سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-3/ 2016ع

باب:

صفحو:1

مهراڻ 4-3/ 2016ع

(مخدوم محمد امين ”فهيم“ خاص نمبر)

ايڊيٽر: ثمينه ميمڻ

سوچ - لوچ

مخدوم محمد امين ’فهيم‘

مخدوم محمد امين ’فهيم‘ سنڌ جي هڪ وڏي درگاهه جي گادي نشين جي حيثيت ۾ روحاني روايتن ۽ اخلاقي قدرن جي امين هجڻ سان گڏوگڏ، مدبر سياستدان، اديب، بهترين شاعر، سٻاجهي طبعيت رکندڙ، بي لوث خدمت جو جذبو رکندڙ، بردبار ۽ عادل انسان هئا.

مخدوم صاحب هالا جي مشهور و معروف ۽ علم ادب سان سلهاڙيل سروري خاندان جو چشمُ چراغ هئا ۽ سندن خاندان کي شاعري ورثي ۾ مليل آهي ۽ اِنهيءَ خاندان مان  پنهنجي دؤر جا جيڪي وڏا شاعر ٿي گذريا آهن تن ۾، مخدوم محمد امين ’پکن ڌڻي‘، مخدوم محمد زمان ’طالب‘ الموليٰ کان پوءِ مخدوم محمد امين ’فهيم کي شاعريءَ تي تمام گهڻي دسترس حاصل هئي ۽ هاڻي موجوده دؤر ۾ سائين مخدوم جميل الزمان ’جميل‘ صاحب جن به پنهنجي بزرگن جي نقشِ قدم تي هلندي پنهنجو پورو لاڙو شعر و شاعري ۽ تصنيف و تاليف سان رکندو اچي.

مخدوم محمد امين ’فهيم‘ پنهنجي پوري زندگي انتهائي سادگي، پُروقار، ادب ۽ سماج جي خدمت ڪندي گذاري. سندن زندگي اسان جي سماج ۾ ٻَڌي ۽ ايڪي کي قائم رکڻ جو هڪ زنده مثال آهي. مخدوم صاحب جن جي ٻاجهاري ۽ ادب پروريءَ واري شخصيت سبب سنڌ جو هر مڪتبه فڪر ساڻن محبت عزت ۽ عقيدو رکي ٿو.

مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جن جون سياسي خدمتون سونهري باب جي حيثيت رکن ٿيون، ته اُتي وري سندن ادبي خدمتون به يادگار آهن. سندن وفات سان هيءُ ملڪ هڪ عظيم سياستدان ۽ بهترين شاعر کان محروم ٿي ويو! جنهن جي سچ ته ملڪ کي سدائين اهڙي ڪمي محسوس ٿيندي رهندي. سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ مخدوم صاحب سدائين سونهري حرفن سان ياد رهندو ۽ سنڌي ادب جي تاريخ ۾ به سندن ڪيل خدمتن کي وڏي مانَ ۽ شانَ سان لکيو پيو ويندو.

سروري خاندان جي 17هين سجاده نشين مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جن جي عظيم شخصيت ۽ سندن علمي ادبي ۽ سياسي خدمتن کي مڃتا ڏيندي، سنڌي ادبي بورڊ ٽماهي ”مهراڻ“ رسالي جو ”مخدوم محمد امين ’فهيم‘ خاص نمبر“ شايع ڪري رهيو آهي؛ ته جيئن سنڌ جي ليجنڊ شخصيت کي ڀيٽا ڏيندي، سندن شخصيت کان سنڌ واسين کي روشناس ڪرائي سگهجي.

سنڌي ادبي بورڊ طرفان سنڌ جي عظيم شخصيتن ۽ سندن علمي، ادبي، سماجي خدمتن کي ڀيٽا ڏيندي، ٽماهي ”مهراڻ“ جا خاص نمبر شايع ڪرڻ جو سلسلو جاري رکندي، ”مخدوم محمد امين ’فهيم‘ خاص نمبر“ جي اشاعت سنڌي ادبي بورڊ لاءِ وڏو اعزاز آهي. ان سلسلي ۾ بورڊ جي سيڪريٽري محترم الهڏتو وگهيو صاحب طرفان خاص نمبر جي اشاعت ۾ وقت بوقت رهنمائي رهي ۽ هلندڙ ڪم بابت بورڊ جي چيئرمن مخدوم جميل الزمان صاحب کي پڻ آگاهه ڪري سندن رهنمائي حاصل ڪندا رهيا.

مهرباني:

سنڌي ادبي بورڊ ۽ مهراڻ سٿ پاران سمورن محترم ليکڪن جو ٿورو مڃڻ اولين ذميواري سمجهان ٿي، جو انهن وڏا وڙ ڪيا ۽ مواد ڏيڻ ۾ مدد ڪئي ۽ خاص اشاعت کي ممڪن بڻايو.

 

ثمينه ميمڻ

ايڊيٽر (انچارج) ”مهراڻ“

درگاهه غوث الحق مخدوم نوح سرور ﷥

جي سجاده نشينن جو مختصر تعارف

مخدوم غلام حيدر صديقي

 

دستار اول

حضرت مخدوم نوح سروررحه

خلف مخدوم نعمت الله صاحب

(1506ع-1590ع)

مخدوم جناب حضرت نوحرحه 27- رمضان المبارڪ جمعه رات سنه 911 هه ۾ تولد ٿيا ۽ 27 ذيقعده سنه 998هه ۾ جمع رات بوقت عصر هن فاني دنيا مان وصال ڪيائون. وفات وقت حضرت جن جي عمر شريف 87 سال ۽ ٻه مهينا هئي. مصرعه تاريخ ابجد ”آفتابِ منير صديقي“ پاڻ 25 سالن جي عمر ۾ اويسي (بنا واسطئه عرفيه مروجئه طريقئه پيري و مرشدي فيوضِ سبحاني حاصل نمودن) مرتبي تي فائز ٿيا آهن ۽ پوري چاليهن سالن جي عمر ۾ جمله مشاهدات ظاهري ۽ باطني، فيوضات، ڪرامات، ڪمالات وغيره کان مشرف ٿيا آهن.

دستار دوم

حضرت مخدوم امين محمد خلف

حضرت مخدوم نوحرحه (1545ع-1606ع)

5 ربيع الثاني 952 هجري ۾ تولد ٿيا، ۽ سداحياءِ دين ستين جا پهريان سجاده نشين  هئا،  46 ورهيه 7 مهينا 10 ڏينهن ايامِ غير سجادگي گذارڻ کان پوءِ 16 سال 8 مهينا ۽ ڏهه ڏينهن اجتهاد جي مسند تي جلوه گر رهيا ۽ پنهنجي والد معظم جن جي پيروي ۽ اتباع شريف تي قدم بقدم هلي حق جي طالبن کي هدايت بخشي، فيض رساني سان مالا مال ڪيو هُئائون. حضرت مخدوم امين محمدرحه جي ڏينهن ۾ هندستان ۽ سنڌ تي شهنشاهه جلال الدين محمد اڪبر اعظم جي حڪومت هئي.

مخدوم صاحب طالبن کي فرمائيندا هئا ته: پنهنجو ظاهر ۽ باطن سنت نبوي مطابق آراسته ڪريو، ان ۾ استقلال حاصل ڪيو.  حضرت مخدوم امين محمدرحه جن کي 8 فردن جو اولاد  ٿيو، مخدوم ابوالمحمد، عبدالفتي، فتن، راڄ محمد، محمدلطف الله، حضرت فتح محمد، عبدالصمد، مخدوم احمد

7 شوال المڪرم 1015هه ۾ عالم ناپائدار کان عالم بقا ڏانهن رحلت فرمايائون، تاريخ جو مادو شرف الابرار مقرر ڪيو ويو.

دستار سوم

حضرت مخدوم ابوالخير عرف ابوالمحمدرحه صاحب

(1572ع-1641ع)

حضرت مخدوم ابوالخير عرف ابوالمحمد صاحبرحه خلف الرشد مخدوم امين محمدرحه 9 محرم الحرام سن 980هه ۾ تولد ٿيا. 35 سالن 6 مهينا 28 ڏينهن غير سجادگي گذارڻ بعد 35 سال 1 ڏينهن سجاده نشين رهيا ۽ ذڪر لا اِلٰہ اِلا الله جي تلقين ڏيڻ لڳا. حضرت مخدوم ابوالخير، ابو المحمدرحه 29 ذيعقده الحرام 1050هه ۾ وصال فرمايو. سندن عمر شريف 70 سال 9 مهينا 20 ڏينهن هئي.

دستار چهارم

حضرت مخدوم عبدالخالق رحه صاحب

(1620ع-1670ع)

حضرت مخدوم عبدالخالقرحه خلق الصدق مخدوم ابوالمحمد بمؤرخه 4 صفر المظفر 1030هه ۾ تولد ٿيا، 9 سال 9 مهينا ۽ 4 ڏينهن ايامِ غير سجادگيءَ ۾ بسر ڪرڻ کان پوءِ رشد ۽ هدايت جي مصلي تي 31 سال 7 مهينا مخلوقِ خدا کي فيض پهچائيندا رهيا. روحاني ۽ علمي معاملات جي صحيح اندازه رکڻ لاءِ نهايت صائب ۽ جامع نقطهء نظر رکندا هئا. مخدوم عبدالخالقرحه، 51 ورهيه
4 مهينن ۽ 4 ڏينهن جي عمر شريف ۾ بمؤرخه 8 جمادي الثاني 1081 هجري ۾ وصال فرمايو.

دستار پنجم

حضرت مخدوم محمد زمان رحه صاحب

(1645ع-1706ع)

حضرت مخدوم محمد زمان صاحب پنج پاڳئو خلف الرشيد مخدوم الخالق صاحب 21 جماد الاول 1055 هجري ۾ تولد ٿيا. مخدوم محمد زمانرحه 25 سال 11 مهينا ۽ 10 ڏينهن ايامِ غير سجادگي گذارڻ بعد 36 سال 6 مهينا ۽ 19 ڏينهن پيري ۽ شيخي  مصلي مبارڪ تي تشنه لب طالبن کي روحاني فيض بخشيندا رهيا. مخدوم محمد زمانرحه جن جي عمر شريف 62 سال 6 مهينا هئي، سندن وصال 1117 هجريءَ ۾ ٿيو.

دستار ششم

جناب مخدوم مير محمد رحه صاحب

(1687ع-1737ع)

مخدوم فيض ملزوم مير محمد ولد ارشد ميان مٺڻ ڪلان تاريخ 18 محرم الحرام سنه 1099 هه ۾ تولد ٿيا. 19 سال 9 مهينا ۽ 8 ڏينهن غير ايامِ سجادگي رهڻ بعد 32 سال 1 مهينو 23 ڏينهن شيخي ۽ مرشدي جي مصلي تي فائز رهي طريقه اويسي جي ذڪر جي تلقين ڏيندا رهيا.

 دستار هفتم

جناب مخدوم محمد زمان رحه صاحب

(1707ع-1770ع)

جناب مخدوم محمد زمان صاحب ست پاڳئو فرزند صالح مخدوم مير محمد صاحب تاريخ 5 ربيع الثاني 1119هه ۾ تولد ٿيا. 20 سال 8 مهينا ۽ 14 ڏينهن ايامِ غير سجادگيءَ ۾ گذارڻ بعد 34 سال 3 مهينا ۽ 16 ڏينهن امامت جي مسند تي رهيا. 

دستار هشتم

جناب مخدوم مير محمد عرف مير پير رحه صاحب

(1737ع-1787ع)

مخدوم حضرت مير محمد صاحب عرف مير پير پسر نيڪ اختر مخدوم محمد زمان صاحب، مصلي نشين اَٺون تاريخ 21 ماه صفر المظفر سنه 1151هه ۾ تولد ٿيا، جڏهن نادر شاهه دهلي تي ڪاهي آيو هو. حضرت جن 33 سال 1 مهينو ۽ 14 ڏينهن ايامِ غير سجادگيءَ ۾ بسر ڪيا. 17 سال 10 مهينا ۽ 28 ڏينهن سجاده نشين رهيا.

 

دستار نهم

جناب مخدوم محمد زمان رحه صاحب

(1766ع-1807ع)

مخدوم محمد زمان صاحب نو پاڳئو ولد مخدوم مير محمد تاريخ 9 جماد الثاني سنه 1180هه ۾ تولد ٿيا. 21 سال 4 مهينا ۽ 22 ڏينهن ايامِ غير سجادگي گذارڻ کان پوءِ 20 سال 7 مهينا ۽ 8 ڏينهن مصلي امامت تي تلقين ڏيندا رهيا. 

دستار دهم

جناب مخدوم مير محمد صاحب معصوم رحه

(1806ع-1809ع)

جناب مخدوم مير محمد صاحب ڏهه پاڳئو ولد مخدوم محمد زمان (ثالث) صاحب تاريخ 26 صفر المظفر 1221هه ۾ تولد ٿيا. هڪ سال 9 مهينا ۽ 22 ڏينهن ايامِ غير سجادگيءَ ۾ گذارڻ بعد فقط 11 مهينا 22 ڏينهن سجاده نشين رهيا. مخدوم صاحب 2 سال 9 مهينن ۽ 15 ڏينهن جي عمر شريف ۾ 10 ذوالحج 1223هه ۾ وصال ڪيائون، تنهنڪري معصوم جي لقب سان ڪوٺجن ٿا.

دستار يازدهم

جناب مخدوم امين محمد رحه صاحب

(1790ع-1836ع)

جناب مخدوم امين محمد ثاني ولد ميان پنيلڌو صاحب يارهن پاڳئو تاريخ 11 ربيع الثاني 1205هه ۾ تولد ٿيا. 19 سال 1 ڏينهن غير ايامِ سجادگي گذارڻ بعد 27 سال 7 مهينا ۽ 6 ڏينهن مصلي خلافت  تي تلقين ڏيندا رهيا.

دستار دوازدهم

جناب مخدوم محمد زمان رحه صاحب

(1818ع-1852ع)

جناب مخدوم محمد زمان صاحب ٻارنهن پاڳئو ولد مخدوم امين محمد صاحب 5 رجب المرجب 1233هه ۾ تولد ٿيا. 19 سال 2 مهينا 14 ڏينهن ايامِ غير سجادگي رهڻ بعد 16 سال  ۽ 5 مهينا سجاده خلافت تي ڪلمه طيبه جي تلقين ڏيندا رهيا.

دستار سيزدهم

جناب مخدوم امين محمد صاحب پکن ڌڻيرحه

(1838ع-1886ع)

جناب مخدوم امين محمد (ثالث) خلف الرشيد مخدوم محمد زمان تيرهن پاڳئو 14 رمضان المبارڪ 1253هه ۾ تولد ٿيو. 19 سال 5 مهينا 5 ڏينهن ايامِ غير سجادگي گذارڻ بعد 34 سال 7 مهينا 7 ڏينهن مسند امامت کي فيض بخشيندا رهيا. ’گنجينهء اولياء‘ ۾ سندن ولادت جو سال 1256هه ڏنل آهي،  ايامِ غير سجادگيءَ جو مدو 12 سال 5 مهينا ۽ 5 ڏينهن ڏنل آهي.

دستار چهاردهم

جناب مخدوم محمد زمان رحه صاحب

(1861ع-1913ع)

جناب مخدوم محمد زمان صاحب (خامس) فرزند ارجمند مخدوم امين محمد چوڏهه پاڳئو تاريخ 1- جمادي الاول 1278هه ۾ تولد ٿيا. ’گنجينهء اولياء‘ ۾ تولد جو سال 1279هه ڏيکاريل آهي. 25 سال ۽ 5 مهينا ايامِ غيرسجادگيِ گذارڻ بعد 28 سال ايام سجادگي ۾ گذاريائون. 

دستار پانزدهم

جناب مخدوم ظهير الدين عرف پريل ڄام رحه صاحب

(1863ع-1927ع)

حضرت مخدوم ظهير الدين عرف پريل ڄام صاحب پندره پاڳئو 15 جمادي الاول 1280هه آچر ڏينهن ٻن پهرن جو تولد ٿيا. 51 سال غير سجادگي گذارڻ کان پوءِ 14 سال ايامِ سجادگيءَ ۾ فيض پهچائيندا رهيا. بلند رتبيءَ جا بزرگ ٿي گذريا. عوام توڙي حڪام سندن ولايت جا معتقد هئا.

دستار شانزدهم

جناب مخدوم غلام محمد رحه صاحب

(1884ع-1944ع)

جناب مخدوم غلام محمد صاحب 8 جمادي الاول سنه 1303هه ۾ تولد ٿيا. 42 سال ايامِ غير سجادگيءَ ۾ گذارڻ کان پوءِ 18 سال سجاده نشين رهي فيض رساني ڪندا رهيا. مخدوم  صاحب غلام محمد 28 ذوالحج جمع ڏينهن وقت غروبِ آفتاب 1363هه ۾ سٺ ورهن جي عمر شريف ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.

دستار هفتدهم

جناب مخدوم محمد زمان طالب المولى رحه  صاحب

(1919ع-1993ع)

حضرت جناب مخدوم محمد زمان صاحب طالب المولى سترهن پاڳئون 9 محرم الحرام سنه 1338هه آچر ڏينهن ٻن پهرن جو تولد ٿيا، يعني 24- سيپٽمبر سنه 1919ع، 25 ورهه ايامِ غير سجادگي گذارڻ بعد گادي نشين ٿيا. مخدوم محمد زمان طالب المولى سنڌ جا وڏا شاعر ۽ پنهنجي فياضي ۽ علم پروري ڪري عوام توڙي خواص ۾ قابل احترام ۽ هردلعزيز هئا. سندن احسانن کي دهرائڻ لاءِ دفترکپي، ڪيترن علمي ادارن، اخبارن ۽ رسالن جا پاڻ سرپرست رهيا، 49 سال گادي نشن رهي فيض رسائي ڪندار رهيا، 11 جنوري 1993ع تي وصال فرمايائون.

دستار هشتدهم

جناب مخدوم محمد امين ’فهيم‘رحه صاحب

(1939ع - 2015ع)

حضرت قلبه مخدوم امين ’فهيم‘ بن مخدوم محمد زمان طالب المولى ارڙهون پاڳئو 17 جماد الثاني 1358 هجري بروز جمع، 4 آگسٽ 1939ع تي تولد ٿيا ۽ 21- نومبر 2015ع بمطابق 8 صفر 1437هجري وصال فرمايو.

سندن غير سجادگيءَ جو عرصو 53 سال 5 مهينا 7 ڏينهن گذارڻ بعد 22 سال 10 مهينا ۽ 10 ڏينهن پيري و مرشدي جي مسند تي جلوه افروز رهيا.

 

دستار نزدهم

مخدوم ظهير الدين المعروف

مخدوم جميل الزمان رحه صاحب

مخدوم ظهيرالدين المعروف مخدوم جميل الزمان بن مخدوم محمد امين ’فهيم‘ 27 جولاءِ 1961ع تي هالا ۾ تولد ٿيا، 54 سال 3 مهينا 25 ڏينهن ايامِ غير سجادگي گذارڻ بعد 23-  نومبر 2015ع بمطابق 12- صفر المظفر 1437هجري، تي پيري ۽ شيخي جي مصلي مبارڪ تي جلوه افروز ٿيا.

سندن موجودگي، سروري گاديءَ لاءِ، ڇپر ۽ ڇانوَ مثل آهي.

نوٽ: مخدوم غلام حيدر صديقي صاحب پنهنجيءَ حياتيءَ ۾ (1944-1884ع) جناب مخدوم غلام محمد صاحب تائين مخدوم خاندان جي سجاده نشينن جو تعارف مرتب ڏنو ۽ واڌارو ڪيل (2016-1919ع) کان جناب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، جناب مخدوم محمد امين ’فهيم‘ ۽ جناب مخدوم ظهيرالدين المعروف مخدوم جميل الزمان ’جميل‘ صاحب تائين محترم محمد عظيم ڪنڀار پاران مرتب ڪيل آهي.

- ادارو

مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جو تعارف

 

اسم:           حضرت مخدوم محمد امين ’فهيم‘ صديقي قريشي هالائيرحه

والد:         حضرت مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘رحه.

تولد:         17 جمادي الثاني 1358هجري بمطابق 4- آگسٽ 1939ع بروز جمعو.

جاءِ پيدائش: هالا  نوان.

اوائلي تعليم:      اول قرآن شريف، چار سنڌي درجا  خانگي طرح گهر ۾ حاصل ڪيائون.

مئٽرڪ:       مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا نوان.

انٽر:           سروري اسلاميه ڪاليج هالا نوان.

بي.اي:        سروري اسلاميه ڪاليج هالا نوان.

ايم.اي، ۽ ايل.ايل.بي: سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو.

شاعريءَ جو آغاز:     1952ع ۾ شاعري شروع ڪيائون.

لقب:         پهريون امين، پوءِ ’فهيم‘ حضرت قبله طالب المولى والد گراميءَ جن کان مليو.

سياسي سفر جو آغاز: *  ٽائون ڪميٽي هالا جي چيئرمن جي حيثيت ۾ * 1973ع ۾ ايم.پي.اي،
* 8 ڀيرا ايم.اين.اي. 1973، 1988، 1990، 1993، 1997، 2002، 2008 ۽ 2013. جي عام چونڊن ۾ هڪ ئي وقت قومي ۽ صوبائي تڪن تان بنا مقابلي ڪاميابي ماڻيندڙ واحد سياستدان هئا.
* پاڻ چار ڀيرا وفاقي وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا سينيئر چيئرمن رهيا.

تعليمي خدمتون: ايجوڪيشن سوسائٽي هالا جا وائيس پريزيڊنٽ * اورينٽل ڪاليج هالا جا وائيس پريزيڊنٽ ۽ مٽياري ضلعي ۾ ڪئين تعليمي ادارن جو بنياد وڌائون.

ادبي خدمتون:      بزمِ طالب المولى سنڌ جا باني رڪن ۽ بزمِ طالب المولى جا پريزيڊنٽ رهيا.

تخليق:       شاعريءَ ۾ ڪتاب ’پيغام‘ 1990ع.

شوق:          شاعري، ادب، موسيقي، شڪار ۽ فوٽوگرافي.

شادي/شاديون:      چار شاديون، پهرين شادي 1957ع ۾ 19 سالن جي عمر ۾ ناناڻن مان ’اَڇ شريف‘ ۾ ٿي.

اولاد:          7 فرزند: مخدوم ظهير الدين المعروف جميل الزمان، مخدوم فتح محمد المعروف شڪيل الزمان، مخدوم نبي بخش المعروف عقيل الزمان، مخدوم ابونجيب المعروف نجيب الزمان، مخدوم نعمت الله المعروف خليل الزمان، مخدوم حبيب الله المعروف جليل الزمان، مخدوم ابو محمد المعروف سنڌيار.

غير سجادگيءَ جو دورانيو: 54 سال.

سجاده نشين جو دور: 22 سال جو عرصو درگاهه عاليه حضرت مخدوم نوح  سروررحه.

وصال:       21- نومبر 2015ع بمطابق 8 صفر 1437 هجري، بروز ڇنڇر سائوٿ سٽي هاسپيٽل ڪراچي.

عمر:         76 سال.   

تدفين:        درگاهه حضرت غوث الحق مخدوم نوحرحه جي وڏي قبي ۾ حضرت مخدوم سرور نوحرحه جنجي پيراندي، سائين پکن ڌڻيءَ جي ساڄي ڀر ۾ پنهنجي والد صاحب مخدوم محمّد زمان طالب الموليٰ سائينءَ جنجي کاٻي پاسي اَبدي آرامي آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org