سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 4

باب: --

صفحو :7

 

ڳجهارتون

 

 

· محمد حسين عباسي، حيدرآباد

1- آسمان ۾ تارا، ڪارا ئي ڪارا.

2- گهر گهر ۾ ڪک  کيڏن.

3- ڪاٿي ۾ ڪاٿو، ماڻس ويئي نڪري پڻس وڃي ڦاٿو.

4- پرولي پير دمڻ جي، وڃي لڳي نار،

گل ڪيائين هڪڙو، ڇڳا ڪيائين چار.

 

· قمرالنساء بلوچ، الهداد چنڊ

5- اي نر نانءَ! ڏينهن ڪر ته ڪاٺ جن کان ڇٽان!

6- ذاتين کي ڪاٺ جا ڇا ڪندا!

7- آهي ته کاڄ جي، پر گاهه جي ڙ. ي.

 

ڀڃڻيون

(1) ڪڪر (2) ٻهارو (3) ڪلف ۽ ڪنجي (4) ڊاک جي ول (5) نر نانءُ = الله . ڏينهن = جمعو. ڪاٺ جن کان = ڏلهن کان. ڀڃڻي=  اي الله! جمعي جو ڏينهن ڪر ته ڏلهن کان ڇٽان؟

(6) ذات = ٺوڙها. ڪاٺ جا = ڦڻوٽا. ڀڃڻي=  ٺوڙهن کي ڦڻوٽا ڇا ڪندا.

(7) کاڄ جي = ماکي. گاهه = ڏنگڻي. ڀڃڻي=  آهي ته ماکي، پر ڏنگڻي ڙ.ي!


 

 ادارو

کل ڀوڳ

 

هڪ دفعي ٻه ٻٽاڪي دوست اچي پاڻ ۾ گڏيا. هڪ ڄڻي چيو، "مون انگور جو هڪ ڇُڳو اهڙو ته عمدو ٺاهيو، جو هڪ پکي اڏامندو اچي ان تي ويٺو ۽ داڻا چڳڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو."

اهو ٻڌي، ٻئي ڄڻي چيس، "دراصل اهو پکي مون ٺاهيو هو."

- - - -

نذير کي سندس هڪ دوست چيو، "مان تنهنجي هوشياريءَ جو امتحان وٺان؟" نذير چيس "ڀلي."

نذير جي دوست سوال ڪيو ته، "ٻڌاءِ ته عقل سٺو يا ٻڪري؟"

نذير ٺهه پهه جواب ڏنس، "ٻڪري."

هن پڇيس، "سو ڀلا ڪيئن؟"

نذير جواب ڏنس، "کير جو ڏيندي آ."

- - - -

جج:(جوابدار کي) تو ڪو وڪيل ڪيو آهي؟ـ

جوابدار: نه سائين.

جج: ڇو؟

جوابدار: حضور، جيئن ئي مون کين ٻڌايو ته مون سچ پچ چوري ڪانه ڪئي آهي، ته سڀني منهنجو وڪيل ٿيڻ کان انڪار ڪيو.

- - - -

ڊاڪٽر: سمهڻ وقت هن دوا جا چار چمچا پيڻا پوندءِ”.

مريض: پر ڊاڪٽر صاحب، مون وٽ ته گهر ۾ رڳو هڪ چمچو آهي.

- - - -

چرين جي اسپتال جي ڀرسان هڪ ڍنڍ هئي، جتي هڪ ماڻهو صبح جو سوير ڪُنڍي پاڻيءَ ۾ وجهي، ڏور هٿ ۾ جهليو، ڪناري تي ويٺو هو. اسپتال جو هڪ چريو پنهنجي ڪوٺيءَ جي دريءَ مان ان ماڻهو کي ڏسي رهيو هو. جڏهن سانجهي ٿي ته اهو ماڻهو پنهنجا ٽپڙ ويڙهي پٺتي موٽيو. جڏهن اسپتال جي ڀرسان لنگهيو، ته چريي سڏ ڪري پڇيس، "تو اڄ سڄو ڏينهن اتي ڇا پئي ڪيو؟"

"مڇيون ٿي ڦاسايم" شڪاريءَ جواب ڏنو.

"گهڻيون ڦاسايئه؟" چريي وري پڇيس.

"هڪ به نه." شڪاريءَ جواب ڏنو.

چريي چيس، "ته پوءِ تون به هن اسپتال ۾ ڇو نٿو اچين."

- - - -

هڪ شخص وٽ گڏهه هو، سو هڪ ڏينهن پاڙيسريءَ اچي چيس ته مون کي ڀاڻ ڍوئڻو آهي، مهرباني ڪري ڪلاڪ ٻن لاءِ گڏهه ڏي. هن شخص چيس ته گڏهه هن وقت گهر ۾ ڪونهي. ايتري ۾ اندران گڏهه هينگ ڏني. اهو ٻڌي پاڙيسريءَ چيس، "ميان، تڏهن اهو هينگون ڪير ٿو ڏئي؟" هن شخص جواب ڏنس، "ارمان آ ته توکي مون اڇن وارن واري ماڻهوءَ جي ڳالهه تي اعتبار نٿو اچي، پر گڏهه جي هينگن کي مڃين ٿو!"

- - - -

استاد: ٻڌايو ته هن وقت سنڌ جي آدمشماري ڪيتري آهي؟

هڪ شاگرد:سائين، سٺ لک.

ٻيو شاگرد: سائين، اسان جي پاڙي ۾ ڪالهه هڪ ٻار ڄائو آهي، چئوس ته اهو به ڳڻي.

 

 

سوال ۽ جواب

 

("گل ڦل" جو هر پڙهندڙ هن ڪالم لاءِ اسان کي ٻه سوال موڪلي سگهي ٿو. سوالن موڪلڻ لاءِ اهو ضروري نه آهي، ته هو "گل ڦل" جو خريدار هجي. سوال معلوماتي هئڻ گهرجن - - ادارو.)

 

نذير احمد، خيرپور

سوال: پاڪستان جي ٻولين مان سڀ کان وڌيڪ عمر واري ٻولي ڪهڙي آهي ۽ ان جي عمر ڪيتري آهي؟

جواب: سنڌي ٻولي. اها موهن جي دڙي واري زماني جي آهي.

سوال: پاڪستان جي مکيه ٻولين مان هر هڪ جو هڪ وڏو شاعر ٻڌايو.

جواب: سنڌي - شاهه عبداللطيف، پنجابي - وارث شاهه، پشتو - خوشحال خان خٽڪ، بلوچي - ڄام درڪ، گجراتي - نرمدا شنڪر، اردو - غالب، ۽ بنگالي - نذر الاسلام.

 

خير محمد، دادو

سوال: سنڌ جي ڪهڙن ڪهڙن شهرن ۾ هن وقت هوائي جهاز رستي مسافري ڪرڻ جي سروس هلندڙ آهي؟

جواب: ڪنهن ۾ به نه.

 

محمد هاشم، ميرپورخاص

سوال: هندستان جي مغل بادشاهن مان ڪهڙو سنڌ ۾ ڄائو هو؟

جواب: اڪبر اعظم.

 

غلام قادر، لاڙڪاڻو

سوال: ڪراچي وڏو شهر آهي يا لاهور؟

جواب: ڪراچي.

سوال: اڄڪلهه دنيا جو وڏي ۾ وڏو شهر ڪهڙو آهي؟

جواب: جپان جي گاديءَ جو هنڌ - ٽوڪيو. (ٽوڪيو شهر جي موجوده آدمشماري هڪ ڪروڙ، سٺ لک آهي، ۽ پکيڙ ٻاهٺ ميل اٿس.)

 

مير احمد، جيڪب آباد

سوال: گلن ۾ گل؟

جواب: گلاب جو گل.

سوال: ٽين سٽ ٻڌايو.

ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو،

ان جيءَ عبداللطيف چئي، مٽيءَ لڌو مان.

جواب: ڪوڙين ڪن سلام، اچيو اڱڻ ان جي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com