سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 4

باب: --

صفحو :8

ادارو

ديس ديس جون خبرون

 

پاڪستان

ٻارن جي ڦلواڙيءَ جو قيام

ڳوٺ صالح محمد لاشاريءَ ۾، ٻارن جي ڦلواڙي قائم ڪئي ويئي آهي. تازو، ان جي هڪ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ هيٺين ٻارن پنهنجا مضمون، بيت ۽ شعر پڙهي ٻڌايا: محمد اسحاق "ساقي"، محمد موسيٰ "ڪليم"، محمد سليمان "هد هد"، محمد بخش "منگتو"، غلام حسين "غلام"، ڌڻي پرتو ۽ علي محمد "هوت".

 

ڪٻٽي مئچ

تازو، ڳوٺ پير محمد شاهه، تعلقي  ٽنڊي الهيار ۾ ڪٻٽي راند جي چٽاڀيٽي ٿي. هن موقعي تي حيدرآباد، دولت پور، دؤڙ ۽ قمبر جي رانديگرن حصو ورتو. ٻاهران آيل رانديگرن، مقامي رانديگرن سان وڏيءَ جوان مرديءَ سان مقابلو ڪندي راند کٽي، ۽ ٻه سؤ رپيا انعام حاصل ڪيو. دولت پور ۽ دوڙ جا هيٺيان رانديگر شامل ٿيا.

عبدالڪريم ڏاهري، محمد يوسف ملاح، حسين ماڇي، پنهون درازي، عبدالرحمان گورچاڻي، عبدالرحمان بروهي، ڦوٽو خان اوٺو ۽ ميان داد جمالي.

مئچ کٽندڙن کي ٻه سؤ رپيا انعام مليو.

 

سسئي پنهونءَ جي ورسي

سنڌي اديبن، لسٻيلي ضلعي ۾، سسئي پنهون جي قبر تي وڃي، "سسئي پنهون جي ورسي" ملهائي. ورسيءَ کي شاندار نموني ملهائڻ لاءِ هڪ عاليشان ميلو ٿيو، جنهن ۾ سنڌي زبان جا اديب، شاعر، ڳائڻا ۽ ٻيا ڪيترا ماڻهو سَون جي تعداد ۾ دور دراز شهرن مان ڪَهي اچي قبر تي گڏ ٿيا. رات جو راڳ جي هڪ شاندار محفل ٿي، جنهن جي صدارت، لسٻيلي جي ڊپٽي ڪمشنر ڪئي. هن بعد ۾ سسئي پنهونءَ جي قبر تي گلن جي چادر به وڌي، ۽ اعلان ڪيو ته "آئيندي هر سال "سسئي پنهون ڏينهن" وڏيءَ ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو."

 

پنهنجي کل ڏيئي، ٻئي جي جان بچايائين

ڪراچيءَ ۾، محمد يونس نالي هڪ نوجوان، پنهنجي بدن جي کل ڏيئي، هڪ بيمار عورت جي جان بچائي آهي. اها عورت اٽڪل ٽي هفتا اڳ باهه ۾ سڙي پوڻ ڪري اسپتال ۾ داخل ٿي هئي. ڊاڪٽرن سندس حالت ڏسڻ کان پو”، عام ماڻهن کي اپيل ڪئي ته هڪ مائيءَ جي بدن جي کَل سڙي ويئي آهي، جيڪڏهن ڪو چاق چڱو ڀلو ماڻهو پنهنجي کل جو ڪجهه حصو ڏئي، ته مائيءَ جو علاج ڪري، سندس جان بچائجي." محمد يونس کي انهيءَ اپيل پڙهڻ بعد ڪهل آئي، ۽ هڪدم انهيءَ اسپتال ۾ وڃي، ڊاڪٽرن کي چيائين ته "آءٌ پنهنجي کل ڏيڻ لاءِ تيار آهيان." ڊاڪٽرن، محمد يونس جي کل جو ڪجهه حصو لاهي، مائيءَ جو علاج ڪري، کيس ٺيڪ ڪيو ۽ پوءِ محمد يونس جو علاج ڪري، هن کي به چاق چڱو ڀلو ڪيو. انساني همدرديءَ جي انهيءَ شاندار ڪم ڪرڻ ڪري، محمد يونس جي اخبارن ۾ ڏاڍي تعريف ڪئي ويئي آهي.

 

گلن، ميون ۽ ڀاڄين جي نمائش

تازو، ڪوئيٽا جي ٽائون هال ۾ گلن، ميون، ڀاڄين، مربن ۽ ميون جي رسن جي نمائش ڪئي ويئي. ان نمائش ۾ صوف، ڏاڙهون، آڙو، انگور، سردا، هنداڻا، ناسپاتيون، ليمان، مالٽا، کجور ۽ ڪيلن جا بهترين نمونا رکيا ويا هئا. سڪل ميون جا بادام، پستا، اکڙوٽ، نيزا، انجير ۽ خوبانيون هيون. ڀاڄين مان ڪدو، بصر، ٽماٽا، پٽاٽا، ڌاڻا، پالڪ، موريون، گجرون، مٽر، واڱڻ، ڀينڊيون، گوبي، هيڊ، چقندر، ڪريلا، گوگڙو،“ ڪيترن نمونن جا مربا ۽ ميون جا شربت آندا ويا هئا. گلن جا به ڪيترائي نمونا هئا.

نمائش ۾ بهترين نمونن پيش ڪرڻ وارن کي انعام ڏنا ويا.

 

نابين ٻارن لاءِ مفت زرعي تعليم

"نيشنل فيڊريشن فار دي ويلفيئر آف بلائنڊ"، اعلان ڪيو آهي، ته اهڙا نابين ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون جن کي ڪابه تعليم ۽ تربيت مليل نه آهي، انهن کي فيڊريشن طرفان مفت زرعي تعليم ڏيڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ نابينن کي گهرجي ته هو فيڊريشن جي سيڪريٽري بيگم نرگس، جيون جي 36/3 لولين ڪراچي سان ملاقات ڪن، يا انهيءَ ائڊريس تي ساڻس لکپڙهه ڪن.

18 کان 24 سال وارن نابينن لاءِ تربيت جو انتظام ڪيو ويو آهي. سمورو خرچ زرعي انسٽيٽيوٽ ۽ فيڊريشن طرفان ڪيو ويندو. تربيت جو مرڪز سڪرنڊ (ضلعي نواب شاهه) ۾ قائم ڪيو ويندو.

 

برطانيا

ترجمي جو انوکو معاوضو

تازو، انگلنڊ ۾، لنڊن جي مشهور اخبار، "سنڊي ٽائيمس"، دنيا جي مشهور مسخري ۽ فلمي اداڪار، چارلي چيپلن کان سندس آتم ڪهاڻي لکارائي، شايع ڪئي، ۽ انهيءَ جي عيوض کيس ڪيترا سَوَ پائونڊ معاوضو ڏنو.

جڏهن انهيءَ اخبار جو پرچو روس ۾ پهتو، ته اتان جي مشهور اخبار، "ازويستا"، چارلي چيپلن کان سندس آتم ڪهاڻيءَ جو روسي زبان ۾ ترجمو شايع ڪرڻ جي اجازت گهري، ۽ ان جي عيوض کيس ڪيترا سوَ پائونڊ ڏيڻ جي آڇ ڪئي. چارلي چيپلن، "ازويستا" اخبار کي روسي ترجمي ڇاپڻ جي موڪل ته ڏني، پر کين معاوضي لاءِ خط ۾ لکيائين ته "مون کي پئسن جي ضرورت ڪانه آهي، پر منهنجن ٻارن کي روسي مڇين جو مربو ڏاڍو وڻندو آهي - - اهو موڪليو ته مهرباني!"

انهيءَ جواب ملڻ شرط "ازويستا" اخبار آتم ڪهاڻيءَ جو ترجمو شايع ڪيو، ۽ روسي مڇين جو سڀ کان سٺو مربو "ڪيووِيا"، جا ڪيترا دٻا سندس ٻارن لاءِ تحفي طور موڪلي ڏنا.

 

موڪل جي ڏينهن ٻارن لاءِ وندر

ناٽنگهام شائر جي علائقي ۾، مقامي اختياريءَ وارن، ٻارن جي وندر ورونهن لاءِ هڪ نئين ڳالهه هٿ ڪئي آهي. اها هيءَ آهي ته موڪل جي ڏينهن ٻارن کي سندن ڳوٺن ۾ وڃي آکاڻيون ٻڌائجن. هن تصوير ۾ مس جون ووڊ هائوس، جا نيو يارڪ شهر ۾ لئبررين آهي، ڀرواري ڳوٺ ونٿروپ جي ٻاهران ڇٻر تي، ٻارن جي هڪ ٽوليءَ کي آکاڻي ٻڌائي رهي آهي.

ٻارن کي آکاڻيون ٻڌائڻ جي رٿ "لئبرري سروس" وارن شروع ڪئي آهي. انهيءَ رٿ جو مقصد هي آهي ته ٻارن جو واندڪائيءَ جو وقت ڪنهن سٺيءَ وندر ۾ گذري. ساڳئي وقت ان رٿ تي عمل ڪرڻ سان هي به فائدو ٿيندو ته ٻارن ۾ آکاڻين جو شوق پيدا ٿيندو، ۽ هو لئبررين مان آکاڻين جا ڪتاب وٺي پڙهندا.

 

اُڏندڙ گهوڙو

ڊگلس ايئر ڪرافٽ ڪمپنيءَ جي ٽن ماهرن جي راءِ آهي ته هن وقت هڪ اهڙو راڪيٽ - جهاز تيار ڪري سگهجي ٿو، جو نيو يارڪ کان بمبيءَ تائين چاليهن منٽن ۾ پهچي وڃي. ان جهاز ۾ 26 ماڻهن جي جڳهه هوندي. ماهرن انهيءَ جهاز جو نالو "اُڏندڙ گهوڙو" تجويز ڪيو آهي. هنن جو چوڻ آهي ته اڄڪلهه استعمال ٿيندڙ جيٽ جهاز اهو پنڌ 22 ڪلاڪن ۾ ڪن ٿا، جو وقت جو وڏو زيان آهي. هن جهاز ۾ 22 مسافرن سان گڏ 37 ٽن تور جو سامان به کڻي سگهجي ٿو. هن جي اُڏام ڌرتيءَ کان 125 ميل مٿي هوندي. ان کي هلائڻ لاءِ فقط ٻن ماڻهن جي ضرورت ٿيندي.

 

سلون

گوتم ٻڌ جو وار

تازو، سلون جي وزيراعظم، مسز پندرا نائڪي، برطانيا ۾ رهندڙ ٻوڌين جي مَٺَ  (عبادتگاهه) ۾ مهاتما گوتم ٻڌ جو مقدس وارُ تحفي طور پيش ڪيو. ان موقعي تي مهاتما ٻڌ جي عقيدتمند ملڪن جا سفير شريڪ ٿيا. پاڪستان طرفان هاءِ ڪمشنر آغا هلالي شريڪ ٿيو. 22 ملڪن هن مقدس وار جي اڳيان ڪنڌ نمائي خراجِ عقيدت پيش ڪئي. لارڊ مائونٽ بيٽن ٻيئي هٿ جوڙي پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com