سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-3\2016ع

باب:

صفحو:3 

تحرير خاص

 

 

 

 

مخدوم محمد زمان  طالب الموليٰ

          مخدوم امين ’فهيم‘ منهنجو وڏو فرزند جنهن تي منهنجي پڙڏاڏي مرحوم مخدوم امين محمّد صاحب ”امين“ جو نالو رکيل آهي، تنهنڪري اسين ۽ سروري جماعت توڙي اسان جو راڄ، کيس ”ڏاڏا سائين“ ڪري چوندا آهيون، مگر ٻاهرين دنيا ۾ پاڻ مخدوم امين ’فهيم‘ جي نالي سان سڏبو آهي، کيس به پنهنجي خانداني ورثي ۾ شاعري ملي آهي يعني مخدوم نوح سرور عليہ الرحمة شاعر هئا، سندن پوٽو لاکو لطف الله به شاعر هو، ڳنانِ پوءِ به سروري خاندان ۾ ڪيترائي شاعر ٿي گذريا، جن مان ڪن جو احوال مون پنهنجي تصنيف ”يادِ رفتگان“ ۾ ڏنو آهي.

مخدوم امين محمد صاحب ”امين“، 12 سجاده نشين پنهنجي همعصرن ۾ سٺو شاعر هو، وري مخدوم مرحوم غلام محمد، 15 سجاده نشين به شاعر هئا ۽ تخلص ”مغموم“ هونِ. اهڙي طرح آءٌ (طالب الموليٰ) 16 سجاده نشين به پنهنجي وقت جي سٺن شاعرن مان هڪ شاعر آهيان. امين فهيم به پنهنجي هڪ جيڏن شاعرن ۾ سٺو شاعر آهي. سندس ڪلام ۾ جديد ۽ قديم شاعريءَ جو رنگ موجود آهي، جو پڙهندڙن کي نهايت محظوظ ڪندو. پاڻ اڪثر غزل ئي لکيو اٿس ۽ بهترين لکيو  اٿس.

          مون کي هن ڳالهه تي خوشيءَ سان گڏ فخر به حاصل آهي ته پنهنجي وڏي فرزند امين ’فهيم‘ جي ڪلام جي مجموعي”پيغام“
تي ڪجهه لکيو اٿم، دعا ٿو ڪريان ته”الله ڪري زورِ قلم خوب و زياده.“

ڪتاب ”پيغام“ تان کنيل

 ”پيغام“ جي ڇپائيءَ جو نوٽ

 

 

 

 

 

ولي محمد رونجهو

(ويل سروري)

شاعري اڪتسابي عمل ڪونهي پر الهام جو نمونو آهي. اِن جو ثبوت جناب مخدوم محمد امين ’فهيم‘ صاحب جن جي زير نظر ڪلام ”پيغام“ مان ملي سگهي ٿو.

مذڪوره بالا شخصيت نهايت مصروف عمل سياستدان آهي. سياست هر وقت متحرڪ رهڻ لاءِ مجبور ڪندي آهي. سياست جا نشيب و فراز، محروميون ۽ حاصلات، سدائين هڪ جهڙو نه رهڻ جي باوجود هڪ تسلسل رکن ٿا پر جيئن ته اسان جي هن محترم سياستدان کي شاعريءَ ۾ به ملڪو حاصل آهي، جيڪو پنهنجي طبعي ۽ فطري عمل سان مصروف رهيو آهي ۽ جيڪي ڪجهه تخليق ڪندو رهيو آهي سو پيغام ۾ ”مشت نمونو خروار“ جي مصداق موجود آهي.

جناب مخدوم محمد امين ’فهيم‘ صاحب کي جيڪي ادبي ذوق جا ماڻهو بحيثيت شاعر جي سڃاڻن ٿا، تن جي اِها شڪايت بجا هئي ته موصوف جي فرزند ارجمند جو ڪلام هن کان اڳ زيورِ طباعت سان آراسته ٿي، داد حاصل ڪري چڪو آهي، مگر ”فهيم“ صاحب جو ڪلام انتظار ئي ڪرائيندو رهيو. ”اڪيڊمي ادبيات پاڪستان“ سنڌي ادبي بورڊ سان هن ڪم ۾ ٻانهن ٻيلي رهي آهي ۽ ڪلام کي مجسم پيغام بنائي چار چنڊ لڳائي، سيبائتي نموني ڇاپڻ ۾ آزاد ڪميونيڪيشن وارن به گهٽايو ڪونهي.

آءٌ احسانمند آهيان، ادب پرور ۽ اديب نواز شخصيت قبله چيئرمن صاحب سنڌي ادبي بورڊ جو ۽ سندن بورڊ آف گورنرس جي فاضل ميمبرن جو، جن جي خاص هدايتن ۽ رهنمائيءَ ۾، مون کي هيءَ سعادت حاصل ٿي. اَسان ايئن چوڻ ۾ حق بجانب آهيون ته:

گهڻو دلبر لڪئين ليڪن ڏسڻ وارن ڏسي ورتو،

رخِ انور کي سهڻا نيٺ مون پارن ڏسي ورتو.

 

3-ڊسمبر 1990ع                                ولي محمد رونجهو (ولي سروري)                                                                     سيڪريٽري (اڳوڻو)

                                                                     سنڌي ادبي بورڊ

                       

                                       ڪتاب ”پيغام“ تان کنيل

 

دستاربنديءَ واري تقريب ۾ خطاب

 

 

 

 

 

مخدوم جميل الزمان ’جميل‘

بِسم الله الرحمٰن الرحيم

 

اڄ کان 22 سال اڳ منهنجي والد صاحب اعليٰ حضرت مخدوم امين ’فهيم‘ سائين، جن اهو فرمايو هئو ته: ”اڄ اسان جي مٿي تان آسمان ۽ پيرن جي هيٺان زمين نڪري ويئي آهي“. انهيءَ جملي جو مقصد ڇا هئو ۽ انهيءَ جملي جي پاڻ ڪهڙي معنيٰ ڪڍيائون، پاڻ ڇا ٿي چوڻ فرمايائون، انهي جي مون کي اڄ خبر پئي آهي ته سر جي مٿان آسمان ۽ پيرن جي هيٺان زمين ڪيئن ٿي نڪري وڃي. پاڻ منهنجو ڇَپَر ۽ ڇانوَ هئا، دنيا جا شاندار انسان هئا، بهترين ماڻهو هئا، عيبن تي پردو وجهندڙ هئا، منهنجا والد هئا، الله سائين دنيا ۾ جيڪي به والدين خلقيا آهن، اهي سڀئي والدين محترم آهن. وڏي احترام جي لائق آهن. مگر آئون چوندس ته منهنجي والد جهڙو ڪنهن جو به والد ڪونه هوندو. پاڻ هن دنيا ۾ مسافرن وانگر رهيا، دنيا کي ڪڏهن به پنهنجو مقام ڪونه سمجهيائون، الله سائين کين جنت ۾ جاءِ ڏيندو.

آئون سروري جماعت کي گذارش ڪندس ته منهنجي والد سائين جن لاءِ دعاگو رهن. الله سائين سندن درجات بلند ڪري کين جنت الفردوس ۾ پنهنجي والد صاحب اعليٰ حضرت قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائين رحمة الله عليہ جن سان گڏ رکي.

قبله طالب الموليٰ سائين جن فرمايو ته جڏهن سندن والد صاحب جن جو وصال ٿيو، انهيءَ ڏينهن کان پوءِ اسان جو ننڍپڻ ختم ٿي ويو. بابا سائين جن جي هوندي، آئون پنهنجي ننڍپڻ ۾ هوس. ڪڏهن مون پنهنجو پاڻ کي وڏو ڪونه سمجهيو،

21 تاريخ تي پوءِ منهنجو ننڍپڻ ختم ٿي ويو. وڏي ذميواري آهي، الله سائين جي در آئون دعا ڪندو رهندس، الله سائين مون کي توفيق ڏي ته آئون تنهنجي حڪمن تي هلان، منهنجي موڪليل نبي آخر زمان حضرت مُحمّد مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي حڪمن تي هلان. قيامت جي ڏينهن آئون جڏهن پنهنجي والدين جي سامهون هجان ته به سرخرو ئي هجان.

آئون سروري جماعت کي چوندس ته آخرت جي لاءِ، ذڪر ڪندا رهو، الله سائينءَ جي احڪامات جي پيروي، پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي سنت تي هلو، قرآن شريف پڙهو، قرآن شريف ٻين کي پڙهايو، نمازون پڙهو. انهي کان پهرين جو دعا جو دروازو بند ٿي وڃي، الله سائينءَ کان دعا گهرو، الله سائين کان بخشش گهرو، الله سائين بخشڻ وارو آهي، اهو بخشيندو. مون کي خبر آهي ته مخدوم نوح سرور شاههرحه جن جي جماعت غريبن جي جماعت آهي. فقيرن جي جماعت آهي. انهن ۾ جهيڙو ڪونهي، انهن ۾ جڳهڙو ڪونهي، آئون چاهيندس ته الله سائين مون کي توفيق ڏي ته آئون پنهنجي جماعت مخدوم نوحرحه جي جماعت جي خدمت ڪيان. اُهي خوشحال هجن، اُهي سکيا هجن، ستابا هجن. خيرت سان هجن ته آئون سمجهندس ته مون پنهنجي والد صاحب جن جو حق ادا ڪيو. آئون چاهيندس ته پاڻ گڏجي پنهنجي ملڪ ۾ هر وقت پنهنجي وطن سان گڏ رهون.

پاڻ ۾ جيڪي جهڳڙا جهيڙا هجن، آئون توهان سڀني کي هدايت ڪندس ته اهي ختم ڪيو. جهيڙي جو ڪوبه بنياد ڪونهي، جهڳڙي جو ڪوبه بنياد ڪونهي، آئون سڀني کي چوندس ته پنهنجن وڏن جو ادب ڪريو، جيئن آئون پنهنجي وڏن، پنهنجن چاچن جو ٿو ڪيان. پنهنجي والد صاحب جن جو ادب ٿو ڪيان، آئون چاهيندس ته اوهين پنهنجن وڏن جو ادب ڪريو. قرب ڪريو، توهان کي بي انتها قرب ملندو.

دنيا جو اقتدار اچڻ وڃڻ واري شئي آهي. اقتدار فاني آهي، رهندو نالو الله جو. اقتدار الله جو آهي، اسان جو اقتدار اهو آهي جيڪو الله سائين جي طرفان اوهان جي دلين ۾ آهي، اوهان جي محبت ۾ آهي. حضرت طالب الموليٰ سائينرحه دلين تي حڪمراني ڪندو هو، جيئن قبله سائين مخدوم امين فهيم سائين جن دلين تي حڪمراني ڪئي. الله سائين توفيق ڏيندو ته ماڻهو مون سان قرب ڪندا ۽ مون کي پنهنجي دلين ۾ جايون ڏيندا. انشاءالله، انشاءالله… انشاءالله جيڪو الله سائينءَ جو رستو آهي. قرآن شريف تي عمل ڪري پاڻ اڄ به سوڀارا ٿينداسين.

آئون آخر ۾ وري به الله سائين جي در اڳيان دعاگو آهيان. الله سائينءَ اسان گناهگار آهيون. الله سائين تون مالڪ آهين، تون رحيم آهي، تون ساهه کان به ويجهو آهين، مددگار اسان جي مدد فرمائجان.

منهنجي والد صاحب هاسپيٽل جو اعلان ڪيو هو، جيڪا هينئر به اسان جي ايجنڊا ۾ آهي. انشاءالله انهيءَ کي پايه تڪميل تائين پهچائينداسين. انشاءالله، الله سائين سوڀارو ڪندو. الله سائين سروري جماعت جا سڀئي مسئلا دور ڪندو. آئون هڪڙو دفعو وري اها ڳالهه چوڻ ٿو چاهيان ته دنيا جو اقتدار ڪجهه به ڪونهي دنيا جو اقتدار ڪڏهن نه گهرو. انشاءالله الله سائين مدد ڪندو. جيڏو الله تيڏو آسرو.

بِسم الله الرحمٰن الرحيم

غزل

آئون تنهن جي تار ۾ ڦاسي پيس،

عشق جي آزار ۾ ڦاسي پيس.

 

عشق جي اسرار ۾ ڦاسي پيس،

حسن جي واپار ۾ ڦاسي پيس.

 

گل پٽيندي خار ۾ ڦاسي پيس،
”ڄڻڪ دامِ يار ۾ ڦاسي پيس.“
 

اشڪ اکين ۾ ۽ آهون دل اندر،
مان ته عشقِ يار ۾ ڦاسي پيس.

 

تنهن جي اکڙين ۾ سڄڻ ڇا ٿو ڏسان،
هن عجب اسرار ۾ ڦاسي پيس.

 

تنهنجي آئون ديدار لءِ آيس مگر،
برهه جي بازار ۾ ڦاسي پيس.

 

ڪنهن جي قيدي ٿي رهڻ جي لءِ ”امين“!
ڄاڻي واڻي ڄار ۾ ڦاسي پيس.

(مخدوم محمد امين ’فهيم‘)

18- ڊسمبر 1954ع هالا

 

مخدوم امين ’فهيم‘ تاريخ جي آئيني ۾  

(انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا- پهريون جلد)

 

امين ’فهيم‘، مخدوم: سنڌي ٻوليءَ جي قادرالڪلام شاعر، مخدوم محمد زمان طالب المولى جو وڏو فرزند ۽ مخدوم نوح سرور جي درگاهه جو موجوده ۽ پندرهون نمبر سجاده نشين ۽ ناميارو شاعر، مخدوم محمد امين فهيم، تعلقي هالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ 4- آگسٽ 1939ع تي ڄائو. سندس نالو محمد امين رکيو ويو، جڏهن ته مخدوم محمد امين ثالث پکن ڌڻيءَ جي نسبت سان کيس ڏاڏا سائين به چيو ويندو آهي. شروعاتي تعليم هالا مان ورتائين ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪيائين. هن شاعريءَ جي شروعات 1953ع ۾ ڪئي. پهريائين امين تخلص اختيار ڪيائين، پر هاڻي مخدوم امين، شاعريءَ ۾ فهيم تخلص اختيار ڪندو آهي. جناب غلام محمد گراميءَ جي چواڻي: مخدوم امين فهيم جي شاعريءَ ۾ سوز و گذار، محبت ۽ رِقت جا اهي سڀ معيار موجود آهن، جيڪي هڪ قادرالڪلام شاعر جي شاعريءَ ۾ ٿين ٿا. هن غزل جي عمدي شاعري ڪئي آهي، قومي شاعريءَ ۾ به بهترين ڪلام چيا اٿس. سندس  ٻولي پختي، رسيلي ۽ مٺي آهي. پنهنجي والد بزرگوار جي صحبت ۽ هالا جي ادبي ماحول ۾ هيءُ رچي ريٽو ٿيو. سندس ڪلام جو مجموعو پيغام، سنڌي ادبي بورڊ، ڊسمبر 1990ع ۾ شايع ڪري چڪو آهي.  سندس جوانيءَ جي دور ۾، شاعريءَ ۾ وقتاً فوقتاً ڪجهه وقفو به نظر اچي ٿو، جنهن جو سبب سندس سياسي، فلاحي، قومي ۽ خانداني مصروفيتون آهن.

هن سياسي سفر جو آغاز 1970ع ڌاري پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر ٿيڻ سان ڪيو. ڪجهه وقت سنڌ جي گورنر جو صلاحڪار پڻ رهيو، پوءِ مرڪز ۾ وزير مملڪت جي عهدي تي فائز ٿيو. 1977ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو ۽ غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جي ڪابينا ۾ روينيو ۽ آبادڪاريءَ جو وزير ٿيو. 1983ع ۾ ايم.آر.ڊي تحريڪ دوران پيپلزپارٽي سنڌ جو صدر هو. 1988ع ۾ بينظير ڀٽو جي ڪابينا ۾ مواصلات جو وزير مقرر ٿيو. 1990، 1993ع ۾ 1997ع وارين عام چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. انهن چونڊن ۾ جيئن ته پيپلزپارٽي، اقتدار ۾ نه آئي، ان ڪري کيس وزارت نه ملي، وري 2008ع جي چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 

سياسي طور هن وقت پاڪستان  حڪومت ۾ سينيئر وزير ۽ وفاقي وزير تجارت آهي. ان کان سواءِ پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽيرين جو صدر ۽ پيپلزپارٽيءَ جو سينيئر وائيس چيئرمن آهي. مخدوم صاحب پنهنجي والد وانگر معتدل سياستدان آهي.

فهم ۽ فراست وارو هڪ قداور شاعر:

مخدوم محمد امين ’فهيم‘

 

 

 

 

 

ڊاڪٽر غلام علي الانا

 

 

1- قبليٰ مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جي شخصيت ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي. پاڻ پنهنجن بزرگن، خاص ڪري مخدوم غلام حيدر صديقي ۽ پنهنجي والد بزرگوار، قبليٰ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائينءَ وانگر، شريف النفس انسان، انسان دوست شخصيت، غريب پرور، شفيق والد، ڪرم فرما مرشد، ڪم گو، حليم ۽ صابرين انسان هئا. اهي سڀ خوبيون کين هڪ ڏات طور، قدرت جي طرفان ورثي ۾ عطا ٿيون هيون.

سندن والد بزرگوار، قبليٰ سائين، مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘ مون کي تمام گهڻو ڀائيندا هئا ۽ بي انتها عزت ڏيندا هئا. ساڻن منهنجون ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون هيون، ۽ هر اُن ملاقات ۾، سندن مُک مبارڪ مان نڪتل روح پرور گفتا، مصريءَ جي تڙن جيان هميشه مٺا هوندا هئا. پاڻ به پنهنجن اُنهن گفتن کي، ’مصريءَ جون تڙون‘ جي عنوان سان شايع به ڪرايو هئائون.

قبليٰ سائين مخدوم محمد امين ’فهيم‘
سان به مختلف موقعن تي، منهنجون ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون. هر ملاقات ۾، مون سان ادب ۽ احترام سان پيش ايندا هئا. هڪ دفعي ته پاڻ، ڪرم فرمائي، مون مسڪين جي تڏي تي تشريف فرما به ٿيا هئا.

ساڳئي ادب ۽ احترام سان، سندن فرزند ۽ خانقاهه حضرت نوح سروررحه جو موجوده سجاده نشين، قبليٰ سائين مخدوم جميل الزمان به مون مسڪين سان احترام سان ملندا آهن، ۽ هڪ دفعو، منهنجي پياري دوست، محترم سرفراز راڄڙ سان گڏ، منهنجي غريب خاني تي تشريف فرما به ٿيا هئا، لطيف سائينءَ فرمايو آهي ته:

چڱـــــا ڪــــــن چڱايــــــون مَٺايــــون مَٺـــــــن،

جو وڙ جُڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن.

قبليٰ مخدوم محمد امين ’فهيم‘ سان منهنجي آخري ملاقات، مارچ 2004ع جي شايد 28 تاريخ تي، دهليءَ ۾ ٿي هئي، جتي ڀارت جي سنڌي اديبن طرفان، سنڌ ۽ هند جي سنڌي اديبن کي هڪ پلئٽ فارم تي گڏ ڪرڻ لاءِ (Cross border Literary Convention)  ڪوٺائڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو. اُن ڪنوينشن جو انتظام ڪندڙ شري لڇمڻ ڪومل هو. هن ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ سنڌ مان، محترم قمر شهباز جي اڳواڻيءَ ۾، ويهارو کن اديب، شاعر ۽ نقاد، دهلي پهتا هئا. اُنهن ۾ عطيه دائود ۽ ٻيون اديبائون به شامل هيون. آءٌ ممبئيءَ کان، دهلي پهتو هوس. ممبئيءَ ۾، ممبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي طرفان، سنڌي ادب تي سيمينار رکيل هو، ۽ اُن سيمينار جي افتتاحي بيٺڪ ۾ منهنجي صدارت رکيل هئي.

قبليٰ مخدوم محمد امين ’فهيم‘ اُنهن ئي ڏينهنِ ۾ پاڪستان جي ڪنهن سياسي وفد سان، دهلي آيل هئا، ۽ دهليءَ جي تڏهوڪي چيف منسٽر، مس ڊڪشٽ وٽ، ڀارت جي مشهور سنڌي وڪيل، شري رام ڄيٺملاڻيءَ سان، سندن ملاقات ٿي هئي. اُتي شري رام ڄيٺملاڻيءَ کين مذڪوره ڪنوينشن جي باري ۾ ٻڌايو ۽ باقي سرگرمين ۾ شريڪ ٿيڻ جي کين دعوت به ڏني. اُن ئي رات، اُن ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪندڙ، اديبن، شاعرن ۽ ٻين مهمانن کي، شري رام ڄيٺملاڻيءَ دهليءَ جي هڪ ڪلب جي لان تي ڊنر جي دعوت ڏني هئي. انهيءَ دعوت ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ شري رام ڄيٺملاڻيءَ قبليٰ مخدوم محمد امين ’فهيم‘ کي به نينڍ ڏني هئي، بلڪ هُو قبليٰ سائينءَ جن کي پاڻ سان گڏ وٺي آيو هو.

جنهن وقت قبليٰ سائينءَ جن ڊنر ۾ پهتا هئا، اُن وقت ڊنر لڳي وئي هئي، بلڪه کائڻ جو اعلان به ڪيو ويو هو. سڀ مهمان، پنهنجن هٿن ۾ پليٽون کڻي، کاڌي کڻڻ لاءِ ٽيبلن تي لڳل قطارن ۾ بيهي ويا هئا. آءٌ به کاڌو کڻڻ لاءِ، هڪ قطار ۾ وڃي بيٺس. ايتري ۾ پريان قبليٰ سائينءَ جن کي شري رام ڄيٺملاڻيءَ سان گڏ ايندي ڏسي، آءٌ پنهنجي پليٽ، ٽيبل تي ئي ڇڏي، اڳيان وڌيس ۽ وڌي وڃي سندن قدم بوسي ڪيم. پاڻ مون کي ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا، گرم جوشيءَ سان ڀاڪر پائي مليا، ۽ پوءِ شري ڄيٺملاڻيءَ سان تمام سٺن لفظن ۾، منهنجو تعارف ڪرايائون. شري ڄيٺملاڻي به مون سان وڏي پاٻوهه سان مليو. پوءِ قبليٰ سائين، مون کي پنهنجن ڀاڪرن ۾ وٺي اڳتي لڳل ڊنر جي ٽيبلن تي وٺي آيا. پوءِ ساڻن سڀ اديب ۽ شاعر ملڻ آيا، ۽ آءٌ پنهنجيءَ پليٽ ۾ کاڌو کڻي منهنجي مرحوم دوست، نورمحمد پليجي جي فرزند، محترم عبدالحئي پليجي ۽ سندس ڪٽنب سان اچي ويٺس جتي آءٌ اڳي ئي ويٺل هوس. ڪجهه دير کان پوءِ قبليٰ سائين ۽ رام ڄيٺملاڻي به اچي اسان سان گڏ ويٺا.

شري ڄيٺملاڻي، جيئن ته اُن ڊنر جو ميزبان هو، تنهنڪري ٿوريءَ دير کان پوءِ هليو ويو، مون محترم پليجي سان قبليٰ سائينءَ جو تعارف ڪرايو. خوش خير عافيت ۽ ٻيءَ گفتگو کان پوءِ مون، قبليٰ سائينءَ جن کي عرض ڪيو ته قبليٰ سائين! هت اها عام ڳالهه پئي هلي ته سائينءَ جن جنرل پرويز مشرف جي حڪومت ۾ شامل ٿي رهيا آهن ۽ وزيراعظم ٿي رهيا آهن. قبليٰ سائينءَ، جن هميشه مطابق پنهنجي مبارڪ چهري تي مسڪراهٽ آڻيندي، فرمايو:

”الانا صاحب! اوهين ته اسان جي خاندان، ۽ خاص ڪري قبليٰ وڏن سائين جي قريب رهيا آهيو. قبليٰ سائينءَ جن جي طبعيت ۽ اصول پرستيءَ کان چڱيءَ طرح واقف آهيو، جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي، پاڪستان پيپلز پارٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، تڏهن هنن سڀ کان پهرين، قبليٰ سائينءَ وٽ هالا اچي کين پيپلز پارٽيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏيڻ کان پوءِ، هالا مان ئي هن پارٽيءَ جي قائم ڪرڻ جو افتتاح ڪيو هو. قبليٰ سائينءَ جن پاڻ لکيو آهي ته اسان دوستن، احبابن سان مشوري ڪرڻ کان پوءِ، شهيد مرحوم کي هالا اچڻ جي دعوت ڏني ۽ پاڻ پيپلز پارٽيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو.

شهيد مرحوم جي شهادت کان پوءِ، جنرل ضياء جي دٻاءُ جي ڪري پارٽيءَ کي سرد ۽ گرم ڏينهن ضرور ڏسڻا پيا. شهيد مرحوم جا ڪيترائي دوست ۽ ساٿي ۽ سندن ويجها عزيز به، اُن وقت بيگم نصرت ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو ساٿ ڇڏي، ڪناره ڪش ٿي ويا ۽ ڪي جنرل ضياء سان ملي ويا، پر  قبليٰ سائين جن پنهنجي فيصلي تي اٽل رهيا، ۽ پيپلز پارٽيءَ ۽ شهيد محترمه جا تاحيات وفادار ساٿي رهيا.

اُن زماني ۾ قبليٰ سائينءَ جن کي به وڏيون آڇون ٿيون هيون، پر قبليٰ سائينءَ جن پنهنجي اٽل فيصلي تي قائم رهيا، ۽ شهيد محترمه ۽ سندن والده محترمه کان منهن نه موڙيائون. اهڙيءَ طرح سروري جماعت جو هر فرد، شهيد محترمه سان وفادار رهيو.

الانا صاحب! اسين به انهيءَ اصول پرست شخصيت جا خونِ جگر آهيون، اسان کي به پاڻ اهڙي تعليم ڏني هئائون، ها الانا صاحب! اهو بلڪل صحيح آهي ته اسان کي جنرل مشرف دعوت ڏيئي ضرور گهرايو هو ۽ اسان کي اهڙي آڇ به ڪئي هئائين، پر اسان کيس صاف لفظن ۾ چيو ته:

جنرل صاحب! آءٌ قبليٰ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو فرزند آهيان، اصول پرستي ۽ دوستي نباهڻ، اسان جي خمير ۾ شامل آهي. قبليٰ سائينءَ جن شهيد مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ ۽ محترمه بينظير ڀٽو سان تاحيات ساٿ ڏنو، ۽ اسان کي به جيستائين زندگي آهي، محترمه بينظير ڀٽو سان بي وفائي هرگز ۽ هرگز نه ڪنداسين، پوءِ چاهي اُن لاءِ اسان کي ڪيتري به قرباني ڇو نه ڏيڻي پوي.“

2- قبليٰ مخدوم محمد امين ’فهيم‘
پنهنجي دور ۾، سنڌي ٻوليءَ جو هڪ مڃيل شاعر، اديب ۽ ادب نواز شخصيت جا مالڪ هئا. هالا کان سواءِ سنڌ جي ڪنهن به ٻئي شهر ۾ ڪوٺايل ادبي ڪانفرنس يا مشاعري ۾، اگر وٽن وقت هوندو هو ته ضرور شريڪ ٿيندا هئا. پاڻ نعت، غزل، ڪافي، نظم، بيت ۽ نغمن جي صنفن ۾ شاعري ڪيائون، ۽ کين قادرالڪلام شاعر طور مڃيو ويو آهي.

سندن شاعريءَ جو مجموعو، ’پيغام‘ جي عنوان سان شايع ٿيل آهي. انهيءَ مجموعي کي قبليٰ مخدوم جميل الزمان مرتب ڪيو هو. هن مجموعي لاءِ ’تحرير خاص‘ جي عنوان سان قيمتي رايو، سنڌ جي بلڪ بين الاقوامي شاعر، اديب، مفڪر، نقاد ۽ محقق، قبليٰ ’طالب الموليٰ‘ جن لکيا هئا، فرمايو اٿن:

”امين ’فهيم‘ پنهنجن هڪجيڏن شاعرن ۾ سٺو شاعر آهي، سندس ڪلام ۾، جديد ۽ قديم شاعريءَ جو رنگ موجود آهي، جو پڙهندڙن کي نهايت محظوظ ڪندو. پاڻ اڪثر غزل ئي لکيو اٿس ۽ بهترين لکيو اٿس.“ (ص سترهون)

قبليٰ مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جي ڪلام جي مجموعي ’پيغام‘ جا پيش لفظ، سنڌ جي هڪ سٺي شاعر ۽ نقاد، محترم محبوب سروريءَ لکيا هئا. محبوب سروري، پنهنجي دور جو هڪ باڪمال شاعر ٿي گذريو آهي. محبوب سروري صاحب، پنهنجي انهن پيش لفظن ۾ گهڻي ۾ گهڻا حوالا، مرحوم مولانا غلام محمد گراميءَ جي، ٽماهي ”مهراڻ“ رسالي جي 1969ع ۾ ڇپيل مقالي مان کنيا آهن. سروري صاحب، گرامي صاحب جي اُن مقالي جا حوالا به ڏنا آهن، محبوب سروري صاحب، قبليٰ مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جي ڪلام جي مجموعي ’پيغام‘ ۾ تعارفي ڪلمات ۾ لکي ٿو:

”امين ’فهيم‘، پنهنجيءَ شاعريءَ جي شروعات 1953ع کان ڪئي، پهرين ’امين‘
تخلص اختيار ڪيو هئائين، پر پوءِ سندس والد، قبليٰ مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘ سائينءَ طرفان، سندس ذهانت، فهم و فراست جي لحاظ کان 1960ع ۾، ’فهيم‘
تخلص عطا ٿيس.“

مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جي شاعريءَ ۾ سرگرم رهڻ واري زماني ۾، هالا شهر جي علمي ۽ ادبي سرگرمين جو ذڪر ڪندي، ڪتاب جي پيش لفظ ۾، محبوب سروري صاحب لکي ٿو:

”امين ’فهيم‘ اُنهيءَ دور ۾ شاعري شروع ڪئي جڏهن هالا نوان جو شهر سنڌي علم و ادب جي آسمان تي چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر پوري آب و تاب سان چمڪي رهيو هو. قبليٰ محمد زمان ’طالب الموليٰ‘ سائين، 33 ورهين جي ڦوهه جوانيءَ ۾، سنڌي علم و ادب جو روح روان هو، سڄيءَ سنڌ جي شاعرن، اديبن، عالمن، محققن جو رُخ، هالا ڏانهن هو. هالا شهر جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾، شاعرن جون بزمون ۽ انجمنون قائم هيون. زندگيءَ جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهو، ادب ۽ شاعريءَ جي ميدان ۾ ڀرپور حصو وٺندا هئا. اُهو دور امن و سڪون ۽ خوشحاليءَ جو دور هو. هالا جي علمي ۽ ادبي حلقن طرفان ماهانه ادبي سرگرمين ۽ مشاعرن جي ڌوم متل هئي. اُنهن ۾ سڄيءَ سنڌ مان جيڪي شاعر حصو وٺندا هئا، انهن ۾ اختر هالائي، انجم هالائي، انور هالائي، منصور ويراڳي، غلام هالائي، سليم هالائي، غلام محمد گرامي، احسن الهاشمي، حيدر شاهه ’حيدر‘، ڊاڪٽر عطا محمد ’حامي‘، سرشار عقيلي، شاهه نواز شاهه، عارف بلڙائي، راز بلڙائي، جمع خان ’غريب‘، ڊاڪٽر اسدالله شاهه ’بيخود‘ ۽ شبير ’هاتف‘ وغيره قابلِ ذڪر آهن.

اهڙيءَ طرح قبليٰ ’طالب الموليٰ‘ سائينءَ جي اثر ڪري، سنڌ جي مختلف شهرن مان، ادبي رسالا به نڪتا، ڌار ڌار شهرن ۾ ادبي انجمنون قائم ٿيون جن جي معرفت، سنڌ ۾ مشاعرا، ادبي مذاڪرا، ادبي بحث مباحثا ۽ ڪانفرنسون ڪوٺايون ويون. اهڙي ادبي ماحول، سنڌ ۾ نوجوان ۽ اُسرندڙ اديب ۽ شاعر پيدا ڪيا.“

حيرانيءَ جي ڳالهه اها آهي ته سنڌي ادب جي تاريخ نويسن، گذري ويل ڇهن ڏهاڪن جي انهن ادبي سرگرمين ۽ خاص ڪري هالا شهر ۽ سروري خاندان جي طرفان سنڌي ادب جي انهن سرگرمين جو، پنهنجي طرفان لکيل، سنڌي ادب جي تاريخن ۾ گهڻو ذڪر ڪونه ڪيو آهي، ۽ نه ئي وري سنڌ جي ڪنهن ادبي ۽ ثقافتي اداري يا يونيورسٽين ۾ قائم ڪيل سنڌي ادب جي شعبن مان ڪنهن به، سنڌي ادب جي تاريخ جي هن اهم باب طرف ڪو توجهه ڏنو. البت سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي سابق پروفيسر ۽ چيئرمئن، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي پنهنجيءَ تحقيق ’سنڌي ادب جي تاريخ‘ جلد ٻئي ۾، قبليٰ مخدوم ’طالب الموليٰ‘ ۽ قبليٰ مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جي ادبي خدمتن جي باري ۾ اڌ کن صفحو لکيو آهي. اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر جوڻيجي، سندس شاگرد، ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشيءَ کان،
پي ايڇ.ڊي جي سلسلي ۾ ’گلستان سروري‘ جي موضوع تي تحقيق به ڪرائي هئي.

3- اڳ ۾ عرض ڪيو اٿم ته قبليٰ مخدوم محمد امين ’فهيم‘ کي شاعريءَ جي ڏات ورثي ۾ ملي هئي، اها ڏات، اڳتي وري سندن فرزند ۽ سروري خانقاهه جي موجوده سجاده نشين، قبليٰ مخدوم جميل الزمان کي عطا ٿيل آهي.

قبليٰ مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جو شمار، سنڌ جي وڏن شاعرن ۾ ٿئي ٿو. پاڻ سنڌي شاعريءَ ۾ جن جن صنفن ۾ شاعري ڪئي هئائون، انهن جو ذڪر اڳ ۾ ڪيو ويو آهي. شاعريءَ ۾ سندن اُستاد، سندن والد بزرگوار، قبليٰ مخدوم ’طالب الموليٰ‘ جن هئا، يقيناً سندن شاعريءَ تي سندن استاد جو اثر لازمي هو.

محبوب سروري صاحب ۽ ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشيءَ، سندن ڪلام ۾ جيڪي شاعراڻيون خوبيون بيان ڪيون آهن، اُهي هي آهن:

قوت مشاهده، فطرت نگاري، حقيقت نگاري، ماحول جي عڪاسي، سلاست، نفاست، تخيل جو پرواز، ٻوليءَ جي حسناڪي ۽ علم البيان جو استعمال.قبليٰ مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جي شاعريءَ جو مضمون، جتي رومانوي ۽ عشقيه شاعريءَ سان ڀريل آهي، اُتي پاڻ نعتيه ڪلام ۽ قومي نظم ۽ نغما به چيا اٿن. سندن ڪلام سندن ذوق جماليات جي به ڀرپور ترجماني ڪري ٿو.

سندن ڪلام جي مطالعي کان پوءِ، اهو چئي سگهجي ٿو ته سندس ڪلام ۾ اُهي سڀ فني ۽ شاعراڻيون خوبيون نظر اچن ٿيون، جيڪي هڪ پختي ۽ باڪمال شاعر جي ڪلام ۾ هونديون آهن. محترم محبوب سروري، سندن شاعريءَ جي خوبين جي باري ۾ لکي ٿو ته:

”هڪ معياري شاعر جڏهن قوت مشاهده ۽ پرواز تخيل جي ڪمال تي پهچي ٿو، تڏهن سندس ڪلام ۾ بي ساخته ’علم بديع و البيان‘ جون خوبيون ۽ صفتون شامل ٿي وينديون آهن، جن سان شاعر بذاتِ خود حيران ٿي وڃي ٿو، ۽ پنهنجي ڪلام کي بار بار پڙهي ۽ حظ حاصل ڪري ٿو.“

(ص چوئيتاليهه)

ڪلام ۾ علم البيان جون گهڻو ڪري سڀيئي صفتون، ڪم آنديون اٿن، جيئن: تشبيهه، استعاره، تجنيس حرفي، تجنيس تام، تجنيس لاحق، مجازِ مرسل، قطار البعرين ۽ صفت ايهام وغيره.

4- مون اڳ ۾ اهو عرض ڪيو آهي ته سروري خاندان جو هي چشم و چراغ به غريب پرور، انسان دوست، حليم، صابر، ساڀيا طبعيت ۽ اعليٰ ڪردار جا صاحب هئا. ساڀيا طبعيت واري صاحب هئڻ جي ڪري سندن عشقيه ڪلام ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا هلڪڙائي يا اهڙي ڪا ٻي خامي نظر نٿي اچي. پاڻ جتي عشقيه شاعريءَ ڪئي اٿن، اتي سندن شاعريءَ جو وڏو حصو قومي شاعريءَ متعلق پڻ آهي، جيئن اڳ ۾ چيو ويو آهي. سندن چيل نعتيه ڪلام ۽ قومي نظمن مان ڪن جا ڪي بند هيٺ نموني طور پيش ڪجن ٿا:

سندن چيل نعتيه ڪلام:

 

سڄڻ آهيان سندءِ نوڪر، انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي،

تون سائين ۽ سخي سرور، انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي.

 

مان پڻ تنهنجي ئي دامن کي، جهليو ويٺو آهيان داتا،

ڪيو قادر اٿئي اڪبر، انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي.

 

محمّدصه مير مرسل سار لهه ساجهر اچي سائين،

مڙن جي آهين ڀيڻي ڀر، انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي.

 

مدد منهنجي ”امين“ آهي محمّدصه ڄام سونهارو،

نه جنهنجو آهي ڪو همسر، انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي.

 

سندن چيل قومي ڪلام جا ڪي شعر:

اي وطن اي جانِ من اي غيرتِ هفت آسمان،
توتان صدقي مال دولت توتان قربان جسم و جان.

 

خاڪ تنهنجي کي چمڻ لءِ آسمان جهڪندو رهي،

شمس پڻ هر روز سڪ ۾ بي گمان جهڪندو رهي.

 

مهربان جهڪندو رهي نا مهربان جهڪندو رهي،

تنهنجي هستيءَ جي اڳيان، سارو جهان جهڪندو.


اي وطن اي جانِ من اي غيرتِ هفت آسمان،

توتان صدقي مال دولت توتان قربان جسم و جان.

 

ليڪن حيرانيءَ جي ڳالهه آهي ته ههڙي باڪمال شاعر جي شاعريءَ ۽ اُن جي فني خوبين جي باري ۾ سنڌي ادب جي تاريخن ۾ ڪي چند سٽون ئي لکيل نظر اچن ٿيون. سنڌي ادب جا نقاد، اهو ڄاڻن ٿا ته حضرت مخدوم نوحرحه کان وٺي، لاکو لطف الله، مخدوم امين پکن ڌڻيءَ کان سواءِ مخدوم غلام حيدر صديقي، مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘ سائين، مخدوم محمد امين ’فهيم‘ ۽ موجوده سجاده نشين، مخدوم جميل الزمان سميت، سڀني بزرگن جي شاعري بيشمار شاعراڻين خوبين سان مالامال آهي، پر جيئن مون اڳ ۾ چيو آهي ته سواءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي، ٻئي ڪنهن به اداري هن طرف ڪوبه ڌيان نه ڏنو آهي، جيتوڻيڪ مون ڪٿي ٻئي هنڌ اهو لکيو آهي ته هالا ۾ مخدوم هائوس خود، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي لحاظ کان هڪ ادارو آهي، جنهن جي باري ۾ محققن کي تحقيق ڪرڻ گهرجي.

مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جي ڪيل علمي ۽ ادبي خدمتن ۽ سندن شاعريءَ جي باري ۾ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشيءَ پنهنجيءَ تحقيق، ’گلستانِ سروريءَ‘ ۾، صفحي 253 کان 267 تائين روشني وڌي آهي. ڊاڪٽر قريشي صاحب لکيو آهي ته:

”مخدوم محمد امين ’فهيم‘ سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن کي هڪ پلئٽ فارم تي جمع ڪرڻ لاءِ ’بزمِ طالب الموليٰ سنڌ‘ جو بنياد وڌو، جنهن جون شاخون، سڄيءَ سنڌ ۾ قائم آهن.

مخدوم محمد امين ’فهيم‘، هن اداري جي پريزيڊنٽ جي حيثيت ۾، بزمِ طالب الموليٰ جي تنظيم لاءِ گهڻوئي ڪم ڪيو. پاڻ ادبي خدمتن سان گڏ هالا ۾ تعليم جي سلسلي ۾ به وڏيون خدمتون ڪيائون.“ (ص 225)

5- اڳ ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته قبليٰ مخدوم محمد امين ’فهيم‘ ڪهڙين ڪهڙين صنفن ۾ شاعري ڪئي، اُن جا ڪي مثال به اڳ ۾ ڏنا ويا آهن.

مخدوم محمد امين ’فهيم‘ غزل به چيا آهن. سندن چيل غزلن ۾ عشقيه مضمون گهڻو نظر اچي ٿو، سندن چيل غزلن ۾، تغزل جو رنگ به آهي ته ان سان گڏ اُنهن ۾ سنجيدگي ۽ بردباري به نظر ۾ اچي (عبدالرحمان قريشي، 2010ع، ص 257)

سندن چيل غزلن مان هڪ جا ڪي شعر هيٺ پيش ڪجن ٿا:

اَڃا اُن جي اڳيان اي يار! ليلائڻ نٿو ڄاڻين،

رُٺل کي رمز سان ريبي، تون ريجهائڻ نٿو ڄاڻين.

درِ دولت تي ڪيئن بي گهر اچو ڪن ٿا اَجهو حاصل،

جو تون پنهنجي دران ڪنهن کي به لوڌائڻ نٿو ڄاڻين.

سڄڻ تنهنجي اِهائي مهرباني آهي ڪافي جو،

تون خود ماري سگهين ٿو، ٻئي کان مارائڻ نٿو ڄاڻين.

’فهيم‘ آهين ڏکويل ڇو، انهيءَ جي ڪنهن کي ڪل ڪانهي،

۽ تون پڻ پنهنجيءَ حالت کي، سمجهائڻ نٿو ڄاڻين.

 

قبليٰ مخدوم محمد امين ’فهيم‘ ڪافيون به تمام گهڻيون چيون آهن، پاڻ جيئن ته راڳداريءَ جا به ڄاڻو هئا، انهيءَ ڪري پاڻ پنهنجون ڪافيون، موسيقيءَ جي طرز تي چيون اٿن. مثال طور: سر ڀيرويءَ ۾ چيل سندن هڪ ڪافيءَ جا ڪي بند هيٺ پيش ڪجن ٿا:

 

ٿل   تنهنجون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائينديس،

انهيءَ رمــــــز ســــــان روح ريجهـــــائينديس.

جيڪي چار گهڙيون توسان گهاريون اٿم،

ساريءَ عمر کان وڌ سي پياريون اٿم،

تو وساري ڇڏيون نه وساريون اٿم،

مان ته پنهنجي پرت پڄائينديس.

تنهنجو مرڪي ملڻ، منهنجو عرض ڪرڻ،

تنهنجي برهه ۾ سر جي بازي ڇڏڻ،

تنهنجي لاءِ جيئڻ، تنهنجي لاءِ مرڻ،

توسان ناتو نينهن نڀائينديس.

مطلب ته اهو دعويٰ سان چئي سگهجي ٿو ته قبليٰ مخدوم محمد امين ’فهيم‘ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ قداور شاعر ۽ اديب هو. شاعريءَ کان سواءِ پاڻ کي ٻين علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ تعليمي خدمتن جي باري ۾ تحقيق ڪرڻ جي گهڻي ضرورت آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org