سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 6

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل 6

غلام رباني

 

گذارش

 

پيارا ٻارو!

        اوهان جون موڪلون شروع ٿي چڪيون هونديون، ان سان گڏ گرمي به وڌي ويئي آهي. اڄڪلهه اوهان کي راند روند کانسواءِ، پڙهڻ لکڻ جو شغل به جاري ڪرڻ کپي. پنهنجي ننڍڙن ذهنن کي اُجاگر ڪرڻ لاءِ، پڙهڻ ۽ لکڻ، دنيا جو مڃيل طريقو آهي، ان ڪري اميد آهي ته ان کي نه ڇڏيندا.

گل ڦل جو هي پرچو، انهن سمورن واعدن جي شروعات آهي. جيڪي اوهان سان گذريل پرچن ۾ ڪيا ويا آهن. اميد آهي ته اوهان جي ساٿ سان سڀ ڪيل واعدا جيءُ جيءُ ڪري پاربا. ڪيترا ٻار ڪاوڙ ڀريل خط ٿا لکن ته سندن مواد، نالو يا خط شايع نٿو ٿئي پر انهن کي اسان جي مجبورين ۽ حالتن جو احساس ڪونهي. ڀلا هن ننڍڙي رسالي ۾، اسان ان کان وڌيڪ ڪري به ڇا ٿا سگهون. جيڪو مواد هن پرچي ۾ شايع ٿيل آهي، ان کان وڌيڪ ڏيڻ ته اسان جي وس کان ٻاهر آهي. ڪي ٻار چاهين ٿا ته سندن مواد هر مهيني ۾ شايع ٿئي ته ڪن جو مواد شايع ٿيڻ جهڙو ڪونهي ته اهي ان کان شايع ڪرڻ لاءِ ضد ڪن ٿا. حقيقت ڪري اسان جي ڪوشش اها آهي ته هر ٻار جو نالوشايع ڪريون ۽ سندن همت افزائي ڪريون. ڪالم ”هنن سان ملو“ ۽ ”سلام سنيها“ لاءِ جيڪو به مواد اچي ٿو سو سمورو شايع ڪجي ٿو. پر ان لاءِ واري جو انتظار ڪرڻ ته گهرجي. ڪهاڻيون، ليک ۽ مضمون به سٺا سٺا آهن ته واري سان شايع ٿيندا رهندا. اسان اوهان جي هر صلاح، مرضي ۽ خواهش جي عزت ڪرڻ ۽ ان کي پورو ڪرڻ پنهنجو فرض ٿا ڄاڻون. اميد آهي ته اوهان به ان نموني ساٿ ڏيندا. خدا حافظ.

 

اوهان جو پنهنجو ڀاءُ

   -انور هالائي

 

يوسف ڪيوان شڪوهي

 

عجيب ۽ دلچسپ

 

بندرو ماڻهو: سڀ کان بندرو ماڻهو مينوئل سوزا آهي، هو ملڪ برازيل جي شهر مارينو ۾ سال 1942ع ۾ ڄائو. سندس ڊيگهه رڳو 31 انچ آهي.

ڊگهو ماڻهو: دنيا ۾ سڀ کان ڊگهو ماڻهو مسٽر ڊان ڪوهلر آهي. جيڪو ڊينئن، مانٽانا ۾ ڄائو ۽ هاڻي شڪاگو ۾ رهي ٿو. سندس قد 8 فوٽ ۽ 2 انچ ڊگهو آهي ته وري سندس جاڙي ڀيڻ جو قد فقط 5 فوٽ 9 انچ آهي.

مرداڻا وڏا وار: دنيا ۾ رڪارڊ قائم ڪندڙ وار واسي سوامي ڀنڊار سنادي جا هوا جيڪو ٿئرو واڍو ٿيو رائي (ڀارت) مڙهيءَ جو ٻائو هو. 1949ع ۾ هن جي ڳتيل وارن جي ڊيگهه 26 فوٽ ڪٿي ويئي.

زالاڻا وڏا وار: هن وقت دنيا ۾ سڀ کان وڏا وار هوانگ نالي عورت جا آهن جا ويٽنام جي رهاڪو آهي. شادي ڪرڻ کانپوءِ هوءَ پنهنجي مڙس داغلائي اچوز سان، فرانسڪو ۾ رهي ٿي. سندس وارن جي پکيڙ 150 x 30 سينٽيميٽر آهي.

وڏيون مُڇون: دنيا ۾ سڀ کان وڏيون مڇيون ميسور يادين جون هيون. هو اُتر پرديش (ڀارت) جي ضلعي پرتاب ڳڙهه جو هڪ برهمڻ هو. هو 1908ع ۾ ڄائو. هن جون مڇون 1962ع ۽ 1969ع جي وچ ۾ 102 انچن تائين پهتيون هيون.

وڏي ڏاڙهي: دنيا ۾ سڀ کان وڏي ڏاڙهي هينس ليفگسٽ جي هئي جيڪو ناروي جو هو. 1846ع ۾ ڄائو ۽ 1927ع ۾ مري ويو. آمريڪا ۾ 15 سال جيئرو هو. مرڻ مهل هن جي ڏاڙهي ساڍا سترهن فوٽ ڊگهي هئي.

 

ملڪ محمد ايوب پڊعيدن

ماءُ ۽ پيءُ

 

اٿو ماءُ پيءُ ڄڻ خدا جي ته نعمت،

ڪجي دل سان ڏاڍي سندن خوب خدمت،

ڪندو جو نه ته جي سندن هت اطاعت،

نه ملندي انهيءَ کي ته ڪا ٻي هدايت،

ڪجي پوءِ يارو! سندن ڇو نه عزت،

اطاعت ۽ خدمت اها آ عبادت.

 

وڏا ناز نخرا اسان جا سهن ٿا،

۽ انگل سمورا هو پورا ته ڪن ٿا،

گهرون جا به شيءِ ٿا وٺي سان ڏين ٿا،

اسان جي حڪم تي ته پورا هلن ٿا،

ڪجي پوءِ يارو! سندن ڇو نه عزت،

اطاعت ۽ خدمت اها آ عبادت.

اسان کي ته کائڻ ۽ پيئڻ سيکاريون،

چڱي راهه رستي هلائڻ سيکاريون،

سٺي ڳالهه واتان ٻڌائڻ سيکاريون،

چڱي مان سان هت جيئڻ سيکاريون،

ڪجي پوءِ يارو! سندن ڇو نه عزت،

اطاعت ۽ خدمت اها آ عبادت.

 

ڪيون تن جي خدمت ته جنت به ملندي،

جي جنت ملي پوءِ راحت به ملندي،

حقيقي سڀن کي مسرت به ملندي،

قسم آ خدا جو ته عزت به ملندي.

ڪجي پوءِ يارو! سندن ڇو نه عزت،

اطاعت ۽ خدمت اها آ عبادت.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com