سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1962ع

مضمون

صفحو :7

 

ناٽڪ

 

موهن ڪلپنا

هندستان ڇڏي وڃو!

(هيمون ڪالاڻيءَ جي شهادت تي يڪ فصلو ناٽڪ)

چهچٽو پهريون

وقت: شام جا پنج بجا.

مڪان: پراڻي سکر جي هڪ سوڙهيءَ گهٽيءَ ۾ هڪ پراڻي جڳهه جو اونڌاهو ۽ بند ڪمرو،. (ڪوٺيءَ ۾ بلڪل معمولي سامان پيل آهي- کٽ، ننڍو بسترو، ٽيبل ۽ ٻه ٽي ڪرسيون، ٽيبل تي ڪجهه ڪاڳر ۽ ٻيو سامان پيو آهي، هڪ ڪنڊ ۾ هڪ موڙو رکيل آهي، جنهن تي اخبارون ٽڙيل پکڙيل پيل آهن، ڀتين تي ڀڳت سنگهه، تلڪ ۽ گانڌيءَ جون تصويرون ٽنگيل آهن. پردو کُلي ٿو ته هڪ نوجوان ٽيبل جي ڀرسان ويهي ڪاڳر اُٿلائيندو نظر اچي ٿو. ٻيو نوجوان، دريءَ کان ليئا پائي، ڪنهن جو انتظار پيو ڪري ۽ واچ ۾ وقت پيو ڏسي، اوچتو واڪو واڪاڻ شروع ٿئي ٿي: ”پڪڙيو، پڪڙيو! وٺوس، وٺوس! گهٽيءَ ۾، کاٻي پاسي! وٺو، وٺو!“ ڪوٺيءَ ۾ جوان ڇرڪي وڃن ٿا ۽ خبردار ٿي وڃن ٿا؛ درين جا پردا ڪيرائي ڇڏين ٿا. اوڏيءَ مهل دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿئي ٿي. هڪڙو جوان تڪڙو دروازو کولي ٿو. هيمون اندرداخل ٿئي ٿو.)

هيمون – (جهٽڪي سان دروازو بند ڪري، ان کي ٽيڪ ڏيئي سهڪندي) خبردار ٿي وڃو! جمدوت پيڇو ڪري رهيا آهن. (ٻاهريان آواز آهستي جهڪا ٿيندا ٿا وڃن) اُف! (اڳتي وڌي نراڙ تان پسينو اُگهي) قسمت زور هيم، نه ته اڄ هنن جي چنبي مان ڇڏائڻ مشڪل هو.

ٽيڪم – توکي ڪيترو چيو اٿئون ته سج لهڻ کان اڳ ۾ ٻاهر نه نڪرندو ڪر.

هيمون – سو ته ٺيڪ آهي؛ پر اڄ ڪن ساٿين سان ڪاريه جي سلسلي ۾ ملڻ بلڪل ضروري هو.

پريتم – پر توکي اهو به خيال رکڻو آهي ته ڪيترو جوکم کڻي رهيو آهين. آزاد ميدان واري واقعي کان پوءِ سي آءِ ڊي نوجوان منڊل جي همراهن پٺيان هٿ ڌوئي لڳي آهي.

ٽيڪم - ۽ جيڪڏهين توک ڪنهن به وقت ڪجهه ٿيو ته نوجوانن جا اَٺسٺا چوپٽ ٿي ويندا.

هيمون – (ٽيڪم کي هٿ کان جهلي) تون فڪر نه ڪر، (کلي) تون ذرا دل کي مضبوط ڪر، آءٌ اهڙو ميڻ جو ٺهيل نه آهيان. (چوڌاري نهاري) پر دولت نظر ڪونه ٿو اچي؟

پريتم- هو اڃا ڪو نه پهتو آهي.

هيمون- پر هو ته توسان گڏ اچڻو هو نه؟ پريتم- ها پر هو منجهند جو ٻارهين بجي مون کان جدا ٿي ويو. وڏي بازار وٺي پئي وياسين ته ڪن شڪي ماڻهن کي پنهنجي پٺيان ايندو ڏسي، الڳ ٿي وياسين. آءُ ته گهٽين جا چڪر کائي. گوهي ڏيئي ويس. هو به اچڻ ۾ هوندو.

ٽيڪم- پر اسين هت ويهي ڪري به ڇاٿا سگهون. ٻاهر وڃڻ_

هيمون- (اڌ ۾ ڪپي) اهو ته ڪري سگهون ٿا ته پنهنجي دل ۽ دماغ پوريءَ جڳهه تي رکون! (پريتم ڏي منهن ڪري) اڄ تون پرڀات- ڦيريءَ ۾ شامل ٿئين؟

پريتم- (مشڪي) مون کي اهڙو ڪچو سمجهيو اٿيئي؟ ڪيئن شامل ٿيندس؟ مون پريان ويٺي رنگ ڏٺو. (جذباتي نوع ۾) پوليس جنهن بيرحميءَ سان وديار ٿيڻ تي لٺبازي ٿي ڪئي، اها ڏسي، دل ٿي چاهيو ته ڏنڊو کڻي هڪ ٻن سپاهين جو ميڄالو چٿي ڇڏيان (هٿ مٿي کڄي ٿا وڃنس).

هيمون- (ٿورو پٺتي هٽي، ٽهڪ ڏيئي) سنڀال، ڪٿي پوليس وارن جي بدران اسان جي مغز کي .. پريتم، جذبات ۽ جوش تي ذرا قبضو_

پريتم- (اڌ ۾ ڪپي) جيڏيءَ مهل ڏس، تون جذبات ۽ جوش جي ڳالهه پيو ڪرين. ڇا، تنهنجو اهو ويچار آهي ته اسين ٿڌا ٺڪر بڻجي ويهي رهون؟

هيمون- مون کي غلط نه سمجهه، منهنجا دلبر دوست! مون کي ڄاڻ آهي ته جذبي جو مهتو ڪيترو آهي. پر ان جو پورو پورو اُپيوگ ڪرڻو آهي_ وڏي ڪاريه لاءِ ڇا تون ان ۾ سياڻپ نٿو سمجهين؟

پريتم- اهو سڀ تنهنجي ئي ڪري ته آءُ پاڻ کي روڪي ويٺو آهيان، نه ته هن کان گهڻو اڳ_ (وري به هٿ مٿي کڄي ٿا وڃنس ته اوچتو ٻاهران ڪن اوپرن ماڻهن جي گفتگوءَ جو آواز ٿو اچي.)

نوجوان جو آواز- اما، مهرباني ڪري منهنجي جند ڇڏ آءُ هٿ ٿو جوڙيانءِ، مون کي وڃڻ ڏي.

مائيءَ جو آواز- ٻڌاءِ، منهنجو پٽڙو هيمون ڪٿي آهي؟ ڪٿي لڪائي رکيو اٿوَ، منهنجي لال کي! مون کيس ڪيترن ڏينهن کان ڪو نه ڏٺو آهي. ٻڌاءِ، لال! مان تو کي پيرين ٿي پوان.

نوجوان جو آواز- آءُ ڇا ڄاڻان تنهنجي هيمونءَ کي! مون ڪٿي لڪايو اٿس؟

مائي جو آواز- ڀڳوان جي واسطي ائين نه ڪريو. مون کي پنهنجو پٽڙو ڏيکاريو. منهنجو خون نه سُڪايو. (هيمون گوڙ تي دروازو کولي، ٻنهي کي اندر اچڻ جو اشارو ٿو ڪري، ۽ پوءِ دروازو بند ٿو ڪري. مائي وڃي ٿي هيمونءَ کي چنبڙي، ۽ دولت پاسيرو ٿي بيهي ٿو.)

هيمون- (غصي ۾) هيءُ تو ڇا ڪيو! تون اما کي هت ڇو وٺي آئين؟

دولت- (بيوسيءَ ۾) مان ڇا ڪريان؟ مارڪيٽ مان لگهندي، مون کي ڏسي ورتائين. مون گهڻو ئي ليلايو مانس، پر منهنجي پٺ ئي نه ڇڏيائين. مون کي ته هت وقت اندر ضرور پهچڻو هو.

هيمون- (اڃا به ڪاوڙ ۾) تو تمام وڏي غلطي ڪري وڌي. هاڻي ڇا ٿيندو؟ (ٽنهي کي اندر وڃڻ جو اشارو ٿو ڪري)

ماءُ- (ڳوڙها اُگهي) پٽ، جڏيءَ ماءُ کي ڇڏي، ٽن ڏينهن کان ڪيڏانهن گم ٿي ويو هئين؟

هيمون- (کلي ويو وري ڪيڏانهن آهيان، ڏسين نٿي ته هٿ ويٺو آهيان. ڇوڪري آهيان ڇا جو گم ٿي ويندس!

ماءُ- هت ويهي ڇا ويٺو ڪرين؟ اسان جو ته ساهه ئي سُڪائي ڇڏيو اٿيئي.

هيمون- (دک ۾) اما، تون هتي ڇو آئينءَ؟ پوليس تو کي ڏسي ورتو هوندو ته اسان جو ٺهيو ‎ٺڪيو ڪم بگڙي ويندو.

ماءُ- ڪهڙا ويٺو هتي آرڪم ڪرين؟ منهنجي سياڻي پٽ کي الائي ڪنهن ڪن ۾ اُبتي ڦُوڪ ڏني آهي. اُٿ،لال، مون سان گڏجي گهر هل.

هيمون- اما، تون ڪو به اُلڪو نه ڪر، اڄ مون کي ٿورو ڪم آهي. آءُ صبح ساڻ گهر پهچي ويندس.

ماءُ- الائي ڪهڙا کوڦناڪ (خوفناڪ) ڪم پيو ڪرين. مئيءَ ماءُ جو به ته کيال (خيال) ڪونه ٿو ٿئيئي.

هيمون- (ماءُ کي ڳراٽڙي پائي منهنجي مٺڙي امڙ آهين نه! رڳو اڄوڪي رات مون کي ڇڏ. پوءِ جيئن چوندينءَ، تيئن آءٌ ڪندس. ڏاهي ٿيءُ. تون آهستي نڪري وڃ.

ماءُ- نه نه، آءٌ مور ڪين وينديس. اڄ تون الائي ڪهڙي سِٽي آهي! منهنجي دل ۾ الائي ڪهڙا وسوسا پيا پون!

هيمون- (کلي) امڙ، تنهنجي دل ۾ اجايا ڀرم آهن. ديس- شيوا ۾ ڪهڙا وسوسا ڪبا. آءٌ ڪو هت چوري يا کاٽ ته ڪونه ويٺو هڻان. تون ته هيڪاري مون کي آسيس ڪر ته آءٌ ديس- شيوا ڪري، تنهنجو شان رکان.

ماءُ- کُهه پوي اهڙو شان! مون کي پنهنجو ٻچڙو کپي. ديس- شيوا لاءِ ٻيا کُٽا!

هيمون- اما، تون ڪهڙيون ڳالهيون پيئي ڪرين؟ (جذبات ۾) تون مون کي جنم ڏيئي ائين ٿي چوين؟ انهيءَ کان ته هيمونءَ کي جنم ئي نه ڏين ها.

ماءُ- (سڏڪو ڀري، هيمونءَ جي وات تي هٿ رکي) ائين نه چئه، پٽ! گهور وڃان! نڀاڳي تنهنجي ماءُ، شل تنهنجو وار به ڪوسو نه ٿئي! مئيءَ ماءُ جي دل آهي!

هيمون- امان، سڀ مائرون ائين موهه وس ٿي، پنهنجي اولاد کي ديش- شيوا کان روڪين، ته پوءِ ڀارت ماتا جو سڏ ڪير اونائيندو؟

ماءُ- آءٌ تنهنجي ماءُ نه آهيان؟ آءٌ ڀل چري ٿي پوان، ان جو توکي کيال (خيال) ڪونه ٿو ٿئي.

هيمون- (پاسيرو ٿي، ڳوڙها اُگهي) منهنجي مٺڙي امڙ ڪين آهين! پنهنجي سنتان کي سُور وِير بنجڻ جي همٿ ڏي.

ماءُ- نه، منهنجي دل باسي ئي نٿي. پٽڙا، ڇو جان جوکي ۾ وڌي اٿيئي؟ توکي پنهنجي جان پياري ڪانهي؟

هيمون- (جوش ۾) جان مٺي! ڪنهن کان؟ ديش کان؟ اما، مون کي اهڙي لولي نه ڏي. (جذبات ۾) امان، هن ديش جون مائرون ته پنهنجن پٽن کي اها ئي لولي ڏينديون آهن: ”صدقي ديش تان تن من ڪرڻ جهڙي نه ٻي خذمت!“ تون به مون کي اهڙي سکيا ڏي. منهنجي پٺي ٺپر. (جهُڪي ٿو)

ماءُ- (سڏڪو ڀري ۽ کيس ڇاتيءَ سان لڳائي) تون منهنجي هِنئين ۾ ڇو ٿو وَڍَ وجهين! هيترا ڏينهن توکي اکين جو نور ڪري پاليم، ته ڇا تو تان اهو پلي ڇڏيان؟ (چچريل آواز ۾) مون کان ائين نه ٿيندو. منهنجون تو ۾ ڪيتريون اميدون- (آواز گهٽجي ٿو وڃيس).

هيمون- امڙ، تنهنجون سڀ اميدون برصواب ٿينديون. ديس جي ڪلياڻ ۾ اسان سڀني جو ڪلياڻ لڪل آهي. منهنجي ڏاهي امڙ آهين نه! هاڻي هتان نڪري وڃ، جيئن پوليس کي پتو نه پوي.

ماءُ- نه، هيمون، منهنجا لال! مون کي پاڻ کان اڪيلو نه ڪر. اڄ رات آءٌ هتي ئي ٽڪي ٿي پوان.

هيمون- (ڪاوڙ ۾) امان، تون هيءُ ڇا ٿي ڪرين! مون کي هروڀرو لاچار نه ڪر. ڀڳوان جي واسطي، اڄ مون کي ڇڏ. منهنجي آڏو نه اچ.

ماءُ- (رڙيون ڪندي) نه پٽڙا، نه، آءٌ هتان اصل ڪانه چُرنديس. ٻانهون ٻڌي پيرين ٿي پوانءِ، مون تي ديا ڪر؛ مون سان گڏجي گهر هل. (پيرن تي ڪريس ٿي)

هيمون- امان، تون مون کي بلڪل لاچار ٿي ڪرين. هاڻي مون کي سڀ مريادا ۽ موهه ڇڏي، زور کان ڪم وٺڻو پوندو.

ماءُ- (چنبڙي ۽ اوڇنگارون ڏيئي) هيمون، پهرين تون مون کي گولي هڻي پورو ڪر، پوءِ جيڪي وڻيئي سو ڪر. نه جيئري هونديس، نه سور سهنديس.

هيمون- (واڪو ڪري) امڙ، تو منهنجي لاءِ ڪوبه رستو نه ڇڏيو آهي. مون کي معاف ڪج (زور سان) دولت! ٽيڪم! (دولت ۽ ٽيم اندر اچن ٿا.) جلدي ڪريو، هن کي ٻاهر ڇڏي اچو. (ٻئي ڄڻا مائيءَ کي ٻانهن کان جهلي، دروازي ڏانهن ڇڪين ٿا. هيمون منهن ٻئي پاسي ڦيرائي ٿو ڇڏي.)

ماءُ- (دانهون ڪندي) پٽ هيمون، مون تي ديا ڪر! آءٌ چري ٿي پونديس. ڀلائي ڪر، پٽ، نرد ئي نه ٿيءُ! (رڙيون ڪندي) هيمون! هيمون! (دولت ۽ ٽيڪم کيس ڇڪي ٻاهر ٿا وڃن. آواز جهڪو ٿيندو ٿو وڃي. هو واپس موٽي اچي دروازو بند ٿا ڪن.)

پريتم- (اندر اچي، اکيون اُگهي) ماءُ جي ممتا!

هيمون- (پاسيرو پيو ڳوڙها اُگهي ۽ سور پيئڻ لاءِ هٿ کي چڪ پائي. سڌو ٿي، ڀريل گلي سان) ڇو، توکي پڻ ماءُ جي يادگيري اچڻ لڳي آهي؟ شايد تنهنجي دل ڪمزور- (باقي گلي ۾ گهٽجي ٿو وڃيس).

پريتم- (ٿڌو ساهه ڀري) نه، اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي. مون جهڙا ماڻهو ظاهري ڳوڙها ڳاڙيندا آهن، تون ڳوڙها پيئڻ جي ڪوشس ڪندو آهين: تفاوت فقط اهو آهي.

هيمون- (وچ ۾ ڪپي چڱو، هاڻي جلدي ڪريو. وقت باقي ٿورو آهي، تياري ڪرڻ گهرجي. دولت، بندوبست ڪيئن آهي؟

دولت- (ٻانهون ٻڌي، بيپرواهيءَ سان دريءَ وٽ بيهي) بندوبست بلڪل ٺيڪ آهي. سڀيئي نياپا پهچائي آيو آهيان باقي اسان جي دير آهي.

هيمون- ٻاهر جو ٻيو ڪهڙو احوال آندو اٿيئي.

دولت- (اُتان ئي) آزاد ميدان واريءَ ٽوليءَ پوليس چونڪيءَ تي هٿرادو بم اُڇلايو آهي. پوليس تلاشين ۽ گرفتارين جي ڌم مچائي ڇڏي آهي. هينئر سڀيئي ساٿي بسڪوٽ فئڪٽريءَ جي هڙتال لاءِ ڪوشش ۾ آهن... (ڪجهه ياد ايندي) اڙي، مون کان ته ڳالهه ئي وسري ويئي! بمبئيءَ مان هڪ بليٽن آئي آهي.

هيمون ۽ پريتم- (ٽپ ڏيئي) بليٽن! ڪٿي آهي؟ جلدي ڪڍ.

دولت- (کيسي مان ڪڍي) اِجها!

هيمون- (کسي) مون کي ڏي. (کولي پڙهي ٿو) ”بمبئيءَ ۾ ماڻهن ۽ پوليس جي وچ ۾ چڪري- 51 ماڻهو گولين جو شڪار- 300 گرفتاريون!“

پريتم- (جوش ۾) گوري فرنگيءَ جا ڏينهن اچي کٽا آهن. ڀل ظلم جو گهوڙو تيز ڪري. رت جي هڪ هڪ ڦڙي جو حساب چُڪائي وٺبو!

هيمون- (گنڀر مشڪ سان) جذباتي نه ٿيءُ، پريتم!

پريتم- (درد مان) تون مون کي جيڪي وڻيئي سو چئه. (جوش ۾) ڇا، بي هٿيار ۽ بيگناهن جو هيءُ خون وهندو ڏسي، تنهنجو رت نٿو ڪڙهي؟

هيمون- (ڪلهي تي هٿ رکي) منهنجو رت ضرور ڪڙهي ٿو؛ پر اهو رت ڪڙهندو تڏهن آهي، جڏهن رت وهندو آهي. آزاديءَ کي قرباني گهرجي. هاڻي وڌيڪ احوال ڏسون. (پڙهي ٿو) ”ڪلڪتي ۾ ڪرفيو آرڊر چالو- مدراس ايڪسپريس ٽن ڏينهن کان غائب- ارونا آصف علي پوليس جي هٿن مان فرار- مهاتما گانڌيءَ جو اعلان ’ڪَرينگي يا مرينگي!’“ (پڙهن ۽ ٽپا پيا ڏين).

دولت- (وچ ۾) بليٽن پوءِ به پڙهي وٺبي، پهرين اڄوڪي ڪم جو ويچار ڪريو.

هيمون- (بليٽن کيسي ۾ وجهي) ٺيڪ آهي. (واچ ۾ نهاري) اها خبر بلڪل پڪي آهي ته فوجي مال گاڏي ستن ۾ ٽيهن منٽين اسٽيشن تي پهچندي، ۽ ويهن منٽن کان پوءِ اسٽيشن ڇڏيندي؟

دولت- شام جو پنجين بجي تائين اها پڪي خبر آهي ريلوي اختياريءَ وارن کي اهڙو اطلاع پهتل آهي جنهن ساٿيءَ اها خبر ڪڍي آهي. سو بلڪل ڀروسي جوڳو آهي.

هيمون- اهو پتو لڳو ته اها ڪهڙي مال سان ڀريل آهي؟

دولت- اها ڳالهه بلڪل مخفي آهي. ان جو پتو لڳائڻ بلڪل مشڪل آهي. ريلوي اختياريءَ وارن کي به ڪا خبر ڪانهي.

هيمون- پڪ ئي پڪ اهو فوجي مال پنجاب جي هلچل کي ڪچلڻ لاءِ وڃي رهيو آهي. جيڪڏهن اسان جو نشان ٺيڪ ويو، ته وڏي سوڀ حاصل ٿيندي.

ٽيڪم- (وچ ۾) ۽ نشان گسي ويو ته ان جي نتيجي جو خيال ڪيو اَٿوَ؟

هيمون- انهيءَ کي ڏٺو ويندو. نتيجو عمل کان اڳ نه، پر پوءِ نڪرندو آهي. نتيجو جنهن چيز جي تقاضا ڪندو، تنهن لاءِ اسين تيار آهيون. رڳو تون دل کي ذرا مضبوط رک.

ٽيڪم- (نراس ٿي) هيمون، تون مون کي ور ور ائين ڇو ٿو چوين؟ تو مون کي ڪمزور سمجهيو آهي؟ تون سمجهين ٿو ته مون کي شايد جان ڏاڍي پياري آهي.

هيمون- (جذبي مان ٽيڪم کي ڀاڪر پائي) منهنجو اهو مطلب ڪونهي، ٽيڪم! مون کي معلوم آهي ته تنهنجو دوستن ۾ ايترو موهه آهي، جو ٿورو خطرو ڏسي گهٻرائجي ٿو وڃين. پر ٻڌ، دوست، موت صرف هڪ دفعو ايندو آهي: ان جي سامهون للڪار ڪري وڃجي.

ٽيڪم- (بلڪل ڳري آواز ۾) اهو ته آءُ به مڃان ٿو؛ پر الاجي ڇو، تنهنجي باري ۾ منهنجي دل ڪمزور ٿيو وڃي.

هيمون- (مذاقي طرز ۾) ڇوڪرين جي سنگت ۾ شايد گهڻو رهيو آهين! (سڀيئي کلن ٿا) چڱو، هاڻي جلدي تيار ٿي وٺو. اسان کي سوائين ڇهين بجي نڪري هلڻ گهرجي.

پريتم- پهريائين مان ٿو وڃان. منهنجو پنڌ البت وڏيرو آهي. پروگرام ۾ ڦيرگير ته ڪانهي؟

هيمون- بلڪل نه. تون ريل وارو پٽو وٺي، سنگل واريءَ موريءَ کان هڪ سؤ قدمن تي، ڪنهن وڻ جي سايي ۾ لڪي بيهج. جيسين منهنجو اشارو نه ملي، تيسين اتي ئي رهج! سمجهيئه؟

پريتم- بلڪل ٺيڪ آهي ائين ئي ٿيندو.

هيمون- (ڪلهي تي ڌڪ هئي) شاباس، شر! اڄوڪو ڪم راس ٿيو ته ڄڻ سڄي جيوَن جي سوڀ حاصل ٿي.

پريتم- رک مولا تي؛ تون جو ساڻ آهين!

(پريتم دروازو کولي ٻاهر وڃي ٿو ۽ دولت دروازو بند ڪري اچي ٿو.)

هيمون- دولت، هاڻي تون به تيار ٿي وٺ.

دولت- مان ته اڳ ۾ تيار ويٺو آهيان.

هيمون- تون هريجن واريءَ بستيءَ کان مُڙي، ريل جي پٽي جي ٻئي طرف، موريءَ جي بلڪل سامهون ڪٿي بيهج؛ آءٌ به جلد اتي پهچي ويندس. پر ٻڌ، اوزارن پهچائڻ جو ڪم ڪنهن تي رکيو اٿيئي؟

دولت- ان جي چنتا نه ڪر. جيوڻ ۽ آنند اهو ڪم پاڻ تي هموار ڪيو آهي. اسان جي پهچڻ کان اڳ ۾ سمورا اوزار موريءَ هيٺان رکي ويندا.

هيمون- شاباس! هاڻي تون هل. پر ذرا خبرداريءَ سان اتي پهچج. منهنجي سيٽي وڄي ته بند تي چڙهي، ڪم کي جنبي وڃجو.

دولت- ڇٽو آهين.

هيمون- ته پوءِ ڀل هل. (دروازو بد ڪري ٿو اچيس) هاڻي مون کي به هلڻ گهرجي. (وچ ۾ نهاري) جلدي تيار ٿي وٺان.

ٽيڪم- پوريءَ خبرداريءَ سان ٻاهر نڪرج. پنهنجي سلامتيءَ جو پورو بندوبست رکج.

هيمون- (مشڪي) اطمينان رک، دلبر دوست! منهنجو وار به ونگو نه ٿيندو.

ٽيڪم- (اتساهه مان ڀاڪر پائي) تنهنجي وات ۾ موتي!

هيمون- مگر هاڻي تون خبردار ٿي ويهج. ڪا گڙٻڙ ڏسن ته پٺئين دروازي کان رفوچڪر ٿي وڃج. (مرڪي) ڊڄين ته ڪونه ٿو؟

ٽيڪم- (ٽهڪ ڏيئي) ڪنهن کان؟ توکان يا ڀتين کان؟ (هٿ کان پڪڙي، التجا سان) هيم، هڪ ڳالهه چوانءِ، مڃيندين؟

هيمون- واه، يار، تنهنجي به نه مڃيندس! (ڪوٽ پائيندي) رڳو مون تي شادي ڪرائڻ جو بار نه وجهج! (کلي ٿو)

ٽيڪم- (ڀريل گلي سان) چرچو نه سمجهه، (وري هٿ پڪڙي) منهنجي دل اڄ توکي ٻاهر ڇڏڻ تي نٿي ٿئي. مان چاهيان ٿو ته--

هيمون- (اڌ ۾ ڪپي، زور سان) ٽيڪم، تون هي ڪهڙيون ڳالهيون پيون ڪرين؟ مون کي اهڙي ڄاڻ هجي ها ته توکي هت هرگز نه آڻيان ها.

ٽيڪم- (پاسيرو اکيون اگهي، ڀريل دل سان) تون مون کي غلط سمجهي، مون سان بي انصافي ڪري رهيو آهين. منهنجو مطلب آهي ته اڄ مون کي ڇڏ ته آءٌ تنهنجي بدران وڃان. مون کي به وجهه ڏيو مون کي هت کوهه جي ڏيڏر وانگر بند ڪري ڇو رکيو اَٿوَ؟

هيمون- (ڀاڪر پائي) معاف ڪج، ٽيڪم، مون غلط سمجهيو. تنهنجو به وارو ايندو.

“Those also serve, who wait and watch.”

هاڻي ٻڌ، جيوڻ ۽ آنند کي سڀ هدايتون ڏج. جيڪڏهن ڪوبه اتفاق ٿي پوي ته ٽوليءَ جي ميمبرن کي جيوڻ جي هدايتن پٽاندڙ ڪم ڪرڻو آهي.

ٽيڪم- ڀلا، اڄ تون مون کي ٻاهر ڇو نٿو وڃڻ ڏين؟ اڄ منهنجي به کڻي مڃ.

هيمون- ٽيڪم، ائين ڪونهي. ٻيا دوست سِرَ جو جوکم کڻن، ۽ آءٌ هت ويٺو هجان! مون کي آرام ئي ڪونه ايندو. اڄ ڇڏ، سڀاڻي ڏسي وٺنداسين.

(هيمون ٽوپي پائي، ضروري چيزون کيسي ۾ وجهي، تيار ٿئي ٿو.)

هيمون- (دروازي وٽ پهچي) چڱو، جاني، وري سڀاڻي گڏباسين.

ٽيڪم- (ڪلهي تي هٿ رکي) خبرداريءَ سان ڪم ڪجو. ”جئه انقلاب!“

هيمون- ”جئه ڀارت ماتا!“ (دروازو کولي وڃي ٿو. ٽيڪم دروازو بند ڪري ٿو. آهستي، آهستي اوندهه وڌندي وڃي ٿي.)

[پردو]

چهچٽو ٻيو

وقت: شام جا اٽڪل ڇهه بجا.

مڪان: جيلخاني جي ڪال- ڪوٺڙي.

(هڪ خالي ۽ اونداهي ڪوٺيءَ ۾، هڪ ڪنڊ ۾، پٿر جي ٿلهي تي، جيل جي ڪپڙن ۾، هيمون مٿو ٻانهن تي رکي ويٺو آهي ۽ هيٺين سٽ پيو جهونگاري: ”مرنداسين مگر ديش کي آزاد ڪنداسين، آباد ڪنداسين!“

(هڪ سپاهي بتي کڻي پهري تي اچي ٿو. بتي دروازي وٽ رکي، اَچ- وڃ ڪري ٿو. ٿورو بيهي، اندر ليئو پائي ٿو ۽ هيمونءَ سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري.)

سپاهي- (ليئو پائي) ڪيئن، ديوان، وزن ٻزم هڻبو ڇا؟ (جواب ڪونه ٿو مليس) هنن ڪچڙين هڏين کي به سُوليءَ تي چاڙهيو ويندو! ڇا خدا جو شان آهي! (هيمون ٽهڪ ڏئي ٿو ۽ سپاهي ڇرڪي وڃي ٿو) شايد پاڳل ٿي رهيو آهي. ههڙين حالتن هيٺ ڪوبه شخص پاڳل بڻجي سگهي ٿو. هن جوان کي ڪيتري نه سختي ڏني ويئي آهي!

هيمون- (اڃا به وڏو ٽهڪ ڏيئي) پاڳل ٿين تنهنجا دشمن! ميان، خدا جو شان نه، پر گوري فرنگيءَ جي قيامت آئي آهي.

سپاهي- (عجب ۾) جوان، شاباس آهي تنهنجيءَ همٿ کي! مون هت ڦاسي- گهاٽ ۾ گبرگبر مڙس ڏٺا آهن، جن جا ڦاسيءَ جو حڪم ٻڌي ڍڍر ئي ڍرا ٿي ويا آهن. عجب آهي، تنهنجي ته تور ئي وڌي ويئي آهي! اڃا ته مڇن جي ريهه مس آئي اٿيئي.

هيمون- (ويجهو اچي، مشڪي) اُهي مرڻ ايندا آهن؛ پر آءٌ هتي موت تي فتح پائڻ آيو آهيان. (اکين ۾ چمڪ اٿس) بس، اهوئي فرق آهي.

سپاهي- (عزت سان سر جهڪائي)  بيشڪ شير مڙس آهين. پر، ادا، ڏاڍي سان هٿ اٽڪايا اٿوَ.

هيمون- (کلي) ڏاڍو! گوري کي تون ڏاڍو ٿو سمجهين؟ جو بي هٿيار ماڻهن کان ائين ٿو ڊڄي، جيئن جهرڪي باز کان! پنهنجو گورو صاحب ته ڏس، ڪيئن نه هٿ پستول تي رکي ڪوٺيءَ ۾ اندر گهڙندو آهي.

سپاهي- (کلي) برابر! ٺيڪ ٿو چوين. پر، ديوان، توکي ايڏي سزا ڪيئن جُڙي آهي؟ تو اهڙو ڪهڙو جرم ڪيوآهي؟ چون ٿا ته گاڏي ڪيرائڻ جي سازش ڪئي هيئه.

هيمون- (مشڪي) مون ’بهادر‘ فرنگيءَ جي نڪَ ڪپڻ جو جرم ڪيو آهي، ان ڪري هيءَ سزا ٻَڌي اَٿن. (کِلي ٿو.)

سپاهي- چوين سچ ٿو. تو جهڙو ڳڀرو، ۽ ڦاسيءَ جي سزا! ناحق آهي، ناحق!

هيمون- اڄ تنهنجو گورو سپرنٽينڊنٽ منهنجي روزاني سواگت تي ڪونه آيو آهي؟

سپاهي- (چوڌاري نهاري) ڇهن وڄڻ ۾ باقي ڪي منٽ آهن. اچڻ ۾ هوندو. (ٿورو ويجهو اچي، آهستي آواز ۾) جوان، اڄ تنهنجي لاءِ ڪو نئون ڦندو لڳايو اٿن. (ڪَن جي ويجهو اچي) شايد ڪن ماڻهن کي جيل اندر آندو اٿن. تنهنجا ماءُ- پيءُ ته ڪين آهن؟ هيءُ گورو سپريڊنٽ ڏاڍو حرفتي آهي.

هيمون- جيسين هن سريءَ ۾ ساهه آهي، تيسين ته ڪجهه ڪين ورندس.

سپاهي- خدا توکي همٿ ڏئي. اسان جي ته دعا اٿيئي!

(بوٽ جي آهٽ جو آواز اچي ٿو. سپاهي، خبردار ٿي، اچ- وڃ ڪري ٿو. جيل جو گورو سپرنٽينڊنٽ هندستاني جيلر سان داخل ٿئي ٿو. سپاهي سلام ڪري ٿو.)

سپرنٽينڊنٽ- (انگريزي لهجي ۾) داروازا کولو! (سپاهي دروازو کولي، پاسيرو ٿي وڃي ٿو. سپرنٽينڊنٽ ۽ جيلر اندر داخل ٿين ٿا.) هاني (هاڻي) تنهنجو دماغ جاءِ تي آيو هوندو! (هيمون بيپرواهيءَ سان پاسيرو ويٺو آهي.) ان جا (اڃا) به تون ضد تي قائم آهين؟ (هيمون ڪوبه ڌيان نٿو ڏئي).

جيلر- (اڳتي وڌي) هيمون آخرين دفعو اٿئي: ٻڌاءِ، ڪهڙو ويچار ڪيو اٿيئي؟

هيمون- (بيپرواهيءَ سان) مون کي ڪهڙو ويچار ڪرڻو آهي؟

جيلر- اِهو ته تون ٻين ٻن جوابدارن جا نالا ڏيڻ لاءِ تيار آهين يا نه؟

هيمون- آءٌ بار بار چئي چڪو آهيان ته مون سان ڪوبه ٻيو گڏ ڪونه هو. ان کان وڌيڪ ٻيو اوهان کي ڇا ٻڌايان؟ مون کي خواهه مخواهه پريشان ڪري رهيا آهيو.

جيلر- (چڙ ۾) اهو سراسر غلط آهي ته توسان ٻيو ڪوبه شخص گڏ نه هو. سپاهين ٻن شخصن کي ڀڄندي ڏٺو آهي.

هيمون- انهن منهنجي پاڇي کي ڀڄندو ڏسي غلط انومان ڪڍيو آهي.

جيلر- (مشڪي) تون اڃا اسان جي اڳيان ٻار آهين. اهڙي قسم جا چرچا تنهنجي دماغ کان مٿي آهن.

هيمون- چڱو، آءٌ ته ٿيس ٻار، پوءِ اوهين مهيني کان وٺي منهنجي اڳيان هيءُ مردانو کيل ڇو ڪري رهيا آهيو؟ ڇڏي ڏيو نه هن ٻالڪ کي!

جيلر- هيمون، مون کي تنهنجي جوانيءَ تي رحم ٿو اچي. تون بيسمجهه ٻار وانگر ضد ڪري، پنهنجي برباديءَ لاءِ کڏ کوٽي رهيو آهين.

هيمون- (ٽهڪ ڏيئي) بيشڪ! ڀلا اوهان سمجهدارن جي ويچار موجب مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟

جيلر- تون ٻين جوابدارن جا نالا ڏي ته تنهنجي قيمتي جان بچي سگهي ٿي.

هيمون (اُڇل ڏيئي) ۽ انهن ٻن ڄڻن جي جان اوهان جي هٿن ۾ سلامت رهندي- ائين نه! هڪ ڳالهه ٻي به چڱيءَ طرح سمجهي ڇڏيو. فرض ڪريو ته اهي ٻه شخص مون سان گڏ هئا به، ته ڇا اوهين ائين ٿا سمجهو ته آءٌ سندن نالا ڪڍي اوهان کي ڏيندس؟

جيلر- ان ۾ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي، پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڪجهه به ڪرڻ روا آهي.

هيمون- اها ڳالهه اوهان جي دماغ ۾ اچي سگهي ٿي، منهنجي دماغ ۾ نه.

سپرنٽينڊنٽ- (جوش ۾) جي تون (تو) سڌو طرح نالا نه ڊنا (ڏنا) ته ٻيو رستو ڪيو ويندو.

هيمون- (نفرت مان) هينئر اوهان گهٽ رستا آزمايا آهن! ڦٽڪا هڻڻ، برف تي سمهارڻ- ان کان وڌيڪ اوهان وٽ آهي ئي ڇا؟

جيلر- (جوش ۾) لوهه جون تتل سيخون، ڪوڪن جا تختا! پوءِ پاڻيهي معلوم ٿيندءِ.

هيمون- (جوش ۾) آزمائي ڏسو اِهي به پنهنجا شيطاني رستا!

سپرنٽينڊنٽ- خاموش، خاموش! يُو شيطان لڙڪا! (غصي ۾ اکيون ڦوٽاري ٿو.)

هيمون- بس، گورا صاحب، جلدي چڙي ويا! شيطان هروڀرو ته برو نه ٿيندو آهي!

جيلر- (وچ ۾) هيمون، تون خواهه مخواهه پنهنجي تباهيءَ لاءِ تياريون ڪري رهيو آهين، جڏهين اسين تنهنجي ڀلائيءَ لاءِ سوچي رهيا آهيون.

هيمون- (ٿوريءَ خاموشي4 کان پوءِ) سچ! ته پوءِ آءٌ ته مورک چئبس جو اوهان جي خيرخواهيءَ جو خيال نٿو ڪريان مون کي ته اوهان کي پورن سهڪار ڏيڻ گهرجي.

جيلر- بلڪل! اسين ڪيترن ڏينهن کان اها ئي ته ڳالهه توکي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

هيمون- ته وٺو، منهنجو اوهان سان پورن سهڪار آهي. آءٌ اوهان کي سڀڪجهه ٻڌائڻ لاءِ تيار آهيان. چئو، اوهان کي ڇا کپي؟

جيلر- (خوش ٿي) ڇا ٿو چوين؟ تون سڀڪجهه ٻڌائڻ لاءِ تيار آهين؟

سپرنٽينڊنٽ- (بود ۾) شاباش! مُجهي معلوم ٿا، تو بهت اڇا لڙڪا هئه.

هيمون- (گنڀير ٿي) مان سڀڪجهه ٻڌائڻ لاءِ تيار آهين، پر هڪ شرط تي.

جيلر- (اُتاولو ٿي) چئه، چئه. ڪجهه به هجي، چئي ڏي. ڊپ اصل نه ڪر. تنهنجي جان بچائڻ جو واعدو آهي.

هيمون- شرط ته معمولي آهي، پر اوهان لاءِ ذرا—

جيلر- (اڌ ۾ ڪپي) تون ڪوبه فڪر نه ڪر. تنهنجو ڪوبه شرط مڃڻ لاءِ تيار آهيون.

سپرنٽينڊنٽ- بداءِ، بداءِ (ٻڌاءِ)، ڊپ نه ڪر.

هيمون-(چهري تي عجيب مشڪ آڻي، مٺيون ڀيڙي، جوش ۾) ته ڀل ٻڌو- (بلند آواز) ”انگريزو، هندستان ڇڏي وڃو!“ (ٻئي سراپجي ٿا وڃن) ڪيئن، منظور آهي شرط! (کلي ٿو)

سپرنٽينڊنٽ- يُو فُول! يهه لڙڪا ايسي ٺيڪ نهين هوگا.

جيلر- (منهن ڀيلو ڪري) صاحب، هيءُ بلڪل باغي ڇوڪرو آهي. هن سان مٿو مارڻ، ديوار سان مٿي ٽڪرائڻ برابر آهي.

سپرنٽينڊنٽ- (باغي اکر تي ڇرڪي) هيءُ انقلابي آهي يا گانڊيوادي (گانڌيوادي)؟

هيمون- (وچ ۾) آءُ ديس- شيوڪ آهيان.

سپرنٽيدنٽ- تون گانڊي (گانڌي) کي جانين (ڄاڻين) ٿو؟

هيمون- گانڌيءَ کي ڪير نٿو ڄاڻ! هو ته باندي ڀارت جي جاڳرت آتما آهي.

سپرنٽينڊنٽ- ديش جو ڀلو ائين نا ٿيندو.

هيمون- سپرنٽينڊنٽ صاحب، غلام قوم ديس- شيوا جو سبق حڪمرانن کان ڪانه سکندي آهي. آزاديءَ جا پروانا پاڻيهي مِڙي ايندا آهن.

سپرنٽينڊنٽ- گانڊي غلط ڪم ٿو ڪري؛ آزادي ائين نا ايندو (ايندي).

هيمون- ديش- ڀڳتن لاءِ حڪمران هميشہ ائين چوندا آهن. سپرنٽينڊنٽ صاحب، اوهين ڪا نئين ڳالهه ڪريو ها. اتهاس انهيءَ ڳالهه جي فتوى ڏيندو، ۽ نه اوهين.

جيلر- (رعب مان) هن مان صاف ظاهر آهي ته تون پنهنجي ڏوهه جي قبوليت ٿو ڏين، ۽ سزا کائڻ لاءِ تيار آهين.

هيمون- (خاموشيءَ کان پوءِ) ڏوهه! ڏوهه ڇاکي ٿا چئو؟ ظالمن جي ڪتاب ۾ ان جي معنى ڇا آهي، اها اوهين ڄاڻو؛ باقي مون ڪوبه اهڙو ڏوهه نه ڪيو آهي، جنهن لاءِ شرمسار ٿيان ۽ قبوليت ڏيان. غلام ديس پنهنجي آزاديءَ لاءِ جيڪي ڪندو آهي، اهو ظالمن جي نظر ۾ ڏوهه هوندو آهي. واشنگٽن جڏهين آزاديءَ جو جهنڊو بلند ڪيو هو، تڏهين اوهان هن کي ڏوهاري سمجهيو هو. مئزنيءَ جڏهن آزاديءَ جي للڪار ڪئي هئي، تڏهين هو به مٿي ڦِريو هو. ۽ گانڌي! هو اوهان جي نظر ۾ ديوانو آهي.

جيلر- (خفي ٿي) تون اِهي لنبيون تقريرون ڪري، قانون جي نظر ۾ پاڻ کي بيڏوهي ثابت نه ڪري سگهندين. فوجي قانون موجب تو سنگين ڏوهه ڪيو آهي!

هيمون- (ٽوڪزنيءَ مان) قانون! ڪنهن جو قانون؟ حڪمرانن جو؟ جيڪي پنهنجي طاقت کي قائم ڪرڻ لاءِ هيءُ دڪان ڪڍي ويٺا آهن؛ ۽ جتي انصاف سندن اشاري تي نچي ٿو! (امنگ ۾) ته پوءِ اهو به ٻڌي ڇڏيو ته هن کان اڳ ڇا، پر هن کان پوءِ به اُهي سڀ ڏوهه ڪندس، جيڪي منهنجي ديس کي آزاد ٿيڻ ۾ مدد ڪندا!

سپرنٽينڊنٽ- خرناڪ! بلڪل خطرناڪ!

جيلر- (نرمائيءَ سان) هيمون، تون خيال ته ڪري ڏس ته هن ضد ڪرڻ سان توکي ڪهرو نتيجو ڀوڳڻو پوندو!

هيمون- توهان جي هن لڳاتار پيڙا کان ته ڪابه سزا ڀوڳڻ لاءِ تيار آهيان. ڦاسيءَ کان وڌيڪ اوهان وٽ رکيوئي ڇا آهي؟

جيلر- (عجب ۾) توکي ڦاسيءَ جو ڊپ نٿو ٿئي؟ ڇا، توکي پنهنجي زندگي پياري ڪانهي!

هيمون- (بيپرواهيءَ سان) ڦاسيءَ جو ڊپ ڪانئرن کي ٿيندو آهي، جي پنهنجو ضمير چانديءَ جي چند ٽڪرن تي وڪڻي ڇڏيندا آهن. (امنگ ۾) باقي هيءَ زندگيءَ؟ هن سندر وستوءَ کي ڪير نه پيار ڪندو! زندگي ڪهڙو نه عجيب لفظ آهي... ور ور هن چيز کي حاصل ڪرڻ تي جيڪر دل ٿئي.

جيلر- (اُتساهه سان) سچ! تون زندگيءَ کي ايترو پيار ٿو ڪرين؟ زندگي واقعي خوبصورت چيز آهي؟

هيمون- (اڃا به اُتساهه سان) ها، بلڪل ڏاڍو پيار ٿو ڪريان. جيلر صاحب، ذرا تون خيال ته ڪري ڏس ته هن زندگي4 ۾ مون کي ڇا ڇا نه ڪرڻو اهي! مون اڃا زندگيءَ کي ڏنوئي ڇا آهي-

جيلر- تون زندگيءَ ۾ ڇا ٿو ڪرڻ گهرين؟ ڪهڙيون تمنائون سانڍيل اٿيئي؟

هيمون- (مستيءَ ۾) مان زندگيءَ کي هن مهايگيه ۾ گاڏيءَ جو ڦيٿو بڻائڻ ٿو چاهيان، تلوار جو چمڪو ڪرڻ ٿو گهران، يا ڪڻڪ جو سلو هيءَ زندگي طوفان جو جهونڪو، وڄ جو چمڪاٽ ۽ برسات جو وسڪارو آهي! (مستيءَ ۾) هيءَ زندگي هزار دفعا ماڻيان، ته به منهنجو يگيه پورو نه ٿئي! زندگير جو هڪ هڪ پل منهنجي لاءِ---

جيلر- (وچ ۾ ڪپي) مان توکي اها زندگي ڏيان ته؟

هيمون- (خوشيءَ ۾ ٽپ ڏيئي) تون مون کي زندگي ڏيندين! (اوچتو روڪجي ۽ ٿڌو ٿي) تون منهنجي بدران ڦاسيءَ تي چڙهڻ وارو ته ڪونه آهين، پوءِ تون مون کي هن (ويهي) سندر چيز جو دان ڪيئن ڏيئي سگهندين؟

جيلر- بس، صرف هڪ ئي ڳالهه آهي. تون...

هيمون- (جوش ۾، اُڇل کائي) وري ساڳيو رينگٽ! مهرباني ڪري مون کي وڌيڪ ستائڻ جي ڪوشش نه ڪريو.

جيلر- نه، هيمون، مون تنهنجي زندگي بچائڻ لاءِ ٻيو رستو ڳولي ڪڍيو آهي؛ رڳو تون ها ڪر، پوءِ دير ڪانه لڳندي.

هيمون- (نراسائيءَ ۾) مون کي ڪوبه رستو نظر نٿو اچي.

جيلر- (اتساهه مان) چڱو، ٻڌ: جي تون پنهنجن ساٿين جا نالا نٿو ڏين، ته پنهنجو قصور قبول ڪر ۽ انهيءَ لاءِ معافي وٺ ۽ اڳتي لاءِ لکي ڏي ته تون اهڙو ڪم نه ڪندين، ۽ سرڪاري سان وفادار ٿي رهندين.

هيمون- (غصي ۾ اکيون پاڙي، ڏند ڪرٽي) معافي! ڇا، تو پنهنجي وويڪ کي ايترو ڪچلي ڇڏيو آهي جو تون هندستاني ٿي، مون کي اهڙي نيچ صلاح ٿو ڏين! ڪهڙي ڏوهه لاءِ معافي وٺان؟ ديس- شيوا جي ڏوهه لاءِ! ۽ ڪنهن کان معافي وٺان؟ هن (سپرنٽينڊنٽ ڏانهن اشارو ڪري) ڊاير جي اولاد کان!

سپرنٽينڊنٽ- (جوش ۾ پستول ڪڍي) شٽ- اَپ- يو. بلڊي! موت جي سزا توکي سڌو ڪري ڇڊيندي (ڇڏيندي) تون.. (پستول سڌو ٿو ڪري، پر وري هيٺ ڪري ٿو ڇڏي)

هيمون- هلائي، هلائي نه اهو پنهنجو قومي نيشان! خاموش ڇو ٿي وئين؟ موت جو نالو وٺي مون کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش نه ڪريو. آزاديءَ لاءِ اها قيمت ٿوري آهي.

سپرنٽينڊنٽ- آزادي! ڊسون (ڏسون) ٿا، ڪهڙي ٿو آزادي اچي! موت توکي به سانت ڪري ڇڊيندو، بيا (ٻيا) به سبق سکندا.

هيمون- سبق سکندا ديش- ڀڳتيءَ جو، ۽ نه ڪانئرتا جو اوهين منهنجي جوت برابر اُجهائي سگهو ٿا؛ پر آزاديءَ جي شمع نٿا وسائي سگهو هيمونءَ جو خون ڏيي ۾ تيل جو ڪم ڪندو (امنگ ۾) هڪ بيگناهه هيمونءَ جون خون، سوين هيمون پيدا ڪندو... ۽ جوت جلندي ئي رهندي!

(سپرنٽينڊنٽ ۽ جيلر پاسيرا ٿي سس پس ڪن ٿا. ۽ پوءِ جيلر، وڌي...)

جيلر- هيمون، جوش کان ڪم نه وٺ، ڪجهه سوچ. معلوم اٿيئي ته تنهنجي ماءُ- پيءُ جو ڪهڙو حال ٿيو آهي! هنن جو به ڪو خيال ڪيو اٿيئي؟

هيمون- (پيشانيءَ تي هٿ رکي) منهنجي ماءُ... منهنجو پيءُ... (اکيون پوري ٿو)

جيلر- تون هنن کي ڏسڻ چاهين ٿو؟

هيمون- (گهٻرائجي، مٿو ڌوڻي) نه نه، آءُ هنن کي ڏسڻ نٿو چاهيان. مهرباني ڪري هنن کي هتي نه آڻيو.

سپرنٽينڊنٽ- (مڇن کي وٽي، ڪنڌ ڌوڻي) سپاهي! آفيس سي وو لوگ ڪو لائو.

هيمون- (هٿ مٿي ڦهلائي) هنن کي منهنجي سامهون نه آڻيون. مون کي هن حال ۾ رهڻ ڏيو. مون تي... (مٿو ٻانهن تي رکي ٿو ڇڏي)

جيلر- (هيمون، تون پنهنجو ۽ مائٽن جو ڀلو ٿو چاهين ته هوڏ تان لهي وڃ. ٿوري وقت لاءِ سوچي ڏس ته تون پنهنجي جوانيءَ سان....

(سپاهي هيمونءَ جي ماءُ ۽ پيءُ کي اندر وٺي ٿو اچي.)

هيمونءَ ماءُ- (هيمون کي چنبڙي) منهنجا لال! تنهنجي نڀاڳي ماءُ شل مري وڃي، تو پاڻ کي ڪٿي اچي ڦاسايو آهي! (سڏڪا ڀري ٿي.)

هيمون- اما! (وڌيڪ گلي ۾ گهٽجي ٿو وڃيس)

جيلر- توکي پنهنجو خيال نٿو ٿئي ته گهٽ ۾ گهٽ ماءُ- پيءُ جو ته ويچار ڪر.

ماءُ- پٽ، تون ڏاهو ٿيءُ، جيئن هي چون ٿا، تيئن ڪر. انهيءَ ۾ اسان جي ڀلائي آهي.

هيمون- (درد مان) اما، تون ڇا ٿي چوين! آءٌ پنهنجي جان بچائڻ لاءِ، ٻين مائرن جي لالن کي ٻوهي ۾ وجهان؟

ماءُ- (روئي) نه، پٽ، آءٌ ائين نٿي چوان. رڳو تون مون کي گهرجين. (چنبڙيس ٿي) تون مون جڏيءَ جو سهارو آهين. (روئي ٿي)

هيمون- اما تون من کي ڌيرج ڏي. موهه وس ٿي من کي اشانت ڪرڻ سان دک وڌي ٿو.

ماءُ- پٽ، تون ڇا ٿو چوين! موهه؟ گانءِ به ٻچڙي کي آپدا ۾ ڏسي ٿونا هڻندي آهي، آءٌ ته نيٺ به انسان آهيان.

هيمون- اما، تنهنجو ٻچو آپدا ۾ ڪونهي. هو هڪ اهڙي آستان تي آهي، جو يگن پٺيان يگن جو اتهاس روشن ڪندو رهي ٿو. هيءَ اونڌاهي ڪوٺي نه، پر روشن مينار آهي، جتان پرڪاش ڦهلجندو آهي- ۽ اڃا به ڦهلجندو رهندو، جيسين ستم جو نالو نشان به قائم هوندو.

ماءُ- تون الائي ڪهڙيون ڳالهيون ويٺو ڪرين، مون کي ته ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي. منهنجي دنيا ته اونداهي ٿيندي ٿي وڃي. (سپرنٽينڊنٽ کي) منهنجي ٻچي جو ڪوبه قصور ڪونهي. هن کي ڇڏي ڏيو. مون تي ديا ڪريو.

سپرنٽينڊنٽ- (رعب سان) قانون موجب هن کي ڦاسيءَ جي سزا ڏني ويندي!

ماءُ- (رڙ ڪري) ڀڳوان جي نالي، ائين نه چئو. هن جي بدران اوهين مون کي ڦاسيءَ تي چارهيو. ايشور لڳ، هن کي ڪجهه نه ڪريو.

جيلر- مائي، اسان ته هن کي ڏاڍو سمجهايو آهي، پر هي باز ئي نٿو اچي. هاڻي اوهين ڪو مٿس زور بار آڻيو.

پيءُ- (اکين مان ڳوڙها اُگهي، اڳتي وڌي) پٽ هيمون، هن جڏي سرير جو به ته ڪو ويچار ڪر. هن عمر ۾ تون ئي منهنجو ڪرنگهو آهين.

هيمون- (پيءُ کي چنبڙي) باب، اوهين مون کي معاف ڪريو. آءٌ اوهان جو دک ۽ پيڙا سمجهي سگهان ٿو. پر هاڻي مون کي پنهنجو پرن پالڻ ڏيو.

جيلر- (پيءُ کي)  جيڪڏهين هيءُ پنهنجي ساٿين جا نالا نٿو ڏئي، ته انهن هُنن جا نالا ڏيئي- پنهنجي پٽ جي جان بچائي سگهو ٿا.

پيءُ- (هچڪندي) نالا! ڪهڙا نالا؟ ڪنهن جا نالا؟

جيلر- جيڪي ٻه جوان انهيءَ رات هن سان گڏ هئا ۽ گم ٿي ويا آهن. ٻڌائيندا، ته انهيءَ ۾ اوهان جي پٽ جي ڀلائي آهي.

هيمون- (درد ڀري رڙ ڪري) بابا! پنهنجي هيمونءَ جي نالي ڪارنهن جو داغ نه لڳائجو: موهه وس ٿي، پاپ جو وچن نه ٻولجو!

سپرنٽينڊنٽ- اوهان نالا نه ڊنا (ڏنا) ته اوهان کي به گرفتار ڪيو ويندو.

جيلر- هيمون، تنهنجي ماءُ- پيءُ کي به توجهڙيون سختيون ڏنيون وينديون.

هيمون- ائين نه ڪريو. کين هٿ نه لايو. هِن جسم کي کڻي ٽڪر ٽڪر ڪريو.

جيلر- اهو صرف هڪ ئي شرط تي ٿيندو، جي تون اسان جي صلاح تي هلندين.

هيمون- (وائڙن وانگر) ڇا ٿا چئو؟ اوهان جي صلاح! ڪهڙي صلاح؟ ها ها... اوهان جي صلاح... اما!، بابا!... (منهن کڻي ٿو هٿن ۾ بند ڪري) نه نه، ائين نه ٿيندو هرگز نه!

پيءُ- هيمون، منهنجا لال، اها لٺ مون کان کسي نه وڃ. تون پنهنجا ننڍا ڀائر ۽ ڀينر ته هلي ڏس! توکان سواءِ ويڳاڻا آهن.

هيمون- (وچ ۾) بابا، بابا! بس، مون کي وڌيڪ موهه وس نه ڪريو.

ماءُ- (روئندي) هيمون، تون اسان کي پنهنجي موهه ۾ قابو ڪري، ڪيئن ٿو هليو وڃين؟ اسان تي به ته رحم کاءُ.

هيمون- (هٿ ٻڌي) اما، مون کي وڌيڪ پيڙا ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪريو. منهنجي آتما هينئر بلڪل شانت آهي. جڏهين کان مون هيءُ ظالمن جو حڪم ٻڌو آهي، منهنجي مٿان هڪ امر جيوَن جو خمار طاري ٿي ويو آهي: آءٌ هڪ انوکو آنند محسوس ڪري رهيو آهيان، هڪ مها آنند! (سڀيئي هن ڏانهن اکيون ڦاڙي ڏسن ٿا.) هاڻي مون کي پورن سنتوش آهي. ڇا، اوهين منهنجو آنند ڀنگ ڪرڻ ٿا گهرو؟ ڇا، توهين مون کي هن مها يگيه کان هٽائڻ ٿا گهرو؟ ڇا، اوهين منهنجو پرن ٽوڙڻ ٿا گهرو؟ ائين نه ڪريو، ڪجهه پلڪن لاءِ مون کي اهو آنند ماڻڻ ڏيو هيءُ شهادت جو جام مون کي پيئڻ ڏيو. منهنجيءَ آتما کي امر جيوَن جو رس وٺڻ ڏيو. (هٿ جوڙي) منهنجي ماتا، توکي پرنام! منهنجا پوجنيا پتا، اوهان کي پرنام! منهنجا ساٿيو، اوهان کي به پرنام! منهنجي ماتر ڀومي، تنهنجي ڪڻي ڪڻي کي پرنام! (پاسيرو ٿي وڃي ٿو.)

(سڀيئي هڪ عجيب اثر هيٺ بوتن وانگر بيٺا آهن، ۽ ڏسندا رهن ٿا. اوندهه وڌندي ٿي وڃي. ساڳيو جهونگار جو آواز- ”مرنداسين مگر ديش کي آزاد ڪنداسين، آباد ڪنداسين“ پيو اچي، ۽ آهستي جهڪو ٿيندو ٿو وڃي.)

[پردو]

 

”رُوي زمين کي آباد ڪرڻ اهڙو نه آهي،

جهڙو هڪ دل کي شاد ڪرڻ.“

- عمر خيام

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com