ،فارسي ۽ اردوءَ جي قادر الڪلام شاعرن جا بهترين اشعار هميشہ سندس زبان تي جاري هئا. تقرير هجي يا تحرير، غالب، حافظ، حافظ، مير، شاهه، ضرور استعمال ڪندو هو، پر پنهنجن ذاتي خطن ۾ به منتخب اشعار ائين جَڙيندو هو، جئن منڊيءَ تي ٽڪ. هو اهل علم ماڻهن جو قدردان، قيافه شناس ۽ جوهر شناس هو،

’ڪچهريءَ جو مور‘ هو. جنهن به ڪچهريءَ ۾ انصاري صاحب هوندو هو، اها ڪچهري بنهه پيئي ٻهڪندي هئي. ڪڏهن ته گرجدار آواز ۾ پيو گجندو، ته ڪڏهن ڪنن تي هَٿَ رکي پيو سرگوشيون ڪندو، ۽ مشڪندو ۽ مرڪندو. سندس مرڪڻ ۽ مشڪڻ ۾ به حسن ۽ دلاويزيءَ جا عجيب رنگ پسبا هئا. سندس مرڪڻ ۾ بشاشت ۽ دلي پاڪيزگي هوندي هئي. منافقت ۽ ڪج ادائيءَ کان پري هو، تنهنڪري هر ڳالهه ڦهڪائي ڏيندو هو. دوستن تي، محبّت ۽ بي تڪلفيءَ جي ڪري، عجيب غريب لقب چسپان ڪري ڇڏيا هئائين. اهي لقب بيڌڙڪ استعمال ڪري، ڪچهريءَ کي کلائيندو هو. دل ۾ کوٽ کي سانڍڻ سندس طبع ۽ رندانه مشرب جي خلاف هو.

ڳالهين جو ڳهير هو. ڳالهه مان ڳالهه ڪندو، کلائيندو، مزاح ۽ مذاق ڪندو، هلندو ويندو. سندس هڪ هڪ ڳالهه ڪلاڪن جا ڪلاڪ هلندي هئي. پر ٻڌندڙن جو سرور جئن پوءِ تئن وڌندو ويندو. ٿڪ ۽ انقباض جو ته وٽس نالو ئي ڪين هو. ڳالهه ڳالهه ۾ ٽوٽڪا، لطيفا، اشعار، ويندو جَڙيندو.

انصاري صاحب جو دماغ، قلم ۽ زبان، افسانوي رنگ جا هئا. هرڪا سادي ۽ سولي ڳالهه به افسانه طرازي ۽ رنگ آميزيءَ کان سواءِ ڄڻ ڪري ئي نه سگهندو هو. سندس گفتگو جا پيمانا به غير معمولي هئا.

مثلاً، هڪ ڀيري چيائين، ”مان وڃان ٿو!“

”ڪاڏي؟“

”ڪئنيڊا“.

”ڇو“؟

چي، ”اتي مون کي ستر هزار ايڪڙ زمين الاٽ ٿي آهي!“

ٻئي دفعي چيائين، ”بابا، مون کان ڪم ڪار سنڀالي وٺو.“

”سائين، ڇو؟“

چي، ”لسٻيلي جي ڄام مون کي سٺ هزار ايڪڙ زمين ڏيڻي ڪئي آهي، اتي ڇهه لک رڍون ڌاريندس!“

هڪ ڀيري چيائين: ”مون سسئي- پنهونءَ جو باغ ڏٺو آهي. سسئيءَ جي باغ جي هڪ لام ڇهه ميل هئي!“ (ٻيءَ لام جي انداز معلوم ڪرڻ جو سوال ئي نٿو اٿي!)

مطلب ته انصاري صاحب نهايت شگفته مزاج بزرگ هو. حاضر جواب به هڪڙو ئي هو. ڳالهه ۾ اصل نه گسندو، هار اصل نه کائيندو. پيو ڳالهه کي مروڙيندو سروڙيندو، پر آڻ نه مڃيندو. سچ پچ ته انصاري صاحب، پنهنجي انفرادي حيثيت سان، وڏين خوبين جو مالڪ هو. رب ڪريم کيس مرهي، ۽ جنت ۾ جاءِ ڏئيس.

انصاري صاحب جا وڏا سهارنپروب ضلعي جي جنت آباد ڳوٺ جا رهاڪو هئا. سندس والد جو نالو هدايت علي انصاري هو، جو 1870ع ۾ سنڌ ۾ آيو، ۽ پوليس جي نوڪريءَ ۾ گهڙيو. 1901ع ۾ سيوهڻ ۾ وفات ڪيائين. ان وقت هو سيوهڻ جو انسپيڪٽر هو.

سندس والد، ميرپورماٿيلي جي ’رند‘ خاندان مان شادي ڪئي هئي. ان مان ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي اولاد طور ڄاوا. انصاري صاحب 21 آڪٽوبر 1901ع ۾، شڪارپور ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم جي سلسلي ۾ 2 درجا سنڌي، شڪارپور جي هڪ ننڍي پرائمري اسڪول مان پاس ڪيائين. ان کان پوءِ سندس چاچي شيخ صادق عليءَ کيس ميهڙ ۾ گهرايو، جتي هو صاحب ڊپٽي ڪليڪٽر هو. ميهڙ ۾ چار درجا پاس ڪري، وري شڪارپور واپس ويو، جتي انگريزي اسڪول ۾ داخلا نه ملڻ ڪري، مرحوم قاضي بهادر علي شاهه جي عربي مدرسي ۾ داخلا ورتائين. 2 سال کن فارسي ۽ عربي جي تعليم وٺي، خيرپورميرس جي اي. وي. اسڪول ۾ داخل ٿيو. اهو اسڪول اڳتي هلي، ناز هاءِ اسڪول بنيو. اتي به ٻه سال پڙهي، وري لاڙڪاڻي جي اي. وي. اسڪول ۾ داخل ٿيو. اتي ٽيون ۽ چوٿون پڙهي، پنجون وڃي خيرپور پاس ڪيائين. آخرڪار 1918ع ۾ شڪارپور ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين.

سندس چاهه ننڍيءَ ٽهيءَ کان وٺي راند روند، ملهه ۽ ٻلاهاڙي سان هو. زور آزمائي، پڃري کڻڻ، سندس محبوب شغل هو. ننڍي لاءِ کان طبيعت ۾ سادگيءَ جا جوهر موجود هئا. برين عادتن کان پري رهندو هو. سادو کائيندو ۽ سادو پهريندو هو.

ميٽرڪ پاس ڪري، جهوناڳڙهه روانو ٿيو، پر اتي جي پروفيسرن جي آڏيءَ پڇا همراهه کي حيران پريشان ڪري وڌو، سو ٽئين ڏينهن واپس شڪارپور پهتو. ڳالهه اصل هيئن هئي ته انصاري صاحب پهرئين ڏينهن جيئن ڪلاس ۾ داخل ٿيو، تيئن ٻه فيلوز آيا، ۽ ڪلاس ۾ چيائون:

”اٿي بيهن اهي، جن حسابن ۾ 200 مان 200 مارڪون کنيون آهن!“

اٽڪل روءِ، اڌ ڪلاس اٿيو.

وري چيائون، ”اٿن اهي، جن 190 مارڪون کنيون آهن!“

”سنڌين مان هڪ مسٽر دَلُ اٿيو، باقي ڪاٺياواڙي ۽ گجراتي هئا.“

انصاري صاحب محسوس ڪيو ته مون سارو وقت ملهن ۽ ٻلهاڙن ۾، پڃرين ۽ زور آزمائيءَ ۾ گذاريو آهي، سو هِت ڪٿي ٿي دال ڳري! ڪلاس هلندي، دريءَ کان ٽپو ڏيئي، نڪتو ٻاهر-- سڌو بورڊنگ ۾. ٽپڙ ٻڌي، ان ئي ٽاڻي اچي اسٽيشن جي ڀر ورتائين. سنگت سمجهايس، پر انصاري صاحب چيو ته ”مون کنيون آهن 200 مان فقط پنجاهه مارڪون! سو هت ڪهڙا ڦاڙها ماريندس، ڇو ڪين اهڙي ڪاليج ۾ وڃي داخل ٿيان، جتي ’انڌن ۾ ڪاڻي راجا‘ وانگر ته مَن ڳڻ ۾ اچان!“ ٽئي ڏينهن شڪارپور پهتو. امڙ جي آڏيءَ پڇا ۾ وراڻيائين:

”مٺي امان، جيجل، جهونا ڳڙهه جي آبهوا ڀانءِ ئي ڪانه پيئي: ڊاڪٽرن چيو ته ڀڄ، ميان سنڌي، نه ته سِلهه ٿي پونديئه!“

شڪارپور مان عليڳڙهه ويو، ۽ اتي 1921ع ۾ انٽر پاس ڪيائين 1921ع ۾ خلافت تحريڪ شروع ٿي ويئي. مولانا محمد علي جوهر ۽ مهاتما گانڌي، عليڳڙهه ۾ کپ کوڙي ويٺا ته ڪاليج بند ڪريو.

انصاري صاحب ٿو ڳالهه ڪري:

”مولانا محمد علي جوهر ۽ گانڌيءَ چيو ته ڪاليج ڇڏي گهرن ڏي موٽي وڃو. يونين هال ۾ جلسو هجي، مون اٿي گانڌيءَ کان سوال پڇيو ته ’هيءُ ڪاليج ته ڇڏايو ٿا، ڀلا ڪو ٻيو ڪاليج کوليو اٿوڇا؟‘ مولانا محمد علي اُٿي بيٺو، للڪاريائين،’او، تاريخ پڙهي اٿئي؟‘ مون چيو، ’جي. چيائين، ’روسين جڏهن ماسڪو جلائي ڇڏيو هو، ته ڪو ٻيو ماسڪو به تيار ڪيو هئائون ڇا؟‘

مون وراڻيو ته ’نه.‘ تڏهن چيائين، ’روسين دشمن کان بچاءَ لاءِ گهر گهاٽ جلائي خاڪ ڪري ڇڏيا: اسين به سڀ ادارا ويران ڪري ڇڏينداسون!‘ پوءِ ته مون ورتي پشاور جي ٽڪيٽ. قصو ڪوتاهه، ٻارهن ڏينهن جي ڏکن ڏولائن کان پوءِ، ’چاڪيءَ جي ڏاند‘ وانگر اچي گهر لڌم.“

عليڳڙهه جي زندگيءَ انصاري صاحب جي زندگيءَ ۾ عجيب انقلاب پيدا ڪيو.ا هي اڳيون ارڏايون سڀ ختم، مطالعي کي لڳي ويو، سندس چوڻ موجب: ”اچي لٽن لئبرري کي منهن ڏنم.“

سنڌ مان پوءِ سندس انگلنڊ وڃڻ ٿيو. انگلنڊ جا عجيب غريب واقعات ٻڌائيندو هو. هڪ واقعو ٻڌو:

چي: ”هڪ ڏينهن خدا جو هجي، شهر ۾ اوندهه انڌوڪار، هٿ نه ڏسي هٿ کي، ڪوهيڙي جا ڪوٽ چڙهي ويا، ٿڌ چوي ته اڄ نه پوان ته ڪڏهن پوان! رڙهي ويس پوسٽ آفيس وٽ. ڏسان کڻي ته هڪ شخص چڱيءَ چوکيءَ عمر جو، ڪرڙوڍ، ٿڌ لڳڻ ڪري ڪِري پيو آهي. وڌي وڃي اٿاريومانس. جان کڻي ڏسان ته بادشاهه سلامت، جارج پنجون! هٿ ۾ لفافو هجيس،-- ائڊريس تاڙي ورتيم. هٿ سان اشارو ڪيائين-- خاموش، هي هڪ راز آهي! پوءِ وڌي وڃي لفافو سٽيائين. گاڏي ڪري ڏنيمانس، پوءِ هليو ويو. مون ان ائڊريس تي ’جارج‘ جي معشوقه سان ملاقات ڪئي: چئي ڏنومانس، مان راز کان واقف آهيان!“ ائين چئي، انصاري صاحب سگريٽ جو ڪش لڳايو، ۽ دونهن ۾ هڪ وڏو ٽهڪ ڏنائين!

آخرڪار 1925ع ۾ ايم. اي. ۽ جرنلزم ۾ ڊپلوما وٺي واپس آيو. انگلنڊ مان واپس اچي ’بمبئي ڪرانيڪل‘ اخبار ۾ سيد بريلويءَ وٽ ڪم شروع ڪيائين. هڪ هفتي کان پوءِ، سر غلام حسين مرحوم کيس پوني گهرائي چيو ته سنڌ ۾ ملازمت ڪريو، ٻن مهينن کان پوءِ، 27 نومبر 1925ع تي، ميرپورخاص مدرسي جو هيڊماستر ٿي آيو. ٻن سالن کان پوءِ، 1927ع ۾، نوشهروفيروز بدلي ٿيو. اتي 1933ع تائين رهيو. اتانهون وري ميرپورخاص بدلي ٿي آيو. 1940ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ٿي آيو. 1947ع ۾ ميرپورخاص کان حيدرآباد ويندي، موٽر حادثي ۾ زخمي ٿي، يارهن مهينا موڪل تي رهي، ان کان پوءِ ايس. ٽي. ڪاليج ۾ پرنسپال ٿيو. 1951ع کان 1957ع آڪٽوبر تائين ڊي. پي. آءِ. ٿي رهيو. ان کان پوءِ پينشن تي لٿو.

پينشن کان پوءِ، مصروف زندگي گهارڻ لاءِ ملير ۾ فارم لڳارايائين. ان مان ڀاڄيءَ ۽ ميوي جي وڪري مان روزاني ڪافي پيدائش ٿي رهي آهي. فارم سان گڏ شاهه لطيف جي رسالي جي ايڊٽ جو ڪم به ڪندو رهيو. تازو سال کن ”سنڌي ادبي بورڊ“ جو اعزازي سيڪريٽري به ٿيو.

وفات کان اڳ نٿياڳلي ۽ ڪوهه مريءَ جي سير تان تازو واپس آيو هو. وفات کان هڪ ڏينهن اڳ، اي. ڪي. بروهيءَ سان خاص ملاقات ڪيائين، جنهن سنڌ ۽ سنڌين جي مسئلن ۽ تقاضائن متعلق کانئس ڪافي معلومات حاصل ڪئي. انصاري صاحب سنڌين جي حقوق، زبان ۽ ادب جي مسئلن، سنڌي ملازمن ۽ سنڌ جي زمينن متعلق معلومات افزا يادداشت ٺاهي، جناب اي. ڪي. بروهيءَ کي ڏني آهي. اها سندس آخري رات هئي. رات جو دل ۾ درد جي دانهن ڪيائين، ۽ اسرويل الوداع ڪيائين. اهو ڏينهن 2- سيپٽمبر 1962ع جو هو. سندس عمر 65 سال رهي، سندس وفات تي سنڌ جي ڪاليجن، اسڪولن ۽ علمي ۽ ادبي ادارن موڪل ڪئي. ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي آفيس ۾ تعزيت جو ٺهراءُ پاس ڪري، اخبارن ۽ سندن پسماندن ڏانهن موڪليو ويو.

آخر ۾ اها گذارش آهي ته مرحوم انصاري صاحب جي ڇپيل ۽ اڻڇپيل ڪتابن ۽ مقالن کي سنڌي ادبي بورڊ جي اهتمام سان شايع ڪيو وڃي، جيئن هڪ سنڌي عالم جي علمي ڪاوش ضايع نه ٿي وڃي.

نام نيڪو رفتگان ضايع مڪن.

اسين سندس فرزند فريد ۽ سندس پسماندن سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪندي، دست بدعا آهيون ته رب ڪريم مرحوم مغفور کي جنّت ۾ جاءِ ڏئي ۽ مرهي! (غ. م. گ)

عزيزالله ”مجروح“، مرحوم

علمي حلقن ۽ شعر و سخن جي مجلسن ۾ هيءَ خبر نهايت ئي غم و اندوهه سان ٻڌي ويئي ته سنڌ جو نوجوان اديب ۽ سنڌي زبان جو باڪمال شاعر عزيزالله ’مجروح‘، تاريخ 8- آگست 1962ع تي، پنهنجي آباڻي ڳوٺ سنڌو ڪلهوڙي، تعلقي ڳڙهي ياسين ۾، ڪنهن ڪم فهم ۽ شقي القلب قاتل هٿان جام شهادت نوش ڪري، عالم جاوداني ڏانهن راهي ٿيو--- انّا لِله و انا اليہ راجعون.

’مجروح‘ جي ناگهاني وفات ۽ سفاڪانه قتل تي سنڌ ۽ پاڪستان جي تمام اخبارن ۽ علمي ادارن طرفان دلي رنج ۽ انتهائي افسوس جو اظهار ڪيو ويو. سنڌي ادبي بورڊ پڻ، پنهنجيءَ ميٽنگ منعقده 10-9-62ع ۾، هن نوجوان شاعر جي وفات حسرت آيات تي هڪ متفق ٺهراءَ ذريعي غم و الم جو اظهار ڪيو، ۽ مرحوم جي پسماندن سان دلي همدردي ظاهر ڪئي.

’مجروح‘ سنڌي زبان جي جديد شعراء ۾ سلاستِ بيان ۽ ندرتِ خيال جي لحاظ کان ممتاز مقام رکي ٿو. سندس دل نشين اندازِ بيان ۽ سليس، ساده ۽ عام فهم الفاظ جي حسنِ انتخاب سندس شعر کي حسنِ قبول جي لائق بڻايو. ’مجروح‘ زياده تر تمام اصنافِ سخن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي، ۽ سندس اشعار مختلف موضوع ۽ مضمون تي مشتمل آهن، جن ۾ جوشِ بيان ۽ سوز و گداز جا مثال بڪثرت موجود آهن. سندس شعرن جو پهريون مجموعو، ”نالهاي دل“ جي نالي سان، ’حبيب پبليڪيشن‘ سکر طرفان، سال 1955ع ۾ شايع ٿيو هو. انهيءَ کان علاوه سندس ٻه ٻيا ديوان، هڪ مڪمل ۽ هڪ غير مڪمل حالت ۾، ’مجروح‘ جي عزيز ترين دوست رئيس نظر محمد خان مهيسر وٽ موجود آهن. اسان کي موثق طريقي معلوم ٿيو آهي ته ’مجروح‘ جا دوست ڪوشش ۾ آهن ته سندس ٻيئي زيورِ اشاعت سان آراسته ٿي، ترت منظرِ عام تي اچن.

اڄ ’مجروح‘ اسان وٽ موجود نه آهي، مگر سندس شعر و سخن جا جواهر پارا اسان وٽ بتمام و ڪمال موجود آهن، ۽ جيستائين سنڌي زبان زنده آهي، ”مجروح“ جو نالو، بحيثيت هڪ باڪمال سنڌي شاعر جي قبولِ دوام حاصل ڪندو رهندو.

”مجروح“ جي شهادت جو سانحو، صرف سندس عزيزن ۽ دوستن لاءِ جانڪاه ثابت نه ٿيو آهي، مگر انهيءَ ۾ سنڌ جا تمام علمي حلقا ۽ ادبي ادارا برابر جا شريڪ آهن. اسان اداره ”مهراڻ“ طرفان، ”مجروح“ جي فرزند ظفر احمد ۽ سندس ڀائرن هدايت الله ۽ عنايت الله سان پنهنجي دلي غم والم ۽ حزن و ملال جو اظهار ڪريون ٿا، ۽ باري تعالى جي بارگاه ۾ دست بدعا آهيون ته سندس پسماندن کي صبر جميل جي توفيق ارزاني عنايت فرمائي- آمين!

(ش. م.  شاهه)

 


 

 

 

”مهراڻ“ جي مقاله نگار حضرات ۽ شعر اي ڪرام کي گذارش

ادارهء ”مهراڻ“ اوهان جهڙن علم دوست ۽ اهل قلم سرپرستن جي قلمي امداد ۽ دلي تعاون جو شڪر گذار آهي. اوهان جا فني ۽ ادبي شاهڪار ’مهراڻ‘ جي معيار کي قائم رکندا آيا آهن چند گذارشون عرض رکجن ٿيون، جن کي اڳيان رکي، ’مهراڻ‘ لاءِ پنهنجو مقالو يا شعر لکي موڪليندا.

شاعرن لاءِ. شاعرن کي گذارش آهي ته شعر و سخن جي ڪنهن به صنف تي بيت، دوها، ڪافي، غزل، نظم، آزاد نظم، ترائيل، سانيٽ، رباعي ۽ قطع) وغيره جي لکڻ وقت، ’مهراڻ‘ رسالو ۾ شايع ٿيل ’حصهء نظم‘ کي ضرور اڳيان رکڻ گهرجي.

حصه نظم ۾ ڏسڻ گهرجي ته مواد ڪهڙيءَ طرح شايع ڪيل آهي، ۽ نشانيون (دم، اڌ دم، عجب جو نشان وغيره) ڪيئن استعمال ٿيل آهن.

مثال طور، اوهين ’نظم‘ لکڻ گهرو ٿا، يا ’غزل‘ لکو ٿا، ته پوءِ نظم يا غزل لکندي، ’مهراڻ‘ جي حصهء نظم تي هڪ نظر ضرور وجهي ڏسندا ته اهو ڪيئن ڇپيل آهي، ۽ نشانين ڏيڻ وقت موضوع ۽ زبان جي صحت ۽ نحوي ۽ صرفي حيثيت کي ڪيتريقدر صحيح طرح سان نباهڻ جي ڪوشش ڪيل آهي. اوهين ٿوري ئي تجربي کان پوءِ حصهء نظم ۽ ان جي فني علامتن تي عبور حاصل ڪري سگهندا، ۽ اوهان جي تحرير، لکڻ جي فن ۾ به وڏي ڪمال تي پهچي ويندي.

2- حصهء نظم مان ڪنهن به صنف تي ڪا شاهڪار چيز ’مهراڻ‘ لاءِ موڪلڻ گهرو ٿا ته پوءِ:

ڪاغذ جي فلسڪيپ سائيز تي لکڻ گهرجي.

حاشيو وڏو ڇڏڻ گهرجي (ساڄي پاسي کان).

ڪاغذ جي مٿان به حاشيو ڇڏجي، ۽ ڪاغذ جي هيٺئين حصي ۾ به حاشيو هجڻ گهرجي.

مواد ترتيبوار، کليل لفظن ۾، سٽن جي وچ ۾ مفاصلو ڇڏي لکڻ گهرجي، ۽ رسم الخط صاف، وڻندڙ ۽ فني هئڻ گهرجي.

ڪاغذ جي ساڄيءَ ڪنڊ تي پنهنجو نالو ۽ تخلص صاف طرح ڄاڻائڻ گهرجي.

ڪاغذ جي کاٻيءَ ڪنڊ تي ”مهراڻ لاءِ“ به لکڻ ضروري آهي.

’مهراڻ‘ لاءِ موڪليل چيزون ٻين اخبارن ۽ رسالن ڏانهن ساڳئي وقت تي نه موڪلڻ گهرجن. ڪاغذ جي ٻئي پاسي ڪجهه به نه لکڻ گهرجي.

اهو انتظام ڪيل آهي ته شايع نه ٿيڻ جهڙو مواد اوهان جي گهُرڻ تي واپس موڪليو ويندو. قابل اشاعت مواد متعلق اوهان کي اطلاع ڏنو ويندو.

ترجمو هجي ته اهو به ڪنڊ تي صاف طور لکڻ گهرجي. ڪهڙ فنڪار جو ۽ ڪهڙيءَ زبان مان ترجمو ڪيل آهي، اهو به صاف طور لکڻ گهرجي. اردو، عربي، فارسي، انگريزي، هندي ۽ ٻين زبانن تان بهترين چيزون ترجمو ڪري سگهجن ٿيون. معياري چيزن جي ترجمن ڪرڻ سان به سنڌي ادب ۾ اضافو آڻي سگهجي ٿو.

مواد. ’مواد‘ جي حيثيت سان هن دور جي تقاضائن کي اڳيان رکي، معياري شاهڪار موڪلڻ گهرجن. عريان پسند ۽ فاحش ڪلام کان گريز ڪرڻ گهرجي.

ڪنهن پراڻي سنڌي شاعر جو اڻڇپيل ڪلام به موڪلي سگهجي ٿو، پوءِ کڻي ڪافيون هجن، يا بيت، غزل يا نظم، وغيره.

مقاله نگار دوستن لاءِ. مهراڻ لاءِ معياري ۽ معلومات افزا، ديني، ادبي، تنقيدي، سائنسي ۽ تاريخي مضمون، تصوف، معاشيات ۽ فلسفي تي مقالا، اصلاحي افسانا، جلسن جون ڪار گذاريون، وفات ڪيل بزرگن جون سوانح عمريون، ۽ پراڻن بزرگن، اديبن ۽ عالمن جا علمي ۽ ادبي خط موڪلڻ گهرجن.

مذهبي منافرت ۽ سياسي ڇڪتاڻ کان پري رهڻ گهرجي.

فلسڪيپ سائيز تي، کاٻي پاسي کان وڏو حاشيو ڀڃڻ گهرجي، باقي مٿان ۽ کاٻي پاسي ننڍو حاشيو ڇڏڻ گهرجي.

هر هڪ ورق جي هيٺئين حصي تي اٽڪل 8 سٽن لکڻ جيترو حاشيو ڇڏڻ گهرجي، جيئن اضافي ۽ ترميم يا حاشيه لکڻ ۾ تڪليف نه ٿئي.

ڪاغذ جي هڪ پاسي تي، سهڻي رسم الخط ۾ ۽ صاف نموني ۾، سٽن جي وچ ۾ وٿي ڇڏي مضمون لکڻ گهرجي، جيئن هت نقل ڪرڻ ۾ سيڙاپو ۽ تڪليف نه ٿئي.

عربي، فارسي، اردو، انگريزي ۽ هنديءَ تان بهترين مقالا ۽ افسانا ترجمو ڪري موڪلي سگهجن ٿا. ترجمن سان به ادب ۾ بهترين اضافو ڪري سگهجي ٿو.

مٿي ڪنڊ تي کٻي پاسي تي پنهنجو نالو صاف لکو. ترجمو ڪريو ته اصل مقاله نگار جو نالو، ۽ جنهن ٻوليءَ تان ترجمو ڪريو ان ٻوليءَ جي وضاحت فرمايو.

ڪوشش ڪري، علامتون(دم، اڌ دم وغيره) ڏيڻ گهرجن.

مناسب هنڌن تي پيرائون قائم ڪرڻ گهرجن. هڪ پيرا کان پوءِ ٻي پيرا، هيٺ ڀرو، ٿوري وٿي ڇڏي آڻڻ گهرجي. ان لاءِ ’مهراڻ‘ جي مقالن ۽ افسانن وارو حصو ڏسڻ گهرجي.

مقالي جو عنوان مٿان لکڻ گهرجي. مضمون ۾ هيٺ اگر ننڍا ننڍا ذيلي عنوان اچن ته اهي صاف طرح لکڻ گهرجن، ۽ انهن هيٺان ننڍي ليڪ آڻڻ گهرجي.

سٽن ۾ ڪجهه وٿي هئڻ گهرجي، ڇا لاءِ ته لفظي تبديل ۽ صحت، اضافي ۽ ترميم لاءِ ڪجهه جڳهه ڇڏيل هوندي ته پوءِ ڪم ۾ سولائي ٿئي ٿي.

قابل اشاعت مواد جو اطلاع عرض رکيو ويندو، ۽ ناقابل اشاعت مواد گهُرَ ڪرڻ تي واپس عرض رکيو ويندو.

نوٽ- ’مهراڻ‘ جي ڪرمفرما بزرگ جو موڪليل مواد دلي ۽ دماغي ڪاوش ۽ فني تخليق جو شاهڪار ٿئي ٿو، ان جو اعتراف هر ذي علم ماڻهو ڪري رهيو آهي، تنهن ڪري مناسب اهو نظر آيو آهي ته حفاظت جي لاءِ مواد ’رجسٽرڊ‘ ڪري موڪليو وڃي-- ٻيءَ حالت ۾ عام طور به مواد موڪلي سگهجي ٿو. - والسلام.

پتو: غلام محمد گرامي، ايڊيٽر سماهي ”مهراڻ“، 3- سول لائينز، حيدرآباد، سنڌ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com