سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 4

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل 4

غلام رباني

 

گذارش

 

ڏنل انجام موجب پوري مهيني کان پوءِ "گل ڦل" جو هيءُ پرچو اوهان کي پيش ڪري رهيا آهيون. اميد آهي ته هن کان پوءِ وارا ٻه پرچا پڻ اِئين ئي مهيني سر مهيني اوهان کي ملندا رهندا. تنهن وچ ۾ اِها ڪوشش ٿا ڪريون، جيئن نئين سال کان هن رسالي کي ماهياني ڪرڻ جي سرڪار کان اجازت وٺي، هر مهيني ان کي شايع ڪندا رهون.

”گل ڦل“ جي ٻاهران سامهئين پاسي ڏسندا ته ٻارن جو انبوهه آهي، جيڪي ڪتابن جو جلوس ڪڍيو، نچندا ٽپندا، ڪتابن جون ڀريون ٻڌيو، رستي سان پيا وڃن. مهرباني ڪري ٻارن جي انهيءَ جلوس کي ڌيان سان جاچي ڏسندا. ڪير آهي، جنهن جي دل، اِنهيءَ جلوس ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ٽپا نه کائيندي!

"گل ڦل" جي ٻاهران پٺئين پاسي ڏسندا ته ڪتابن جا نالا ڏنل آهن، جيڪي اسان جي سنڌي ادبي بورڊ خاص اوهان ٻارن لاءِ لکارايا ۽ ڇاپي پڌرا ڪيا آهن. فهرست ۾ جملي 38 ڪتاب ڄاڻايل آهن. اِهي سمورا ڪتاب اهڙا آهن، جيڪي ٽئين ڪلاس ۽ ان کان مٿي وارا ٻار آسانيءَ سان پڙهي سگهن ٿا. اِهي سڀ نهايت وڻندڙ ۽ ڪمائتا ڪتاب آهن انهن 38 ڪتابن جي جملي قيمت، 25 في صدي رعايت سان، 64 روپيه ۽ 41 پئسا آهي. اسان جي اوهان مان هر هڪ کي صلاح آهي ته اهي سڀ ڪتاب هڪ ئي وقت نه، ته به ٿورا ٿورا ڪري، وٺي، پنهنجي پنهنجي لئبرري ٺاهيو، انهن کي پڙهو ۽ انهن مان فائدو وٺو. جيڪڏهن سنڌي اسڪولن ۾، استادن جي صلاح سان، هر هڪ ڪلاس جا ٻار گڏجي، پنهنجي پنهنجي ڪلاس لاءِ اهي ڪتاب خريد ڪندا ته سنڌ ۾ اهڙيون هزارين ڪلاس لئبرريون ٺهي پونديون، هزارين ڪتاب کپي ويندا ۽ اوهان مان هزارين بلڪ لکين ٻار انهن ڪتابن مان مزو وٺندا ۽ لاڀ پرائيندا. انهن ڪتابن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ڪتاب سنڌيءَ ۾ اسان جي بورڊ ڇاپيا آهن، جيڪي اوهان مان مٿين ڪلاسن جا شاگرد پڙهي سگهن ٿا، ۽ انهن مان گهڻو ڪجهه پرائي سگهن ٿا. اُنهن ڪتابن جي پوري فهرست بورڊ جي پريس يا ڪتابن جي دوڪان تان اوهان مفت گهرائي سگهون ٿا، ان مان پنهنجي مرضيءَ موجب ڪتاب چونڊي، اُهي به خريد ڪري سگهو ٿا. بورڊ کان سواءِ ٻيا به ڪتابن جا ڇاپيندڙ آهن، جن جا ڪتاب به اوهان چونڊي، پنهنجي پنهنجي پسنديءَ موجب خريد ڪري، پاڻ وٽ رکي سگهو ٿا، ۽ پڙهي انهن مان مزو وٺي سگهو ٿا ۽ لاڀ پرائي سگهو ٿا. مطلب ته اوهان کي ڪتاب خريد ڪرڻ ۽ ڪتاب پڙهڻ گهرجن. جيڪڏهن اوهان  پڙهيل به ڪتاب نه پڙهندا ته پوءِ اوهان پڙهيلن ۽ ٻين اڻ پڙهيلن ۾ ڪهڙو فرق رهيو؟ هڪڙي انگريزيءَ جي وڏي شاعر، جان سائوٿي، چيو آهي ته "منهنجا پڪي ۾ پڪا دوست ڪتاب آهن، جيڪي نه مون سان ڪاوڙجن ۽ نه مون کان الڳ ٿين: سدائين مون سان گڏ، ۽ سدائين پيا مون سان رهاڻيون ڪن ۽ مون کي سٺيون سٺيون ڳالهيون ٻڌائين!"

اميد ته اسان جي هيءَ صلاح اوهان کي وڻندي، ۽ اوهان ان تي هڪدم عمل ڪندا.

-م.ا.ج

 

جهرڪيون

 

چـُـون چـُـون، چـِـين چـِـين، ڳائن جهرڪيون،

مٺڙا گيت ٻڌائن، جهرڪيون.

 

1 - هِن ٽاريءَ تان، هُن ٽاريءَ تي:

ٺينگ ڏين ٿيون ڀرواريءَ تي،

ٽپڪ ٽپڪ ٿيون لائن، جهرڪيون -

چُون چُون، چِين چِين، ڳائن جهرڪيون.

 

2 - اُڏري اينديون نديءَ ڪناري،

ٿورو ٿورو پاڻي هاري:

کنڀڙا خوب پُسائن، جهرڪيون-

چون چون، چِين چِين، ڳائن جهرڪيون.

 

3 - پيٽ اندر بک ڏاڍي آهي،

هڙ ۾ پئسو پائي ناهي،

ويهي پور پچائن، جهرڪيون-

چون چون، چين چين، ڳائن جهرڪيون.

 

4 - ناهي کيت اندر ڪو واهِي،

ڪچڙا سنگڙا وينديون کائي:

خوش ٿي ڦيريون پائن، جهرڪيون -

چون چون، چِين چِين، ڳائن جهرڪيون.

 

5 - صبح، منجهند يا سانجهيءَ ٽاڻي،

ڪٿان ڪٿان ڪي ڪکڙا آڻي:

آکيرا ٿيون ٺاهن، جهرڪيون -

چون چون، چِين چِين، ڳائن جهرڪيون.

 

6 - آکيرن ۾ آنا ڏينديون،

جن مان ٻچڙا ٻچڙيُون ٿينديون:

تن سان مون مچائن، جهرڪيون -

چون چون، چِين چِين، ڳائن جهرڪيون.

 

7 - ٻچڙن کي چوڳو کارائي،

وه وا! تن کي گلي لڳائي،

هرڪنهن کي هرکائن، جهرڪيون -

چون چون، چِين چِين، ڳائن جهرڪيون.

(گوورڌن محبوباڻي جي ڪتاب، "لاتيون"،

تان شڪريي سان ورتل - ادارو.)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com