سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-3\2016ع

باب:

صفحو:19 

سنڌ کان وڇڙي ويل محبتن جو امين!

 

نسيم بخاري

     مخدوم امين ’فهيم‘ سياست، ادب ۽ سماج جي حوالي سان پنهنجي نانءَ، تعارف ۽ سڃاڻپ جو پورو پورو حق ادا ڪري، هن دنيا کي الوداع چئي، ان جهان ڏانهن ڪُوچ ڪري ويو آهي، جتان وڃڻ کان پوءِ ڪو به موٽيو ناهي. هن جي هڪ مشهور غزل جا ڪجهه بند ياد ٿا اچن:

بي وفا سان وفا ڪري ڏسبي

هي خطا بارها ڪري ڏسبي.

هر شجر ۾ صبا ۾ ۽ گل ۾

جستجو جا بجا ڪري ڏسبي.

جي حياتي وفا ڪئي سائين!

عشق ۾ انتها ڪري ڏسبي.

هونئن ته حياتي بي وفا آهي، پر مخدوم امين ’فهيم‘ کي ان ايتري مهلت ضرور ميسر ڪئي، جو نه رڳو عاشقيءَ، پر زندگيءَ جي هر مرحلي تي هن انتها ڪري ڏيکاري.

سياست ۾ شرافت ۽ صبر جيترو هن ڪيو اوتري بردباري ۽ سهپ هاڻ ڳولي نه ٿي لڀجي. مخدوم امين ’فهيم‘ سياسي جهاز جو اهو ايماندار پائليٽ هو، جنهن خطري وقت، اڳ ۾ سمورن مسافرن کي بچايو ۽ پاڻ بعد ۾ لٿو. مخدوم جي دل ايتري ڪڏهن به نه ڏکي، جيتريون تلخيون هن پارٽيءَ ۾ رهندي سَٺيون. پارٽي قيادت پاران تلخ تجربن باوجود هن ان کان رستا ڌار نه ڪيا. مخدوم صاحب وٽ فقط سياسي پليٽ فارم نه هو، ادبي اُفق جو هُو چمڪندڙ ستارو هو. سروري جماعت جو سرواڻ هو. هن جي پويان هزارين نه، پر لکين مريدن جي هڪ عقيدتمند برگيڊ هئي. هُو چاهي ها ته الڳ پارٽيءَ جو اعلان ڪري سگهي ها. جيڪڏهن امين فهيم 2008ع واري وفاقي حڪومت لاءِ سرواڻيءَ واري طئي ٿيل معاهدي تي مضبوطيءَ سان موقف رکي بيهي ها ته آصف علي زرداريءَ لاءِ مخدوم کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي وزيراعظم بڻائڻ ممڪن ئي نه بڻجي ها. هُو چاهي ها ته پارٽيءَ جي سينئر اڳواڻن جو ڪٺ گهرائي آصف علي زرداري کي اڪيلو ڪري ڇڏي ها ۽ پورا پنج سال پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو بااختيار پاڪستان جو وزيراعظم ٿي وڃي ها. مخدوم صاحب جيڪڏهن سياست جي محاذ تي پنهنجي حق لاءِ آواز اٿاري ها ته پڪ سان ان کي پارٽيءَ جي سينئر ۽ جونيئر ميمبرن ۽ عهديدارن پاران بهتر موٽ ملي ها ڇو ته اها ڳالهه عالم آشڪار هئي ته مخدوم صاحب شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاران وزيراعظم جو نامزد اُميدوار هو ۽ اها ڳالهه ميڊيا معرفت محترمه بينظير ڀٽو صاحبه اڪثر موقعن تي اظهاري چڪي هئي. پيپلز پارٽي ۾ مخدوم صاحب جهڙي مضبوط وزيراعظم جو ڪو اُميدوار ئي نه هو، پر مخدوم صاحب، ڀٽوز سان پنهنجي تعلق کي دوام بخشڻ لاءِ وڏيءَ دل جو مظاهرو ڪيو، نه رڳو ايترو، پر آخري پساهن تائين هن تلخين سان ڀرپور جملا به نه ڳالهايا. هن جيڪڏهن ڪا شڪايت ڪئي به ته، اها اشارن ۽ ڪناين ۾ ڪئي. سڌيءَ ريت هن پيپلز پارٽي يا ان جي قيادت کي نشانو نه بڻايو. هُو پاڻ سان ٿيل حق تلفيءَ تي احتجاج ڪري پئي سگهيو. تنقيد ڪرڻ هن جو حق هئي، پر هن ائين نه ڪيو، جنهن جو اعتراف اڄ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني به ڪيو آهي. هن مڃيو آهي ته مخدوم صاحب وزيراعظم جو اُميدوار هو، پر جڏهن پارٽيءَ مون کي نامزد ڪيو ته مخدوم صاحب مون کي کُليو کُلايو ووٽ ڏيڻ لاءِ اسلام آباد آيو. مخدوم صاحب پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽيرين جو صدر هو. پ پ جيڪا 2008ع واري چونڊ وڙهي سا به ان ئي پليٽ فارم تان وڙهي.

مخدوم صاحب کي مشرف وزيراعظم جي آڇ ڪئي هئي، جيڪا هن ٿڏي ڇڏي. 1961ع ۾ هالا ميونسپالٽي جي چيئرمين رهندڙ مخدوم امين
’فهيم‘ کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي 1970ع ۾ پنهنجي ٺٽي مان کٽيل سيٽ تان هٿ کڻي کيس ضمني چونڊن ۾ کٽرايو. 1970ع کان 2013ع تائين هن جيترا ڀيرا به چونڊ وڙهي، سوڀ هن جو مقدر بڻي. مخدوم سرور نوحرحه جي پيڙهيءَ جي ارڙهين گادي نشين وارو تعارف رکندڙ مخدوم محمد امين ’فهيم‘ پيپلزپارٽيءَ سان پاڻ ملهايو. هن پارٽيءَ جي پت رکي، پر پارٽي هن جي ساک جو ڪهڙو لحاظ رکيو؟

مخدوم امين ’فهيم‘ هڪ سوچ ۽ فڪر جو نالو هو. هن وانگر هزارين سچا پچا پ پ ورڪر اڄ به پارٽيءَ ۾ رهندي پنهنجو ساهه گهُٽجندي ۽ ٻُوساٽجندي محسوس ڪن ٿا. موجوده پيپلزپارٽي هنن لاءِ تاريخ جو تلخ ترين تحفو آهي. اهي سياسي گناهن واري ماحول ۾ ڏاڍي تڪليف محسوس ڪري رهيا آهن. اهي تنگ ۽ بيزار آهن، پر قيادت خلاف ڪڇن نه ٿا. هنن کي اهڙي ڪيفيت تي خود پاڻ تي به ڪاوڙ اچي رهي آهي پر ڪن ته آخر ڇا ڪن؟

مخدوم صاحب هڪ زندهه دل انسان هو. صبر ڪرڻ ۽ معاف ڪرڻ هن جي فطرت هئي. هُو جيڪڏهن درگذر کان ڪم نه وٺي ها ته اڄ شايد پ پ جا به ايترا ٽڪرا ٿي چڪا هجن ها جيتريون مسلم ليگ جون شاخون آهن. مخدوم صاحب پارٽي قيادت تي جيڪا احسان ڪرڻ واري مُهر هنئي آهي، سا هاڻ مخدوم صاحب پڄاڻان همراهن کان خوابن ۾ به ڇرڪ ڀرائيندي.

مخدوم صاحب هڪ مڻيادار ماڻهو هو. هڪ سلڇڻو انسان، ماڻهپي جا سمورا قدر هن جي رت ۾ شامل هئا، هن سان جن اُچايو ۽ ڦِٽايو، اڄ يا سڀاڻي اهي تاريخ جي تري ۾ دٻجي وڃڻا آهن.

مخدوم امين ’فهيم‘ جي غزل جا ڪجهه بند ياد ٿا اچن:

آرزو بيڪار ٿي،

زندگي آزار ٿي.

تنهنجو ڪو ناهي رفيق،

تون مڙن جو يار ٿي.

آسرو ڪنهن جو نه ڪر،

پنهنجو خود غمخوار ٿي.

غير سان پڻ ڪر چڱي،

تون نه ڪنهن جو بار ٿي.

مخدوم صاحب جيئن لکيو آهي، ائين لفظن جي لڄ به رکي ڏيکاري. مخدوم صاحب ۽ پيپلزپارٽيءَ جي حوالي سان جڏهن ڪو مؤرخ قصا قلمبند ڪندو ته ان جي ڇنڊڇاڻ، گهڻن کي وائکو ڪندي. هُو پارٽي قيادت کان جيڪڏهن سڌيءَ ريت بيزار نه به هو، تڏهن به مايوس ضرور هو. هُو جنهن سياسي بصيرت جو مالڪ هو، پارٽي ان کي اها حيثيت عطا نه ڪئي. شايد هيٺيون شعر مخدوم صاحب جي ان ئي ڪيفيت جو اظهار چئي سگهجي ٿو ته:

سکن جو ساٿ ڇڏڻ لازمي نظر آيو،

قدم قدم تي قرارن وڏو فريب  ڏنو.

نظر جي شوخ اشارن وڏو فريب ڏنو،

پرائي پنهنجي کي سمجهڻ جو وقت ئي نه مليو.

        مخدوم صاحب پنهنجي طبعيت ۾ گهڻ رخي حوالي سان سچ پچ جو مخدوم ثابت ٿيو. هُو سياسي، سماجي ۽ مذهبي ذميوارين جي ادائگين جي حوالي سان واقعي به امين رهيو.

تُنهنجون ڳالهيون سڄڻ

 

 

ڄام رضيه مورائي

 

سنڌ جي تاريخ ڪئين سورهين، سرمستن، درويشن، مانجهي مردن، انمول سياسي شخصيتن ۽ روحاني قلندرن سان ڀري پئي آهي، اهڙن ئي انمول هيرن جي هار جو هڪ هيرو سائين مخدوم امين ’فهيم‘ به آهي جيڪو هاڻي هن دنيا ۾ ناهي رهيو! سندس وفات تي سروري جماعت سان گڏ سڄي سنڌ سوڳوار آهي، ڇاڪاڻ ته پاڻ نه صرف سروري جماعت جا روحاني پيشوا هئا، پر ساڳئي وقت هڪ برک ۽ مخلص سياستدان هئا پر ان سان گڏ پاڻ هڪ بهترين شاعر پڻ هئا. انهن ظاهر خوبين کان علاوه پاڻ هڪ شفيق، ملنسار، بردبار، ساده دل ۽ ساده طبعيت جا کل مک انسان پڻ هئا. سندن سادگي، سچائي، خلوص ۽ من جي اجرائي، سندن چهري جي معصوميت مان بخوبي سَجندي هئي، ڇاڪاڻ ته چهرو انسان جي شخصيت  جو آئينو هوندو آهي، سو ان آئيني ۾ سندن سچائي، وفاداري ۽ سندن من جي مورت چٽي ۽ صاف نظر ايندي هئي. شايد اهو ئي سبب آهي جو اڄ سندن وفات تي نه صرف سنڌ، پر هر اهلِ دل غمزده آهي. جيڪڏهن سائين جن جي شخصيت جي مختلف پهلوئن تي روشني وجهجي ته هڪ الڳ ڪتاب لکجي ويندو ڇاڪاڻ ته پاڻ گهڻ رخي شخصيت جا مالڪ هئا. جيڪڏهن کين سروري جماعت جي روحاني بزرگ يا پيشوا جي حوالي سان ڏسجي ته پاڻ هڪ منظم، ٻاجهارو، صبر، تحمل، ملنسار، عاجزي، نياز ۽ نوڙت، وقار ۽ تدبر سان لبريز نظر ايندا. جيڪڏهن سياستدان جي نظر سان ڏسجي ته ڏاهپ، سچائي، خلوص، اتحاد ۽ اتفاق جي هڪ دل آويز شخصيت نظر ايندا. پاڻ پيپلزپارٽي جي باني ڪارن ۾ شامل هئا، ۽ آخري دم تائين پارٽيءَ سان وفاداري، خلوص ۽ ايڪتا جي ذريعي سلهاڙيل رهيا. سندن سياسي سفر ۾ ڪئين مشڪل مرحلا به آيا، جڏهن پيپلزپارٽي جي چيئرمن ذوالفقار علي ڀُٽي کي جيل ۾ باندي بڻايو ويو، انهن مشڪل گهڙين ۾ جڏهن ضياء جي آمريت عروج تي هئي ۽ ظلم ۽ ستم جي بازار گرم هئي، تڏهن پاڻ اهڙين سنگين حالتن ۾ به پارٽيءَ سان واڳيل رهيا ۽ ڀٽو خاندان سان نڀائيندا رهيا. ذوالفقار علي ڀُٽي سان وفا جا پيڪر بنيا رهيا ۽ ساڻس هر قدم تي هڪ پاڇي جيان گڏ گڏ رهيا ايستائين جو محترمه بينظير ڀُٽي جي شهادت جا دردناڪ منظر به اکين سان ڏٺائون. سياسي سفر جي مشڪل ترين پيچرن تان گذرندي پاڻ ڪڏهن به همت، حوصلو ۽ مستقل مزاجيءَ جو دامن نه ڇڏيائون. ان کان پوءِ آصف زرداريءَ سان به گڏجي ڪم ڪندا رهيا، توڙي جو کين بعد ۾ پارٽي اڳواڻ کان ڪافي اختلاف هئا پر پاڻ صبر، تحمل ۽ بردباريءَ جو مظاهرو ڪندا رهيا ۽ ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍيائون. توڙي جو اهڙين مشڪل گهڙين کي ڪجهه پارٽين ۽ ماڻهن ڪيش ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي، پر پاڻ هر حال ۾ ثابت قدم رهيا. کين وزارت عظميٰ جي پيشڪش به ڪئي وئي، پر پاڻ پنهنجي فطرت مطابق، سياسي وفاداريءَ کي داغدار نه ڪيائون، پر پنهنجي مستقل مزاجيءَ ۽ سچائيءَ جي راهه تي هلندا رهيا ۽ اهڙن ئي انسانن لاءِ ڪنهن شاعر چيو آهي ته:

جهڙو ماڻهو تهڙو ناڻو،

هر ڪو ماڻهو پنهنجي اگهه اگهاڻو،

جيڪو ماڻهو ڪين وڪاڻو،

سو ئي ماڻهو موتيءَ داڻو.

سائين امين ’فهيم‘ ذاتي زندگيءَ ۾ هڪ مهربان، شفيق ۽ محبت ڪندڙ پيءُ هئا، جن ڪڏهن به پنهنجي اولاد ۾ فرق نه ڪيو، حالانڪه سندن چار شاديون هيون ۽ چئن ئي گهر وارين مان کين اولاد به آهي. سندن اولاد جي به پاڻ ۾ ايتري محبت ۽ عقيدت آهي، جنهن جو ڪو مثال ناهي.

سائين امين ’فهيم‘ جن هڪ بهترين شاعر به هئا، سندن شاعريءَ ۾ زندگيءَ جي رنگن کان علاوه عشق ۽ محبت جو رنگ، انهن رنگن تي غالب نظر ٿو اچي. اهو ئي سبب هو جو سندن مزاج ۾ به نرمي، حلم، پنهنجائپ جو عنصر نمايان هو، ساڳئي وقت لهجي ۾ شيري ۽ زبان جي سادگي، سائين جن کي ٻين سياستدانن کان ممتاز بنائي رکيو. انهن خوبين جي ڪري سندن شخصيت ۾ اهڙو سحر سمايل هوندو هو جو هڪ ڀيرو ملڻ کان پوءِ دل بارها ساڻن ملڻ لاءِ آتي ٿيو پوي. سندن شخصيت جا رنگ ناقابلِ فراموش هئا. پاڻ سنڌ جي اهڙي عظيم هستي هئا جن کي صدين تائين وساري نه سگهبو. پاڻ هڪ سدا بهار شخصيت جا مالڪ هئا، پر بلڊ ڪينسر جهڙي موذي مرض کين وقت کان اڳئي، اسان کان کسي ورتو، پر سندن گذاريل زندگي اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي.

سائين امين ’فهيم‘ جن جو بي وقت وڇوڙو نه صرف سنڌ جي عوام لاءِ، پر ملڪي سياسي تاريخ جو هڪ عظيم سانحو آهي.

سندن وڇوڙي سان ملڪي سياست ۾ هڪ اهڙو خال پيدا ٿي ويو آهي جيڪو ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو، نه صرف عوام پر خاص طور تي پيپلز پارٽي هڪ سينئر ۽ سچي رهنما کان محروم ٿي وئي آهي ڇاڪاڻ ته پارٽيءَ جي اصل اڳواڻن کان پوءِ سائين مخدوم امين ’فهيم‘ جن جي قد آور شخصيت تحت هيءَ پارٽي هڪ منظم پليٽ فارم تي قائم رهي. سائين جن پارٽيءَ سان هر ڏک سک ۾ پنهنجو ڪردار نڀائيندا رهيا ۽ زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين ساٿ ۾ رهيا. اها حقيقت آهي ته سائينءَ جهڙا همه گير شخصيت جا مالڪ، روز روز پيدا ناهن ٿيندا. پاڻ ملڪ ۽ سنڌ جي عوام لاءِ هڪ ليجنڊ جي حيثيت رکن ٿا، اسان جي سياستدانن کي گهرجي ته سائين جن جي نقشِ قدم تي هلن ۽ سندن زندگيءَ مان ڪو سبق سکن ته جيئن کين به عوام سندن وفات پڄاڻان نه صرف سٺن لفظن ۾ ياد ڪري پر انهن لاءِ سڪ، اڪير ۽ محبت وچان ڳوڙها به ڳاڙي سگهي.

تنهنجون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائينديس،

انهيءَ رمز سان روح ريجهائينديس

 

هردلعزيز انسان

مخدوم امين ’فهيم‘ جو وڇوڙو

 

محمد ملوڪ انڙ

 

پاڻ 17- جمادي الثاني 1358هه بروز جمعو مطابق 4- آگسٽ 1939ع تي حضرت مخدوم سرور نوح رحمت الله عليہ جي 17 گادي نشين جناب مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ جي گهر هالا ۾ جنم ورتو، پاڻ گهڻ پاسائين شخصيت جا مالڪ هئا يعني هڪ ئي وقت شاعر، اديب، سياستدان ۽ حضرت سرور نوحرح جا گادي نشين پڻ هئا. پاڻ جوانيءَ کان وٺي پيريءَ تائين پاڪستان پيپلزپارٽيءَ سان واڳيل ۽ وفادار رهيا. جڏهن 30- نومبر 1967ع تي پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جنم ورتو، ته سندس والد محترم مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ پارٽيءَ جي باني اڳواڻن ۾ شامل هئا ۽ سڄي عمر پنهنجي خاندان سميت ڏک سک ۾ پي پي سان نڀائيندا رهيا.

نامياري اديب ۽ ليکڪ غلام رباني آگري پنهنجي ڪتاب ’جهڙا گل گلاب جا‘ ۾ لکيو آهي ته: هڪ دفعي مخدوم طالب الموليٰ مون سان ڳالهه ڪئي ته جڏهن ڀٽو صاحب ملڪ جو صدر ۽ چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر هو، تڏهن کانئس پڇيائين ته ”مخدوم صاحب توهان کي ڇا گهرجي؟“ مخدوم صاحب جواب ۾ چيس ”ڪجهه نه، الله سائينءَ اسان جي خاندان جي جيڪا عزت ڪئي آهي، فقط اها برقرار رکجو.“ مخدوم خاندان لوڀ ۽ لالچ کان پري رهيو آهي. شهيد ڀٽي جڏهن عام انتخاب 70 واري اليڪشن ۾ پاڻ ملڪ جي ڪيترين ئي سيٽن تان ڪاميابي ماڻي ۽ پوءِ خالي ڪيل ٺٽي ضلعي واري سيٽ مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جي حوالي ڪئي، جتان مخدوم امين ’فهيم‘ ضمني چونڊ ۾ ڪاميابي ماڻي، ايم.اين.اي بڻيو هو. اهڙي طرح پاڻ سياسي دنيا ۾ پير پاتو ۽ سياسي سفر ۾ سدائين ناقابلِ شڪست رهيا، 7 ڀيرا مختلف وقتن ۾ قومي اسيمبلي ۽ هڪ ڀيرو صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر رهيا ۽ ڪافي ڀيرا وفاقي وزير پڻ منتخب ٿيندا رهيا. پاڻ سڄي حياتي پيپلزپارٽيءَ ۾ رهيا.

شهيد ڀُٽي کان وٺي شهيد بينظير صاحبه سان سدائين سندن ساٿ رهيو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽي جا اعتماد جوڳا ساٿي رهيا. 1977ع کان پوءِ مارشل لا جي ڊگهي آمريت ۽ سخت قسم جي ظالم ڊڪٽيٽر ضياء الحق جي دؤر حڪومت ۾ مخدوم خاندان پاڻ کي ثابت قدم رکندي بدترين مارشل لا دؤر جو همت ۽ مڙسيءَ سان مقابلو ڪيو، ۽ هن خاندان جي مخدوم خليق الزمان جيلن جون سختيون برداشت ڪري پاڪستان پيپلزپارٽيءَ سان ساٿ نڀايو، مخدوم امين ’فهيم‘ شهيد بينظير جي دؤر حڪومت ۾ 1988ع ۽ 1994ع ۾ وفاقي وزير رهيا، محترمه شهيد بينظير جي جلاوطن واري وقت مخدوم صاحب پ پ پ کي سنڀاليندا رهيا، پاڻ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جا سينئر وائيس چيئرمن ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽيرين جا صدر بڻيا، ته ان وقت جي ڊڪٽيٽر جنرل مشرف پاران 2002ع ۾ کيس ملڪ جو وزيراعظم ۽ سندس پٽ مخدوم جميل الزمان کي سنڌ جو وزير اعليٰ منتخب ڪرڻ جي پيشڪش ڪئي ويئي جيڪا هن مخدوم صاحب ٺڪرائي ڇڏي. جڏهن شهيد بينظير ڀٽو جلاوطني ختم ڪري ملڪ پاڪستان ۾ واپس آئي ته 18- آڪٽوبر 2007ع تي ڪارساز سانحي ۾ محترمه سان گڏ هئا ۽ زخمي پڻ ٿيڻ هئا.

27- ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊي جي جلسي ۾ محترمه بينظير ڀٽي کي شهيد ڪيو ويو هو، ته مخدوم امين ’فهيم‘ پڻ ساڻس گڏ هئا. محترمه جي شهادت بعد پارٽيءَ جي فيصلي موجب بلاول ڀٽو زرداريءَ کي پارٽيءَ جو چيئرمن ۽ آصف علي زرداري کي پارٽيءَ جو ڪوچيئرمن بڻايو ويو، جڏهن ته 18-فيبروري تي پيپلزپارٽيءَ عام انتخاب واري اليڪشن ۾ کٽي آئي ته وزيراعظم جي سيٽ تي ڪافي وقت پارٽي اڳواڻن طرفان وزيراعظم جي سيٽ تي بحث مباحثو ۽ تڪرار هلندو رهيو ته ملڪ جو وزيراعظم ڪنهن کي چونڊجي. خاص طور تي سنڌ جي عوام جون نظرون مخدوم امين جي حق ۾ واجهائينديون رهيون ۽ مخدوم صاحب جي دلي تمنا به هئي ته کين ملڪ جو وزيراعظم چونڊيو وڃي. جڏهن ته پاڻ وزيراعظم جي سيٽ جا لائق به هئا ۽ سندن حق به هو. ان تڪرار دوران مخدوم امين ’فهيم‘ جا اخباري بيان ۽ ملڪ جي قلمڪار ۽ اديبن جا اخبارن ۾ شايع ٿيل ڪالم، ڏاڍا دلچسپ هوندا هئا. مگر آصف علي زرداريءَ جي مرضي هئي ته وزيراعظم ملڪ جي وڏي صوبي پنجاب مان کڻجي ۽ ملڪ جو صدر مان پاڻ هجان. انڪري پيپلزپارٽيءَ جي اڳواڻن ۽ آصف علي زرداريءَ فيصلو ڪيو ته پاڪستان جو وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلانيءَ کي ڪيو وڃي. نيٺ 22- مارچ 2008ع تي پيپلزپارٽيءَ جي اڳواڻن شام جو سيد يوسف رضا گيلانيءَ جي وزيراعظم ٿيڻ جو پريس ڪانفرنس ذريعي اعلان ڪيو.

24- مارچ 2008ع تي پاڪستان جي وزيراعظم جي چونڊ قومي اسيمبلي هال ۾ ميمبرن ووٽ ڏنا جنهن ۾ مخالف ڌر جي (ق) ليگ جي اميدوار پرويز الاهيءَ کي 42 ووٽ مليا ۽ سيد يوسف رضا گيلانيءَ 264 ووٽ کڻي وڏيءَ اڪثريت سان ملڪ جو وزيراعظم چونڊجي ويو. جڏهن ته مخدوم محمد امين ’فهيم‘ وڏي فراخدليءَ جو مظاهرو ڪندي پارٽيءَ جي اميدوار سيد يوسف رضا گيلانيءَ کي ووٽ ڪيو ۽ اسيمبلي هال جي گيلريءَ ۾ هلي ڪري وڃي بلاول ڀٽو زرداريءَ سان مليو ۽ کيس پيار ڪيو.

انڪري مخدوم صاحب کي سندس فراخدلي، محبت، شفقت ۽ پارٽيءَ سان وفاداريءَ سبب هر ماڻهو عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ۽ پوءِ کين صنعت ۽ واپار جو وفاق وزير ڪيو ويو. سندن خاندان حضرت سرور نوح ؒ کان وٺي مخدوم جميل الزمان تائين علمي ادبي گهراڻو رهيو آهي. پاڻ به اديب ۽ شاعر هئا. شاعرن سان کين عشق جي حد تائين محبت هئي. شاعريءَ ۾ سندن تخلص ’فهيم‘ هو. پاڻ واقعي ’فهيم‘ هئا.
’فهيم‘ معنيٰ ڏاهو، داناءُ، عقلمند. سندن شاعريءَ ۾ غزل جون سٽون ڪجهه هن طرح آهن:

 ”گلن سان گڏ رهڻ جي لاءِ مون کي خار ٿيڻو پيو.

تڏهين ان جو ٿيس، جڏهن ان تي بار ٿيڻو پيو،

زماني جي فضا موجب بدلجي، هر گهڙي مون کي،

وڏن اڳيان وڏو، ٻارن جي اڳيان ٻار ٿيڻو پيو.

سندن شاعريءَ جو مجموعو ’پيغام‘ 1990ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شوري سنڌ وارن ڇپرايو، سندن شاعريءَ جي انهيءَ مجموعي کي وڏي پذيرائي ملي. سندن ڪلام سنڌ جي ڪيترن ئي مشهور فنڪارن ڳايا آهن.

مخدوم امين ’فهيم‘ جو عوام، دوستن، مريدن ۽ پنهنجي خاندان تي سدائين شفقت جو هٿ رهيو. پاڻ سروري جماعت جا روحاني پيشوا ۽ نوَ لکي گودڙي جا سربراهه هئا. آخر ۾ هي عظيم انسان، بلڊ ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿيا ته پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ بعد ڪراچيءَ جي هڪ خانگي اسپتال ۾ داخل ٿيا، ته کين بلاول ڀٽو زرداري سندن عيادت ڪرڻ آيو ته پاڻ کين ڳراٽڙي پائي پيار ڪيو ۽ ساڻس ڪچهري پڻ ڪئي. نيٺ 21- نومبر 2015ع تي هن بهادر انسان جو هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ٿيو. اِنالله واِنا اِليہ راجعون.

پاڻ جسماني طور اسان کان جدا ٿي ويا آهن. مگر سندن ياد هميشه اسان جي دلين تي رهندي. دعا آهي ته شال رب العظيم کين جنت الفردوس ۾ جڳهه ڏي ۽ سندن پونئرن کي سندن نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي، آمين.

هن سان ٻيهر وفا ڪري ڏسبي

 

ڄام صنم سنڌي

 

مرشد ڀٽائي گهوٽ فرمايو آهي ته:

ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج،

ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.

هالا اهو مشهور ۽ معروف شهر آهي جنهن کي الله تعاليٰ، دنيا ۽ آخرت جي سونهن ۽ شهرت سان نوازي ڇڏيو آهي. هتي نه صرف جڳ مشهور شخصيتن جنم ورتو آهي، پر 9 لکي گودڙي جي مريديءَ واري بزرگ اولياء الله حضرت سائين سخي سرور نوح رحمت الله عليہ جي سڪونت پڻ هن شهر کي عرش ۽ فرش تائين عزت ۽ اعزاز بخشيو آهي. انهيءَ برگزيده گهراڻي ۾ قبله سائين مخدوم محمد زمان المعروف طالب الموليٰ جي ”اڱڻ ٻهاريان تنهنجون واٽون نهاريان“ واري علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ مذهبي اڱڻ تي 4- آگسٽ 1939ع ڌاري  سنڌ ڌرتيءَ کي اعزاز بخشڻ ۽ ڌرتي ماءُ جو مان مٿانهون ڪرڻ لاءِ هڪ ٻي مهان هستي مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جي روپ ۾ جنم ورتو. جيتوڻيڪ سائين طالب الموليٰ جهڙي اڻلڀ هستيءَ جي محبت ۽ پرورش سائين امين ’فهيم‘ جن کي پيدائشي طور نصيب هئي، تنهنڪري سندن فصاحت، بلاغت، خوبين، خصلتن، ڪردار ۽ اخلاق جي عنصر جو اورچائيءَ تي هجڻ هڪ قابلِ يقين ڳالهه آهي، پر سندن بردباري فهم ۽ فراست سبب کين ”فهيم“ جو لقب پڻ حاصل ٿيو.

قبله سائين مخدوم امين ’فهيم‘ بنيادي طور شاعر هئا، سندن شعري مجموعو ”پيغام“ سنڌي ڪتابن ۾ هڪ نمايان حيثيت رکي ٿو. سندن ڪيترائي ڪلام مشهور فنڪارن پنهنجي خوبصورت آواز ۾ ڳايا آهن. اها خوبي پڻ کين سندن والد مخدوم طالب الموليٰ کان ورثي ۾ ملي هئي. هيءُ خاندان، سنڌ جو اهو مهان شاعر گهراڻو آهي، جنهن کي شاعريءَ ۾ منفرد ۽ نمايان مقام حاصل آهي. سندن شاعري سنڌ جي هر ننڍي وڏي فنڪار بهترين انداز ۾ ڳائي آهي. سندن شاعريءَ جي سڀ کان وڏي خوبي، اها ئي آهي ته اها روح کي سُرور بخشيندڙ شاعري آهي. اهوئي سبب آهي جو سندن ڪلام اڄ به وڏي چاهه مان ٻڌو ۽ ڳايو وڃي ٿو. نرم مزاج، بردبار، شفيق ۽ مهربان طبعيت جي مالڪ قبله سائين امين ’فهيم‘ جڏهن 1970ع ڌاري سياست ۾ پير پاتو، تڏهن سياست جهڙي بيرحم ۽ بيرخي واري ماحول سان وابستگي باوجود به سندن طبعيت ۾ ڪو به فرق نه آيو، پاڻ سياست ۾ رهندي به حليم طبعيت ذريعي هر معاملي کي سلجهائڻ جا عادي رهيا. سندن تعلق انهيءَ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان هميشه رهيو، جنهن پارٽيءَ جو بنياد، سندن جي گهر، اڱڻ ۽ شهر هالا ۾ مخدوم طالب الموليٰ ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي وڌو هو، جيتوڻيڪ هالا کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي پارٽي انهيءَ شهر ۾ قائم ڪئي وئي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ کي وري اهو اعزاز حاصل آهي ته جنهن شهر ۾ سندن قيام پيو، ان شهر جي عظيم هستين سندن هر ڏک، سک، امتحان ۽ آزمائشن جي مشڪل گهڙين ۾ ايمانداري، سچائي ۽ وڏي وفاداريءَ سان ساٿ نڀايو آهي. ڪيترائي ڀيرا وڏي وڏين آڇن ملڻ باوجود مخدوم خاندان ۽ خود سائين امين ’فهيم‘ جن هر آڇ کي ٺڪرائي پنهنجي خانداني هجڻ جو ثبوت ڏيندي پاڪستان پيپلزپارٽيءَ سان سِر ساهه وارو ناتو نڀايو. سائين امين ’فهيم‘ سياسي طور اها مڃيل شخصيت آهن جن پنهنجي سياسي ڪيريئر دوران 9 ڀيرا اليڪشن وڙهي.

پاڻ هڪ ڀيرو سنڌ اسيمبلي ۽ 8 ڀيرا قومي اسيمبليءَ لاءِ چونڊ کٽيا ۽ پاڻ پ پ پ پارليامينٽيرين جا صدر پڻ رهيا، پر کين ڪڏهن به سياست يا اليڪشن ۾ ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو نه پيو. اها هئي سندن عزت ۽ ماڻهن جي ساڻن بي پناهه محبت جنهن سبب پاڻ ماڻهن جي دلين ۾ ۽ سياست جي ڪرسين تي هميشه وڏي مان ۽ شان سان ويهندا رهيا. عظيم اڳواڻ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي کان شهيد محترمه بينظير ڀٽو تائين پارٽي جي هر ميمبر ۽ اڳواڻ جو قبله سائين تي وڏو ويساهه هوندو هو، اهوئي سبب آهي جو شهيد محترمه جي جلا وطني هجي يا شهيد ڀٽو جي قيد و بند وارو دور، پر هر گهڙيءَ ۾ مخدوم خاندان پيپلزپارٽيءَ کي ائين سنڀاليو جيئن ڪو پنهنجي ٻچن کي سنڀاليندو آهي. محترمه جي غير موجودگيءَ ۾ سائين امين ’فهيم‘ پارٽي جي هر معاملي کي پاڻ ڏسندا، سنڀاليندا ۽ سلجهائيندا ۽ محترمه جي وطن واپسي لاءِ راهه هموار ڪرڻ ۾ رڌل رهندا هئا. پاڻ ڪڏهن به پارٽيءَ ۾ اختلاف پيدا ٿيڻ وارو ماحول جڙڻ نه ڏنائون، هميشه رواداري، محبت ۽ هڪ ٻئي جي احترام واري سياست کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا رهيا. جهڙي طرح سياستدانن ۽ عوام جو سندن تي ويساهه هو، اهڙيءَ طرح سندن خاندان ۽ خاص طور تي سائين طالب الموليٰ جن جو مٿن وڏو اعتبار هوندو هو. سائين محمدالزمان کي پنهنجي اولاد ۾ سائين امين ’فهيم‘ سان گهڻي محبت، انسيت، سڪ ۽ اڪير هوندي هئي يا ائين کڻي چئجي ته کين قبله امين ’فهيم‘ ۾ پنهنجي جهلڪ نظر پئي آئي، انڪري سائين طالب الموليٰ جو سائين امين تي گهڻو راز هوندو هو ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته قبله سائين امين ’فهيم‘ پنهنجي والد جي هر خواب ۽ خواهش کي پورو ڪندي سندن نقشِ قدم تي هلڻ جي هر ڪوشش ۾ ڪامياب پڻ رهيا. درگاهه سخي سرور نوح رحمة الله عليہ جي گادي نشين ۽ روحاني پيشوا هجڻ سان گڏوگڏ سياست ۽ سخنوريءَ سان نڀائڻ دوران قبله سائين هر پاسي پنهنجو مٽ پاڻ نظر آيا.

ڀٽائيءَ سائين جي هن بيت جيان:

هلو هلو ڪوريين نازڪ جنين جو نينهن،

ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇِنڻ مُور نه سکيا.

واري روايت تي هلندي پاڻ هر سطح تي هر رشتي ناتي، اهو سياسي هجي يا ذاتي بهترين انداز ۾ نڀائيندا رهيا، هر ڪنهن کي ڳنڍي ۽ جوڙي هلڻ جو فن سندن شخصيت ۾ ازلئون سمايل هو. مخدوم خاندان سان ذاتي ڄاڻ سڃاڻ، عقيدت ۽ محبت سبب اهو چوڻ ۾ مان ڪو به وڌاءُ نه ٿي سمجهان ته هيءُ خاندان خليفه ۽ يار اول حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنہ جن جو آل هجڻ ڪري صديق اڪبر واري خوبين سان پڻ ڀرپور آراستا آهي. بلڪل اهڙيءَ طرح هيءُ گهراڻو، بردباري، مهمان نوازي، شرافت، صداقت، خوش مزاجي، خوش اخلاقي، وفاداري ۽ عاجزي جهڙي املهه خوبين سان مالامال آهي جنهن جي سڄي جهلڪ اسين قبله سائين مخدوم امين ’فهيم‘ ۾ پسندا رهياسين. انتهائي مدبر ۽ سٻاجهڙي شخصيت جي مالڪ سائين امين ’فهيم‘ زندگي ۾ ڪڏهن به ڪنهن سان ڪا رنجش نه رکي، ها اگرچه کين ڪنهن کان ڪو ڏک پهتو به هوندو ته پاڻ وڏ ماڻهپي جو ثبوت ڏيندي هر ڳالهه کي درگذر ڪري ڇڏيندا ۽ جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن، واري واٽ وٺي پنهنجي مايهء ناز خوبين سان سرشار شخصيت جي خوشبوءِ ملڪان ملڪ پکيڙيندا رهيا.

ڪجهه عرصو پهرين قبله سائين بلڊ ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ جي باوجود همت نه هاري ۽ ڏاڍو فراخ دليءَ سان جيئندا ۽ بيماريءَ جو علاج ٻاهرين ملڪن ۾ ڪرائيندا رهيا، پر جڏهن بيماري وڌندي رهي ته کين شايد پنهنجي مٽيءَ ماءُ ڇڪ ڪئي ۽ پاڻ 26- آڪٽوبر تي وطن واپس موٽي آيا ۽ ڪراچيءَ ۾ زيرِ علاج رهيا. سندن بيماري دوران مون کي بار بار سندن هي خوبصورت سٽون ياد اينديون رهيون:

”هن سان ٻيهر وفا ڪري ڏسبي،

هيءَ خطا بارها ڪري ڏسبي.

پر افسوس جو زندگي ڪنهن سان به وفا ناهي ڪندي ۽ آخرڪار اهو افسوسناڪ ڏينهن اچي پهتو، جنهن لاءِ لطيف سرڪار فرمايو آهي ته:

گهوٽن ۽ گهوڙن، جيئڻ ٿورا ڏينهنڙا.

هن ڀيري سنڌ ڌرتيءَ کي روئاري سندس ابدي هنج ۾ آرامي ٿيڻ لاءِ اهو گهوٽ لحد ۾ لٿو جنهن شعر و ادب، سياست ۽ مذهبي رواداريءَ جي رنگن سان هن ڌرتي ماءُ کي رڱي بيحد خوبصورت لمحن ۽ يادگار يادن سان سينگاريو پئي. سروري جماعت جو سرواڻ، سياست جو منفرد باب ۽ قبله سائين مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ جو اهو نورِ نظر جنهن لاءِ پاڻ هيءُ دعائيه شعر ٿي چيائون:

امين توکي سلامت خدا رکي هر دم،

وري ٻيو علمِ لُدنيءَ سان سينو سينگارئي،

رکئي دستِ محبت محمد صلي الله عليہ وآلہ وسلم عربي،

۽ لطف ساڻ هو آبِ حيات شل پيارئي،

پيارو شال هجين پنجتن ۽ يارن جو،

جو ملڪ مون آ ڏٺو رب شال ڏيکارئي،

بنائي شال خدا توکي طالب الموليٰ،

ٻنهي جڳن ۾ عمل نيڪ سان سڄڻ جيارئي.

…۽ نيٺ اها قبله سائين مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جي قد آور هستي پنهنجي وڇوڙي سان اهو خال پيدا ڪري وئي جيڪو ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو....!

 

غزل

زماني ۾ پيدا ٿيڻ مان وريو ڇا،

اسان جي اجائي جيئڻ مان وريو ڇا.

 

نه ڪنهن کي چڱائي رسائي سگهاسين،

ته پو اهڙي زنده رهڻ مان وريو ڇا.

 

ڪُنن مان ڪڍي جنهن ڪناري لڳايو،

انهي دريا ۾ ئي ٻڏڻ مان وريو ڇا.

 

نه جنهن چاڙهيو ڪو نشو نينهن وارو،

ڀلا اهڙي مي جي پيڻ مان وريو ڇا.

 

جٽا جنهن جي مرڳو هئي چار گهڙيون،

سڄڻ اهڙي توبه ڪرڻ مان وريو ڇا.

 

”امين“ جو ملڻ بعد ويٺو وساري،

انهي سنگدل سان ملڻ مان وريو ڇا.

(مخدوم محمد امين ’فهيم‘)

2آگسٽ 1957ع

هالا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org