سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-3\2016ع

باب:

صفحو:20 

مخدوم امين ’فهيم‘ جي وفا ۽ پيپلز پارٽي

(مخدوم صاحب جي چاليهي جي مناسبت سان)

 

عبدالرئوف سومرو

11- جنوري 1993ع تي هالا سنڌ جي ڏورانهين علائقن کان ويندي پنجاب، خيبرپختونخواه، بلوچستان ۽ آزاد ڪشمير تائين جي ماڻهن سان ڀريل ڏٺو ويو هو ۽ ماڻهو هڪ عظيم روحاني رهبر، هڪ وفادار سياستدان، علم ۽ ادب جي روشن ستاري مخدوم طالب الموليٰ رح جي آخري جهلڪ پسڻ لاءِ بيتاب هئا، جيئن ئي جسد خاڪي کي کنيو ويو ته هالا جون حويليون ته سوز ۽ سوڳ ۾ ورتل هيون ئي بلڪ گهٽي ۾ بيپناهه ماڻهن جا هجوم اکين مان ڳوڙها وهائي ۽ سڏڪن سان فضا کي سوڳوار بڻائي رهيا هئا، ان ئي ساڳئي هالا تقريباً 22 سالن کان پوءِ ساڳئي تاريخ کي دهرايو ۽ هڪ دفعو وري هالا (جيڪو علم و ادب جو عاليشان مرڪز رهيو آهي) تنهن ۾ 21- نومبر 2015ع تي فضا سوڳوار هئي، اهو ئي ماڻهن جون ڇوليون هڻندڙ سمنڊ جنهن ۾ پوري پاڪستان جا ماڻهو شامل هئا جيڪي پنهنجي محبوب اڳواڻ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ پارليامينٽرين جي صدر، سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ سنڌي ٻولي جي حسين شاعر مخدوم امين ’فهيم‘ جو آخري ديدار ڪرڻ لاءِ آيل هئا. مخدوم امين ’فهيم‘ 4- آگسٽ 1939ع تي مخدوم طالب الموليٰ جي گهر ۾ اکيون کوليون. ننڍپڻ کان ئي تربيت وڏي لاڏ ڪوڏ سان ٿي، پر والده ماجده ٻن سالن اندر ئي هن دنيا مان رحلت فرمائي، ڪوشش اها ٿي ته ماءُ جي محبت جي ڪمي محسوس ٿيڻ نه ڏجي، ان سلسلي ۾ هر طرف کان پنهنجائپ ۽ پيار جو ماحول ميسر ڪيو ويو. پاڻ پرائمري تعليم مخدوم طالب الموليٰ اسڪول، مئٽرڪ مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۽ انٽر اسلاميه ڪاليج هالا مان پاس ڪيائون. بعد ۾ 1958ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ مان پوليٽيڪل سائنس مان گريجوئيٽ ڪرڻ جو موقعو مليو ته ٻئي پاسي وڪالت جو امتحان پاس ڪري قانون جي به ڊگري حاصل ڪيائون. ان تعليمي سفر ۾ مخدوم طالب الموليٰ جي تربيت ۽ شفقت وارو هٿ رهيو ئي رهيو، پر جيئن ته سندن سمورو خاندان، علم ۽ ادب جو انمول خزانو هئڻ ڪري ڏاڏا سائين جي سکيا پڻ علمي ۽ ادبي ماحول ۾ پروان چڙهڻ لڳي. مخدوم طالب الموليٰ خاص ڪري ادبي محفلن ۽ مشاعرن جي ميزباني سبب هالا اديبن جو آمدگاهه بڻجي چڪو هو جو مختلف علائقن کان اديب ۽ شاعر سهيڙجي اچي طالب الموليٰ جي علمي، ادبي، اخلاقي ۽ شاعراڻي صفتن مان فيضياب ٿيندا هئا. اهڙي ريت مخدوم امين ’فهيم‘ کي پڻ اهڙي علمي ۽ ادبي فضا پنهنجي عشق جي آغوش ۾ ورتو سو پاڻ اول ته محبوب سروريءَ کان شاعريءَ جا پنڌ پڇيائون، پر پوءِ باقاعده مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي تربيت هيٺ شاعريءَ جي ساگر ۾ ٽُٻي هنيائون ته ڪيئي غزل، نظم، ڪافيون ۽ وايون ذهن جي زرخيزي ۽ تخليقي طاقت سان منظر عام تي اينديون رهيون جنهن کي مخدوم طالب الموليٰ بيحد پسند ڪيو، سندن شاعري جو مجموعو ”پيغام“ جي نالي سان 1991ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ وارن ڇپائي پڌرو ڪيو.

سياست جي پُرخار واديءَ ۾ پير رکڻ جو فيصلو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي شديد اصرار تي ڪيائون، ان وقت ڀٽو صاحب سنڌ ۾ پيپلزپارٽيءَ جي پليٽفارم تي اهم خاندانن کي آڻڻ جي جستجو ۾ مصروف هو. ان وقت سنڌ جي هن عظيم روحاني گاديءَ کي پيپلزپارٽيءَ ۾ آڻڻ ڀٽي صاحب جي لاءِ ضروري به هو. تنهنڪري مخدوم امين ’فهيم‘ نه صرف ڀٽي صاحب جي نظريي کان متاثر ٿي شموليت اختيار ڪئي بلڪه والد صاحب مخدوم طالب الموليٰ کي به قائل ڪري پارٽي ۾ آندائون. 1970ع ۾ هالا ڪنوينشن جيڪو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي بنيادي اجلاسن مان هڪ هو، هالا ۾ منقعد ٿيو ۽ مخدوم محمد امين ’فهيم‘ کي ٺٽي ضلعي مان ڀٽي صاحب سيٽ ڏيئي، ايوان ۾ آندو ۽ ان وقت کان وٺي آخري دم تائين ناقابلِ شڪست رهيا. پارٽيءَ سان پيچ پائڻ کان پوءِ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي جو جنرل ضياء الحق تختو اونڌو ڪيو ۽ فخر ايشيا کي سوليءَ تي سنبرڻ لاءِ جتن ٿي رهيا هئا ته ان وقت شهيد ڀٽي، بيگم نصرت ڀٽي ۽ پورب ڄائي محترمه بينظير ڀٽي کي اها وصيت ڪئي ته مون کان پوءِ اوهان جا ڪي پرخلوص محسن آهن ته اهي صرف هالا جا مخدوم طالب الموليٰ ۽ مخدوم امين ’فهيم‘ ئي آهن. اهوئي سبب هو جڏهن شهيد محترمه، مخدوم طالب الموليٰ کي پنهنجي پيءُ جيان سمجهندي هئي ۽ مخدوم امين ’فهيم‘ هن لاءِ هڪ ڀرجهلو ڀاءُ هو. جڏهن طالب الموليٰ وفات ڪئي ته پنڪي پنهنجي تاثراتي بُڪ ۾ لکيو ته: ”آءٌ هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ شفيق پيءُ جي پيار کان محروم ٿي ويئي آهيان.“ البت مشڪل گهڙين ۾ ان وقت پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو نالو وٺڻ ڪاريهر تي پير رکڻ برابر هو. ان وقت جنرل ضياء مخدومن لاءِ وزارت عظميٰ ۽ سنڌ جي وزير اعليٰ جا عهدا آڇيا، پر مخدوم خاندان پاڻ ملهايو ۽ ايم. آر. ڊي جي تحريڪ ۾ مخدوم صاحب جي حڪم تي ”سروري جماعت“ جيل ڀريو تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ هزارين مريد جيلن اندر سٿيا ويا. ان تحريڪ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي اڳوڻي صدر مخدوم خليق الزمان به گرفتاري پيش ڪئي. جڏهن نواز شريف اقتدار ۾ آيو ته هن موصوف به مخدومن کي اهم عهدا ڏيڻ جي آفر ڪئي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي ويئي، پر هالا جا روحاني پيشوا ثابت قدمي ۽ مستقل مزاجيءَ سان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي پرگهور لهندا رهيا. ان روايت کي پرويز مشرف به روا رکندي مخدوم امين ’فهيم‘ کي پاڪستان پيپلزپارٽي ڇڏڻ جي صورت ۾ ملڪ جو وزير اعظم بڻائڻ ۽ سندن فرزند مخدوم جميل الزمان کي سنڌ جي وڏ وزارت ڏيڻ جا عهدا آڇيا، پر ڏاڏا سائين ذاتي مفادن خاطر ضمير ۽ اصول تي ڪڏهن به سودي بازي نه ڪئي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ سان نڀائيندا رهيا هئا جڏهن محترمه جلاوطنيءَ سبب ملڪ کان ٻاهر هئي ته مخدوم امين ’فهيم‘ پنهنجي ڏاهپ، صحت ۽ سنجيدگيءَ سان نه صرف پارٽي قيادت کي ڪٺن صورتحال ۾ سنڀاليو آيا، پر محترمه کان بار بار مشورن لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ ٿيندو رهيو ته ٻي پاسي آصف علي زرداري جيڪو ان وقت جيل ۾ هو، ان جي آزاديءَ لاءِ به جاکوڙيندا رهيا. جڏهن محترمه وطن وري ته مخدوم صاحب جو هر وقت، ساٿ رهيو، ڪارساز واقعي وقت به گڏ ته شهادت جي آخري ۽ الوداعي لمحن ۾ به گڏ هو.

جڏهن محترمه جي شهادت کان پوءِ پارٽي پاران مخدوم صاحب لاءِ وزيراعظم جو اعلان ٿيو ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پارٽي نالو واپس ورتو ۽ سيد يوسف رضا گيلاني کي اڳتي آندو ويو پر مخدوم صاحب انهي ”ماجرا“ تي مڪمل ماٺ رهيو ڇو ته هن کي خبر هئي ته پارٽي کڻي پاسيرو ڪرڻ جي ڪوشش به ڪري، پر هن جيڪو وفا جو وچن ڪيو هو، ان تان ڪنهن به صورت ۾ ناهي هٽڻو، جنهن جي شاهدي سندن هيٺيون شعر ڏيئي ٿو:

خزان ۾ خوش ٿي بهارن جو انتظار ڪبو،

نه فرط غم کان گريبان کي تار تار ڪبو.

ٻه ڏينهن گذري ويا ۽ ٻه گذري ويندا ’فهيم‘،

ڪڏهن نه صبر جي دامن کي داغدار ڪبو.

جڏهن مخدوم امين ’فهيم‘ سان هيڏي ويساهه گهاتي ٿي، مخدوم صاحب چپ جو روزو رکيو هو، پر سندن ننڍي ڀاءُ مخدوم خليق الزمان برملا اهو شعر فرمايو:

 

اڄ وفا سان بغاوتون آهن، بي وفائي جو ان تي وار ڪبو،

جلدبازي ”خليق“ ناهي مفيد، هاڻي توري تڪي ڪو يار ڪبو.

پر مخدوم امين ’فهيم‘ جيڪو پيپلزپارٽي پارليامينٽيرين جو صدر به هو، تنهن اهڙين مشڪل گهڙين باوجود به پارٽي کي پُٺي نه ڏني، سدائين پنهنجي ان شعر سان کلي کيڪاريائون ته:

بي وفا سان وفا ڪري ڏسبي،

هي خطا بارها ڪري ڏسبي.

  جي حياتي وفا ڪئي ’فهيم‘،

ته عشق ۾ انتها ڪري ڏسبي.

اها حقيقت آهي ته مخدوم گهراڻي، ڀٽُن جي خاندان سان جيڪو وفا جو وچن ڪيو هو، ان کي آخري دم تائين قائم و دائم رکيو، جنهن جو ثبوت آخري وقت ۾ بلاول ڀٽي زرداريءَ کي اسپتال ۾ پيار ۽ پاٻوهه سان جيڪا چُمي ڏنائون، اها وفا جو هڪ واضح پيغام هئي.

مخدوم امين ’فهيم‘ پنهنجي مزاج ۾ شريف النفس، صابرين، سچار ۽ سنجيده طبعيت جا مالڪ هئا. پنهنجي مخالف لاءِ به ڪڏهن ٻاڙو نه ڳالهايو، جڏهن به صحافين اڳيان ڪانفرنس ڪندا هئا ته سندس لفظ ۽ جملا بامعنيٰ، بامقصد ۽ جامع هوندا هئا، اجائي ڊيگهه کان ڪناره ڪشي ڪندا هئا. قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ به پنهنجي زندگيءَ جو آخري سفر عمرڪوٽ ڏي ڪيو ته اتفاق سان قبلا سائين مخدوم امين ’فهيم‘ سهروردي سلسلي جي سرواڻ، سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ علم و ادب جي مينار جو پنهنجو آخري سفر، عمرڪوٽ ڏي ڪيو. مون کي ياد آهي ته مون ناچيز کي به ملڻ جو شرف حاصل ٿيو، اتي صحافين سنڌ سرڪار جي گڊ گورنينس جي باري ۾ سوال پڇيا، ته مخدوم صاحب ڏاڍي دانشمنديءَ سان بجاءِ وضاحت جي، صرف هيءُ اردوءَ جو شعر پڙهيو:

اگر کچھ منہ سے کہتا ہوں، تو مزا الفت کا جاتا ہے،

مگر خاموش رہتا ہوں، تو کلیجا منہ کو آتا ہے۔

پاڻ 21- نومبر 2015ع تي فاني دنيا کي الوداع چئي هميشه هميشه لاءِ هليا ويا. الله پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏيئي، ۽ مخدوم جميل الزمان کي اوڻهوين گادي نشين طور پڳ ٻڌائي ويئي آهي. خبر ناهي ڇو مون کي قبله سائين جو اهو غزل بار بار ذهن تي تري ٿو اچي:

 

اسان جي درد دل جي حسن وارن کي خبر ڪهڙي،

گل پز مرده جي رنگين بهارن کي خبر ڪهڙي.

ڪليءَ جا گل ٿيڻ کان اڳ گلستان مان ڇني ورتئون،

انهي جي آرزوئن جي بهارن کي خبر ڪهڙي.

فسانو شبنم غمگين جي هردم اشڪ ريزي جو،

جڏهن گل ئي نٿو سمجهي ته خارن کي خبر ڪهڙي.

اکيون ڇو اوچتو ڀرجيو اچن اشڪ ندامت سان،

ڀلا هن راز پنهان جي ستارن کي خبر ڪهڙي.

اٿم جا آرزو دل ۾ جهان وارا نٿا سمجهن،

اهو هڪ مسئلو آهي سو ٻارن کي خبر ڪهڙي.

چوڻ وارن اشارن ۾ چئي ورتو جو چوڻو هو،

سندس مطلب ته مون سمجهيو اشارن کي خبر ڪهڙي.

’فهيم‘ آخر ۾ ڇا گذريو ٻڌڻ کان پوءِ ڪشتي تي اهو، گرداب کان پڇبو ڪنارن کي خبر ڪهڙي.

 

قبله مخدوم محمد امين فهيم

جن جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان

 

خادم حسين علوي

 

ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنجهه،
ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه، اچي بُوءِ بهار جي.

 

سنڌ سونهاري ۾ ڪيترن ئي درويشن، اوليائن، بزرگن ۽ ٻين ڪيترن ئي خوبين وارن شخصيتن جو جنم ٿيو آهي جن ربّ پاڪ جي فضل و ڪرم سان پنهنجي وَس َ آهر ۽ سهڻي طريقي سان خلق جي خدمت ڪئي، وقت بوقت اَمُنَ ۽ ڀائيچاري جي تلقين ڪندا رهيا، صبر، شڪر ۽ بردباريءَ سان زندگي گذارڻ کي پنهنجو اَوَلين فرض سمجهيائون، انهن شخصيتن مان قبله مخدوم محمد امين فهيم به آهن، جيڪي سنڌ جي علمي، ادبي، سياسي ۽ ثقافتي شهر هالا ۾ 4-آگسٽ 1939ع ۾ تولد ٿيا. قرآن شريف جي تعليم کان پوءِ پرائمري، ثانوي ۽ اعليٰ تعليم حاصل ڪيائون.

مخدوم خاندان جا ڀٽو خاندان سان نهايت ويجهڙائپ وارا تعلقات رهيا آهن، اُنڪري 1970ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيام، بهتري، پختگي، ترقي ۽ عوامي خدمت ڪرڻ جي جذبي تحت هالا ۾ ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي جنهن ۾ ڪيترن ئي پارٽي جي اڳواڻن ۽ سياسي ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ پارٽيءَ ۾ شامل ٿي وفاداريءَ جو دم ڀريائون، ان موقعي تي قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائين جن کي يڪراءِ سان پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو وائيس چيئرمن مقرر ڪيو ويو ۽ جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب پارٽي ۽ قبله طالب الموليٰ سائين جن جي متعلق ڪافي ڪجهه ڳالهايو هو ۽ انهي موقعي جي مناسبت تحت قبله مخدوم محمد امين فهيم سائين جن به پارٽي ۾ شامل ٿيا.

پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو دور اقتدار ۾ پاڻ مختلف وزارتن تي فائز رهيا ۽ نهايت بردباريءَ سان قوم ۽ ملڪ جي خدمت ڪيائون. پاڻ نهايت خوش طبع، همدرد، نرم مزاج، ٿور ڳالهائو، بردبار ۽ نيڪ سيرت شخصيت جا مالڪ هئڻ سان گڏوگڏ اديب، شاعر، شڪار جا شوقين، والي بال ۽ ڪرڪيٽ جا بهترين رانديگر ٿي گذريا آهن. سندن ”پيغام“ نالي ڪتاب شعري مجموعو ڇپيل آهي، جنهن ۾ سندن شخصيت ۽ شاعريءَ متعلق ڪافي معلومات موجود آهي.

جڏهن آمر جنرل ضياءِ الحق پنهنجي فوجي عهدي جي ناجائز استعمال ۽ سياسي چال سان ملڪ جي چونڊيل وزيراعظم جناب ذوالفقار ڀُٽي صاحب کي شهيد ڪرائي اقتدار سنڀاليو، تڏهن هن قبله مخدوم امين فهيم سائين جن کي پاڪستان پيپلزپارٽيءَ کي ڇڏڻ لاءِ زور ڀريو ۽ وزيراعظم جي عهدي جي آڇ ڪئي، پر پاڻ انهي آڇ کي قبول نه ڪيائون، انهي ڪري مختلف طريقن سان کين پريشان ڪيو ويو پر پاڻ نهايت بردباري ۽ دليريءَ سان هر پريشانيءَ کي مڙس ٿي منهن ڏنائون ۽ هر وقت سندن چهري تي مسڪراهٽ هوندي هئي.

آمر جنرل ضياءالحق جي عبرتناڪ موت کان گهڻو پوءِ جنرل پرويز مشرف سياسي چال سان ملڪ جو صدر ٿيو ۽ ڪجهه عرصي گذرڻ کان پوءِ هن به قبله مخدوم امين فهيم سائين جن کي وزيراعظم جي عهدي جي آڇ ڪئي، پر پاڻ ان آڇ کي قبول نه ڪيائون. پاڻ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي صاحب جي بهادر نياڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه سان گڏ پارٽي جي بهتريءَ ۽ پختگيءَ جي سلسلي ۾ هروقت ڪوشان رهيا ۽ پارٽيءَ کي ڪنهن به قيمت تي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هئا.

جڏهن سياسي چال تحت محترمه بينظير ڀٽو صاحبه کي شهيد ڪرايو ويو، تڏهن به پاڻ همت نه هاريائون ۽ هر وقت هر تڪليف ۽ هر پريشانيءَ کي بردباري سان مُنهن ڏنائون ۽ پارٽيءَ جي بهتريءَ لاءِ ڪم ڪندا رهيا.

افسوس جو مقام آهي ته جنرل پرويز مشرف جي دورِ اقتدار ختم ٿيڻ کان پوءِ هڪ ڀيرو وري به پاڪستان پيپلزپارٽيءَ کي اقتدار مليو پر سياسي چال سان کين نظرانداز ڪري ملڪ جي وزيراعظم جو عهدو ٻي جي حوالي ڪيو ويو جيڪا سراسر ناانصافي چئبي. نتيجو اهو نڪتو جو ملڪ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ غم ۽ غصي جي لهر زور ورتو ۽ ڪيترن ئي سياسي، اڳواڻن، دوستن ۽ مريدن کين پارٽيءَ کي ڇڏڻ لاءِ زور ڀريو، پر پاڻ پنهنجي شرافت تحت پارٽيءَ جي منهن مٿانهين ڪرڻ ۾ هر وقت ڪوشان رهيا.

پاڻ نهايت سنجيده طبعيت جا مالڪ هئا ۽ هر تڪليف کي مسڪرائيندي منهن ڏيندا هئا. آهستي آهستي کين پنهنجي طبعيت خراب ٿيندي محسوس ٿي ۽ ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندا ويا، اُنڪري طبعيت جي بحالي لاءِ بيرون ملڪ ۽ دبئي مان مختلف ٽيسٽن ڪرائڻ کان پوءِ علاج ڪرايائون ۽ آخر ۾ ڪراچي ۾ اچي سائوٿ سٽي هاسپيٽل ۾ زيرِ علاج رهيا. انهي علاج دوران ڪيترن ئي سياسي، اڳواڻن، دوستن ۽ مريدن سان ملاقاتون ڪيائون. شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جو فرزند جناب بلاول ڀٽو صاحب به سندن عيادت لاءِ هاسپيٽل ۾ پهتو. پاڻ بستري تي ليٽندي کيس ڳراٽڙي پاتي ۽ پيشانيءَ کي چُمندي ڪجهه قدر سڪون ۽ خوشي محسوس ڪيائون.

اها حقيقت آهي ته هيءَ دنيا فاني آهي ۽ جيڪو گهڙو ٺهيو آهي، اهو هڪ ڏينهن ضرور ڀڄندو، انهي نسبت سان 21- نومبر 2015ع بروز ڇنڇر، صبح جو سوير منحوس خبر ميسيجن ذريعي ملي ته قبله مخدوم امين فهيم سائين جن انتقال ڪري ويا. سچ پچ ته جهڙي پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي. اِنالله و اِنا اِليہ راجعون. اها ڳالهه باهه وانگر چئو طرف پکڙجي ويئي ۽ ڏسندي ڏسندي پوري سنڌ، پنجاب ۽ هندستان جا لاتعداد مريد، دوست ۽ سياسي اڳواڻ غم ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڪراچي ۽ هالا پهچي ويا.

کين 21- نومبر 2015ع بروز ڇنڇر شام جو ڇهين بجه درگاهه شريف غوث الحق حضرت مخدوم نوح سروررحه ۾ قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائينءَ جن جي ڀرسان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

دعاگو آهي ته ربّ پاڪ کين جنت ۾ جاءِ عطا ڪري. آمين

کسی کا کندہ نگینہ پہ نام ہوتا ہے

کسی کی عمر کا لبریز جام ہوتا ہے

عجب سرائے ہے فانی کہ جس میں شام و سحر

کسی کا کوچ کسی کا مقام ہوتا ہے۔

 

نه سي جوڳي جُوءِ ۾…

 قبلا امين ’فهيم‘ تي سهسين سَوَ سَوَ سلام

 

محمد رمضان مسڪين

 

حضرت قبله مخدوم محمد امين ”فهيم“
صاحبرحه جن 4- آگسٽ 1939ع بمطابق 17- جمادي الثاني 1358هه بروز جمعة المبارڪ تي قبله مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ صاحبرحه جن جي حويلي هالا نوان ۾ تولد ٿيا. کين مولوي مخدوم غلام حيدر صاحب جن ڪن ۾ آذان چئي ۽ سندن اسم گرامي محمد امين رکيو. قبله مخدوم امين محمد عرف پکن ڌڻي قبله طالب الموليٰ سائين جن جا پڙڏاڏا هئا، انڪري پاڻ امين سائينءَ کي ڏاڏا سائين چوندا هئا. عام طور تي ٻيا ماڻهو به کين ڏاڏا سائين چوندا هئا. پاڻ سنڌي پرائمري جا چار درجا، قرآن شريف ۽ ديني تعليم حاصل ڪرڻ بعد مخدوم غلام حيدر گورنمينٽ هاءِ اسڪول هالا ۾ انگريزي پڙهڻ شروع ڪيائون، سندن انگريزيءَ جو پهريون ڪلاس ٽيچر عبدالرحيم ابڙو صاحب هو، جنهن صاحب کين پنهنجي ڀر ۾ ڪرسي تي ويهاريو. اها خبر جڏهن قبله طالب الموليٰ جن کي پئي، تڏهن پاڻ ان استاد کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ کيس چيائون ته توهان منهنجي پٽ کي ڪرسي تي ڇو ويهاريو؟ استاد صاحب جواب ۾ عرض ڪيو ته: قبله سائين جن جو وڏو فرزند هو، انڪري مون ادب جي لحاظ کان کين برابر ڪرسيءَ تي ويهاريو. ان تي سائين جن فرمايو ته: آئنده لاءِ منهنجي پٽ کي به ٻين شاگردن وانگر ڊيسڪ تي ويهاريو ته جيئن استاد ۽ شاگرد ۾ فرق ڏسڻ ۾ اچي. ان بعد استاد صاحب، سائينءَ جن کي ٻين شاگردن وانگر ڊيسڪ تي ويهاريو. اها هڪ وڏي شناس چئبي جو استاد کي ايڏو وڏو درجو حاصل آهي. پاڻ سائين جن سنڌ يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ پاس ڪيائون. سندن پاس ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ حيدرآباد جي ڪنٽومينٽ واري بنگلي تي هڪ وڏو جشن ملهايو ويو هو. امين سائين محفل جي ڪيسٽ ڀري هئي، جنهن ۾ تقريرون، تاثرات ۽ راڳ رنگ جي محفل شامل هئي. امين سائين جن اها محفل واري ڪيسٽ صبح جو بنگلي تي هلائڻ شروع ڪئي، گرميءَ جي موسم هئي تقريباً منجهند جو هڪ اچي ٿيو هو ته قبله طالب الموليٰ جن آرام واري ڪمري مان ٻاهر نڪري آيا ته سڀني تي اثر ٿيو ته آرام ۾ خلل ٿيڻ ڪري ناراض ٿي اٿيا آهن. پاڻ امين سائين کي فرمايائون ته: بابا هاڻ ڏينهن گرم ٿي ويو آهي، تنهنڪري آرام ڪري شام جو هالا وڃجو. ائين چئي پاڻ واپس هليا ويا. امين سائين ٽيپ بند ڪري وڃي آرامي ٿيا ۽ اسين ٻيا ماڻهو به ٽڙي پکڙي وياسون ۽ امين سائين، شام جو هالا روانا ٿي ويا. ان مان مطلب نڪتو ته امين سائين انهيءَ مهميز مان سمجهي ويا. پاڻ مئٽرڪ کان بعد، سروري اسلاميه ڪاليج هالا مان بي.اي پاس ڪيائون. سندن شادي 21- جون 1957ع تي سندن مامي پير امام علي اَڇ شريف واري جي گهران ٿي. ان خوشيءَ ۾ هڪ رسالي ۾ سندن خاص نمبر نڪتو، جنهن جو عنوان هو، ”رفيقِ حيات“. کين الله سائين جي مهرباني سان ان مان پنج پٽ هرهڪ: جميل الزمان، شڪيل الزمان، عقيل الزمان، خليل الزمان، جليل الزمان پيدا ٿيا ۽ ٻه پٽ نجيب الزمان ۽ ابو محمد سنڌيار، وري ٻين شادين مان پيدا ٿيا. سندن ڪل 7 پٽ حالِ حيات آهن. وڏو قبله جميل الزمان
”جميل“ صاحب هن وقت سروري جماعت جا 19هان  روحِ روان آهن.

قبله امين ’فهيم‘ صاحب جن نهايت بُردبار، باصلاحيت بااخلاق، نرم دل، سدائين مُرڪندڙ محبتي انسان هئا ۽ پنهنجي والد صاحب جا نهايت فرمانبردار فرزند هئا. سياسي، سماجي طور تي نهايت اڳڀرا ۽ حسن اخلاق سان هر ماڻهوءَ سان پيش ايندا هئا. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته آءٌ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي ڀاءُ فقير عبدالرزاق وٽ ترسيل هئس ته قبله محترم امين سائين جن سان بنگلي تي حاضريءَ لاءِ عرض ڪيوسين، سندن ملازم ٻڌايو ته پاڻ شهر جي ڪن معزز شهرين سان ملاقات ڪري رهيا آهن، فارغ ٿينِ ته پوءِ توهان کي ٻڌايان ٿو، جڏهن فارغ ٿيا ته اسان کي ملاقات جي اجازت ملي، اندر وياسين ته پاڻ صوفي تي ويٺا هئا. اسان مريد ماڻهو گلم تي ويٺاسون ته پاڻ به هيٺ لهي گلم تي اچي ويٺا ۽ اسان کان حال احوال ورتائون ۽ ڪچهري به ڪيائون، ان مان سندن شفقت معلوم ٿي، ته اسان مريدن سان به هم آهنگي ڪيائون. اهو حسنِ اخلاق ۽ هڪ اڻ وسرندڙ بي مثال گهڙي آهي. پاڻ راند جا به شوقين هئا. خاص طور تي والي بال راند ڪندا هئا ۽ شڪار جا به نهايت شوقين هئا ۽ سٺا توبچي پڻ هئا، پاڻ پنهنجي ساٿين کان وڌيڪ پکين جو شڪار ڪندا هئا. هڪ دفعي پاڻ جبل ۾ جانورن جو شڪار ڪرڻ ويا ته سندن سامهون هڪ ”گڊ“ جبل تي چڙهيو، جنهن کي شڪار ڪرڻ لاءِ پاڻ به جبل جي ٽڪريءَ تي چڙهي ويا ۽ گڊ جو شڪار ڪيائون ۽ پوءِ جبل جي ٽڪريءَ تان لهي نه پئي سگهيا، نيٺ ساٿين جي مدد سان هيٺ لهي آيا.

سير سفر ڪرڻ جا به شوقين هئا. ڪافي ٻاهريان ملڪ ڏسي چڪا هئا. پاڻ شاعري به ڪندا هئا. 1953ع ۾ پهريون ڪلام لکيائون، جنهن جا ٻول آهن:

”خطادار آهيان خطادار آهيان،

مگر توسان هر دم وفادار آهيان.“

ان وقت هالا ۾ هڪ مشاعرو قبله طالب الموليٰ جن جي صدارت ۾ ٿيڻو هو ۽ پاڻ حجاب جي ڪري پنهنجو ڪلام فقير حسين بخش ’خادم‘ جي حوالي ڪيائون، جنهن اهو ڪلام پيش ڪيو. تڏهن قبله طالب الموليٰ جن کي خبر پئي ته امين سائين به شاعري ڪن ٿا. ان کان بعد جيڪو به شعر لکندا هئا ته قبله جن کان اصلاح ڪرائيندا هئا. پاڻ پنهنجي ڪتاب ”پيغام“ ۾ لکيو اٿن ته: هڪ دفعي ڄام ڏاتيرحه جن تي قبله طالب الموليٰ صاحب جن سان سندن مريدن سالگره ملهائڻ جو انتظام ڪيو هو، ان وقت مون وٽ هڪ ڪافي لکيل هئي جيڪا مون قبله سائين کان اصلاح بغير مصري فقير جي حوالي ڪري ڇڏي هئي، جنهن جا ٻول آهن:

”تنهنجون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائينديس،

انهي رمز سان روح ريجهائينديس.“

اها ڪافي مصري فقير چوڻ شروع ڪئي ته سائين وڏا، گرامي صاحب، سرشار عقيلي صاحب، اسد الله شاهه حسيني صاحب، ميون محبوب علي جن جو ڌيان ڪافي ڏي ڇڪجي ويو ته ڪافي ڪنهن جي آهي. مصري فقير تمام سريلي انداز ۾ ڪافي پوري ڪئي ته قبله سائين مون کان پڇيو ته: بابا اها ڪافي ڪنهن جي هئي؟ مون عرض ڪيو ته قبله اها ڪافي منهنجي آهي. تنهن تي پاڻ مٿي اسٽيج تي اچي مون کي پيشاني تي چمي ڏنائون ۽ داد ڏئي فرمايائون ته: بابا منهنجي ڪلامن جو سڄو ”مجموعو“ توهان وٺو ۽ مون کي اها ڪافي ڏيو. اهڙي داد ملڻ تي مون کي نهايت خوشي ٿي.

قبله امين ’فهيم‘ صاحب جن جو ڪلام مصري فقير، دين محمد شيخ ۽ رونا ليليٰ تمام سٺي انداز ۾ ڳايو ۽ انهن جي آواز ۾ ڪلام هلندو رهي ٿو.

پاڻ سياست ۾ به بهترين ڪردار ادا ڪيائون. ڀٽي صاحب قبله طالب الموليٰ جن کي چيو ته: سائين مون کي امين صاحب ڏيو. 1970ع واري چونڊ ۾ ڀٽو صاحب پنجن سيٽن تي ڪامياب ٿيو هو، جنهن مان ٺٽي واري سيٽ قبله امين سائين جن جي حوالي ڪيائون، جنهن تي امين سائين جن ڪامياب ٿيا. اهڙي نموني سان ڀٽي صاحب سان سياسي وابستگيءَ ۾ رهيا. ڀٽي صاحب جي شهادت بعد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه سان هر وقت شامل رهيا. محترمہ جي شهادت وقت به قبله امين سائين ساڻن گاڏيءَ ۾ گڏ هو. بهرحال آخري وقت تائين هو پيپلزپارٽيءَ سان شامل رهيا. مخالفن اقتدار ۾ اچڻ لاءِ ڪئين آڇون ڪيون پر پاڻ اهي سڀ رد ڪري ڇڏيون ۽ هميشه ڪامياب رهيا.

امين سائين جن سرور نوحرحه جي گادي جا 18 سجاده نشين هئا. سندن دوستن جو حلقو تمام وسيع رهيو ۽ آهي. پاڻ چوندا هئا ته غريبن ۾ دين محمد شيخ ۽ فقير گل محمد به منهنجن دوستن ۾ شمار آهن. بيمار رهڻ ڪري ڪافي عرصو علاج لاءِ ٻاهرين ملڪن جي اسپتالن ۾ علاج ڪرائيندا رهيا. نيٺ پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجي وطن آيا ۽ سندن علاج ڪراچيءَ ۾ ٿيندو رهيو ۽ پاڻ ڪراچي جي اسپتال ۾ 21- نومبر 2015ع بمطابق 8- صفر 1437هه ڇنڇر ڏينهن تي، هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري دارالبقا جي ڏيهه ۾ وڃي هميشه لاءِ آرامي ٿيا.

اِنَالِلهِ وَاِنَا اِلَيہ رَاجِعون

شال الله سائين کين جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي آمين!

”نه سي جوڳي جُوءِ ۾، نه سي سامي واٽ،

ڪاپڙين ڪنواٽ، وڏيءَ ويل پلاڻيا.“

(نوح فقيررحه)

 

غزل

 

زمين خاموش ۽ خود آسمان خاموش آهي،

الاجي ڇو محبّت جو جهان خاموش آهي.

 

جهان خاموش ٿيو جو مهربان خاموش آهي،

نه آواز آهي ڪجهه جو ٿي زبان خاموش آهي.

 

تڏهن سارو جهان نا مهربان خاموش آهي،

جڏهن ئي اڄ اميرِ ڪاروان خاموش آهي.

 

ڀلا صيّاد ڇو منهنجي اڳيان خاموش آهي،

ڏسو قدرت، ٿيو تير و ڪمان خاموش آهي.

 

”امين“ جي روبرو هو بي گمان خاموش آهي،

خدا ڄاڻي ته ڇو اڄ پاسبان خاموش آهي.

 

(مخدوم محمد امين ’فهيم‘)

 5جولائي 1956ع

جاڙا واٽر، هالا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org