سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 4

باب: --

صفحو :5

 

مترجم: سومار علي. ايم. سومرو

بي.اي (آنرس)

 

کل هر مرض جو علاج

 

 

تازين طبي ۽ نفسياتي کوجنائن مان هيءَ ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته سياڻن جي چوڻي "کِلو ۽ خوش گذاريو" بي معنيٰ ۽ اجائي ڳالهه ناهي. هاڻي نفسيات جا ماهر، ڊاڪٽر ۽ ڄاڻو حڪيم اهڙي ماڻهوءَ کي شڪي نگاهن سان ڏسن ٿا، جيڪو کلي نٿو سگهي. جيتوڻيڪ اهڙي ماڻهوءَ ۾ بيماريءَ جون ڪي به ظاهري علامتون نظر نه اچن، ته به ماهرن جي راءِ موجب اهڙو شخص بيمار سمجهڻ کپي.

ڊاڪٽر پيري وئشي نالي پئرس جي نفسيات جي هڪ ماهر تازو هيءَ پڌرائي ڪئي آهي ته "کلڻ مهل ماڻهوءَ ۾ قوت بخش ۽ نهايت لطيف جذبا پيدا ٿين ٿا، جيڪي سندس جسماني چرپر تي سٺو اثر ڇڏين ٿا." هن عملي تجربا ڪري، ثابت ڪيو آهي ته ماڻهوءَ ۾ ڪاوڙ، ۽ ڏک جا جيڪي شديد جذبا موجود رهن ٿا، سي کلڻ سان ختم ٿين ٿا. تنهن کان سواءِ، کلڻ جو ڦڦڙن تي به تمام سٺو اثر پوي ٿو. کلڻ ڪري ڦڦڙ طاقت حاصل ڪن ٿا. هن اهو به ثابت ڪيو ته اسان نه فقط هن ڪري کلون ٿا، جو کلڻ سان اسان جو جسماجي ٿڪ لهي ٿو ۽ من ۾ جا جذباتي ڇڪتاڻ رهي ٿي سا به گهٽجي ٿي، پر اسان هن ڪري به کلون ٿا، جو اسان کي ان مان مزو اچي ٿو ۽ خوشي حاصل ٿئي ٿي.

ٿورو عرصو ٿيو ته نيو يارڪ يونيورسٽيءَ ۾ هڪ تجربو ڪيو ويو، جنهن ۾ شاگردن جون ٻه ٽوليون ٺاهيون ويون. ٻنهي کي هڪ مقرر وقت لاءِ ساڳيو کاڌو کارايو ويو. انهن مان هڪ ٽوليءَ جا شاگرد ماني کائڻ کان هڪدم پوءِ هڪ استاد جي نظر هيٺ، سائنسي خشڪ ڪمن تي بحث مباحثا ڪندا هئا ۽ ٻيءَ ٽوليءَ وارن کي ساڳئي کاڌي کائڻ کان هڪدم پوءِ هڪ خوش مزاج ماڻهو ٽوٽڪا ۽ لطيفا ٻڌائي وندرائيندو ۽ کلائيندو هو. فقط 15 ڏينهن جي عرصي کان پوءِ ڏٺو ويو ته شاگردن جي جنهن ٽوليءَ کي کلايو ويندو هو، تن جي صحت ٻيءَ ٽوليءَ وارن شاگردن جي عام صحت کان گهڻو وڌيڪ ٺي ٿي ويئي هئي.

هونئن به رڳو جسماني لحاظ کان به زوردار ٽهڪَ بدن جي پَٺن ۾ - خاص طرح ڇاتيءَ ۽ پيٽ جي آڪڙيل پٺن ۾ - نرمي پيدا ڪن ٿا. زور سان ٽهڪن ڏيڻ ڪري، تڪڙو تڪڙو ساهه کڄي ٿو ۽ انهيءَ ڪري پيٽ جي اندروني ڇڪيل تاڻيل پٺن مان سڄو آڪڙُ نڪري وڃي ٿو. زور سان ساهه کڻڻ ڪري رت ۾ گهڻي آڪسيجن وڃي ٿي ۽ بدن جي هر حصي ۾ تيزيءَ سان پهچي وڃي ٿي. ٽهڪن ڏيڻ مهل ڪاڪڙي ۽ آواز پيدا ڪرڻ وارن پٺن کان وٺي ويندي پيرن جي ترين تائين، اسان جي سڄي بدن ۾ فرحت ۽ تازگيءَ جي ڪيفيت پيدا ٿئي ٿي. مشهور آمريڪي مصنفُ، مارڪ ٽوئين، هڪ ڀيري کِل جي باري ۾ هن طرح مذاق ڪندي، هڪ حقيقت بيان ڪري ويو ته "کل جي حملي خلاف ڪوبه بچاءُ نٿو ٿي سگهي."

ڏٺو ويو آهي ته ٿورڙي ٽهڪڙي سان به ماڻهوءَ ۾ حيرت انگيز چستي ۽ تازگي اچي ٿي. نفسياتي سائنس جي هڪ ٻئي ماهر، رابيلائي، هڪ دفعي چيو ته "خوب کلو ۽ صحتياب ٿيو." ساڳئي ماهر هڪ ٻئي موقعي تي، کلڻ جي باري ۾ ڪي اهڙا لفظ چيا، جي اسان جي دور ۾ پڻ بلڪل صحيح ثابت ٿي رهيا آهن. هن جا اهي يادگار لفظ هي آهن: "هِن زماني جو پيٽ خراب ٿي پيو آهي: کيس کل جو جلاب ڏيو." قديم زماني کان وٺي اوچي طبقي ۽ شريف گهراڻن ۾، زور سان ٽهڪ ڏيئي کلڻ عيب واري ڳالهه سمجهي ويئي آهي. ماڻهو پنهنجي ظاهري ٺاٺ کي قائم رکڻ جو حد کان گهڻو خيال رکن ٿا ۽ ڪي اهڙا گهراڻا اڃا به آهن، جن ۾ ٻارن کي ننڍي ئي هوندي اهو سبق سيکاريو وڃي ٿو ته زور سان کلڻ شريفن جو شيوو نه آهي. پر هاڻي ڏاها ماڻهو ان ڳالهه کي غلط سمجهن ٿا. ظاهرداريءَ جي ڦوڪ سان ڦوڪيل سندن دماغ کي، خوشيءَ جي کل جي سُئي چُڀائي، کلڻ جي خلاف ڀريل هوا کي ٻاهر ڪڍڻ تمام ضروري آهي.

هيءَ به هڪ حقيقت آهي ته جيسين کلڻ جو آواز ٻين ماڻهن کي ٻڌڻ ۾ نه ايندو، تيسين اهڙي گونگيءَ کل مان، نه کلندڙ کي ڪو فائدو، ۽ نه ٻڌندڙن کي. کل ٽهڪڙو، جيئن ته دنيا جي ٻين سڀني وچڙندڙ شين کان وڌيڪ مزيدار ۽ وڻندڙ شيءِ آهي، ان ڪري کِل جو ٻڌڻ ۾ اچڻ تمام ضروري آهي. ڊاڪٽر جي. والش جو قول آهي ته "ٿورو يا گهڻو ته سڀ ماڻهو کلن ٿا: پر جيڪي سڀني کان وڌيڪ کلن ٿا، سي سڀني کان وڏي عمر ۽ بهترين صحت ماڻين ٿا. زوردار کل، ڊپ ۽ خطري جي انديشي کي هڪالي ڪڍي ٿي ۽ ذهني دٻاءَ ۾ يقيناً ڪمي آڻي ٿي."

کِل، ڏک ۽ ڳڻتيءَ جي وڏي ۾ وڏي دشمن آهي. اصولي طور - ۽ هيءَ حقيقت اڪثر ماڻهن سان لاڳو آهي - ته جيئن غم ۽ فڪر ڪرڻ لاءِ گهڻا سبب آهن، تيئن کلڻ لاءِ به گهڻائي موقعا آهن. ٻيءَ عالمي جنگ واري زماني ۾، جنهن نموني فوجي ماڻهو موت جي منهن ۾ به کل ڀوڳ ڪندا رهيا، ان مان مٿين ڳالهه صحيح ثابت ٿئي ٿي.

برطانيا ۾ دماغي صحت جي اداري تازو هڪ ننڍو ڪتاب شايع ڪيو هو، جنهن ۾ انهيءَ مسئلي کي مختصر لفظن ۾ هن طرح بيان ڪيو ويو هو: "غم ۽ فڪر جو پڪو دشمن، کل ٽهڪڙو آهي. جيڪي ماڻهو کلي نٿا سگهن، سي پاڻ بابت تمام ڪي وڏا خيال رکن ٿا، ۽ پنهنجيءَ دل ۾ ائين سمجهن ٿا ته هو ڪڏهن به ۽ ڪنهن به معاملي ۾ غلط ٿي نٿا سگهن ۽ کانئن ڪوبه بيوقوفيءَ جو ڪم ٿي نٿو سگهي. حقيقت اها آهي ته هر قسم جي مشڪلات کي منهن ڏيڻ لاءِ، ماڻهوءَ ۾ چرچي ڀوڳ ڪرڻ ۽ سهڻ جي خصلت وڏي مدد ڏئي ٿي. غم ۽ فڪر جو اجايو گهڻو احساس عام طرح دماغي بيماريءَ جي علامت هوندو آهي. جوزف ائڊيسن جي هيءَ چوڻي وسارڻ نه گهرجي ته "قدرت انسان کي کلڻ جي طاقت سان نوازي، ٻين جاندارن کي ممتاز ڪري ڇڏيو."

کِل ۾ هيءَ عجيب خاصيت آهي ته هڪ طرف اها کلندڙ جي ذهن کي صاف ڪري ڇڏي ٿي، ته ٻئي طرف اها رٺل ماڻهن جي وچ مان به ڪدورت ڪڍي ڇڏي ٿي. چيو وڃي ٿو ته جڏهن ماڻهن ۾ حد کان زياده جوش پيدا ٿئي، تڏهن اهڙي موقعي تي حالتن کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ، کل وڏو ڪم ڪري سگهي ٿي. وقتائتي کل ۽ ٽهڪڙي ٿيڻ سان ماڻهن ۾ پيدا ٿيل نفرت ۽ تلخي ڦوڪ وانگر اڏائي سگهجي ٿي.

انساني زندگيءَ ۾ کل جيڪو مفيد ڪم سرانجام ڏئي ٿي، تنهن جو هن وقت تائين پورو اڀياس نه ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر جي. ڪي. سيلبورن تازو هڪ طبي رسالي ۾ انهيءَ موضوع تي لکيل پنهنجي هڪ مضمون ۾ هن طرح تنقيد ڪئي آهي: "چرچي ڀوڳ جو سڀ کان وڌيڪ شانائتو طريقو، جنهن جي راز کان دنيا جا مکيه ملڪي اڳواڻ ۽ عام ماڻهن اڳيان تقريرن ڪرڻ جا ماهر چڱيءَ طرح باخبر آهن، سو آهي پاڻ کِلي سگهڻ ۽ ٻين کي کلائي سگهڻ. مشڪل ۽ نازڪ موقعن تي ڳالهه کي بچائي وڃڻ ۽ ماڻهن جي ڀڙڪيل جذبن کي ٺارڻ لاءِ، کِل بهترين علاج جو ڪم ڏئي ٿي.

کِل جي فائدي ۾ تازو هڪ ڊاڪٽر هيئن چيو: "منهنجي اسپتال ۾ هڪ مريض ڇوڪرو آهي، جنهن جي حالت سخت نازڪ آهي،  اهو ڇوڪرو اڄ کلي سگهي ٿو، ان ڪري مان سمجهان ٿو ته هو ڄڻ ته اڌڙڪ صحتياب ٿي چڪو آهي. وڏيءَ عمر جو ماڻهو بيماريءَ يا تڪليف جي وقتن تي، ڏيکاءَ لاءِ، مصنوعي نموني ۾ به کِلي سگهي ٿو، پر هڪ ننڍي ٻار جي حالت جڏهن سچ پچ خراب هجي، تڏهن هو رڳو ڏيکاءَ لاءِ هرگز نٿو کلي سگهي. سو جڏهن بيمار ٻار کلڻ لڳي، تڏهن سمجهڻ گهرجي ته هو تندرستيءَ جي راهه تي پير رکي چڪو آهي."

اڄڪلهه ته ائين به چيو وڃي ٿو -- ۽ ان ڳالهه ۾ ڪيتريقدر نه حقيقت نظر اچي ٿي-- ته اسپتالن، خاص طرح دماغي بيمارين جي شفاخانن ۾ داخل ٿيل گهڻا ماڻهو هن ڪري انهيءَ هنڌ پهتا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي کلن نٿا: برخلاف ان جي، ائين ڪونه ٿو چئي سگهجي ته اهي ماڻهو هن ڪري نٿا کلن، جو اهي اسپتالن ۾ پيا آهن.

فرانس جي هڪ مشهور ماهر نفسيات، ڊاڪٽر جي.ڊبليو.ويئلينٽين، جنهن ٻارن جي کلڻ جي موضوع جو وڏو مطالعو ڪيو آهي، تنهن پڻ مٿي ذڪر ڪيل ڳالهين جي تصديق ڪئي آهي. انهيءَ ڊاڪٽر پنهنجين کوجنائن مان معلوم ڪيو ته معصوم ٻار جي پهرين مرڪ سندس خوشيءَ ۽ آسپاس جي ماحول جي پسنديدگيءَ جو پهريون اظهار آهي: معصوم ٻار 12 هفتن جي ڄمار ۾ پهريون ڀيرو ٽهڪ ڏيڻ لڳي ٿو ۽ مرڪڻ ته ان وقت لڳي ٿو، جڏهن اڃا 6 هفتن جو آهي. وڏو ٻار هن ڪري نٿو کلي، جو سندس جسماني اوسر هن لاءِ ٽهڪ ڏيڻ ۽ کلڻ ننڍي ٻار جي مقابلي ۾ وڌيڪ آسان بڻائي ٿي، پر ڇاڪاڻ ته هو ٿوري وڏي ٿيڻ سان، ننڍي ٻار جي پيٽ ۾ نفسياتي طور کلڻ جي وڌيڪ لياقت رکي ٿو. ڪنهن انساني آواز تي جڏهن ڪو معصوم ٻار کلي ٿو، تڏهن هو ڪنهن نامعلوم فطري نموني ۾ محسوس ڪري ٿو ته اهو آواز وڻندڙ، سٺو ۽ اطمينان بخش آهي. ان کان سواءِ، ننڍيءَ ڄمار کان وٺي، ٻار جي کلڻ جي طاقت ۾ جيڪو واڌارو ٿيندو وڃي ٿو، سو هن جي ڳالهائڻ جي طاقت ۾ ايندڙ واڌاري سان واسطو رکي ٿو. انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو ته ڳالهائڻ وانگر، کلڻ به انساني خيالن جي اظهار جو هڪ ذريعو آهي.

کِل، جيڪڏهن ٻين سڀني انساني جذبن کان وڌيڪ مزيدار ۽ فرحت بخش آهي، ته اها ساڳئي وقت فائديمند ۽ ڪارگر به آهي. هيءُ اهو انساني جذبو آهي، جيڪو کلندڙن ۽ کل ٻڌندڙن ۾ ماڻهپي جو احساس پيدا ڪري ٿو: اهو ئي هڪ اهڙو انساني جذبو آهي، جنهن مان انسانُ، بار بار لطف اندوز ٿي سگهي ٿو. يقيناً، کل، جيڪا دل جي گهراين مان نڪري ٿي، ۽ فقط ڏيکاءَ لاءِ هٿرادو مرڪ ناهي، خدا جي طرفان انسان کي عطا ٿيل نعمتن مان هڪ بيمثل نعمت آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com